ناول

موٽڻ جنين مهڻو

ھي ڪتاب مشھور يورپين ليکڪ هنري رائڊر هيگرڊ جي جڳ مشهور ناول Allan Quartermain جو ترجمو آھي، جنھن جو سنڌيڪار شاعر ۽ ليکڪ علي نواز ڏاھري آھي.
پنھنجي نوعيت جو نھايت دلچسپ، سبق آموز ناول، زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جا اهڙا ته چٽا عڪس پسائي ٿو، جن ۾ همت ۽ حوصلي جي قوت پاڻمرادو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ مٿان حاوي ٿيندي ٿي وڃي، هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڪردار جي طويل سفر جي ڪٿا ۾ رڻ پٽ، زميني حياتيات سان ويڙهه، رومانس ۽ سامونڊي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ جي سگهه کي اڀارڻ ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن ناول کي فلمبند ڪندي هالي ووڊ جي فلمسازن خوب ناڻو ڪمايو.
Title Cover of book موٽڻ جنين مهڻو

معجزو

رات جي پوئين پهر اسين سمهڻ جو ارادو ڪري رهيا هئاسين جو جهوپڙيءَ ٻاهران ڪنهن جي قدمن جي آهٽ جو آواز اچڻ لڳو. پهريدارن هڪل ڪري ڪجهه ڪجهه پڇيو ۽ مناسب جواب ملڻ تي خاموشي ڇانئجي وئي. قدمن جي آهٽ جو آواز هلندو اچي اسان جي جهوپڙيءَ تائين پڳو، جو انفادوس ڇهن سردارن سميت اچي جهوپڙيءَ ۾ داخل ٿيو.
“ منهنجا آقا! مان اچي ويو آهيان ۽ پنهنجي واعدي موجب هنن ڇهن سردارن کي به پاڻ سان وٺي آيو آهيان. هر سردار جي ماتحت ٽي هزار سپاهي آهن ۽ مون جيڪي ڪجهه ڏٺو يا ٻڌو آهي اهو سڀ هنن کي ٻڌايو اٿم ۽ اگنوسي! هاڻ تون پنهنجي چيلهه جي چوڌاري اڪريل نانگ جي تصوير هنن کي ڏيکار ۽ پنهنجي ڪهاڻي هنن کي ٻڌاءِ ته جئين اهي به فيصلو ڪري سگهن ته اهي تنهنجو ساٿ ڏيندا يا ٽواله جو؟”.
جواب ۾ اگنوسي پنهنجي جسم تان ڪپڙو هٽايو. هر هڪ سردار اڳتي وڌي وڏي غور سان اگنوسيءَ جي جسم تي ٺهيل نانگ ڏٺو ۽ پوءِ خاموشيءَ سان هڪ طرف بيهي رهيو. پوءِ اگنوسيءَ پنهنجي ڪهاڻي شروع ڪئي جيڪا مان پوئين باب ۾ نقل ڪري چڪو آهيان.
“ ڪوڪوآنه جا معزز سردارو!” انفادوس سردار ن سان مخاطب ٿيو “ توهان پنهنجي اکين سان نانگ جي نشانيءَ ڏٺي. پنهنجي ڪنن سان اگنوسيءَ جي درد جو داستان ٻڌو. هاڻ ٻڌايو ته ڇا ٿا چئو؟. اگنوسيءَ جو ساٿ ڏيندئو يا ٽواله جو؟. ٽواله جي ظالم ۽ وهندڙ خون جي ڪري ڌرتي لرزي رهي آهي. اڄ توهان پاڻ به ٽواله جي حوس پرستيءَ ۽ خودغرضيءَ جو نظارو ڏٺو، ڪجهه ٻيا سردار به هئا جن کي مان اڄ هت وٺي اچڻ وارو هوس. ليڪن هن وقت اهي ڪٿي آهن؟. انهن جي لاشن کي هينئر گدڙ ۽ بگهڙ پٽيندا هوندا ۽ اڃا به ٽواله بادشاهه رهيو ته ڪنهن ڏينهن توهان جو به اهڙو ئي انجام ٿيندو”.
هڪ بندري قد ۽ ڏٻري جسم وارو سردا ر جنهن جي مٿي جا وار به سفيد ٿي ويا هئا سو اڳيان وڌيو. “ توهان سچ ٿاچئو انفادوس!“ان چيو” زمين ٽواله جي ظلمن جي بار کان ڪنجهي رهي آهي. اڄ رات مارجي ويلن ۾ منهنجو سڳو ڀاءُ به شامل آهي. ليڪن هي معاملو تمام ڳنڀير آهي ۽ ٻيو ته ڪئين يقين اچي ته جنهن شخص جي حمايت ۾ اسان جا نيزا بلند ٿيندا سو اسان سان دوکيبازي نه ڪندو؟ ظاهر آهي ته وڏو خون خرابو ٿيندو، رت جون نديون وهنديون تڏهن وڃي ڪجهه هڙ حاصل ٿيندو. انفادوس منهنجا ڀاءُ! اگنوسيءَ جي ساٿ ڏيڻ جي صورت ۾ اسان کي پنهنجين زندگين تان هٿ ڌوئڻا پوندا. ستارن کان آيل هي سفيد انسان جن وٽ مڃون ٿا ته وڏو جادو آهي. جيڪي اگنوسيءَ جي ته حفاظت ڪندا جو اگنوسي انهن جي ڇانوَ ۾ آهي. اگر اگنوسيءَ ئي اسان جو حقيقي بادشاهه آهي ته ان جي ثبوت ۾ اسين هنن سفيد انسانن کان ڪا اهڙي نشاني ٿا چاهيون، يا ڪو اهڙو معجزو جيڪو اسان سان گڏ ٻيا ماڻهو به ڏسي سگهن ته جئين اهي به اسان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ٿين ۽ انهن کي به يقين ٿئي ته سفيد انسانن جو جادو انهن سان گڏ آهي”.
“توهان نانگ واري نشاني ته ڏسي چڪا آهيو”. مون چيو.
