گڊ جي بي چاڪائي
گڊ ۽ هنري کي کڻي وڃي ٽواله جي جهوپڙيءَ ۾ ليٽايوسين، ٿڪاوٽ ۽ زخمن مان خون وهي وڃڻ ڪري ٻئي ڄڻا بيحال لڳا پيا هئا. منهنجي حالت ڪجهه قدر بهتر هئي، جو مون کي ڪوئي زخم نه آيو هو نه وري مون جنگ وڙهي هئي، پر سڄو ڏينهن بيٺو رهڻ ڪري مننجو اهو پير سور ۾ وٺجي ويو هو، جنهن کي ڪڏهن شينهن بري طرح چٻاڙيو هو. جنهن جو ذڪر مان پهريائين ڪنهن باب ۾ ڪري چڪو آهيان.
توهان کي ياد هوندو ته ميدان ۾ ڪنهن نالائق منهنجي سرَ تي ضرب هڻي هئي تنهن ڪري اڃان تائين به منهنجو دماغ جاءِ نه هو، اسان ٽنهي مان هر ڪو ڪنهن نه ڪنهن درد ۾ مبتلا هو، مگر جڏهن اهو خيال ٿي آيو ته هن خوفناڪ جنگ مان صحيح سلامت بچي نڪري آيا آهيون ته هيءَ سڀئي تڪليفون معمولي ٿي لڳيون.
فلاويٽا وڏي هوشياريءَ سان خاص طور تي گڊ جي تيمارداريءَ ۾ مصروف هئي. مون ۽ فلاويٽا گڏجي گڊ ۽ هنري جو زرهون لاٿيون، جسمن تي بظاهر ته ڪنهن به زخم جو ڪو نشان نه هون باقي گوشت بريءَ طرح ڦسي پيو هون. توهان ته ڄاڻو ٿا ته اهي اندروني چوٽون ڪيڏيون نه تڪليف واريون هونديون آهن.
فلاويٽا ڀڄي وڃي ڪنهن وڻ مان ساوا پن پٽي آئي، جنهن جي بوءِ سان دماغ وٺجو پئي ويو. انهن پنن کي پاڻيءَ ۾ اُٻاري فلاويٽا انهن جو پلاسٽر ٺاهي اسان جي جسمن تي هڻي ڇڏيو.
جنهن ڪري مان ته روحاني آرام ۽ سڪون محسوس ڪرڻ کان رهي نه سگهيس.
ليڪن گڊ ۽ هنري جا زخم گهرا هئا. گڊ جي ران تي غار جهڙو زخم رسيو هو، جنهن مان ڪيترو ئي رت وهي چڪو هو ۽ هنري جي چهري تي ٽواله جي ڪهاڙي جو گهرو زخم رسيو هو.
مان اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آهيان ته گڊ ڪجهه ڊاڪٽري به ڄاڻندو هو. جنهن وڏي مهارت ۽ ڪاريگريءَ سان پنهنجي ۽ هنري جي زخم کي ڌوئي صاف ڪيو ۽ پوءِ پنهنجي چمڙي جي ٿيلهي مان ڪوئي پائوڊر ڪڍي زخمن تي ڇڻڪيو ۽ پوءِ مون ۽ فلاويٽا گڏجي زخمن تي پٽي ٻڌي ڇڏي. ڪوڪوآنه ۾ ڪپڙي جو استعمال اڃان شروع نه ٿيو آهي، تنهنڪري اسان پٽيءَ لاءِ پنهنجا رومال ڪم آندا.
ٽواله جي ڪمري ۾ تمام نرم ۽ ملائم کلون وڇايل هيون ۽ اهو ٽواله جو خاص ڪمرو هو. اسان پنهنجي ٿڪل جسمن کي انهن کلن تي سمهاري ڇڏيو. اهي کلون ان وقت ايراني قالعينن کان به وڌيڪ آرام ده لڳي رهيون هيون. “لو” جي ساري فضا جنگ ۾ مارجي ويلن جي سوڳ ۾ ورتل هئي. پٽن، ڀائرن ۽ مڙسن جي قتل تي ماتم ڪندڙ عورتون وڏيون اوڇنگارون ڏئي روئي رهيون هيون. شايد ئي ڪو گهر اهڙو هجي جتان اهو آواز نه ايندو هجي. آڌي رات ڌاري اهو روڄ راڙو ڪجهه قدر گهٽيو پر مڪمل ختم نه ٿيو هو، اڃان به هڪڙو سنهڙو ۽ بيزار ڪندڙ آواز اچي رهيو هو. جيڪو اهڙي آهه زاري ڪري رهيو هو. اهو گگول جو آواز هو جيڪا پنهنجي لاڏلي ٽواله تي روئي رڙي ماتم ڪري رهي هئي.
