خوني رقص
”انفادوس!” مون ويهندي ئي چيو” مان توکي ڪجهه چوڻ ٿو چاهيان”.
“چئو منهنجا آقا!”
“ خبر پئي ته هيءَ ٽواله ته وڏو ڪو ظلم شخص آهه”
”توهان بجا فرمايو سرڪار! ٽواله جهڙو ظلم شخص دنيا جي ڪابه عورت ڄڻي ئي نٿي سگهي. توهان اڄ رات ڏائڻن جو ناچ ڏسندئو جتي ڪيترن ئي ماڻهن کي “ باغي” ۽ “جادوگر “ هجڻ جا ڪوڙا الزام هڻي قتل ڪيو ويندو. ٽواله کي جيڪڏهن ڪنهن جي ڪا ملڪيت يا جائداد اک ۾ هوندي، يا ڪنهن جي زال پسند اچي ويس، يا ڪنهن مان ڪنهن بغاوت جو ٿورو به شڪ هوندس ته گگول يا ان جون شاگردياڻيون انهن کي اچي سنگهنديون ۽ ٽواله موقعي تي ئي انهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندو. اڄ رات به هزارين بيگناهه موت جي گهاٽ هليا ويندا، ممڪن آهي ته منهنجو وارو به اچي وڃي ۽ مان به بيگناهه ماريو وڃان ڇو ته مان پنهنجي سپاهين ۾ هردل عزيز آهيان. مان سوچيان ٿو ته انهن ظالمن جي ڪري هيءَ ڌرتي ڦاٽي ڇو نه ٿي پوي. چوندا آهن، ظلم قائم رهڻو آهي پر ظالم نه، پرهت ته يار ظلم ۽ ظالم ٻئي قائم آهن. هنن کي ڄڻ ته ڪاپرواهه ئي ناهي”.
”اگر ائين آهي انفادوس! ته توهان مڙئي مظلوم ملي ڪري انهيءَ ٽواله کي قتل ڇو نٿا ڪري ڇڏيو”
”ان مان ڪو فائدو ناهي منهنجا آقا! اگر ڪنهن بغاوت ۾ ٽواله ماريو به ويو ته ان کانپوءِ سندس پٽ سڪارگا تخت نشين ٿيندو. ٻڌوڪونه اٿئي ته ڏاچي هڻي ڏهه ته توڏي هڻي تيرهن وانگر سڪارگا حرامي ته پنهنجي پيءُ کان ٻه رتيون ڪسر ئي ظالم آهي. ها! باقي ايماٽو نه ماريو وڃي ها ته، يا ان جو پٽ اگنوسي زندهه هجي ها ته پوءِ ٻي ڳالهه هئي. ليڪن افسوس اهي ٻئي مارجي ويا”.
”اهو توکي ڪنهن ٻڌايو ته اگنوسي مري چڪو آهي”. ڪنهن منهنجي پٺيان چئي ڏنو. مڙي ڏٺم ته اهو امبوپا هو.
“تون ڪير ٿيندو آهي سچائيءَ کان انڪار ڪرڻ وارو ؟” انفادوس کي امبوپا جو وچ ۾ ورنديءَ ڏيڻ سٺو نه لڳو هو.
“جيڪڏهن توهان ٻڌڻ چاهيو ته مان توهان کي هڪ ڪهاڻي ٻڌايان” امبوپا چيو، “ڪيترائي سال ٿيندا جو ڪوڪوآنه جو بادشاهه ايماٽو ماريو ويو هو ۽ ان جي راڻي پنهنجي اڪيلي پٽ کي کڻي ڪنهن پاسي هلي وئي هئي”.
“ها، بلڪل سهي آ”.
”۽ چوندا آهن ته ايماٽو جي بيوهه ۽ اگنوسي انهن برف پوش پهاڙن ۾ وڃي مري ويا”.
“ها، اهو به سچ آهي”
“ ليڪن ائين ناهي منهنجا بزرگ! اگنوسي ۽ ان جي امڙ مري ڪونه ويا هئا.
انهن برف پوش پهاڙن کي پار ڪري ورتو هو ۽ اهي ٻئي ماءُ پٽ برپٽ بيابان ۾ ڀٽڪي رهيا هئا جو انهن کي هڪڙو خانه بدوشن جو قافلو ملي ويو، ٻئي انهيءَ قافلي ۾ شامل ٿي ويا ۽ انهن سان بيابان جي ٻئي طرف اچي نڪتا هئا”.
“اهي هوائي ڳالهيون توکي ڪنهن ٻڌايون آهن؟”
“ ٻڌو ته سهي! ٻئي ماءُ پٽ پوءِ ڀٽڪندا ڀٽڪندا ان جڳهه تي اچي پهتا جتي آمازولو قبيلو آباد آهي ۽ هي قبيلو به ڪوڪوآنه جي قبيلي جي هڪڙي شاخ آهي. انهن هنن ٻنهيءَ ماءُ پٽن تي هٿن جون ڇانئون ڪري ڇڏيون ۽ پوءِ اهي ٻئي اتي ئي رهڻ لڳا. ڪجهه وقت کانپوءِ اگنوسي جي امڙ گذاري وئي ۽ اگنوسي پوءِ آواره گردي ڪرڻ لڳو ۽ هلندو گهمندو اچي سفيد چمڙي وارن ماڻهن جي ملڪ پهتو. جتي رهي ان سفيد چمڙيءَ وارن ماڻهن جا قائدا، قانون ۽ انهن جي تهذيب سکي”.
