ناول

موٽڻ جنين مهڻو

ھي ڪتاب مشھور يورپين ليکڪ هنري رائڊر هيگرڊ جي جڳ مشهور ناول Allan Quartermain جو ترجمو آھي، جنھن جو سنڌيڪار شاعر ۽ ليکڪ علي نواز ڏاھري آھي.
پنھنجي نوعيت جو نھايت دلچسپ، سبق آموز ناول، زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جا اهڙا ته چٽا عڪس پسائي ٿو، جن ۾ همت ۽ حوصلي جي قوت پاڻمرادو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ مٿان حاوي ٿيندي ٿي وڃي، هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڪردار جي طويل سفر جي ڪٿا ۾ رڻ پٽ، زميني حياتيات سان ويڙهه، رومانس ۽ سامونڊي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ جي سگهه کي اڀارڻ ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن ناول کي فلمبند ڪندي هالي ووڊ جي فلمسازن خوب ناڻو ڪمايو.
Title Cover of book موٽڻ جنين مهڻو

هاٿي جو شڪار

جنوريءَ جي آخري هفتي ۾ اسان ڊربن کي الوداع ڪيو. ۽ مئي جي آخري تاريخن ۾ اسٽانڊاز ڪرال پهتاسين. ڊربن کان هيستائين جو سفر اسان کي گهڻي ڀاڱي پيادل ئي ڪرڻو پيو. رستو صاف ۽ هنڌان هنڌان ٽٽل ڦٽل هو ۽ جهنگل ۾ چيلاٽن جهڙين مکين جا وڏا وڏا مانارا چپي چپي تي وڻن جي لامن ۾ لڙڪي رهيا هئا. اهي چيلاٽن جهڙيون مکيون ايڏيون ته زهريليون هيون جو جنهن به جانور کي ڏنگين سو موقعي تي ئي مريو وڃي. اسٽانڊاز ڪرال کان روانه ٿي وڃي مٽيابلي ترسياسين، هيستائين پهچندي پهچندي اسان جي ڏاندن جو تعداد باقي وڃي ٻارنهن بچيو. رستي ۾ هڪ ڏاند کي نانگ ڏنگي وڌو. ٽي پاڻيءَ جي اڻاٺ جي ڪري مري ويا، ٽي زهريلي گاهه جي ڪري پورا ٿي ويا ۽ پنج ٻيا بيمار ٿي پيا، پر انهن کي وڏين ڪوششن سان بچائي ورتوسين. مٽيابلي کان اسان جي خطرناڪ سفر جي شروعات ٿي. اڳيان گهاٽو جهنگل شروع ٿي ويو ۽ گاڏي اڳتي هلي نٿي سگهي، تنهنڪري گوزا ۽ ٽوم کي ڏاندن ۽ گاڏيءَ سميت اتي ڇڏيوسين. باقي وينٽا، کيوا ۽ امبوپا اسان سان گڏ ئي رهيا. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته جڏهن اسان جو هي ننڍڙو قافلو روانو ٿيو هو ته هر شخص خاموش هو. دلين تي نامعلوم خوف طاري هو ۽ مونکي يقين آهي ته هر شخص دل ئي دل ۾ پنهنجي ڪيل گناهن کان توبهه ڪري رهيو هو. منهنجي دل بري طرح ڌڙڪي رهي هئي ۽ هر پير مڻ مڻ جو وزني محسوس ٿي رهيو هو ۽ پوئتي مڙي مڙي وڏي حسرت سان مٽيابليءَ جي بستيءَ کي ڏسي رهيا هئاسين جو لڳو ٿي ته شايد وري ٻيو دفعو اتي اچڻ يا نصيب.
موقعي جي نزاڪت کي ڏسندي امبوپا پنهنجي پيار ڀرئي آواز ۾ ڪوئي گيت ڳائڻ لڳو.
هن جي آواز خاموش فضا ۾ ڄڻ ته جان وجهي ڇڏي. ۽ اسان پنهنجي سوچن ۽ ڳڻتين مان نڪري هن جو گيت وڏي ڌيان ۽ شوق سان ٻڌڻ لڳاسين. آهستي آهستي! اسانجي دلين مان خوف ۽ حراس جا بادل مٽجڻ ۽ تحليل ٿيڻ لڳا. امبوپا جڏهن پنهنجو گيت ختم ڪيو ته اسان جون وقتي گونگيون بڻيل زبانون هڪ دفعو ٻيهر کلڻ لڳيون ۽ امبوپا جي ساٿ کي اسين نيڪ سوڻ سمجهڻ لڳاسين.