“رڳو اها هڪڙي نشاني ڪافي ناهي منهنجا آقا! ممڪن آهي ته اهو نانگ ننڍپڻ ۾ ئي ان جي جسم تي هٿرادو ٺهرايو ويو هجي. اسين توهان کان ڪا عجيب غريب ۽ حيرت انگيز نشاني ٿا چاهيون، اسين ڪو اهڙو معجزو ڏسڻ ٿا چاهيون جئين اسان کي به يقين اچي وڃي ته واقعي ئي توهان جي جادوءَ جي زور تي فتح اسان جي ٿيندي”.
ٻين سردارن به ان سان ها ۾ ها ملائي ۽ مون اهو سڀ ڪجهه هنري ۽ گڊ جي اڳيان پيش ڪيو.
“ منهنجو خيال آهي ته اسين هنن کي هڪڙو معجزو ڏيکاري سگهون ٿا.” گڊ وڏي اعتماد سان چيو “ ڪوارٽر مين! هنن کي چئو ته اسان کي سوچڻ لاءِ پنجن منٽن جو ٽائم ڏين”.
مون سردارن کي چيو ته اهي جهوپڙيءَ کان ٻاهر نڪري ويا. گڊ پنهنجي دوائن جو ٿيلهو کولي ان مان هڪ ننڍڙي پاڪيٽ سائيز جنتري ڪڍي.
“ها ته دوستو! سڀاڻ ڪهڙي تاريخ آهي؟” گڊ جنتري جا صفحا اٿلائيندي پڇيو.
“چوٿين جون”. مون ۽ هنري گڏ جواب ڏنو.
“ ته بس ڪم ٿي ويو... هاڻ ٻڌو!” گڊ جنتري پڙهڻ شروع ڪئي “ چار جون وچ گرين ٽائم مطابق رات جو اٺ لڳي پندرهن منٽن تي چنڊ کي گرهڻ لڳڻ شروع ٿيندو، ۽ پورو چنڊ گرهڻ ٿي ويندو جيڪو ٽيناريف، اتر آفريڪا وغيره وغيره جڳهين تي ڏسي سگهجي ٿو. تنهنڪري اهو ئي اسان جو معجزو آهي ڪوارٽرمين! انهن کر دماغن کي چئو ته سڀاڻ اسان چنڊ کان روشني کسي ان کي تئي جهڙو ڪارو ڪري ڇڏينداسين”. تجويز ته معقول هئي پر جنتري جي غلط ٿيڻ جي صورت ۾ اسان جي ارادن جو ته ڇا پر خود اسان جي جنازن نڪرڻ جو به خدشو هو.
”فرض ڪر جيڪڏهن تنهنجي جنتري غلط ثابت ٿي پوي ته پوءِ ؟ هنري گڊ کي چيو جيڪو هڪ ڪاغذ ۾ اکيون وجهو ڪنهن گهري سوچ ۾ گم هئو.
”فرض ڪر؟ اڙي يار هت فرض ڪرڻ جي ڪا گنجائش ئي موجود ناهي. جنتريءَ ۾ جيڪو ٽائم لکيل آهي، ٺيڪ انهيءَ ٽائم تي چنڊ گهرڻ شروع ٿيندو. پنج منٽ اڳتي يا پوئتي سو ٿي سگهن ٿا پر ان سان ڪو فرق نٿو پوي”. گڊ چوڻ لڳو” جنتريءَ ۾ لکيل آهي ته گرهڻ اتر آفريڪا ۾ ڏٺو ويندو ۽ مون کي پورو يقين آهي، جو اڃان مان هاڻ هاڻ حساب ڪري معلوم ڪري ورتو آهي ته هت چنڊ کي گرهڻ رات جو ڏهين وڳي لڳڻ شروع ٿي ويندو جيڪو تقريبن اڌ رات تائين هلندو. ڇا سمجهيئي؟”
“ بحر حال اسان کي قسمت آزمائڻ گهرجي” هنري چيو.
مگر منهنجي دل ٻڏ تر جو شڪار هئي ته جيڪڏهن آسمان تي بادل ڇائنجي ويا ۽ چنڊ لڪي ويو ته پوءِ ؟ ۽ ان جي جواب ۾ منهنجي اکين اڳيان اهڙي ڀيانڪ تصوير ڦرڻ لڳي جو منهنجو سڄو وجود ئي لرزي ٿئي ويو. بحرحال خدا تي ڀروسو رکي اگنوسيءَ کي سردارن کي گهرائڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو. اهي آيا ته مون انهن جي سامهون هڪڙي مختصر تقرير ڪئي ته”. معزز سردارو ۽ انفادوس! ٻڌو. اسان پنهنجي طاقتن جو مظاهرو ڪرڻ نٿي چاهيو، جو اهو قدرت جي قانون ۾ دخل به آهي ته دنيا تي وحشيت طاري ڪرڻ جو سبب پڻ، پر جئين ته توهان ضد ڪري رهيا آهيو ۽ هونئن به ٽواله جي ظلمن جي ڪري ۽ گگول جنهن اگنوسيءَ جي جان وٺڻ جي نامنهاد ڪوشش ڪئي هئي، ان کان اسان پاڻ به خفا آهيون، تنهنڪري اسان قدرت جي هن نظام کي ٿوري دير لاءِ درهم برهم ڪري ڇڏينداسين ۽ هڪ اهڙو معجزو پيش ڪنداسين جنهن کي سڄي دنيا ڏسي سگهندي، ته هاڻ هيڏهان اچو”. مان سردار ن کي جهوپڙيءَ جي دروازي تي وٺي چنڊ ڏانهن اشارو ڪري پڇيو ته “ هو ڇا آهي؟”.
“چنڊ”
“بلڪل ٺيڪ، هاڻ ٻڌايو ته ڪوبه فاني انسان انهيءَ چنڊ کي لهڻ کان اڳي چراغ وانگر وسائي دنيا تي اوندهه مسلط ڪري سگهي ٿو؟”
“بلڪل نه منهنجا آقا!” سردار کليا “ ائين ڪرڻ جي ڪنهن بني بشر کي طاقت ئي ناهي، جو چنڊ انسانن کان وڌيڪ طاقتور آهي”.