”واهه! ڏاڍي مزيدار ڳالهه ٻڌايئي”. انفادوس جي منهن تي خوشيءَ جي مرڪ ترڻ لڳي. “ وڏي عرصي تائين اگنوسي سفيد ماڻهن سان رهيو. ليڪن پنهنجي ماءُ جي ٻڌايل ڳالهين کي هڪ پل لاءِ به نه وساريائين. پنهنجي اباڻي گهر کي ڏسڻ جي شديد آرزو هن جي دل ۾ هر وقت ڪرموڙيندي رهي. ليڪن وطن پهچڻ جي ڪا صورت ئي نظر نٿي آيس. نيٺ وڏي عرصي کانپوءِ هن جي اها آس پوري ٿيڻ جو وقت به اچي ويو. ان جي ملاقات چند سفيد انسانن سان ٿي، جيڪي انهيءَ اڻڄاڻ ملڪ ڏي سفر ڪرڻ جو ارادو ڪري چڪا هئا. اگنوسي انهن ماڻهن سان وڃي گڏيو، اهي هڪڙي سفيد چمڙي واري ماڻهوءَ جي ڳولا ڪندا ڪندا، ساڙيندڙ صحرا پار ڪندا، برف پوش پهاڙن کي لتاڙيندا اچي ڪوڪوآنه پهتا. جتي هنن جي ملاقات توهان سان ٿي”.
”مون سان؟. اهو ڇا پيو چوين؟ ڪٿي چريو ته ڪونه ٿي پيو آهين؟” انفادوس حيرت مان چيو.
“توهان مون کي پاڳل ٿا سمجهو؟ ته ان جو ثبوت مان توهان کي هاڻي جو هاڻي، اتي ئي ٿو ڏيان. منهنجا عزيز چاچا! مان ئي اهو بدنصيب اگنوسي آهيان، ڪوڪوآنه جي تخت ۽ تاج جو حقيقي وارث” ۽ امبوپا هڪ جهٽڪي سان پنهنجي چيلهه جي چوڌاري ڪپڙو هٽائي پري ڪري ڇڏيو.
“هي ڇا آهي؟ سڃاڻو ٿا هن نشان کي ؟” امبوپا پنهنجي چيلهه طرف اشارو ڪيو جتي هڪ نانگ جي تصوير اڪريل هئي. تصوير ائين هئي جو هڪڙو نانگ امبوپا جي چيلهه جي چوڌاري وڪڙ هڻيو ويٺو هو ۽ ان جي پڇڙي امبوپا جي ناف وٽ پنهنجي ئي وات ۾ پيل هئي.
انفادوس حيرت مان امبوپا طرف ڏٺو. ڪجهه دير سڪتي جي عالم ۾ رهيو ۽ پوءِ امبوپا جي سامهون سجدي ۾ هيلو ويو.
”ڪوم،،ڪوم” هن سلام ڪيو. منهنجا ٻچڙا، منهنجي مقتول ڀاءُ جي نشاني! تون ئي ته ڪوڪوآنه جو حقيقي تاجدار آهين”.
“اٿو چاچا! مان هن وقت بادشاهه ناهيان. ليڪن خدا چاهيو ته توهان ۽ هنن دوستن جي مدد سان جلد ئي مان ڪوڪوآنه جو بادشاهه بنجي ويندس. ليڪن گگول به سچ چيو هو ته هن ملڪ ۾ رت جون نديون وهنديون ۽ ان رت ۾ گگول جو پنهنجو رت به شامل هوندو، جيڪڏهن ان جي جسم ۾ ڪو رت آهي ته ، گگول جي چُرت تي ٽواله منهنجي پيءُ کي قتل ڪيو هو ۽ اها ئي ڏائڻ هئي جنهن منهنجي ماءُ کي تڙپي تڙپي مرڻ لاءِ برف پوش پهاڙن طرف ڌڪي ڪڍيو هو. مان ان کان بدلو ضرور وٺندس ڇو جو:
“شهيد جو رت چوي ٿو قاتل! ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو”.
۽،
منهنجي سيني ۾ انتقام جي باهه جا ڀڀڙ ڀڙڪي رهيا آهن، جيڪي ٽواله ۽ گگول جي خون سان ئي وسامندا.
انفادوس! ڇا تون منهنجي هٿ تي هٿ رکي قسم کڻين ٿو ته هر مشڪل ۾، ۽ ٽواله جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ منهنجو ساٿ ڏيندين؟ يا تون ٽواله جو طرفدار ٿيندين؟ مان تنهنجو فيصلو هاڻي جو هاڻي ٻڌڻ ٿو چاهيان”.
انفادوس ڳچ دير سوچيندو رهيو، پوءِ ان امبوپا ( هاڻ اسان هن کي اگنوسي چونداسين) جو هٿ پنهنجو هٿ ۾ ورتو.
“اگنوسي منهنجا ٻچا! مان مرندي دم تائين تنهنجو ساٿ ڏيندس، هنن هٿن، جڏهن تون ننڍڙو ٻچڙو هئين، تڏهن توکي کيڏايو، کارايو، پياريو، پاليو، نپايو هو. هاڻي هيءَ ئي هٿ توکي پنهنجو جائز حق وٺي ڏيندا.”
“انفادوس! اگر منهنجي فتح ٿي ته ڪوڪوآنه ۾ مون کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ عزت تنهنجي هوندي، اگر مون کي ناڪامي پلئه پئي ته پوءِ ٻئي گڏ ماريا وينداسين”.
“۽ توهان سفيد انسانو! “ اگنوسي اسان سان مخاطب ٿيو “ ڇا توهان به منهنجو ساٿ ڏيندو؟ ۽ ا ن جو صلو مون کان ڇا وٺندئو؟ چمڪندڙ پٿر؟ اگر مون کي ڪاميابي نصيب ٿي ته مان توهان سان واعدو ٿو ڪريان ته جيڪي به پٿر توهان کي کپن سي توهان کڻي وڃي سگهو ٿا”.