رستي ۾ هڪ ٻي بستي انياٽي آئي ۽ ان کانپوءِ گهاٽي جهنگل جو سلسلو شروع ٿي ويو. پهريائين ته ننڍن ننڍن وڻن ۽ ٻوٽن جي هڙين جو سلسلو هليو. پر جئين جئين اڳتي وڌندا رهياسين تئين تئين جهنگل گهاٽو ۽ اونداهو ٿيندو ٿي ويو. ڪنهن رستي يا پيچري جي ڪا خبر ئي نٿي پئي. بس سج اڀرڻ ۽ لهڻ سان طرفن جو پتو لڳائي وڌندا رهياسين. مگر جڏهن اڃان به اڳتي وڌياسين ته جهنگل جئين پوءِ تئين وڌيڪ گهاٽو ۽ اونداهو ٿيندو ويو. وڻن جا ڏار پاڻ ۾ ايتري قدر ته مليل هئا جو سج جو ڪو اتفاقي ڪرڻو ئي اسان تائين پهچي ٿي سگهيو. چئن ئي طرفن کان عجيب غريب جانورن جا آواز اچي رهيا هئا. وک وک تي وڏا نانگ اسان جي پيرن سان ٽڪرائجي پاڻيءَ جي ريلي وانگر نڪري ٿي ويا. وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سجهن نيلا واري ڪار هئي. هتي طرفن جو پتو لڳائڻ به ناممڪن ٿي پيو. مگر مان ۽ مون کان وڌيڪ کيوا، وينٽا ۽ امبوپا جهنگل جي پنڌن ۽ پيچرن جا ڄاڻو هئا. ان ڪري هڪ ٻئي سان مشورو ڪندي، نڪ جي سڌائي سان اڳتي وڌندا رهاسين. پندرهن ڏينهن کانپوءِ هڪ اهڙي جڳهه تي پهتاسين جتي گهاٽن وڻن جو سلسلو ختم ٿي ويو هو. ۽ وچ ۾ سائو چهچ ميدان اچي ويو هو، جنهن جي چوطرف اهڙو گهاٽو ٻيلو هو جو جيڪڏهن ڪو وڏو لشڪر به انهن جي پويان لڪل هجي ته هوند خبر ئي نه پوي.
اسان ڏاڍا ٿڪجي پيا هئاسين ۽ اڳتي وڌڻ به ڏکيو پئي لڳو. پر هن جاءِ تي ترسڻ به خطري کان خالي نه هو. هڪ ته گهاٽين هڙين جي ڪري خونخوار جانورن جو ڊپ سر تي سوار هو. ٻيو ته اٿليل پٿليل هڙيون ۽ اکڙيل وڻ ٻڌائي رهيا هئا ته هاٿين جو وڏو ڪو ولر هتي ڪٿي آس پاس موجود آهي. جان سڀني کي پياري هوندي آهي تنهنڪري ٿڪاوٽ باوجود به اڳتي وڌندا رهيا هئاسين. شام ٿيڻ واري هئي جو اسين هڪ سربسز ميدان ۾ پهتاسين. هيءَ جڳهه ترسڻ لاءِ مناسب هئي. سڄي ميدان ۾ سائو سائو گاهه واءَ تي ڄڻ ته ڇوليو ن هڻي رهيو هو. هڪ طرف ننڍوڪو دڙو هو. ان دڙي جي کاٻي پاسي صاف ۽ شفاف پاڻي جي ندي وهي رهي هئي ۽ نديءَ جي پرئين پاسي نگاهه جي آخري حد تائين کليل ميدان ئي ميدان هو. دڙي جي پاسي ۾ ڪجهه دير ساهي پٽڻ کانپوءِ ندي ۾ هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ لٿاسين. ٿڌيءَ ۽ صاف پاڻي جي ڪري اسان جو سارو ٿڪ پگهر جي پيرن جي ذريعي نديءَ ۾ جذب ٿيندو رهيو. اڃان چڱي طرح هٿ منهن ئي نه ڌوتو هوسين جو اوچتو هڪدم ڄڻ ڪو ڀونچال اچي ويو. زمين ڌٻڻ لڳي ۽ ميدان مان ڌوڙ جو هڪ شاهي ڪڪر نظر اچڻ لڳو.