اڌ رات کانپوءِ مان ڊيڄاريندڙ خواب مان ڇرڪ ڀري اٿيس. جنگ ۾ ماريل ماڻهن جا رت ۾ لت پت جسم منهنجي چوڌاري رقص ڪري، مون کي پنهنجن نيزن جي نوڪن سان ڇهندا ٿي رهيا ۽ پوءِ ڪٿان ٽواله جو سسيءَ لٿل لاش، ڪهاڙو اڀو ڪيو، دانهون ڪندو، مون ڏانهن ڀڄندو ٿي آيو، جو هڪدم منهنجي اک کلي وئي هئي. بس ائين ئي رات ڪٽجي وئي.
صبح جو اٿي ڏٺم ته منهنجي ٻنهي ساٿين جي حالت تشويش ناڪ هئي. گڊ کي تيز بخار چڙهي ويو هو ۽ ڪنهن اندروني چوٽ جي ڪري کيس الٽي ۾ رت اچي رهيو هو. هنريءَ جي حالت گڊ کان ڪجهه بهتر هئي. چهري جي زخم جي ڪري هو کلي يا ڳالهائي ته نه پئي سگهيو پر اميد هئي ته هو جلد ٺيڪ ٿي ويندو ۽سندس زخم ڇٽي ويندو.
تقريباً اٺين وڳي انفادوس به آيو، ان جي حالت به خستا هئي. مگر هي ڪراڙو جرنيل سڀئي درد وڏي بهادريءَ سان برداشت ڪري رهيو هو. مان محسوس ڪندو هوس ته انفادوس هنريءَ سان ڪجهه اهڙي طرح سان مخاطب ٿيندو هو جيئن ان جو وجود انسانن کان وڌيڪ ڪو ما فوق الفطرت هجي. پوءِ مون کي خبر پئي ته ڪوڪوآنه جا سڀئي ماڻهو هنريءَ کي ڪو اوتار سمجهي رهيا هئا. ان جي بهادريءَ جا داستان گهر گهر دهرائجي رهيا هئا. هنن جو خيال هو ته ڪوبه فاني انسان سڄو ڏينهن مسلسل جنگ وڙهڻ کانپوءِ ٽواله جهڙي زبردست پهلوان شخص کي ماري ئي نٿو سگهي سواءِ انڪوبو جي جنهن جي هڪ ئي وار ٽواله جي گردن اڏائي ڇڏي هئي. “ انڪوبو جو اهو وار” ڪوڪوآنه ۾ مثالي اهميت اختيار ڪري چڪو هو.
انفادوس اسان کي ٻڌايو ته ٽواله جي سڄي لشڪر اگنوسيءَ کي پنهنجو بادشاهه تسليم ڪري ورتو آهي.
ٽواله جا سردار ۽ امير گروهن ۾ اچي اگنوسيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڌڙاڌڙ اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جا حلف کڻي رهيا هئا. ٽواله جو صرف اڪيلو ئي پٽ سڪارگا هو جيڪو به مارجي چڪو آهي تنهنڪري هاڻ ڪنهن به بغاوت جو ڪو خدشو ناهي.
”اگنوسيءَ تخت ته حاصل ڪري ورتو پر وڏي خون خرابي کانپوءِ” مون چيو،
“ڪوڪوآنه جا بهادر رت جون نديون ڏسي ئي ته زير ٿي سگهن ٿا منهنجا آقا!” انفادوس چيو
“جيترا سپاهي مارجي ويا آهن، ايترا ئي نوان پيدا ٿيندا، ۽ هاڻ ملڪ ۾ امن امان قائم ٿيندو.
اگنوسي اسان سان ملڻ آيو. ان جي پيشانيءَ تي بادشاهت جو نشان هيرو چمڪي رهيو هو. ساڻس چار محافظ سپاهي گڏ هئا. مون کي اهو وقت ياد اچڻ لڳو جڏهن اگنوسيءَ امبوپا جي فرضي نالي سان اسان جي ملازمت ۾ داخل ٿيو هو ۽ هڪ زرخريد غلام جيان اسان جو هر حڪم بجا آڻيندو هو.