مون اگنوسيءَ جي ڳالهين جو هنري ۽ گڊ کي ترجمو ڪري ٻڌايو.
“هن کي چئو” هنري چيو “ تو اسان کي غلط سمجهيو آهي، اگر دولت ملي به وئي ته خير وٺڻ کان انڪار اسان به ڪونه ڪنداسين پر ڪوبه ماڻهو فقط دولت لاءِ پنهنجي جان جوکي ۾ نه وجهندو آهي، سرن جا سودا مقصدن لاءِ ٿيندا آهن، پر مان صرف پنهنجي طرفان ٿو چوان ته مان شروع کان ئي امبوپا کي پسند ڪندو رهيو آهيان، جنهن اڄ تائين هر تڪليف ۽ مصيبت ۾ اسانجو ساٿ پئي ڏنو آهي. تنهنڪري مان هن جو ڀرپور ساٿ ڏيندس ۽ سچ پڇو ته منهنجي سڀ کان وڏي خواهش به اهائي آهي ته ٽواله جهڙي ظالم جو خاتمو ڪيو وڃي.
ڪوارٽرمين! تون ۽ گڊ ڇا ٿا چئو؟”
“ مان امبوپا سان گڏ آهيان” گڊ ڇا تيءَ تي هٿ هڻندي چيو” اها خودغرضي ٿيندي جو اسين پنهنجي ساٿيءَ کي ڏکئي وقت ۾ ڪم نه اچي سگهون. ليڪن يار هن کي چئو ته هاڻ مون کي پنهنجي پتلون پائڻ جي ته اجازت ڏئي”.
مون هنري ۽ گڊ جي فيصلي کان اگنوسيءَ کي آگاهه ڪيو.
“مان اوهان ماڻهن جو اهو احسان زندگيءَ ڀر نه وساريندس پر ميڪو ميزن! تنهنجو ڇا ارادو آهي؟ هو مون سان مخاطب ٿيو.
“امبوپا! منهنجو مطلب آهي ته اگنوسي! مون کي انقلاب ۽ رتوڇاڻ پسند نه هوندا آهن ۽ هونئن مان ٿورو بزدل به آهيان ( اهو ٻڌي اگنوسيءَ مسڪرايو) ليڪن مان پنهنجن دوستن سان گڏ آهيان. تو اسان کي هر مصيبت ۾ ساٿ ڏنو آهي ۽ هاڻ، منهنجو وارو آهي. هاڻ تون منهنجي وفا ڏسجانءَ اسان ته اهي ماڻهو آهيون جن جو هر وقت سنگت سان سرُ لڳي. سنگت ۾ مرڪي مرڻ ته ڪو اسان کان سکي. پر مان هڪڙو واپاري به آهيان ۽ منافعي جي حوالي سان اڳ ۾ ئي سوچيندو آهيان. تنهنڪري تو کان ان ڳالهه جو هاڻي ئي واعدو ٿو وٺان ته جيڪڏهن تون ڪامياب ٿي بادشاهه بڻجي وئين ته تون اسان جي مدد جي صلي ۾ اسان کي سليماني خزاني تائين رسائيندين ۽ ان ڳالهه جي اجازت به ڏيندين ته سليماني خزاني مان جيترا به هيرا جواهر اسان کي کپندا اهي کڻڻ ڏيندين ۽ ٻي ڳالهه ته توکي خبر آهي ته اسان هنري جي ڀاءُ جي ڳولا ۾ آيا آهيون ۽ تون ان جي ڳولا ۾ اسان جي ڀرپور مدد به ڪندين”.
“ اهو واعدو آهه ميڪوميزن!” اگنوسي چيو “ باقي ٿورڙو ترس ته هنري جي ڀاءُ جي باري ۾ هاڻي جو هاڻي ئي ٿا معلوم ڪري وٺون. انفادوس! توکي منهنجي چيلهه جي چوڌاري ويڙهيل نانگ جو قسم آهي ته سچ ٻڌائجانءَ ته ڪو سفيد چمڙيءَ وارو ماڻهو اسان کان اڳي به ڪوڪوآنه ۾ آيو هو ڇا؟”
“نه اگنوسي”
“ڀلا تو ڪنهن جي واتان ڪنهن سفيد چمڙيءَ واري ماڻهو جي باري۾ ڪڏهن ڪو ذڪر، ڪا ڳالهه ٻڌي، جيڪو هن ملڪ ۾ آيو هجي؟”.
“اگر اهڙي ڳالهه هجي ها ته اگنوسي! منهنجي علم ۾ ضرور اچي ها”.
“ميڪوميزن! ٻڌئي “ اگنوسي چيو.
هنري هڪ ٿڌو ساهه کڻيو ۽ نااميدي مان چوڻ لڳو “ منهنجو خيال آهي ته هو هيستائين پهچي ئي نه سگهيو هوندو. ته معنيٰ هن وقت تائين جي اسان جي ڀڄ ڊڪ ئي اجائي وئي... پر خير، جيڪا خدا جي مريضي”.
“پريشان نه ٿيءَ دوست! رک مولا تي، رب وڏو مهربان ۽ ٻاجهارو آهي.” ۽ پوءِ مون رنجيده سلسلي جي ڳالهين کي ختم ڪرڻ لاءِ موضوع مٽايو ۽ اگنوسيءَ سان مخاطب ٿي پڇيو “ موروثي سلسلي ۾ پيءُ جي مرڻ بعد بادشاهه سڏائڻ ته سولو آهي پر ايڏي مدت کان وٺي جڏهن ٽواله پنهنجو سڪو ڄمايو ويٺو آهي، ته پوءِ تون ڪئين بادشاهه بڻجي سگهندين؟ ڪا تدبير آهي تنهنجي دماغ ۾؟”.