“ڏسو! ڏسو! هو ڇاهي؟ يقينن اهو واءُ يا واچوڙو به ڪونه اٿو”. مون چيو، سڀني جون نگاهون انهيءَ ڌوڙ جي غباري تي ڄمي ويون. جيڪو آهستي آهستي ويجهو پوندو ويو ۽ ان جي پويان آواز به ايندا رهيا، ڄڻ ته ڪيترائي گهوڙا ڊوڙي رهيا هجن. اسين سڪتي جي عالم ۾ بيٺا سڀ ڪجهه ڏسي رهيا هئاسين. اهو آهستي آهستي ويجهو پوندو ٿي ويو. ۽ انهيءَ ڌوڙ جي غباري جو راز به کلڻ لڳو ۽ اسان جا حواس بحال ٿي ويا. زرافن جو هڪ وڏو قافلو ڪنهن خطري کان ڊڄي بيساخته اسان ڏانهن ڀڄندو ٿي آيو.
“مري وياسين يارو! ٿوري دير کانپوءِ اسان جا چچريل لاش اتي ئي ٽڙيا پکڙيا پيا هوندا”. مون ڳڻتي ظاهر ڪندي ڀڻڪيو. گڊ اڳيان بيٺو هو. جنهن ڪجهه دير سوچيو ۽ پوءِ بندوق کڻي “ڊز” هڪڙو فائر وهائي ڪڍيو. سڀني جي اڳيان ايندڙ زراف ٻيڻو ٽيڻو ٿي اچي زمين ٿي ڦهڪو ڪيو.” ڊز......ڊز” گڊ ٻه ٻيا فائر به ڇوڙي ڇڏيا. ۽ زرافن جو قافلو گهٻرائجي ساڄي پاسي مڙي ڀڄي ويو.
“او...واڳون...واڳون” ڪافرن دانهون ڪيون. ( هو گڊ کي واڳون ئي سڏيندا هئا. جنهن جو مطلب هو شيشي جي اک وارو. ۽ اهو خطاب هن کي هڪ چشمي عينڪ جي ڪري مليو هو). دڙي جي پاڙ ۾ اسان پنهنجا خيما کوڙيا. سج لهي چڪو هو ۽ هر طرف گهري اونداهي ڇانئجي رهي هئي. نديءَ جو پاڻي انهيءَ اونداهيءَ ۾ شور سان وهي رهيو هو ۽ هوا ٽارين ۾ وچڙي سيٽيون وڄائي رهي هئي. ڪجهه دير بعد چنڊ اڀريو ليڪن ان جي چانڊوڪي هن جهنگل جي فضا کي اڃان به وڌيڪ ڀيانڪ بڻائي رهي هئي. پريان کان جهوليندڙ جهومندڙ وڻن جون ٽاريون ۽ چوٽيون ائين لڳي رهيون هيون، ڄن ڪي ڏائڻيون ڇَتا ڇوڙي رقص ڪري رهيون هجن. ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪنهن درندي جو آواز خاموشيءَ جي چادر ۾ گهاريون وجهي رهيو هو. اسين سڀئي باهه جي چوڌاري پائيپ پي رهيا هئاسين. باهه جي ڳاڙهي روشني هنري جي چهري تي پئجي رهي هئي. ان روشنيءَ مان محسوس ٿي رهيو هو ته هُو ڄڻ الف ليليٰ جي ڪتاب جي صفحن مان هاڻ هاڻ نڪري آيو آهي. ان سان گڏ گڊ ويٺو هو، جيڪو پڻ بونو لڳي رهيو هو. اسان کان ٿورا وٿيرڪا اسان جا ملازم تماڪ پي رهيا هئا ۽ انهن جا ڪارا جسم باهه جي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيا هئا ۽ سڀني کان الڳ ٿلڳ ويٺل امبوپا ڪنهن ڳوڙهي خيال ۾ گم هو. اوچتو کاٻي طرف هڙين پويان دل ڏڪائيندڙ گونج ٻڌڻ ۾ آئي، ڪافر ملازم گهرائجي اٿي بيٺا ۽ گڊ جو هٿ خودبخود پنهنجي بندوق تي وڃي پيو.
“اهو شينهن آهي” مون ٻڌايو مان “پر گهٻرايو نه، اهو اسان طرف نه ايندو. شآيد هو پنهنجي غار طرف واپس موٽي رهيو آهي.” اڃان اسان شينهن جي باري ۾ ڊاڙو ٺڪاءَ ڪري رهيا هئاسين جو هاٿين جي چينگهاڙ سان جهنگل گونججي اٿيو. نديءَ جي ڪناري هاٿين جو وڏو ولر نظر آيو، جيڪو چانڊوڪي ۾ چرندڙ پرندڙ جابلو ٽڪرين وانگر لڳي رهيو هو. هاٿي سامهون وڻن طرف وڌي رهيا هئا.