“خوش آمديد شاهه ڪوڪوآنه، ڀلي ڪري آيا بادشاهه سلامت!” مون سندس آڌر ڀاءُ ڪندي چيو.
“ها، ميڪوميزن! اهو توهان ٽنهي دوستن جي گڏيل ڪاوشن جو نتيجو آهي جو مان اڄ بادشاهه بڻيو آهيان”.
“اهو سڀ ڪجهه ته ٺيڪ، پر توهان گگول جي باري ۾ ڇا سوچيو آهي؟”
“اها شيطان جي ناني آهي، ان کي سندس شاگردياڻين سميت قتل ڪرائي ڇڏيندس، پر ڪنهن کي به خبر ناهي ته گگول جي عمر ڪيتري آهي. هن ملڪ ۾ اهڙو ڪو به ماڻهو ناهي جنهن گگول کي جوان ڏٺو هجي. اهي پير مرد ۽ بزرگ جن جي عمر سئو سال کان به ٽپيل آهي سي چون ٿا ته انهن به انهيءَ کک گگول کي اهڙي ئي ڪراڙي ڏٺو آهي. ليڪن ان کي قتل ڪرائي ڇڏيندس. ان ئي ڏائڻ جي ڪري ڪوڪوآنه تي ڪيتريون ئي مصبيتون نازل ٿينديون رهيون آهن.”
“توهان ٺيڪ ٿا چئو ليڪن گگول گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿي. ان جي علم ۾ جيترا به راز آهن سي ڪير ستن پيڙهين تائين به نٿو حاصل ڪري سگهي”.
“ اها ڳالهه به ٺيڪ آهي جو گگول ئي اهڙي عورت آهي جيڪا انهن ٽن پهاڙن( جن کي اسين ٽي ڏائڻيون ٿا سڏيون ) جي سڀني رازن کان اڪيلي ئي واقف آهي. اتي هڪ غار ۾ اسان جا مردا رکيا ويندا آهن، ان جڳهه تي ٽي خاموش ديوتا ويٺل آهن”.
“۽ اتي خزانو به آهي” مون تڪڙ ۾ چئي ڇڏيو “ اگنوسي! پنهنجو واعدو نه وسارجان جيئن به ٿي سگهي، تون اسان کي ان خزاني تائين پڄائجانءَ، ان لاءِ توکي گگول جي حياتي ئي ڇو نه بخشڻي پوي”.
“ميڪوميزن! مون پنهنجو واعدو وساريو ناهي”.
اگنوسيءَ جي وڃڻ بعد مان گڊ جي مزاج پرسيءَ لاءِ ويس جنهن جي حالت خراب هئي. بخار صفا وڌي ويو هوس ۽ زخم جي چوڌاري سوڄ ٿي پئي هيس ۽ پاڻ بيهوش پيو هو. ان جي ساهه جي تند پنجن ڏينهن تائين موت ۽ حياتيءَ جي وچ ۾ لٽڪندي رهي. جيڪڏهن فلاويٽا ان جي ايڏي تيماداري نه ڪري ها ته شايد بچي به نه سگهي ها.
عورت نيٺ به عورت آهي، پوءِ اها ڪٿان جي به هجي، ڪهڙي رنگ، نسل جي به هجي پر قدرت ان جي سيني ۾ اهڙِي ته دل پيدا ڪئي آهي، جو ڪنهن غير کي به تڪليف ۾ ڏسي ان کي رحم اچيو وڃي. فلاويٽا ڪنهن هوشِيار نرس جيان ان جي نگهداشت ڪري رهي هئي.