”نه ميڪو ميزن!” اگنوسيءَ چيو “ انفادوس! تنهنجي دماغ ۾ ڪا اهڙي تدبير اچي ٿي؟”.
“اگنوسي! اڄ رات ڏانئڻن جو رقص ٿيندو. هزارين ماڻهو گگول ۽ انجي شاگردياڻين جي اشاري تي قتل ڪيا ويندا. ان خوني کيل کان ظاهر آهي ته خدا جي خلق خفا ٿيندي. انهن جون دليون ٽواله جي ظلم خلاف غيض ۽ غضب سان ڀرجي وينديون. ان وقت مان ڪوڪوآنه جي برسر اقتدار هستين سان ڳالهه ٻولهه ڪندس ۽ انهن کي اهو ٻڌائڻ لاءِ ته حقيقي بادشاهه تون ئي آهين. مان انهن کي هتي وٺي ايندس. مون کي يقين آهي ته سڀاڻ سج لٿي کان اڳ ئي اڍائي هزار نيزا توهان جي دشمن جو سينو چيرڻ لاءِ بيچين هوندا. هاڻ مون کي اجازت ڏيو. رات ڏانئڻن جي ناچ کانپوءِ مان ۽ گڏوگڏ توهان به جيڪڏهن زندهه رهياسين ته مان توهان سان هتي ئي ملندس”.
ان وقت ٻاهران اچي ڪنهن ٻڌايو ته بادشاهه جا سفير ملڻ آيا آهن. جن کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني سين، ته ٻه ٽي ڄڻا جنگي ڪهاڙا ۽ سنهڙين زنجيرن سان جڙيل زرهون کڻي اچي حاضر ٿيا.
“هي تحفا اسان جي بادشاهه ستارن کان پهتل مقدس مهمانن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليا آهن.” هڪ شخص ڪهاڙا ۽ زرهون اسان جي خدمت ۾ پيش ڪيون.
“اسان طرفان بادشاهه سلامت جو شڪريو ادا ڪجو” مون تحفا قبول ڪندي چيو. سفيرن کي موڪل ڏئي اسان رزهن جو معائنو ڪرڻ شروع ڪيو. انهن تي زنجيرن جو اهڙو ته خوبصورت ۽ باريڪ ڪم ٿيل هو. جهڙو اڄ تائين اسان جي نظرن مان نه گذريو هو. اهي اهڙيون ته ملائم هيون جو جيڪڏهن انهن مان ڪنهن هڪڙي رزهه کي به زمين تي ڍير ڪري رکجي ته ڪوبه ماڻهو ان کي ٻنهي هٿن جي ٻڪ ۾ لڪائي سگهي ٿو.
“انفادوس! هي رزهون توهان جي ملڪ جون ٺهيل آهن.” مون پڇيو.
“نه منهنجا سائين! اهي اسان جا وڏڙا خبر ناهي ڪٿان کڻي آيا هئا. جيڪي باقي وڃي ڪجهه بچيون آهن. جن کي شاهي خاندان کانسواءِ ڪير به استعمال نٿو ڪري سگهي. هي هڪڙا جادوئي ڪوٽ آهن. جن کي جسم تي پهريو وڃي ته هنن جي هوندي ڪو به هٿيار جسم تي اثرانداز نٿو ٿي سگهي. لڳي ٿو ته ٽواله توهان کان يا ته تمام خوش آهي يا ته صفا ڊڄي ويو آهي. تڏهن ته اهڙا قيمتي ڪوٽ توهان جي خدمت ۾ پيش ڪيا اٿس”. اهو سڄو ڏينهن اسان گنوسيءَ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي گذاريو. ۽ جڏهن سج پنهنجون اکيون ٻوٽيون ته ميدان هزارين شمعن ۽ مشعلن سان جرڪي اٿيو ۽ اسان بيشمار ڀاري قدمن جو آواز ٻڌو. جيڪو انهن سپاهين جي قدمن جو آواز هو. جيڪي ڏائڻين جي خوني رقص ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ميدان ڏانهن وڌي رهيا هئا. جڏهن چنڊ چڙهيو ته انفادوس پوريءَ طرح مسلح ٿي ويهارو سپاهين جي جٿي سان ميدان ڏانهن هلڻ لاءِ تيار ٿي آيو. جنهن جي مشوري تي اسان پنهنجين قميسن جي هيٺان رزهون پهري ڇڏيون. مون ۽ گڊ کي ته پنهنجي پنهنجي رزهه ويڪري پئي لڳي پر هنريءَ جي جسم تي مڪمل فٽ اچي وئي. پستول ڪارتوسن سان ڀري اسان پنهنجين چيلهين سان قميسن اندران لٽڪائي ڇڏيا ۽ ٽواله جا پيش ڪيل ڪهاڙا هٿن ۾ کڻي انفادوس سان گڏ هلڻ لڳاسين.
اسان ان ئي ميدان تي پهتاسين، جتي صبح جو ٽوله سان ملاقات ٿي هئي. سڄو ميدان ماڻهن سان کچاکچ ڀريل هو. سپاهين جي هر ڏهه هزار دستي جي وچان اچ وڃ لاءِ رستو ڇڏيل هو. ايڏي خلق جي هوندي به ميدان ۾ مڪمل سناٽو ڇانيل هو. جيستائين به نگاهن جا پوپٽ اڏاڻا پئي. ان حد تائين چانڊوڪيءَ ۾ جهڙو نيزن جي چمڪندڙ نوڪن جو جهنگل هجي.