“ توهان ٺيڪ ٿا چئو مگر مان توهان کي اگاهه ڪرڻ ٿو چاهيان ته سڀاڻ اڌ رات کان ٻه ڪلاڪ اڳ اسان چنڊ کي اونداهو ڪري ڇڏينداسين، جيڪا ان ڳالهه جي شاهدي هوندي ته اگنوسي ئي توهانجو حقيقي بادشاهه آهي، پوءِ ته توهان يقين ڪندئو يا نه؟”
“ ها منهنجا آقا! جيڪڏهن توهان اهڙو معجزو ڏيکاري سگهيا ته اسان اگنوسيءَ سان گڏ هونداسين”. سردار مسڪرائي چيو.
“ ته پوءِ يقين ڄاڻو ته اهو سڀ ڪجهه ٿي ئي رهندو. ستارن کان آيل اسان ٽئي ڄڻا انڪوبو، واڳون ۽ ميڪو ميزن جيڪي چوندا آهيون سو ڪري ئي ڏيکاريندا آهيون. سڀاڻ رات اسان چنڊ کان روشني کسي وٺنداسين. انفادوس! ڇا ٻڌئي؟”
“ها منهنجا آقا! ٻڌم ته سهي پر توهان عجيب ۽ اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، ڌرتيءَ جو پيءُ چنڊ جيڪو پنهنجي پوري شباب تي هوندو. تنهن کي اونداهو ڪرڻ ناممڪن آهي”.
“اسان لاءِ ڪابه ڳالهه ناممڪن ناهي انفادوس!”.
“توهان بجا ٿا فرمايو. اڄ رات ٽواله توهان کي حسينائن جي رقص ڏسڻ جي دعوت ڏني آهي ۽ ان رقص جي شروع ٿيڻ جي ڪلاڪ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ڇوڪريءَ کي هُنن ديوتائن جي ڀيٽ چاڙهيو ويندو” ۽ پوءِ هن پهاڙن طرف اشارو ڪيو جتان شاهراهه سليمان ختم ٿي ٿئي. “ٽواله جي حڪم سان سڪارگا ان حسين ڇوڪريءَ کي قتل ڪري ڇڏيندو ۽ ان وقت توهان چنڊ کي اونداهو ڪري هڪ معصوم، حسين ۽ بيگناهه ڇوڪريءَ جي جان بچائي سگهو ٿا”.
“ائين ئي ٿيندو” مون مسڪرائي چيو.
“لُوَ کان ڪي ٻه ميل کن پري هڪ پهاڙي آهي. جنهن جي شڪل چنڊ جهڙي آهي” انفادوس ٻڌائڻ لڳو “ اتي منهنجا ۽ هنن سردارن جا دستا تعينات ٿيل آهن، مان ڪوشش ڪري ڪجهه وڌيڪ دستا به اوڏانهن روانه ڪندس، جيڪڏهن توهان جي بقول چنڊ وسامي ويو ته ان اونداهيءَ ۾ توهان کي “لو” مان ڪڍي چنڊ جهڙي پهاڙيءَ تي پهچائيندس. اتي پاڻ محفوظ رهنداسين. جتان ئي ٽواله سان جنگ جوٽينداسين”.
“توهان بلڪل سهي سوچيو آهي” مون چيو “ پر توهان هاڻ ڀلي واپس وڃو ته جيئن اسين پنهنجي جادوئي اسڪيم کي مڪمل ڪري وٺون”.
“دوستو!” سردارن جي وڃڻ کانپوءِ اگنوسيءَ چوڻ لڳو” اوهان ڀلا اهو ڪم پوريءَ پڪ سان ڪري به سگهندئو يا اجائي دعويٰ ڪري رهيا آهيو؟”
“نه امبوپا! منهنجو مطلب آهي اگنوسي! اسين چنڊ کان چانڊوڪي کسي وٺنداسين. ان کي وسائي ڇڏينداسين”.
“ اها ته وڏي حيرت انگيز ڳالهه ٿيندي” اگنوسي چيو “ مان به توهان جي ڳالهه تي يقين نه ڪريان ها، پر مون کي خبر آهي ته توهان کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت ئي ناهي، اگر پاڻ ڪامياب ٿي وياسين ته مان توهان سان واعدو ٿو ڪريان ته توهان کي هنن احسانن جو پورو پورو بدلو ڏيندس”.
“اگنوسي! هڪ ٻي ڳالهه جو به واعدو ڪر”_مون مسڪرائيندي چيو
”توهان سان مڙساڻو واعدو آهي ميڪو ميزن! حالانڪه مون توهان جي ڳالهه ٻڌي به ناهي”. هن ڏاڙهي تي هٿ ڦيرائي واعدو ڪيو.
“اگنوسي! مان تو کان ان ڳالهه جو واعدو وٺڻ ٿو چاهيان ته جڏهن تون بادشاهه بڻجي وڃين ته ٽواله جي نقش قدم تي نه هلجانءَ. انهن ڏائڻين جو ناچ بند ڪجانءَ. واعدو ڪر اگنوسي ته انهيءَ ظالمانه رسم جو هميشه هميشه لاءِ خاتمو آڻي ڇڏيندين”.
اگنوسي ڪجهه دير سوچيندو رهيو..
”ميڪو ميزن! “ ان چيو “ اسان ماڻهن جا قانون توهان جي قانونن کان مختلف آهن. اسان وٽ هت انساني زندگيءَ جي ڪا اهميت ئي ڪانهي پر مان توهان سان واعدو ٿو ڪريان ته منهنجي دور ۾ اهو خوني رقص نه ٿيندو. نه وري ڪو بيگناهه قتل ڪيو ويندو.“
”ڏس اگنوسي! پنهنجي ان واعدي تي قائم رهجان”. هنري چيو “ ۽ هاڻ منهنجو خيال آهي ته پاڻ کي ڪجهه دير لاءِ آرام ڪرڻ گهرجي.“
ايڏا ته ٿڪل هئاسين جو ليٽڻ سان ئي ننڊ پئجي وياسين. اگنوسي نه جاڳائي ها ته الائي ڪيڏي مهل تائين ستا پيا هجون ها، ناشتي وغيره کان فارغ ٿي ٻاهر آياسين ۽ آس پاس چهل قدمي ڪرڻ لڳاسين.