هڪ اڌ ڏينهن مون به فلاويٽا سان گڏجي گڊ جي خدمت ۾ هٿ ونڊائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان اهو چئي مون کي روڪي ڇڏيو ته تنهنجي کَهُرن هٿن ۽ نا تجربيڪاري جي ڪري گڊ جي آرام ۾ خلل ٿو پوي. ڪنهن حد تائين ان جو اهو چوڻ صحيح به هو. گڊ جي بيچاڪائي ۽ فلاويٽا جي خدمت جو پورو نظارو ان وقت منهنجي اکين اڳيان گذرڻ لڳو. اڌ رات جو گڊ چنگهندي پاسا ورائي رهيو هو ۽ ان جي ڀرسان ويٺل فلاويٽا ڀنل اکين سان کيس ڏسي رهي هئي. ان جو وس پڄي ها ته هوند ان جي ساري تڪليف پنهنجي سر تي پاڻ برداشت ڪري ها. هوءَ هر هر وڏيءَ محبت سان گڊ جي وارن ۾ پنهنجوو آڱريون ڦيرائيندي رهي ۽ گڊ بيهوشيءَ دوران سندس هٿ کي هٽائيندو ۽ پاسا ورائيندو پئي رهيو. فلاويٽا هٿ ٻڌي پنهنجي ديوتائن کان گڊ جي زندگي لاءِ دعائون گهري رهي هئي.
ٻن ڏينهن تائين ته ايئن نظر اچي رهيو هو ته گڊ جو خدا ئي حافظ آهي. پر هڪڙي فلاويٽا ئي هئي جنهن کي گڊ جي بچي وڃڻ جو پورو يقين هو.
”گڊ ويچارو مشڪل ئي بچي” منهنجي انهيءَ ويچار تي فلاويٽا سختيءَ سان داٻو ڏيندي مون کي چيو ته “خبردار جو ٻيهر اهڙي منحوس وائي به واتان ڪڍي اٿئي”.
اگنوسيءَ جي حڪم تي اسان جي آس پاس جون جهوپڙيون خالي ڪرائي انهن جي رهواسين کي ڪٿي ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو هو ته جيئن انهن جي گوڙ شور کان زخمين جي آرام ۾ رخنو نه پوي.
هڪ رات ۽ اها گڊ جي بيماريءَ جي پنجين رات هئي، مان عادت مطابق گڊ کي ڏسڻ ويس، جهوپڙي ۾ هڪڙو انڌو چراغ ٻري رهيو هو ۽ گڊ جيڪو هر رات بيچينيءَ مان پاسا پيو بدلائيندو هو، سو ان وقت بي حس، حرڪت پيو هو.
“ته آخر ويچارو مري ويو” منهنجي حلق ۾ درد جو ٻاٻرو ڪنڊو چُڀي ويو. اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا ۽ بي اختيار مون کان سڏڪو نڪري ويو.
“شش” گڊ جي سيرانديءَ کان ويٺل پاڇي ششڪر ڪري خاموش رهڻ جو اشارو ڪيو.
مون دٻيل قدمن سان وڌي، چراغ جي جهيڻي ۽ ضعيف روشني ۾ جهڪي وڃي غور سان گڊ کي ڏٺو، گڊ زندهه هو ۽ پنهنجي هٿ جون آڱريون فلاويٽا جي آڱرين ۾ ڦاسايو، ان ٻار جيان جيڪو گهڻو وقت روئي روئي ٿڪجي گهري ننڊ سمهي پيو هجي.
هو لاڳيتا ارڙهن ڪلاڪ ستو هو. ان عرصي ۾ فلاويٽا سندس سيرانديءَ کان ويٺي پنهنجون آڱريون سندس هٿ ۾ ڏئي ڇڏيون هيون، ۽ ان خوف کان ويٺل هئي ته متان ڪنهن هلڪي لوڏي تي گڊ جاڳي نه پئي.
فلاويٽا ڪجهه کاڌو پيتو به هو يا نه ؟ اها ڪنهن کي به خبر نه هئي ۽ اهڙي طرح لاڳيتا ارڙهن ڪلاڪ هڪ ئي نشست ۾ ويهڻ جي ڪري ٿڪجي پئي هوندي ، اهو ڪنهن به نٿي ڄاتو، بس سڀني کي رڳو اها خبر هئي ته جڏهن گڊ جي اک لڳي ته فلاويٽا جا هٿ پير سرديءَ جي ڪري سڪڙجي چڪا هئا ۽ جنهن حالت ۾ ويٺل هئي، ان ئي حالت ۾ ٺري برف ٿي پئي هئي. تنهنڪري ٻن ڄڻن ان کي کڻي وڃي باهه جي مچ ويجهو ڇڏيو.