“انفادوس! ڇا هن وقت ڪوڪوآنه جو سمورو فوجي لشڪر هت اچي جمع ٿيو آهي؟”. پڇيو مانس.
“نه منهنجا سائين! اها ته سڄي لشڪر جي چوٿائي به ڪانهي. ايندڙ سال وري ٻي چوٿائي حصو هتي گهرايو ويندو. اهو ان ڪري ته جيئن خوني کيل جي ڪري ڪو ممڻ نه مچي پوي”.
“اهي سڀئي ماڻهو ڀلا چُپُ چاپ ڇو آهن؟” گڊ پڇيو.
“ڇا ٿو پڇي واڳون؟” مون ترجمون ڪري ٻڌايس.
“جن ماڻهن مٿان موت جو سايو لامارا ڏيندو هجي، اهي ويچارا ته خاموش ئي هوندا نه” انفادوس جواب ڏنو.
“ڇا تمام گهڻا ماڻهو قتل ڪيا ويندا؟”.
“تمام گهڻا... وڏي پئماني تي، اصل بيشمار”.
“ائين پيو لڳي ته “هنري چيو” اسين ماڻهو ڄڻ ته روم جي ڪنهن ٿيٽر ۾ شريڪ آهيون”.
“ڪاش! پاڻ هتي نه اچون ها”. گڊ جي واتان نڪتو.
“انفادوس!” مون پڇيو “ ڇا اسان جون زندگيون به خطري ۾ آهن؟”
“ ڪا خبر ناهي منهنجا سائين! مون کي ڳڻتي آهي ته پاڻ به محفوظ ناهيون. اگر اڄوڪي رات خير خوبيءَ سان گذاري وئي ته سڀاڻ پاڻ سان وڏو لشڪر گڏ هوندو”.
ڳالهيون ڪندا ڪندا وڃي ٽواله جي محل نما جهوپڙي جي در تي پهتاسين، جتان ڪجهه ماڻهو ٻاهر نڪتا.
“ منهنجا سائين! اهي ٽواله، سڪارگا ۽ گگول آهن ۽ انهن جي پٺيان جلاد اچي رهيا آهن”. انفادوس انهن ڊزن کن ماڻهن جي جٿي طرف اشارو ڪندي ٻڌايو. جلادن جا قد غير معمولي طور ڊگها هئا جن جي هڪ هٿ ۾ نيزا ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪهاڙا هئا. ٽواله وچ ۾ ٽپائي تي ويهي رهيو. گگول ان جي قدمن ۾ وڃي ويٺي ۽ جلاد ڪنڌ جهڪائي ٽواله جي پٺيان بيهي رهيا.
“ خوش آمديد سفيد انسانو”. ٽواله اسان سان مخاطب ٿيو.” ويهي رهو جو رات ننڍي ۽ ڪم وڌيڪ آهن. ان لاءِ اسان کي پنهنجو وقت اجايو نه وڃائڻ گهرجي. توهان وڏا خوش نصيب آهيو جو توهان اڄ ڏائڻين جو رقص ڏندئو. ڏسو! هُن پاسيءَ ڏسو!” هن پنهنجي هڪ ئي اک سان سپاهين طرف اشارو ڪيو. “ توهان ستارن جي دنيا ۾ اهڙو نظارو ڪڏهن به نه ڏٺو هوندو. ڏسو! هر اهو شخص جنهن جي به من ۾ مير آهي، ڪيئن نه بريءَ طرح ڪنبي رهيو آهي”.
“شروع ڪريو. شروع ڪريو” گگول پنهنجي تيز ۽ انتهائي بيسري آواز ۾ چوڻ شروع ڪيو.” جلدي ڪيو گدڙ بک کان اوناڙ ڪري رهيا آهن. شروع ٿيو”.
چوطرف گهري خاموشي ڇانئجي وئي. اهڙي خاموشي جيڪا وڏي ڪنهن طوفان جو پيش خيمو هوندي آهي. ٽواله پنهنجو نيزو بلند ڪيو ته ان سان گڏ ويهه هزار نيزا به اڀا ٿي ويا. ۽ ائين معلوم ٿي رهيو هو ته اهي ويهه ئي هزار ئي ڄڻ ته هڪ جان هجن. پوءِ زمين تي دڙها لڳا اهو عمل ٽي دفعا ورجايو ويو. پوءِ ڪٿان دور کان ڪنهن اڪيلي آواز ترانو ڳائڻ شروع ڪيو. جنهن جا ٻول ڪجهه هئين هئا ته:
“دنيا ۾ قدم رکڻ واري انسان جو انجام ڪهڙو آهي؟”۽ ويهه ئي هزار سپاهين مان آواز آيو “موت”.
آهستي آهستي ڪيترائي ئي آواز تراني ۾ شامل ٿيندا ويا، ۽ سڀ سپاهي ڪورس جي انداز ۾ گيت ڳائڻ لڳا. هاڻ منهنجي لاءِ گيت جا ٻول سمجهڻ مشڪل هو. بس مڙئي اندازو لڳايم ته اهو ڪو جنگي ترانو هئو. ڀلا عشق محبت جو گيت ۽ ههڙي ڌُنَ اهو ٿي سگهي ٿو؟ پڪ ئي پڪ اهو ڪو جنگي ترانو هو جنهن جا پڙاڏا چوطرف گونجي رهيا هئا.
هڪ دفعو وري خاموشي ڇانئجي وئي.