“هاٿي....هاٿي” اسان جي ملازم دانهن ڪئي.
گڊ پنهنجي بندوق سنڀالي ۽ وڏيءَ بهادري سان اٿيو. هن جو خيال هو ته هاٿي کي مارڻ به ايڏو ئي آسان آهي جيڏو زراف کي مارڻ. مون گهٻرائجي گڊ جو هٿ وڃي پڪڙيو، “ خدا کي مڃ گڊ! انهن کي ٺپ نه ڇيڙ، هو جيڏهان به وڃن پيا، وڃن ڏين، تنهنجي بيوفوقيءَ سان جيڪڏهن واپس موٽيا ته پوءِ پنهنجو خير ناهي، هاٿي مارڻ ڪا ٻاراڻي راند ناهي”. مون زبردستيءَ گڊ کي ويهاري ڇڏيو.
“لڳي ائين ٿو ته هي” جهنگل شڪارين لاءِ ڄڻ جنت آهي”. هنري چيو “ منهنجو خيال آهي ته هڪ ٻه ڏينهن هت ئي ترسي پئون”. هنري جي ڳالهه ٻڌي مون کي تعجب لڳو. انياٽي ۾ جڏهن هن کي خبر پئي ته نيول نالي هڪ انگريز پنهنجا ڏاند وڪڻي اڳتي هليو ويو هو ته هن اسان کي ساهه کڻڻ به نٿي ڏنو. اسان جي ٿڪاوٽ جي خيال ڪرڻ کانسواءِ ئي اڳتي وڌندو ٿي رهيو ۽ هاڻ هتي ترسڻ جي صلاح پيو ڏيئي. گڊ ته خوشيءَ ۾ ڪپڙن ۾ ئي نه پئي ماپيو. هن کي هاٿين جي شڪار جو وڏو شوق هو. منهنجي به اها ئي خواهش هئي ته هتي هاٿين جو شڪار ڪجي. هاٿين جو هيڏو وڏو ولر منهنجي اکين آڏو گذري وڃي ۽ مان شڪار نه ڪريان، اهو ته پنهنجي عادت جي ئي خلاف هو.
“چڱو دوستو! منهنجو خيال آهي ته هاڻ ڪجهه آرام ڪجي” مون اٿندي چيو.“ڇو ته اسان کي صبح سوير اٿڻو آهي. ۽ مون کي پڪ آهي ته صبح تائين هاٿي ايترو پري تائين ڪونه پهچي سگهندا”.
اسين خيمي ۾ اچي وياسين، گڊ وڏي احتياط سان پنهنجي هڪ چشمي عينڪ ۽ مصنوعي ڏندن جي ٻٽهيءَ کي وڏي مهارت سان ڪوٽ ۾ رکي. ڪوٽ ويڙهي وهاڻي هيٺ رکي ڇڏيو. بوٽ کي دير تائين صاف ڪندو رهيو. هڪ دفعو وري به پنهنجي سڀني شين جو جائزو ورتائين ۽ پوءِ وڏي اطمينان سان پنهنجي بستري تي ليٽي پيو. ليڪن فورا ٽپ ڏئي اٿيو” هي،،، هي ،،، ڇا جو آواز آهي؟” ان پڇي ورتو. اسين غور سان ٻڌڻ لڳاسين. “ ڇپڙ،،،ڇپڙ جو آواز اچي رهيو هو. ٻئي لمحي هڪ خوفناڪ گرج اسان جي ڪنن جا پردا ٿي ڦاڙيا. اهو شينهن جو آواز هو. جيڪو ايترو ته ويجهو لڳي رهيو هو جو ڄڻ ته اسان جي خيمي جي در تي بيٺو هجي. اسان تڙتڪڙ ۾ پنهنجون بندوقون سنڀاليون ۽ خيمي کان ٻاهر نڪري آياسين. اسان کان ڪجهه ئي فاصلي تي ٻه پاڇا هڪٻئي سان چوٽون کائي رهيا هئا. اوچتو ٻئي پاڇا زمين تي پئجي اسان جي طرف رڙهڻ لڳا. اسان بندوقون اڀيون ڪيون. پاڇا وري اٿيا. هڪ خوفناڪ گرج