ان گهري ننڊ جي ڪري گڊ جي حالت سڌرڻ لڳي هئي ۽ روز بروز وڌيڪ بهتر ٿي رهي هئي ۽ هو آهستي آهستي ٺيڪ ٿي ويو ته هنري ان سان فلاويٽا جي خدمت ۽ تيماداريءَ جو ذڪر ڇيڙيو. جڏهن هنري گڊ کي اهو ٻڌايو ته هوءَ ويچاري لاڳيتو ارڙهن ڪلاڪن تائين تنهنجي آڱرين ۾ آڱريون ڏيو ويٺي هئي، جنهن ڪري سندس هٿ پير آڪڙجي ويا آهن، ته گڊ جي اکين ۾ پاڻي تري آيو. هو اٿيو ۽ مترجم جي خدمت سرانجام ڏيڻ لاءِ مون کي وٺي ان جهوپڙيءَ ڏانهن هليو جتي فلاويٽا اسان لاءِ ٻن پهرين جو کاڌو تيار ڪري رهي هئي. گڊ کي ڏسي فلاويٽا جو چهرو خوشيءَ مان ٻهڪي اٿيو.
“ڪوارٽرمين! ان کي ٻڌاءِ ته هيءَ زندگي ان جي ئي بخشيل آهي. تنهنڪري مان زندگيءَ ڀر سندس احسانمند رهندس”.
مون جڏهن گڊ جي ڳالهه جو ترجمو ڪري فلاويٽا کي ٻڌايو ته ان جو چهرو حياءَ کان ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ان پنهنجون اکيون جهڪائي مسڪرائيندي چيو ته:
منهنجا آقا! توهان ڀلجو ٿا. منهنجي هيءَ زندگي توهان جي ئي ته عطا ڪيل آهي. مان ته فقط توهان جي ادنيٰ ڪنيز آهيان”.
هوءَ گڊ سان مخاطب هئي ۽ ان وقت فلاويٽا اهو به وساري چڪي هئي ته ان جي حياتي بچائڻ ۾ منهنجو ۽ هنريءَ جو به ڪوڪردار هو. مگر مون ڏٺو ته ان جي نيڻن ۾ گڊ لاءِ بي پناهه محبت ڇلڪي رهي هئي ۽ ان محبت جي ڪري هوءَ صرف گڊ کي ئي پنهنجو نجات ڏياريندڙ سمجهي رهي هئي.
ڪجهه ئي ڏينهن بعد اگنوسيءَ درٻار لڳائي. جنهن ۾ ڪوڪوآنه جا سڀئي معزز سردار حاضر هئا. اگنوسيءَ وڏي فراغ دليءَ سان گريز جي باقي بچيل سچيل سپاهين کي وڏن انعامن اڪرامن سان نوازيو. ان اسان جي خوب خاطر تواضع ڪئي ۽ ڀري دربار ۾ ان ڳالهه جو اعلان ڪيائين ته آئينده ڪوبه شخص بيگناهه قتل نه ڪيو ويندو، نه ئي ڪڏهن ڏائڻين جو خوني رقص ٿيندو.
جڏهن دربار برخواست ٿي ته سڀ ماڻهو هليا ويا ته موقعو ڏسي اگنوسي کي چيم ته هاڻ يار اسان به خزانو حاصل ڪرڻ لاءِ بيچين آهيون.
“دوستو! “ اگنوسي چيو “ مون کي خبر پئي آهي ته خزانو ان جڳهه تي آهي جتي ٽي ديوتا ويٺل آهن جن تي ٽواله فلاويٽا کي ڀيٽ چاڙهڻ ٿي گهريو. اتي هڪڙو غار آهي جتي اسان جا مرده رکيا ويندا آهن. ٽواله جو لاش به توهان اتي ڏسندئو. ان غار کي موت جو ڪمرو چوندا آهن، سواءِ گگول ۽ ٽواله جي ( ٽواله ته خير مري چڪو آهي) صرف هڪ شخص ان ڪمري تائين پهتو هو. مگر ان جي ساٿي عورت اتي پهچي ان سان دغا ڪئي. بادشاهه ان کي گرفتار ڪرائي ٻيو دفعو ان کي ڪوهه سبا طرف موڪلي ڇڏيو هو. تڏهن کان اڄ تائين ڪو سفيد انسان ان طرف نه ويو آهي”.
“اگنوسي! اهو واقعو بلڪل سچو آهي” مون چيو “ ان سفيد انسان کي پاڻ هڪ پهاڙي غار ۾ ڏسي چڪا آهيون”.