ٽواله پنهنجو نيزو بلند ڪيو ته ڪيترن ئي قدمن جو گڏيل آواز اچڻ لڳو ۽ لشڪر جي وچان عجيب غريب ۽ هيبتناڪ پاڇا بيتحاشا ڊوڙندا اسان طرف اچڻ لڳا. جڏهن اهي ويجها پهتا ته ڏٺو سون ته اهي ڪراڙيون رنون هيون جن جا سفيد وار پٺيان مڇي جي پرن جهڙا ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا جيڪي انهن جي ڪلهن وٽ ڦڙڪي رهيا هئا. انهن جي چهرن تي سفيد ۽ زرد رنگن جون لڪيرون نڪتل هيون، چيلهين جي چوڌاري انساني هڏين جون مالهائون لڙڪي رهيون هئن ۽ پٺيءَ تي چوٽي نانگ جي ڦڻ وانگر جهولي رهي هئن، جيڪي پنهنجي هٿن ۾ ننڍڙا ترشول کڻي آيون هيون. اهي ڪراڙيون ڏهه ڄڻيون هيون جيڪي اسان جي سامهون اچي بيهي رهيون. انهن مان هڪ جيڪا سڀني جي اڳيان بيٺل هئي. تنهن پنهنجو ترشول گگول طرف وڌائيندي چيو ته “ مقدس ماءُ! اسين حاضر آهيون”.
“ڏاڍو سٺو” گگول چيو “ ڇا توهان جون اکيون ايڏيون تيز آهن جو توهان انڌيري ۾ به ڏسي سگهو؟”.
“او مقدس ماءُ! اسان جون اکيون ايڏيون ئي تيز آهن”.
“توهان جي سنگهڻ جي قوت بيدار آهي؟ ڇا توهان اهڙو رت سنگهي ۽ سڃاڻي سگهو ٿيون جنهن ۾ شيطاني قوت ملي وئي هجي، جيڪا بادشاهه جي خلاف سازش جا ڄار وڇائيندي هجي، توهان ديوتائين جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ تيار آهيو؟ جو توهان منهنجي علم جو کاڌو، کاڌ و آهي ۽ منهنجي جادوءَ جو پاڻي پيتو آهي؟”.
“اسين تيار آهيون مقدس ماءُ”
“ته پوءِ دير نه ڪريو هنن جلادن جا نيزا ۽ هي سفيد انسان تماشو ڏسڻ لاءِ بيچين آهن”. وحشي دانهن سان اهي بدصورت ڪراڙيون وٺي ڀڳيون سندن چيلهه جي چوڌاري ٻڌل انساني هڏين جيان مالهائن جي بي سري کڙ کڙ کان اسان جون دليون لرزي اٿيون. اسان جون نگاهون هنن ۾ هيون، هو سڌيون لشڪر ۾ هليون ويون. فوجين جي هڪ دستي وٽ پهچي اهي ڄمي بيهي رهيون. ۽ پوءِ لاٽون وانگر تيزيءَ سان گول ڦرڻ لڳيون اسان جون اکيون حيرت کان ڦاٽي ويون. پوءِ انهن رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ته “ اسان سنگهي ورتو. اسان سنگهي ورتو، اهو ويجهو بيٺو آهي. جنهن پنهنجي ماءُ کي زهر ڏنو هو ۽ بادشاهه سان نفرت ٿو ڪري”. پوءِ وري تيزيءَ سان نچڻ لڳيون. ايستائين جو انهن جي وات مان گڦ وهڻ لڳي، انهن جون اکيون وحشيانه طور ٻاهر نڪري آيون. انهن جو انگ انگ ٿڙڪڻ لڳو ۽ پوءِ هڪ جهٽڪي سان ڪنهن بت وانگر بيحس وَ حرڪت ڄمي بيهي رهيون، ۽ پنهنجو نڪ مٿي ڪري شڪاري ڪتن وانگر فضا کي سنگهڻ لڳيون. انهن هڪ دستي جي سامهون هلڻ شروع ڪيو. ماڻهن ڊڄي کين رستو ڏنو ۽ اسان جون ڊپ ۾ ورتل نگاهون انهن جو پيڇو ڪنديون رهيون. انهن جي اڳواڻ گهڙيءُ لاءِ بيٺي ۽ پنهنجو ترشول اڀو ڪري اڳتي وڌي. ٻه ٽي قدم ٻيا به وڌي ۽ هتي اچي ڀيانڪ رقص جي پڄاڻي ان صورت ۾ ٿي جو ان ڏائڻ هڪڙي چيخ سان گڏ ئي ڇلانگ لڳائي وڃي سامهون بيٺل هڪڙي سپاهيءَ کي پنهنجي ترشول سان ڇهيو سپاهيءَ جي ويجهو بيٺل ٻئي ساٿي انهيءَ کي پڪڙي اسان طرف گهليندا آيا. اهو سپاهي وات سان ڪڇيو پڇيو ته ڪونه پر اسان ڏٺو ته پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرائڻ جي سرٽوڙ ڪوشش ڪري رهيو هو. ان جي هٿن جون آڱريون جن مان نيزو ڇڏائي ويو هوس، مردي جيان ڀڪوڙجي ويون هئس.
اسان جي پٺيان ٻه جلاد ان جو استقبال ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيا. ۽ انهن سپاهين جيڪي ان مجرم کي گهلي آيا هئا، جلادن حوالي ڪري واپس دستي ڏانهن موٽ کاڌي.
“ان کي قتل ڪري ڇڏيو” ٽواله حڪم ڪيو.
“ان کي قتل ڪري ڇڏيو” گگول دانهن ڪئي.