کان جهنگل گونجي اٿيو. پکي پر ڦڙڪائي پنهنجن آکيرن مان اٿي فضا ۾ ڦيريون پائڻ لڳا. پاڇا وري پاڻ ۾ ڳنڍجي ويا. ۽ پوءِ ٺوڪر کائي زمين تي سانت ٿي ڪري پيا. اسان بندوقون لوڊ ڪري پاڇن جو پاڻ ڏانهن اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. پر ڪافي دير گذرڻ تائين به اهي نه اٿيا ته اسين ڊڄندا ڊڄندا وڏي احتياط سان پير پير ۾ ڏيندا انهن طرف وڌڻ لڳاسين. اتي پهچي ڇا ڏسون ته هڪڙو جهنگلي پاڏو ۽ ان جي نوڪدار سڱن وٽ هڪڙو شينهن پيو آهي. ۽ ٻئي مئا پيا آهن. فوراً ئي معاملو منهنجي سمجهه ۾ اچي ويو. پاڏو نديءَ ۾ پاڻي پي رهيو هو جو شينهن پويان اچي ان تي حملو ڪيو هو. جمپ هڻندي شينهن ڪجهه اڳتي اچي هن جي سڱن ۾ ڦاٿو هو. آزاديءَ جي ڪوشش ۾ شينهن چنباهڻي پاڏي جي پٺيءَ جا ٽڪرا اُڏايا هئا. تڪليف کان بيچين ٿي پاڏي پنهنجن سڱن ۾ ڦاٿل شينهن کي زمين سان رڳڙيو هو ۽ ٻئي مئا پيا هئا. اسان پنهنجن ڪافر ملازمن کي شينهن ۽ پاڏي جون کلون لاهڻ تي لڳائي خيمي ۾ اچي پنهنجن بسترن تي ڪرياسين ته صبح تائين گهري ننڊ ۾ ستل هئاسين.
پرهه ڦٽندي ئي جهنگلي پکين ۽ خونخوار جانورن جي گڏيل آواز سان جهنگل گونججي اٿيو ته منهنجي اک به کلي وئي، پر گڊ ۽ هنري اڃا تائين به کونگهرا هڻي رهيا هئا. مون خيمي جي دروازي مان جهاتي پائي ٻاهر ڏٺو، سج اڃان ڪونه اڀريو هو مگر هلڪو هلڪو سوجهرو پگهريل چانڊوڪيءَ وانگر چوطرف پکڙجي رهيو هو. نديءَ تي ڪجهه هرڻ وڏي اطمينان سان پاڻي پي رهيا هئا ۽ ائين پئي لڳو ته ڄڻ ته اهي زمين ۾ ڄمي ويا آهن. پکين جو هڪڙو ولر ڪنهن طرف کان اچي نديءَ مٿان اڏرندي گول گول چڪر ڪاٽڻ لڳو. هرڻن انهن پکيئڙن جي ڦڙڦراهٽ کان ڇرڪي چوطرف ڏٺو ۽ پوءِ ٽپڪيون ڏيندا هڪ طرف هليا ويا. ايتري ۾ هنري ۽ گڊ به اٿيا هٿ منهن ڌوئي ناشتو ڪيوسين. ٽي ايڪسپريس بندوقون، ڪارتوس ۽ هڪ ٿرماس ٿڌي چانهه سان ڀري، ( جيڪا شڪار وقت پاڻيءَ بدران وڏو ڪم ڏيندي آهي) سڀئي تياريون مڪمل ڪري امبوپا، کيوا ۽ وينٽا کي پاڻ سا گڏ کڻي، باقي ملازمن کي ضروري هدايتون ڏئي، اتان هاٿين جي تلاش ۾ نڪري پياسين. هاٿين کي ڳولهڻ ڪو ايترو ڏکيو ڪم به ڪونهي، اهو جانور جيڏهان به منهن ڪندو آهي ٻوٽن کي لتاڙيندو، وڻن کي ڪيرائيندو، جهنگ مان پنهنجي جاءِ ٺاهيندو ويندو آهي. انهن نشانن سهاري اسين به انهن جي پٺيان پياسين.