“خدا ڪري ته اڄ چنڊ گرهڻ ٿئي” هنري چيو.
“تون آخر شڪ ڇو ٿو ڪرين” گڊ خفا ٿيندي چيو.
“خدانخواسته جيڪڏهن اڄ چنڊ گرهڻ نه ٿيو گڊ!” مون چيو” ته سمجهي ڇڏجانءَ اهي سردار اسان جا سڄا پول پڌرا ڪري ڇڏيندا. پوءِ پاڻ سان ڪهڙي حالت ٿيندي سا تون پاڻ ئي سمجهين سگهين ٿو”.
سج لٿي ئي ٽواله جا سفير اسان کي حسين رقاصائن جو رقص ڏسڻ لاءِ وٺڻ آيا. اسان تڙتڪڙ ۾ ٽواله جون ڏنل زرهون پاتيون ۽ هٿيارن سان ليس ٿي ( اهو انفادوس جو مشورو هو) بظاهر ته وڏي بهادريءَ جو مظاهرو ڪرڻ لڳاسين. پر دلين جو حال ته خدا ٿي ڄاتو. وڃي ڏٺوسين ته بادشاهه جي جهوپڙي جي سامهون وارو ميدان ان وقت ڪوڪوآنه جي اڌ، اگهاڙين رقاصائن سان ڀريو پيو هو. سڀئي رقاصائون گلن ڦلن سان سينگاريون خاموش بيٺيون هيون، هر رقاصا جي هڪ هٿ ۾ کجي جو ٻٽو پن ۽ ٻئي هٿ ۾ جهنگلي ڪنول هو. وچ ۾ ٽواله ۽ انهيءَ جي پيرن ۾ گگول ويٺي هئي، پٺيان سڪارگا ۽ انفادوس باادب طريقي سان بيٺا هئا ۽ ساڄي کاٻي نيزا بردار محافظ بت بڻيا بيٺا هئا ۽ ٽواله وڏي فزا خدليءَ سان اسان جو استقبال ڪيو ۽ پوءِ اگنوسيءَ کي ائين ڏسڻ لڳو ڄڻ ته ان کي ڪچو کائي ڇڏيندو.
“خوش آمديد سفيد انسانو!” ٽواله چيو “ اڄ پاڻ هڪ نئون رقص ڏسنداسين پر سچي ڳالهه ته گذريل رات واري رقص جي ڳالهه ئي ٻي هئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي رقاص ڇوڪريون انتهائي حسين جميل آهن ۽ انهن جي واتان نڪرندڙ لفظ ماکيءَ ۽ مصريءَ جهڙا هوندا آهن پر هٿيارن جي جهنڪار ۽ وهندڙ خون جي بوءَ حسينائن جي هرادا کان اتم ۽ اعليٰ هوندي آهي. ستارن واسيو! اهي حسينائون جيڪي توهان جي سامهون بيٺيون آهن. تمام خوبصورت آهن. جيڪڏهن توهان انهن کي پنهنجون زالون بڻائڻ چاهيو ته هنن مان جيڪي به چاهيو چونڊي وٺي وڃو اهي منهنجي طرفان توهان لاءِ تحفو آهن”.
ٽواله جي انهيءَ عنايت کان اسين ذرو به متاثر نه ٿياسين. باقي گڊ جيڪو عاشقانه طبيعت جو مالڪ آهي، خوشيءَ مان ان جو چهرو ٽڙي پيو ۽ واڇ گودو ٿي ويس. پر مون سوچيو ته جيڪڏهن گڊ جلد بازيءَ کان ڪم وٺي پنهنجي لاءِ زال چونڊي ورتي ته ڪوڪوآنه جي ماڻهن جي دلين مان اسان جو سڄو رعب تاب نڪري ويندو ۽ پوءِ اهي اسان سان جيڪو سلوڪ ڪندا ان خيال کان ته منهنجا وار ئي ڪانڊارجي ٿي ويا. “ توهان جي وڏي مهرباني” مون تڙتڪڙ ۾ جواب ڏنو” اسين سفيد فام ماڻهو صرف پنهنجي ئي قوم مان شاديون ڪندا آهيون. ان ۾ ڪوشڪ ناهي ته هيءَ حسينائون انتهائي خوبصورت آهن، پر پوءِ به اسين هنن سان شاديون نٿا ڪري سگهون”.
ٽواله طنزيه مرڪيو “ جيڪا توهان جي مرضي باقي اسان وٽ هڪ ڪهاوت مشهور آهي ته ڇوڪري ڇوڪري هوندي آهي، پوءِ چاهي ڪهڙي به هجي. ۽ اها به چوڻي آهي ته جيڪا اک ۾ سا ٻک ۾ ۽ جيڪا چلهه تي سا دل تي. ۽ جيڪا سامهو آهي سا “محبت” پر جيڪا نظر ئي نه اچي سا “ دوکو” هوندي آهي. بحرحال توهان ۽ توهان جي هن ڪاريءَ چمڙيءَ واري ملازم کي به مان خوش آمديد چوان ٿو”. ان اگنوسيءَ طرف اشارو ڪري چيو ته “ اگر گگول جي گذريل رات واري ڪامياب پرک ۾ توهان روڙو نه اٽڪايو ها ته اڄ هيءَ مئل هجي ها”.
“ ان کان اڳ جو تون مون کي مارين ها، مان توکي پورو ڪيو ويٺو هجان ها”
اگنوسيءَ چيو.