“ان کي قتل ڪري ڇڏيو” سڪارگا پنهنجي مڪروهه آواز ۾ چيو.
اڃان انهن ٽنهي جا آواز پوريءَ طرح ادا به نه ٿيا هئا جو هيءَ ظالمانه فعل پنهنجو انجام به پائي چڪو هو. هڪ جلاد پنهنجو نيزو سپاهيءَ جي سيني ۾ ٽنبي ڪڍيو. سپاهي هڪ آهه سان گڏ زمين تي ڪري ڦٿڪڻ لڳو، جو ٻئي جلاد پنهنجو ڀاري گرز بلند ڪيو ۽ پوريءَ قوت سان ڦٿڪندڙ سپاهيءَ جي مٿي تي وهائي ڪڍيو “ کڙاڪ” جو آواز آيو ۽ کوپڙي ٽٽي ٽڪرا ٿي وئي ۽ ميڄالو زمين تي وکري ويو. مان وڏي مشڪل سان پنهنجي چيخ کي دٻائي سگهيس، گڊ اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ هنري بيچينيءَ مان پاسا بدلائڻ لڳو.
“اهو ٿيو هڪ” ظالم ٽواله چيو.
لاش کي گهلي پٺيان کلئي ميدان ۾ اڇلايو ويو.
فوراً هڪ ٻئي شخص کي ڪهڻ لاءِ آندو ويو. هي شخص چيتي جي کل پاتل هو، جنهن مان خبر پئي ته هيءَ صاحب جائداد هو. پوءِ ڪجهه سمجهه ۾ نه ايندڙ لفظ چئي ان کي سير وجهي ذبح ڪري ڇڏيائون. جيڪو اسان جي سامهون مئو پيوهو.
“اهي ٿيا ٻه” ٽواله ڳڻڻ لڳو.
“اهي ٿيا ٻه” گگول ڊڪي.
“اهي ٿيا ٻه” سڪارگا به بڪواز ڪئي.
اهڙي طرح هي خوني کيل جاري رهيو ۽ اسان جي پٺيان سئو سپاهين جا رت سان لت پت لاش هڪڙي قطار ۾ رکيا هئا. مون روم جي رومز ٿيٽر جي حوالي سان ٻڌو هو ته اهي سپاهين کي شينهن جي اڳيان اڇلائيندا هئا يا سپاهين کي عجيب غريب هٿيار ڏئي هڪٻئي سان ويڙهائيندا هئا. ليڪن ٽواله جو ايجاد ڪيل هيءَ کيل انتهائي ڀيانڪ ۽ المناڪ هو.
اسان جي قوت برداشت جواب ڏيڻ لڳي ۽ اسين اٿي بيهي رهياسين. ليڪن زوريءَ پڪڙي ويهاريو ويو. رات جو ڏهين وڳي ڏائڻيون ناچ بند ڪري هڪ طرف جمع ٿيڻ شروع ٿيون ۽ اسان سمجهيو ته بس کيل ختم ٿي ويو. پر ائين نه هو. اسان حيرت مان ڏٺو ته گگول پنهنجي جڳهه تان اٿي ۽ بانبڙا پائيندي ميدان ڏانهن وئي.
گگول ناچ شروع ڪيو ۽ عجيب آواز ۾ دانهون ڪندي گول ڦرڻ لڳي ۽ پوءِ اڇل کائي هڪ ديو قامت شخص تي وڃي ترشول رکيائين. جنهن دستي ۾ اهو شخص بيٺو هو، ان مان ماکيءَ جي ماناري وانگر ڀون ڀون شروع ٿي وئي. ان کي به گهلي بادشاهه سامهون آندو ويو ۽ اهو به قتل ڪيو ويو. پوءِ خبر پئي ته اهو ٽواله جو ڀاڻيجو هو ۽ وڏي جائداد جو مالڪ هجڻ سان گڏ ٽواله جي ان جي زال تي به نظر هئي.
“اهي ٿيا هڪ سئو ٽي” ٽواله ڳڻيندو رهيو ۽ گگول نچندي اسان طرف وڌڻ لڳي.
“خدا جو قسم، اها ڏائڻ هاڻ توهان تي به پنهنجو خوني کيل آزمائڻ ٿي چاهي” گڊ کان پنهنجي ڳڻتي لڪائي نه ٿي.
“ ڪهڙيون بيوقوفيءَ واريون ڳالهيون ٿو ڪرين” هنري چيس.
جئين جئين گگول اڳتي وڌندي رهي، منهنجو نسون بيهنديون رهيون. ۽ پيشانيءَ مان پگهر جا ڦڙا وهڻ لڳا. مون پوئتي ڪنڌ ورائي ڏٺو جتي رت ۾ لت پت لاش رکيا هئا ۽ منهنجا هٿ پير سرد ٿيڻ لڳا.
اها نڀاڳي نچندي نچندي اسان جي ويجهو اچڻ لڳي. ويجهو اڃان به ويجهو وڌڻ لڳي. ماڻهو وڏي دلچسپيءَ سان گگول جو ناچ ۽ اسان جي خوفزده چهرن طرف ڏسي رهيا هئا.
“ خدا ڄاڻي، اسان مان ڪنهن جي زندگيءَ جو خاتمو ٿيڻ وارو آهي.” هنري پريشانيءَ مان وڦلڻ لڳو. گگول اڃان به اسان جي ويجهو آئي ۽ مون کي ائين لڳو ته منهنجي دل ڌڙڪڻ بند ڪري ڇڏيندي. گگول اڳتي وڌي منهنجي بلڪل ڀرسان اچي ترشول بلند ڪيو.... ۽ پنهنجي مڪروهه زبان ۾ بڙڪي ۽ اڇل کائي اچي اگنوسيءَ کي پنهنجي ترشول سان ڇهيو.