وينٽا جو اندازو هو ته جنهن ولر جي پٺيان اسين پيا هئاسين، هاٿين جي ان ولر ۾ ويهن کان ٽيهه هاٿي هوندا ۽ انهن ۾ ڪجهه وڏا جگادري هاٿي به آهن. صبح جي نائين وڳي ئي آفريڪا جي مشهور ۽ روايتي گرميءَ پنهنجا رنگ ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏياهئا. جئين جئين اسان اڳتي وڌي رهيا هئاسين. تئين تئين لتاڙيل ۽ ڪيرايل وڻن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو پئي ويو. ڪجهه دير هلڻ کانپوءِ ماڻهوءَ جي قد جيڏن وڻن ۾ وڃي پياسين، جيئن ئي انهن جي ٽارين کي هٽايوسين ته سامهون هاٿين جو چڱو موچارو ولر اسان کي نظر آيو. وينٽا جي اندازي مطابق ان ولر ۾ واقع به ٽيهن جي لڳ ڀڳ هاٿي هئا. جيڪي صبح جي ناشتي کان فارغ ٿي مزي مزي سان پنهجن ڪنن جي پنکن سان واءَ هڻي رهيا هئا. هوا جو رخ جانچڻ لاءِ مون ٿورو سڪل گاهه کڻي فضا ۾ اڇلائي ڇڏيو خدا جو شڪر آهي جو هوا جو رخ اسان طرف هئو. نه ته هوا جو رخ هاٿين طرف هجي ها ته اهي اسان جي بوءِ سنگهي دنيا جي آخري ڇيڙي تائين به اسان جو پيڇو نه ڇڏين ها. تنهنڪري اسان کي اطمينان ٿيو ته هاٿي اسان جي اچڻ کان بيخبر آهن. اسان کان ٿوري ئي فاصلي تي ٽي جگادري هاٿي پاڻ ۾ ائين مليو بيٺا هئا ڄڻ ته هڪٻئي سان ڪائي راز جي ڳالهه ڪندا هجن.
“هوڏانهن ڏس! وچ ۾ هو جيڪو ٿلهو ۽ وزني هاٿي بيٺو آهي، اهو منهنجو شڪار آهي” ، مون هنري کي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪندي چيو. هنري کاٻي پاسي وارو هاٿي پسند ڪيو ۽ گڊ جي حصي ۾ ساڄي پاسي وارو هاٿي آيو.
“هوشيار! مون چيو ۽ اسان ٽنهي جي بندوقن جون ناليون پنهنجي پنهنجي هاٿي طرف هيون. “ هاڻ نشانو ذرا ٺيڪ وٺجو، جيڪڏهن ڪنهن جو نشانو سهي نه لڳو ۽ خطا ٿي ويو ته پوءِ ڪٿي به پناهه ملي نه سگهنديو. بس ايترو سو ياد رکجو “.
“تون پرواهه ئي نه ڪر يار! منهنجو نشانو ڪڏهن به خطا نه ٿيندو آهي”. گڊ چيو
“اڇا، ته پوءِ تيار-هڪ ....ٻه ...ٽي”
هڪٻئي وقت ٽئي بندوقون گرجيون. سر هنري وارو هاٿي خوفناڪ چينگهاڙ سان وڏي ٽڪريءَ وانگر زمين تي وڇائجي ويو. مون وارو هاٿي پنهنجن اڳين پيرن تي ويهي رهيو. مون سمجهيو ته مري رهيو آهي. ليڪن ٻئي لمحي اهو اٿيو ۽ سڌو مون طرف لُوهه ڪيائين. ايڏي پهاڙ کي پاڻ طرف ڌوڪيندو ڏسي منهنجا ته حوصلا ئي خطا ٿي ويا. مان حيران هوس ته اڄ منهنجو نشانو خطا ڪئين ٿيو! هاٿي رڙهندو منهنجي ويجهو اچي پيو ۽ جيڪڏهن مان بل کائي پاڻ کي ٻئي طرف نه اڇليان ها ته هو منهنجي هڏين پاسرين کي سرمون ڪري ڇڏي ها. هاٿي پنهنجي تيزيءَ سان ٿورو اڳتي وڌيو ته “ڊز” مون ٻيو فائر وهائي ڪڍيو مانس، گولي سڌي هن جي پاسرين ۾ وڃي لڳي. هو سٽجي وڃي ڪريو ۽ اونڌو ٿي ٽنگون هوا ۾ هلائڻ لڳو.