“ ذليل ڇورا! بڪواز بند ڪر، منهنجي قهر کان بر، بحر ڪنبندا آهن. اهو نه وسار ته منهنجو هڪ ئي اشارو تنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو وسائڻ لاءِ ڪافي آهي”. ٽواله جي سوئر جهڙي اک غصي مان لال ٿي وئي.
“مان ڪو تو کان ڊڄان ٿو ڇا ٽواله؟” اگنوسيءَ چيو “ ستارن کان آندل منهنجو هيءُُ نيزو ڪڏهن به نشانو خطا نٿو ڪري سگهي ۽ تو جهڙن لاءِ هيءَ موت جو پيغام آهي”
ٽواله ڏند ڪرٽيندي چپ ٿي ويو.
۽ پوءِ “ناچ شروع ڪريو” هن رنڀ ڪئي.
ڇوڪرين جو رقص شروع ٿي ويو. جيڪو ڏاڍو عجيب هو، پهرئين ته اهي ٽڪ ٻڌي لاٽونءَ وانگر ڦرنديون رهيون، ۽ پوءِ ڪنول ۽ کجيءَ جي پنن کي گهمائي گهمائي ڪوڪينديون هيڏهان هوڏهان وٺي ڀڳيون، يڪدم وري پوئتي موٽيون ۽ پوءِ هڪ جڳهه تي بت بڻجي بيهي رهيون. ڄڻ ته انهن جو پاور ختم ٿي ويو هجي. ڪجهه دير کانپوءِ ان ميڙ مان هڪ حسينه نڪتي ۽ نچڻ ۾ شروع ٿي وئي. اهڙي ته ڪاريگريءَ سان رقص پيش ڪيائين جو جيڪڏهن اسان جي ملڪ جون رقاصائون ڏسن ته هوند انهن کي به حيرت مان ڏندين آڱريون اچي وڃن.
اها حسينه جڏهن ٿڪي ته هڪ طرف هلي وئي ۽ ٻيءَ ان جي جاءِ سنڀالي، پوءِ ٽي، پوءِ چوٿين، پوءِ پنجين... اهڙي طرح ڪيترين ئي رقاصائن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ليڪن انهن مان سڀ کان اڳ ۾ جنهن پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا، ان جهڙي نڪا ماهر هئي نه ئي خوبصورت.
ٽواله پنهنجو نيزو بلند ڪيو ته رقص پڄاڻي تي پهتو.
“توهان جي خيال ۾ ڪهڙي رقاصه سڀ کان وڌيڪ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو؟”
“ پهرينءَ... “ منهنجي واتان بيساخته نڪري ويو. مگر فوراً ئي انفادوس جا لفظ ياد پيم ته سڀ کان وڌيڪ خوبصورت رقاصه کي ديوتائين جي ڀيٽ چاڙهيو ويندو، ته منهنجي بت مان جهڙو ساهه ئي ڇڏائي ويو.
“تنهنجو ۽ منهنجو خيال بلڪل ساڳيو آهي پر اي سفيد انسانو! هيءَ خوبصورتي ۽ ڪاريگري هن ڇوڪريءَ جي حق ۾ ڏاڍي نڀاڳي ثابت ٿي”.
“هي هي هي، تون ديوتائن جي حضور ۾ پيش ڪئي ويندينءَ منهنجي ڌيءَ ! گگول ان ڇوڪريءَ َکي چيو جيڪا وڏي معصوميت مان سهيلين وچ ۾ گلن جون پتيون چونڊي رهي هئي.
“ ٽواله ! هن خوبصورت ڇوڪريءَ پنهنجي شاندار رقص سان اسان کي ڏاڍو خوش ڪيو آهي. ان جو انعام ان کي موت جي صورت ۾ نه ملڻ کپي”. مون چيو... ٽواله هڪڙو بيسرو ٽهڪ ڏيندي چيو ته “ اها هتان جي رسم آهي انهن ديوتائين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي جيڪي هنن پهاڙن ۾ آهن. ۽ هن ٽن پهاڙن طرف اشارو ڪيو. “ هر سال هڪ خوبصورت رقاصه ڇوڪريءَ جي ضرورت پوندي آهي. اگر مون انهن جي خدمت ۾ ڇوڪري پيش ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي ته مون ۽ منهنجي پوري خاندان تي هنن ديوتائين جو اهڙو قهر ڪڙ ڪندو جنهن جو توهان تصور به نٿا ڪري سگهو. منهنجو ڀاءُ جيڪو مون کان اڳي ڪوڪوآنه جو بادشاهه هو، ان به اهڙِي حماقت ڪئي هئي ۽ هڪ سال ان ڇوڪري ديوتائين جي حضور ۾ پيش نه ڪئي هئي، جو ان ڇوڪريءَ جي ماءُ بادشاهه کان ڌيءَ جي زندگي لاءِ روئي منٿون ڪيون هيون. ان جو نتيجو خبر اٿو ته ڇا نڪتو؟ سفيد انسانو! ان جي حڪومت جو تختو ئي اونڌو ٿي ويو ۽ ان جو سڄو خاندان ئي تباهه برباد ٿي ويو. پر مان پنهنجو اهڙو انجام نه چاهيندس. مان ديوتائين جي خواهش ۽ خوشي پوري ڪرڻ ۾ دير اصل نه ڪندس”. هن جا محافظ اڳتي وڌيا جن کي ڏسندي ڇوڪريءَ جي واتان ڊپ مان دانهون نڪري ويون ۽ هوءَ پوئين پير وٺي ڀڳي، مگر ٻئي لمحي اها ويچاري مظبوط ٻانهن جي گرفت ۾ هئي. محافظ ڪيهون ڪندڙ ۽ لڇندڙ معصوم ڇوڪريءَ کي گهليندا اسان جي سامهون وٺي آِيا.
“ڌيءَ تنهنجو نالو ڇا آهي؟” گگول پڇيو.
ڇوڪري خاموش رهي.
“ ڇا تون جواب نٿي ڏيڻ چاهين؟” گگول جو مڪروهه آواز گونجيو “ ته پوءِ مان سڪارگا کي حڪم ڏيان ته هو تنهنجو ڪم پورو ڪري”.