“ته پوءِ هاڻ مان پنهنجو واعدو پورو ڪندي توهان کي ان خزاني تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪريان ٿو. جيڪڏهن اتي هيرا جواهر موجود آهن ته “.
“اتي هيرا جواهر موجود آهن اگنوسي! ان جو ثبوت تنهنجي پيشانيءَ تي چمڪندڙ اهو هيرو آهي”. مون چيو.
“جيڪڏهن اتي هيرا موجود آهن ته توهان جيترا به چاهيو کڻي وڃي سگهو ٿا، مگر مون کي ان ڳالهه جو ڊپ آهي دوستو! ته خزانو حاصل ڪرڻ بعد توهان مون کي ڇڏي هليا ويندئو”.
“ اهو بعد ۾ ڏٺو ويندو، في الحال اسان کي ان خفيه ڪمري تائين پهچڻو آهي”.
“هڪڙي گگول ئي ان رستي کان واقف آهي”.
“پر ان به اسان جي رهبري ڪرڻ کان انڪار ڪري وڌو ته پوءِ ؟” مون پڇيو.
“پوءِ ان کي مان قتل ڪري ڇڏيندس. ان لاءِ ته مون ان بڇڙيءَ کي اڃان تائين زنده رهڻ پئي ڏنو آهي، ترسو، هاڻي ئي ٿا فيصلو ڪري وٺون”. اگنوسيءَ سپاهين کي اشارو ڪيو ۽ اهي ڪنهن طرف هليا ويا ۽ چند منٽن ۾ گگول کي پڪڙي اچي حاضر ٿيا.
گگول جيڪا ان وقت هڪ ڳٺڙي لڳي رهي هئي تنهن پنهنجون نانگ جهڙيون اکيون اسان تي ڄمائي ڇڏيون.
“ اگنوسي! تون مون کان ڇا ٿو چاهين؟” گگول پڇڻ لڳي “ مون کي قتل ڪرائڻ جو ارادو اٿئي؟. چڱو ته اها به ڪوشش ڪري ڏس. مان توکي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏينديس. منهنجي عظيم علم کان تون واقف ئي ناهين. توکي ان کان بچڻ گهرجي. متان تڪڙ ڪئي اٿئي”.
“ تنهنجو جادو ٽواله جي جان نه بچائي سگهيو سو مون کي ڇا ساڙيندو؟ گگول ! مان چاهيان ٿو ته تون اسان کي خفيه ڪمري تائين پهچاءَ”.
“هي ،،، هي،، هي” ان ٽهڪ ڏنو “ مون کانسواءِ ڪير به ان رستي جو واقف ناهي ۽ مان توهان جي رهبري ڪڏهن به نه ڪنديس. هي سفيد شيطان هٿين خالي هتان واپس ويندا. هي،،، هي،،، هي. ها،،،،هاهاها،، اهو راز منهنجي سيني ۾ ئي دفن رهندو”.
“مگر اهو راز مان توکان حاصل ڪري ئي رهندس”.
“ تون مون کي ماري ڇڏيندين؟ . هان. مونکي؟ تون ڇا ٿو سمجهين ته مون کي مارڻ ايترو آسان آهي؟ توکي پهرئين منهنجي عمر جو اندازو آهي؟ مان تنهنجي پيءَ ، ڏاڏي بلڪه ان جي به پيءُ، ڏاڏي، پڙ ڏاڏي جو دور به سنبران. جڏهن هي ملڪ آباد ٿيو هو تڏهن به مان موجود هيس ۽ جڏهن هي ملڪ اجڙي ختم ٿي ويندو تڏهن به مان موجود رهنديس. مون کي ڪير به ماري نٿو سگهي. سواءِ هڪ حادثي جي”.
“ مگر مان توکي قتل ڪري سگهان ٿو شيطان جي ناني! هونئن به هاڻ تنهنجي عمر وڏي ٿي چڪي آهي. نه تنهنجي مٿي تي ڪو وار آهي ۽ نه ئي وات ۾ ڪو ڏند اٿئي. نه جسم ۾ ڪو رت جو ڦڙو اٿئي. تون شايد پنهنجي جادوءَ جي ڪري جيئري آهين. مگر مان تنهنجي انهيءَ جادوءَ جو ڀرم ڀوري پرزا پرزا ڪري ڇڏيندس. توکي مارڻ وڏو ثواب جو ڪم آهي.”