مان اڳتي وڌيس ۽ منهنجي هڪ ٻي گولي هن جي کوپڙيءَ ۾ “ڊز” ٿي وئي جيڪا هن لاءِ موت جو پيغام ثابت ٿي. هاڻ مون کي ڳڻتيءَ اچي ورايو ته گڊ جي هاٿيءَ جو الائي ڇاٿيو، جنهن جون چينگهاڙون مون ٻڌيون ضرور هيون. مان اتي پهتس ته گڊ کي پريشانيءَ جي عالم ۾ ڏٺم. هن ٻڌايو ته هاٿي زخمي ٿي انڌاڌند اسان جي ڪيمپ ڏانهن ڀڳو آهي. ايتري ۾ ٻيا هاٿي خطري کي محسوس ڪندي مخالف سمت ڏانهن ڀڄندا پئي ويا. ان وقت اسان عجيب پريشانيءَ واري عالم ۾ بيٺا هئاسين، ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته زخمي هاٿيءَ جو پيڇو ڪريون يا ولر جي پٺيان لڳون. گڊ جو خيال هو ته زخمي هاٿيءَ جو پيڇو ڪرڻ گهرجي، پر مون چيو ته ايترن سارن هاٿين کي ڇڏي هڪڙي هاٿيءَ پويان وڃڻ بيوقوفي آهي. ڪافي سوچ ويچار کانپوءِ نيٺ سڀ منهنجي راءِ سان متفق ٿيا ۽ اسين ولر هاٿين جي ڳولا ۾ نڪري پياسين.
هڪ زخمي هاٿي جي ڳڻتي هئي، ٻيو سخت گرميءَ پريشان ڪري وڌو هو. پگهر ۾ پاڻي ٿي ويا هئاسين، پگهر جي ڪري ڪپڙا جسم سان چهٽي پيا هئا. چهرا ڌوڙ لڳا پيا هئا ۽ گلي ۾ اڃ ڄڻ ته ڪنڊا بڻجي چڀي رهي هئي. ٿورو ئي اڳتي وياسين جو ڀڳل هاٿين جي ولر تي اسان جي نظر پئي، اهي سڀ جا سڀ پنهنجون سونڍيون مٿي ڪري اسان جي بوءِ سنگهي رهيا هئا. اسان کان ڪوئي پنجاهه گز جي مفاصلي تي هڪ ٿلهو ٿنڀرو هاٿي پنهنجي سونڍ مٿي ڪيو بيٺو هو. اسين جتي هئاسين اتي ئي بيهي وياسين.
“هنري! هن فعي اسين ٽئي هن ئي هاٿيءَ کي نشانو بڻائينداسين”. مون چيو “ اگر اسين اڳتي وڌياسين ۽ هنن اسان کي ڏسي ورتو يا اسان جي بوءِ سنگهي ورتي ته سارو ولر اسان جي پويان پوندو. لڳي ٿو ته هيءَ هاٿي سڄي ولر جو سردار آهي”.تنهنڪري ٽنهي بندوقن جون ناليون هڪ ئي نشاني طرف سڌيون ٿيون. اسان ٽنهي وڏيءَ هوشياريءَ سان پنهنجو پنهنجو نشانو ورتو. ٽئي گوليون ان ئي هاٿيءَ طرف هليون. هاٿي موقعي تي ئي ڍير ٿي ويو. هاٿين جو پورو لشڪر پٺتي ڀڳو. ٿورو اڳيان هڪ وڏو مگر سڪل نالو هئو . پورو ولر ان نالي ۾ وڃي لٿو. اسين ڀڄي وڃي انهيءَ نالي جي ڪناري تي پهتاسين ۽ انڌاڌنڌ گوليون هلائڻ لڳاسين، پنج ٻيا به هاٿي ڍير ٿي ويا. هاٿين جون چينگهاڙون سڄي فضا ۾ گونجي رهيون هيون ۽ هوءِ نالي جي ٻئي طرف ڀڄي ڪناري تي چڙهي بيتحاشا ڀڄڻ لڳا. انهن جو پيڇو ڪرڻ جي هاڻ اسان ۾ طاقت نه رهي هئي ۽ هونئن به هڪ ئي ڏينهن ۾ اٺ هاٿي مارڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. اتي ئي گهاٽي وڻ جي ڇانوءَ ۾ ساهه کڻڻ ويهي رهياسين. کيوا ۽ وينٽا هاٿين جون دليون ڪڍڻ لڳا. ڪجهه دير ترسڻ بعد اسين واپس موٽي آياسين. ۽ پنهنجي ڪافر ملازمن کي هاٿين جا ڏند کڻڻ لاءِ موڪلي ڇڏيوسين.
جڏهن اسان ان جڳهه تي پهتاسين جتي گڊ هاٿيءَ کي زخمي ڪيو هو ته روجهن جو هڪڙو ولر ڊوڙندو اسان جي ويجهو ٿي گذريو ۽ جهنڊ ۾ اچي گاهه چرڻ لڳو. گڊ روجهن کي ڪڏهن به ويجهڙائيءَ کان نه ڏٺو هو، سو بندوق کڻي، کيوا کي ساڻ کڻي جهاڙين طرف روانو ٿي ويو. اسين هڪڙِ پٿر تي ويهي رهياسين.