گگول جي ايتري چوڻ جي دير هئي جو سڪارگا جيڪو ان وقت پورو شيطان لڳي رهيو هو، سو پنهنجو نيزو ڦيرائيندو اڳتي وڌيو. مون ڏٺو ته ان وقت گڊ جو هٿ پنهنجي پستول ڏانهن وڌيو. ڇوڪريءَ جون اکيون ڊپ کان پٿرائجي ويون ۽ هوءَ ڊپ ۾ ڪنبي رهي هئي.
“ڏسو” سڪارگا خوشيءَ مان رڙ ڪئي “ هيءَ منهنجي نيزي کي ڏسي خوف کان ڏڪي رهي آهي”. هو وڏي غرور مان پنهنجي نيزي جي ڦر تي هٿ ڦيرائڻ لڳو.
“ خدا جو قسم مان توکي نه ڇڏيندس نا پاڪ ڪتا!” گڊ ڏند پينهين اٿيو.
“ ڊڄ نه ڇوڪري! پنهنجو نالو ٻڌاءِ” . گگول ڏائڻ چوڻ لڳي.
“ مقدس ماءُ! منهنجو نالو فلا ويٽا آهي”. ڇوڪريءَ انتهائي مٺڙي آواز ۾ چيو “ مقدس ماءُ! مان ڪهڙي ڏوهه ۾ ماري پئي وڃان. مون کي پنهنجو ڏوهه ته ٻڌايو”.
“عزيز ڌيءَ! گگول پنهنجي مڪروهه آواز ۾ بڪواز شروع ڪئي “ توکي ته خوش ٿيڻ کپي جو تون شاهي خاندان جي مقدس هٿن سان ديوتائن جي حضور وڃي رهي آهي. ڏينهن جو آواره گردي ڪرڻ ۽ ڳوٺن ۾ جتيون گسائڻ کان رات جو سمهي آرام ڪرڻ بهتر آهي. زندگيءَ جي تڪليفن برداشت ڪرڻ کان بهتر آهي ته فلاويٽا تون موت جي گهري ننڊ سمهي پئو”.
فلا ويٽا پنهنجا ٻئي هٿ کڻي دانهون ڪرڻ ۽ گگول کي بدشد ڳالهائڻ لڳي “ ڪميڻي، ڪُتي، سوئر، ڏائڻ، بڇڙي، لعنتڻ، مرين...قبر ۾ پوين..” ۽ پوءِ ويچاري سڏڪي سڏڪي روئڻ لڳي “ اڃان مون ڏٺو ئي ڇا آهي؟ منهنجي عمر ئي ڪيتري آهي؟. مقدس ديوتائو! ڇا مان هاڻ ڪڏهن به سج کي اڀرندو نه ڏسي سگهنديس؟ ڇا هي چيٽ جي چانڊوڪيءَ جا حسين منظر مون لاءِ نه هوندا، ڪنهن ٻئي لاءِ هوندا؟. ۽ هي خوبصورت رنگبرنگي گل جيڪي منهنجي زلفن جي زينت بنجڻا هئا سي مون کان سواءِ ئي مرجهائجي ويندا؟ مقدس ديوتائو! پوءِ منهنجي امڙ ڪنهن جي پيشانيءَ تي پيار مان چميون ڏيندي؟ ڇا سڄي دنيا مون کي وساري ڇڏيندي؟ ڇا منهنجون ٻڪريون مون کي نه ڳولينديون ۽ مون کي نه ڏسي ٻيڪارينديون ڪونه؟ ڪوئي منهنجو محبوب نه ٿيندو؟ منهنجي ڪک ڪنهن به حسين ٻچڙي کي جنم نه ڏئي سگهندي؟ مان ڪڏهن به ماءُ نه بڻجي سگهنديس؟ منهنجا سڀئي ارمان مون سان گڏ منهنجي دل ۾ دفن ٿي ويندا؟. او مقدس ديوتائو! ڇا توهان ايڏا بيرحم به ٿي ويا آهيو؟ ڇا توهان کي مون تي رحم نٿو اچي؟ ڇا مون تي ڪنهن کي به رحم نه ايندو؟ هاءِ الله...؟
ان جي پر درد دانهن کان ته پٿر به پاڻي ٿي وڃن ها، پر گگول ۽ ٽواله جي پٿر دلين تي ڪو اثر ئي ڪونه پئي ٿيو. باقي پٺيان بيٺل سردارن جي چهرن تي غم جون ريکائون ظاهر هيون ۽ انهن جي نيڻن مان رحم ٽپڪي رهيو هو، جو گڊ بيچين ٿي اڳتي وڌيو ۽ فلاويٽا روئيندي پنهنجو سر گڊ جي قدمن تي رکي ڇڏيو”. ستارن جي دنيا کان پهتل سفيد انسان!” ان سڏڪندي چيو “ ديوتائن جي صدقي مون کي پنهنجي پناهه ۾ وٺي ڇڏيو، جو مان اڃا مرڻ نٿي چاهيان، مون کي گگول ۽ ٽواله کان بچايو. مان رب جو قسم کڻي چوان ٿي ته سڄي ڄمار توهان جي گولي ٿي گذاريندس”.
“ گهٻراءِ نه فلاويٽا ! توکي ڪير به ڪجهه نٿو ڪري سگهي” . گڊ ان کي دلداري ڏيڻ لڳو، ليڪن فلاويٽا ويچاري گڊ جي قدمن تي منهن رکي زاروقطار روئيندي رهي.
“ اٿ فلاويٽا” گڊ هن کي سهارو ڏئي اٿاري پنهنجي ڀرسان بيهاري ڇڏيو.
ٽواله اشارو ڪيو ۽ سڪارگا پنهنجو نيزو اڀو ڪري گڊ ۽ فلاويٽا ڏانهن وڌيو.