“بيوقوف بادشاهه! خبر اٿئي ڇا بڪي رهيو آهين؟ تون ڇا ٿو سمجهين ته زندگي صرف نوجوانن کي عزيز هوندي آهي؟ هي،، هي،،،هي،،، ها،،ها،،ها،،، پر پوڙهن کي نوجوانن کان وڌيڪ موت جو ڊپ لڳندو آهي، ۽ اهي نوجوانن کي مرندو ڏسي خوش ٿيندا آهن. مان به پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ توکي ماري ڇڏينديس. ساڙي رک ڪري ڇڏينديس، تڏهن مون کي روحاني خوشي حاصل ٿيندي. هي،، هي،، هي،،ها،،ها،،ها،،”
“پنهنجي شيطاني بڪواز بند ڪر، مان پڇانءَ ٿو ته تون خفيه ڪمري تائين رهبري ڪندين يا نه؟” اگنوسيءَ پنهنجو نيزو بلند ڪيو.
“نه،نه،نه ڪنهن به قيمت تي نه، ڪڏهن به نه”.
“چڱو ڏسون ٿا” اگنوسي پنهنجو هٿ آهستي آهستي گگول طرف وڌايو . ايستائين جو ان جي نيزي جي نوڪ گگول جي جسم کي ڇهڻ لڳي.
گگول هڪ خوفناڪ دانهن ڪري، اڇلجي وڃي زمين تي ڪري ۽ ليٽندي اڳتي هلي وئي. سندس اکيون خوف وچان ڦاٽي ويون هيون.
“ترس، ترس مان توهان کي خزاني تائين وٺي وينديس. مان مرڻ نٿي چاهيان”.
“هانءَ شاباس، ته اچي وئين نه راهه تي. سڀاڻ صبح جو انفادوس ۽ منهنجن هنن سفيد دوستن کي خزاني تائين پهچائي ڇڏجانءَ، ۽ ياد رک جيڪڏهن ڪابه چال چلينءَ يا ڪابه فنڪاري ڪيئي ته انجام ڏاڍو بڇڙو ٿيندئي”.
“نه اگنوسي، مان انهن ماڻهن کي دوکو نه ڏينديس. ها،،ها،،ها،،هي،،هي،،هي،، اڳ ۾ به هڪ دفعو هڪ عورت هڪ سفيد انسان کي ان خزاني تائين وٺي وئي هئي.
توکي خبر آهي ته پوءِ ڇا ٿيو هو؟ ان تي ديوتائن جو قهر نازل ٿيو هو ۽ خبر اٿئي اها عورت ڪير هئي؟ اها گگول هئي. مان ئي هيس مان” ۽ گگول جي اکين ۾ شيطانيت چمڪڻ لڳي.
“ڇا پئي بڪين؟ ان واقعي کي ٽي سئو سال گذري چڪا آهن”. مون چيو،
ته پوءِ ڇا ٿي پيو؟ جڏهن ڪنهن جي عمر وڌي ويندي آهي ته هو اڳيان واقعات وساري ويهندو آهي ڇا؟. يا مون کي منهنجي ڏاڏيءَ اچي اهو واقعو ياد ڏياريو آهي. يقينن ان عورت جو نالو گگول ئي هو. جيڪا ان سفيد انسان کي خفيه ڪمري تائين وٺي وئي هئي، ۽ اها مان پاڻ ئي هيس. جڏهن توهان ان خفيه ڪمري تائين پڄندئو ته اتي توهان کي انهن چمڪندڙ پٿرن جي ڀريل ٿيلهي ملندي، جنهن ۾ ان سفيد انسان پنهنجي لاءِ پٿر ڀريا هئا. مگر اهي هو پاڻ سان گڏ نه کڻي سگهيو ۽ ان تي ديوتائن جو قهر نازل ٿيو هو. هي سفر ڏاڍو مزيدار رهندو. مان ان جڳهه تي ڪوڪوآنه جي انهن بادشاهن سان ملي سگهنديس جيڪي ڪڏهوڪو مري چڪا آهن. جن جون هن وقت تائين اکيون ختم ٿي چڪيون هونديون ۽ انهن جون هڏيون کوکليون ٿي چڪيون هونديون. هي ،،،هي،،هي،،ها،،ها،،ها،،”.