ڳاڙهي گينڊي جهڙو سج وڻن پٺيان لهي رهيو هو. سونهري اُس مٽجي وڻن جي چوٽين تائين وڃي پهتي هئي. سڄو ڏينهن ساڙيندڙ هوا هن وقت ڪجهه ٺرڻ لڳي هئي. مان ۽ هنري ان نظاري جي تعريف ڪري رهيا هئاسين جو اوچتو هڪ هاٿي جي چنگهاڙ ٻڌڻ ۾ آئي، اسان ڇرڪي ڏٺو جهاڙين جي پويان هڪ هاٿي پنهنجي سونڍ کڻيو اسان طرف ڀڳو آيو، ٻئي گهڙيءَ اسان جون نگاهون گڊ ۽ کيوا تي وڃي پيون، جيڪي انهيءَ مست هاٿيءَ جي اڳيان اڳيان پوري قوت سان ڀڄي رهيا هئا ۽ هاٿي به اهو ئي هو جنهن کي گڊ گولي هڻي زخمي ڪيو هو. مان ۽ هنري ذهن ٺاهي ورتو پر گولي هلائڻ بيڪار هئي. ڇو ته گولي هاٿي تائين پهچي نٿي سگهي ۽ ڊپ اهو هو ته متان ڪٿي اها گولي گڊ يا کيوا کي نه لڳي وڃي، جيڪي اسان طرف ڀڄندا ٿي آيا، مان ۽ هنري مايوسي مان هڪٻئي جو منهن تڪيندا ئي رهجي وياسين. گڊ کي پنهنجي عادت مطابق پتلون پاتل هئي. انڌڌنڌ ڀڄڻ ۾ گڊ جو پير پتلون ۾ وچڙي پيو ۽ ٿاٻو کائي پنهنجو پاڻ کي سنڀاليندي سندس ٻيو پير سڪي گاهه ۾ وچڙي ويو. ۽ هو اسان کي ست گز کن فاصلي تي ڇتي ٿيل هاٿي جي اڳيان اونڌي منهن وڃي ڪريو. هنري خوف کان دانهن ڪري گڊ طرف ڀڳو، اسان کي يقين هو ته بس ٻن ٽن سيڪنڊن ۾ گڊ جون هڏيون پاسريون چورو ٿي وينديون. کيوا جيڪو گڊ جي اڳيان ڀڄي رهيو هو، پنهنجي آقا کي ڪرندو ڏٺائين ته پلٽو کائي پوريءَ قوت سان نيزو کڻي هاٿيءَ طرف اڇلايائين جيڪو ٻنهي اکين جي وچ کُپي ويس. هاٿي هڪڙي دانهن سان کيوا کي پنهنجي سونڍ سان ويڙهي کڻي پٽيو ۽ زمين تي سٽيندي پنهنجو ڀاري پير غريب کيوا تي رکي، سونڍ ان جي پيرن ۾ وچڙائي هڪ ئي جهٽڪي سان کيوا کي اتي جو اتي ٻه ٽڪر ڪري ڇڏيائين. اسان جي واتان دانهون نڪري ويون ۽ بدن کي ڏڪڻي وٺي وئي، گڊ جتي هو اتي ئي سڪتي ۾ اچي ويو. پنهنجن حواسن تي ڪنٽرول ڪندي، مون ۽ هنري فائرن جي هڻ وٺ لائي ڏني ۽ نتيجي ۾ کيوا جو قاتل هاٿي مقتول جي ٽڪرن وٽ بيجان ڪريو پيو هو. گڊ اٿيو ۽ ان وڏيءَ شفقت سان پنهنجي جان بچائيندڙ بهادر جي بي جان منهن ۽ مٿي تي هٿڙا ڦيرائڻ لڳو، اهڙا حادثه مان ڪئين ڀيرا ڏسي چڪو آهيان پر هن دفعي منهنجون اکيون به ڀرجي آيون. اسين ماڻهو هڪ سناٽي ۾ خاموش سرجهڪايو بيٺا هئاسين ۽ امبوپا مئل هاٿيءَ ۽ کيوا جي ٽڪرن وٽ ڪنڌ جهڪائي روئي رهيو هو. “ خدا تو کي جنت نصيب ڪري منهنجا دوست”، امبوپا چيو “ صاحب! کيوا مري ويو ليڪن هن بهادرن وانگر پنهنجي جان ڏني آهي”. ۽ پوءِ درد مان جهونگارڻ لڳو ته:

تنهن سورهيه کي شاباس، جو مٿي پڙ پرزا ٿيو.