“ڪوارٽرمين! هاڻ تنهنجو وارو آهي. مڙسي ڏيکار” هنري چيو “اڃان ڇا جو انتظار پيو ڪرين؟”
“ چنڊ گرهڻ جو” مون چيو “ اڌ ڪلاڪ کان چنڊ ۾ اکيون وجهو ويٺو آهيان پر اڃان تائين ته چنڊ جهڙو سوتهڙو آهي. اڃان ته ڪو داغ به ظاهر ڪونه ٿيو اٿس”.
“ هاڻ انتظار جو وقت گذري چڪو آهي ڪوارٽر مين! خدا کي مڃ ڪا تدبير ڪر نه ته فلاويٽا ويچاريءَ جو سر ويو. ڏس سڪارگا ان ڏانهن وڌي رهيو آهي” ۽ ٽواله ڪاوڙ مان پاسا ورائيندو رهيو. مون آخري دفعو چنڊ ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجو نيزو اڀو ڪري سڪارگا ۽ فلاويٽا جي وچ ۾ وڃي بيهي رهيس.
“اهو نٿو ٿي سگهي ٽواله!” مون داٻو ڏيندي چيو “ اسان اهو بيگناهه ۽ بي سبب قتل برداشت نٿا ڪري سگهون. ڇوڪريءَ کي واپس وڃڻ ڏيو”. ٽواله وڏيءَ ڪاوڙ مان نانگ وانگر ڦوڪون ڏيندي اٿيو ۽ جيڪي سردار اسان جي آس پاس بيٺا هئاسي پاڻ ۾ سس پس ڪرڻ لڳا.
“ هون.. نٿو ٿي سگهي. نٿو ٿي سگهي” ٽواله سانهه پاڏي جيان رنڀ ڪندي بڪڻ شروع ڪيو” سفيد ڪتا! تون هڪڙي شينهن سان مهاڏو ٿو اٽڪائين. ياد رک ته توکي به ان ڇوڪريءَ سان گڏ ئي ديوتائين جي حضور پهچائيندس ۽ پوءِ اهي پاڻهي توسان نبرندا. مون کي حڪم ڏيندي. مون تي حڪم ٿو هلائين. ديوتائن جو قسم اڄ منهنجي هٿان توکي ڪير به بچائي نٿو سگهي. ماڪوڙيءَ وانگر رڳڙي ڇڏيندو. سانءَ، هٽي پري ٿي، چوان ٿو ته وچان هٽي وڃ، سپاهيو! گرفتار ڪريو هنن ماڻهن کي، سڪارگا! اڳتي وڌ ڏسين ڇا ٿو؟ مان حڪم ٿو ڏيان ته هن ڇوڪريءَ کي موت جي وادي ۾ پڄائي ڇڏ”.
هنري، اگنوسيءَ ۽ گڊ مون کي پنهنجي وچ ۾ آڻي پنهنجون بندوقون سنڀاليون،
”مان چوانءِ ٿو ته اڳتي نه وڌ، بيهي رهه”. بظاهر ته مون وڏي بهادريءَ سان ڌمڪي ڏني ليڪن دل جو حال خدا ئي ڄاڻندڙ هو. “ اسين ستارن کان پهتل انسان چئون ٿا ته اهو ظلم نٿو ٿي سگهي. اگر تو هڪ قدم به اڳتي وڌايو ته اسان چنڊ جي روشني ختم ڪري دنيا تي انڌيرو مسلط ڪري ڇڏينداسين”. منهنجي انهيءَ ڌمڪيءَ جو خاطر خواهه اثر ٿيو. اسان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وڌندڙ سپاهين جا قدم هڪ جاءِ تي ڄمي بيهي رهيا ۽ سڪارگا جو نيزو اڀو ئي رهجي ويو.
”لو وارئو! ٻڌو” بڇڙي گگول بڙڪڻ لڳي” انهن ڪوڙن جون ڪهاڻيون ٻڌو، چون ٿا ته چنڊ وسائي ڇڏينداسين، هون. چنڊ نه ٿيو ڄڻ ته چراغ ٿيو جو جيڏي مهل هيءَ چاهيندا ته وسامي ويندو. بادشاهه! هنن کي چنڊ جي روشني کسڻ ڏي، اگر اهي چنڊ وسائي ويا ته انهيءَ ڇوڪريءَ جي جان بخشي ويندي نه ته پوءِ ٻي صورت ۾ ڇوڪريءَ سان گڏ انهن سفيد انسانن کي به ديوتائين جي حضور پهچايو ويندو. اهو منهنجو فيصلو آهي”.
مون چنڊ طرف ڏٺو جنهن تي ننهن جيترو داغ اڀري آيو هو. مون چنڊ طرف پنهنجا ٻئي هٿ اڀا ڪيا. هنري ۽ گڊ به ائين ڪيو. ۽ پوءِ انگريز شاعرن جا لڳاتار نظم پڙهندو رهيس، جيڪي هنن ماڻهن کي جادوءَ جا ٻول محسوس ٿي رهيا هئا. هنري انجيل مقدس جون آيتون ۽ گڊ ناولن جا پيراگراف وڏي آواز ۾ پڙهڻ شروع ڪيا.
ڪاروداغ آهستي آهستي چنڊ جي منور چهري تي ڦهلجڻ لڳو ۽ آس پاس بيٺل هجوم جي واتان دانهون نڪرڻ لڳيون.
“ڏسي وٺ ٽواله!” مون هڪل ڪئي “ اسين جيڪو چوندا آهيون اهو ڪري ئي ڏينکاريندا آهيون. ڏسي وٺ ڏائڻ گگول! اهو ته اسان جي جادوءَ جو هڪڙو معمولي ڪرتب آهي. اسان چنڊ کان ان وقت روشني کسي وٺندا آهيون جڏهن اهو پورو پورو چمڪندڙ هوندو آهي.
”اي چنڊ! اسان جي حڪم جي طابع ٿي وڃ. و سامي وڃ. ختم ٿي وڃ. پنهنجي چانڊوڪيءَ کان هنن ظالمن کي محروم ڪري ڇڏ. جيڪي تنهنجن ماڻهن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. معزز سردارو! توهان معجزو گهريو هو نه ، ڏسو، غور سان ڏسو!