“ مون ان کي سنگهي ورتو. مون ان کي سنگهي ورتو.. هاهاها.. هي هي هي... هن کي قتل ڪريو. ان کان اڳي جو هن شخص جي ڪري ڪوڪوآنه جي زمين رت ۾ ڳاڙهي ٿي وڃي، اي بادشاهه! هن کي قتل ڪري ڇڏ”.
ميدان ۾ سناٽو ڇانئجي ويو ۽ اسان جي دلين جي ڌڙڪڻ تيز ٿي وئي.
“ ٽواله “ مون همت ڪري اٿندي چيو” هيءَ شخص تنهنجن مهمانن جو ملازم آهي ۽ جنهن به ماڻهوءَ اسان جي ملازم جو رت وهايو ته ان ڄڻ اسان جو رت وهايو ۽ مهمانن سان اهڙو سلوڪ بادشاهه کي زيب نٿو ڏئي مان هن اسان جي ملازم جي جان جي بخشش ٿو چاهيان”.
“جادوگرياڻين جي استاد گگول ان کي سنگهي ورتو آهي. هاڻ هن کي قتل ڪرڻ منهنجو فرض ٿو بڻجي. اي سفيد انسانو! توهان اسان جي ذاتي معاملن ۾ مداخلت نه ڪريو” ٽواله سختي سان چيو.
“ ان کي ڪير به قتل نٿو ڪري سگهي”. مون بلند آواز ۾ ڌمڪي ڏيندي چيو
“هن شخص کي جيڪو به هٿ لائيندو ته اهو قتل ڪيو ويندو”.
“پڪڙيو هنن کي” ٽواله جلادن کي حڪم ڏنو جيڪي اسان طرف وڌڻ لڳا ۽ اگنوسي انهن تي حملي لاءِ نيزو اڀو ڪيو.
“ اتي ئي بيهي رهو جهنگلي ڪتئو” مون ڌمڪي ڏيندي چيو “ اگر اسان جي ملازم جو وار به ونگو ٿيو ته توهان جو هيءَ بادشاهه به صبح جو اڀرڻ وارو سج ڏسي نه سگهندو” ۽ مون پستول ڪڍي ان جي نالي ٽواله جي سيني تي وڃي رکي. هنري پنهنجي پستول جو رخ جلادن ڏانهن ڪيو ۽ گڊ گگول کي نشانو بڻايو بيٺو هو.
“ ها ٽواله ! هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو حڪم ورجاءِ ته ڦڦڙ ته ڪڍانءَ”
مون پستول جي نالي ان جي سيني سان دٻائيندي چيو.
“ پنهنجن انهن جادوئي نالين کي پري هٽايو” ٽواله خوفزده آواز ۾ چوڻ لڳو “ مان انهن جادوئي نالين جي ڊپ کان نه پر پنهنجي شرافت جي ڪري توهان جي انهيءَ ملازم جي جان بخشي ٿو ڪريان”.
“هون... هاڻ آئين نه رستي تي” مون چيو” اسين انهيءَ خوني کيل مان تنگ ٿي پيا آهيون ۽ هاڻ آرام ڪرڻ ٿا چاهيون. ڇا ناچ ختم ٿيو؟”
“ها ختم ٿي ويو...” ٽواله بي دليءَ سان چيو ۽ پوءِ لاشن جي طرف اشارو ڪندي جلادن سان مخطاب ٿيو ته “ هنن ڪتن کي کڻي وڃي گدڙن، بگهڙن جي اڳيان ڦٽو ڪريو ته پنهنجو پيٽ ڀرين”.
ٽواله پنهنجو نيزو بلند ڪيو ته تماشاين جا گروهه ميدان ڇڏي موٽڻ لڳا. اسان اٿي ٽواله کي سلام ڪيو. جنهن جو هن جواب ئي نه ڏنو ۽ اسان پنهنجي قيام گاهه طرف روانه ٿياسين. جهوپڙي پهچي ڏيئو ٻاريوسين جنهن جي وَٽ هڪڙي وڻ جي نرم کونئر جي ٺهيل هئي ۽ تيل بدران ان ۾ ڪنهن جانور جي چرٻي استعمال ڪئي ويندي هئي.
“اڄوڪي خوني ناچ مون کي حد کان وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آهي”.
هنري ويهندي ئي شرط چيو “ مون تي اگنوسيءَ جي مدد ڪرڻ لازم هئي پر هاڻ مون کي ٽواله سان سخت نفرت ٿي وئي آهي ۽ مان ٽواله خلاف هٿيار کڻڻ وڏو ثواب ٿو سمجهان”.
گڊ چوڻ لڳو ته “ مون لک ڪوشش ڪئي ته پنهنجون اکيون بند رکان پر خدا ڄاڻي ته ڪئين اهي ڪمبخت ٺيڪ انهيءَ مهل کلي ٿي ويون. جنهن مهل ڪوئي بينگناهه قتل پئي ٿيو. اگنوسي توکي اسان جو شڪرگذار ٿيڻ کپي. اڄ جيڪڏهن اسان موقعي تي موجود نه هجون ها ته تون به شهيد ٿي چڪو هجين ها. پر يار هيءَ انفادوس ڪٿي رهجي ويو”.
“ مان اوهان جو اهو احسان زندگي ڀر نه وساريندس” گنوسي چوڻ لڳو” انفادوس به بس ايندو ئي هوندو”
۽ پوءِ اسان پائيپ دکايو ۽ بيچينيءَ سان انفادوس جو انتظار ڪرڻ لڳاسين.