هجوم ۾ خوفناڪ دانهون بلند ٿيڻ لڳيون، ڪجهه ماڻهو سڪتي جي عالم ۾ بيٺا رهيا، ڪجهه گوڏن ڀر جهڪي سجدي ۾ ڪري ٻاڏائڻ لڳا. ٽواله بت بڻيو هڪ جڳهه تي بيٺو رهيو ۽ ان جي ڪاري چهري تي به خوف جي زردي ڇائنجڻ لڳي، هڪڙي گگول ئي هئي جيڪا ان وقت به گهٻرايل نه هئي.
“ ڊڄو نه “ گگول چوڻ لڳي” اهو ته هڪڙو بادل آهي جيڪو ٿوريءَ دير ۾ گذري ويندو. ڊڄو نه چنڊ تي اهڙا بادل ڪئين آيا ۽ ويا. ائين ٿيندو رهندو آهي.”
“ ترس، ٿوري دير ۾ معلوم ٿي ويندئي. اي چنڊ ڇا ڳالهه آهي، اڄ تون ايترو سرد ۽ سست ڇو آهين، جلدي ڪر.. “ خدا ڄاڻي اڳتي ڇا هئو. اهو هڪ رومانوي ناول ۾ پڙهيو هوم جنهن جو جملو ياد رهجي ويو هو. ليڪن اڳتي وارا لفظ دماغ مان ئي نڪري ويا هئا. گڊ اڳتي تون پڙهه جيڪو مون کي ياد نه پيو اچي”. گڊ وڏي آواز ۾ نظمن جا ابتا سبتا بند ۽ ناولن جا ياد ڪيل ٽڪرا پڙهڻ ۾ شوروع ٿي ويو، ۽ بغير ڪنهن وقفي جي لاڳيتو پندرهن منٽن تائين پڙهندو رهيو. گرهڻ جو داغ آهستي آهستي وڌندو رهيو. سڀ ماڻهو ٺنڀي هڻيو بيٺا هئا، ڄڻ ته ڪي مجسما هجن، اڌ چنڊ ڍڪجي ويو. ميدان ۾ گهري خاموشي ڇانئجي وئي، بس رڳو ماڻهن جي کڄندڙ تيز تيز ساهن جو آواز اچي رهيو هو. چنڊ تي گرهڻ اڃا به وڌڻ لڳو، فضا گگهه اونداهيءَ ۾ ويڙهجي وئي، جو اسين پنهنجي ويجهو بيٺل ماڻهن جون صورتون به نه پيا سڃاڻو سگهون.
“ چنڊ مري رهيو آهي. چنڊ مري رهيو آهي، سفيد جادوگرن چنڊ کي وسائي ڇڏيو آهي” سڪارگا دانهون ڪرڻ لڳو “ هاڻ ته اسين انڌيري کان گهٻرائجي مري وينداسين”. ۽ پوءِ خدا ڄاڻي ڊپ يا غصي يا ٻنهي جي ڪري سڪارگا پنهنجو نيزو بلند ڪيو ۽ اهو وساري ته اسان کي زرهون پهريل آهن، هن پوريءَ قوت سان پنهنجو نيزو هنري جي سيني تي وهائي ڪڍيو. نيزو زرهه جي ڪڙين ۾ ڦاسي ويو. هنري حيرت انگيز ڦڙتيءَ سان سڪارگا جي هٿ مان نيزو کسي ورتو، ۽ گهمائي گهمائي انهيءَ ئي طاقت سان سڪارگا جي سيني تي وهائي ڪڍيو. جو ان جي چهنب سڪارگا جي پٺيءَ مان آرپار ٿي وئي. هن جي واتان هبتناڪ دانهن نڪري اوندهه ۾ الوپ ٿي وئي. ۽ سڪارگا هنري جي قدمن ۾ اچي ڦهڪو ڪيو. ان اوچتي صورتحال کان گهٻرائجي رقاصه ڇوڪرين جو هجوم دانهون ڪندو، ٿڙندو ٿاٻڙجندو صدر دروازي ڏانهن ڀڳو. ڪنهن کي ڪنهن جو خيال نه هو. ان وقت نفسانفسيءَ جو عالم هو. مائرون پنهنجي اولاد کي ڇڏي، چنڊ ڏانهن ڏسنديون بد حواسيءَ مان ڀڄنديون ٿي ويون. ٽواله به پنهنجي محافظ دستي سان بدحواس ٿي جهوپڙي ڏانهن ڀڳو. ان جي پٺيان ڪرندي جُهرندي گگول به ڀڄي وئي.
ٻئي لمحي ميدان صفا خالي هو. هاڻ مان، فلاويٽا، گڊ هنري، اگنوسي، انفادوس ۽ انهن سردارن ( جيڪي اسان سان مليا هئا) ۽ سڪارگا جي لاش کان سواءِ ميدان ۾ ڪير به ڪونه هو.
“معزز سردارو!” مون چيو “ توهان اسان جو معجزو ڏسي ورتو، هاڻ توهان اسان کي ان جڳهه وٺي هلو، جنهن جو توهان واعدو ڪيو هو. اسان جي حڪم سان چنڊ اڍائي ڪلاڪن تائين اونداهو ئي رهندو. اسان کي هن انڌيري مان فائدو وٺڻ کپي”.
“ هلو منهنجا آقا!” انفادوس چيو ۽ مڙي هڪ طرف هليو. اسان به سڀني سردارن سان گڏ ان جي پٺيان پنڌ پياسين. گڊ فلاويٽا جو هٿ وٺيو، اسان کان اڳيان هلي رهيو هو.
جنهن مهل صدر دروازي وٽ پهتاسين ته ان مهل تائين سڄو چنڊ گرهڻ ۽ ڍڪجي چڪو هو، ستارن جي روشني تيز ٿي وئي هئي. فضا تاريڪ هئي ۾ اسان هڪ ٻئي جا هٿ پڪڙي ٺوڪرون کائيندا اڳتي وڌندا رهياسين.