سر هنري سان ملاقات
مان پنهنجي هن عجيب غريب ۽ پل پل ۾ خطرناڪ حادثن سان ڀريل زندگيءَ مان گذريو آهيان، تنهنڪري منهنجي زندگي جيڪا سٺ سالن جي ويجهو پهچي رهي آهي، سا هاڻ مون کي خود به تمام ڊگهي ٿي لڳي. وڏن خطرن ۽ بيقرارين مان گذاريل هن زندگيءَ ۾ مونکي ڪابه گهڙي ڪنهن هڪ جڳهه تي سک، سڪون ۽ اطمينان سان ويهڻ نصيب نه ٿيو آهي. قسمت مون کي صحرائن، جهنگلن ۽ جنگين ۾ گهليندي رهي آهي، ۽ مان بار بار موت کان پنهنجو دامن ڇڏائي ڀڳو آهيان.
ان عمر ۾ جڏهن ٻيا عام ڇوڪرا اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري پنهنجي مستقبل سنوارڻ ۽ وڏي هوندي بهتر روزي، روٽي حاصل ڪرڻ لاءِ جتن ڪري رهيا هئا. ان ننڍڙي عمر کان ئي منهنجي هيءَ زندگي ڏاڍي ڏکي ۽ سخت گذري آهي.
پيٽ گذر ته گهٽين ۾ به ٿي سگهيو ٿي، تنهنڪري ننڍي هوندي ئي گهٽين ۾ هلڪو ڦلڪو واپار ڪرڻ لڳس، اگر منڊيءَ ۾ ٻاڙائي هوندي هئي ته ڪوڏر کڻي کاڻين ۾ مزدوريءَ لاءِ نڪري پوندو هوس، يا ته وري ڪلهي ۾ بندوق لٽڪائي شڪار جي تلاش ۾ آفريڪا جي گهاٽن جهنگلن ۾ پيو ڦرندو هوس، ۽ ايئن ٿڙندي ٿاٻڙجندي زندگيءَ جي راهه طئي ڪري رهيو هوس.... ۽ اڃان ڪي اٺ مهينا ئي مس ٿيندا جو منهنجي ستل قسمت جاڳي اٿي، ۽ منهنجي سمورين پريشانين ۽ مشڪلاتن جو هڪ ئي وقت خاتمو اچي ويو. مونکي اوچتو ئي اوچتو ايترو ته خزانو هٿ آيو، جو هوند، آئون چار دفعا مري وري جيئرو ٿيان ۽ ڪنجوسيءَ جي حد تائين ڪفايت شعاري ۽ بچت ڪري، پائي پائي گڏ ڪريان ها ته به ايڏو امير نه بڻجي سگهان ها.
ان دولت کي مون ڪيئن حاصل ڪيو؟ اهو داستان دلچسپ هجڻ سان گڏ انتهائي هيبتناڪ پڻ آهي. سخت جان هوس جو بچي ويس، نه ته ڪڏهوڪو آفريڪا جي وحشي درندن کي هضم به ٿي چڪو هجان ها.
پنهنجي هن خوفناڪ داستان کي بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ سٺو آهي ته مان اهي سبب به بيان ڪريان، جن مونکي هيءَ ڪهاڻي لکڻ تي مجبور ڪيو آهي ۽ اهي آهن.
1) ڪپتان گڊ ۽ سرهنري ڪوٽس جي بار بار تقاضا.
2) هن وقت هتي ڊربن ۾ پير جي شديد تڪليف جي ڪري اسپتال ۾ پيو آهيان، ۽ وقت آهي جيڪو ڪٽيو نٿو ڪٽجي. مگر پير جي تڪليف جو قصو به ٻڌي وٺو. هڪ دفعي شڪار ڪندي ڪندي هڪڙي خونخوار شينهن پنهنجا نيش پوريءَ طاقت سان منهنجي پير ۾ کُپائي ڇڏيا هئا. حالانڪه شينهن کي ان جي سزا ته موقعي تي ئي ملي وئي. مگر شينهن جي ڏندن ۾ اهڙو ته ڪو زهر هو جو منهنجي پير جو زخم اڄ ڏينهن تائين سهي نموني ڇٽي نه سگهيو آهي ۽ اهو زخم سال ۾ هڪ دفعو انهن ئي تاريخن ۾ اٿلي پوندو آهي، جڏهن ان نالائق شينهن منهنجي پير کي گجر ۽ موريءَ وانگر چٻاڙيو هو. شينهن ته خير منهنجي گوليءَ جو نشانو بڻجي، پنهنجي ڪيفر ڪردار کي پهچي ويو، پر مون کي ڄڻ ته زندگي لاءِ انهيءَ عذاب ۾ مبتلا ڪري، اپاهج ڪري ويو آهي.
3) هن ڪهاڻي لکڻ جو هڪڙو مقصد اهو به اٿم ته، منهنجو پٽ جيڪو لنڊن جي هڪڙي اسپتال ۾ هائوس جاب ڪري رهيو آهي، سو ڏينهن ــ رات مُردن جي دنيا ۽ دوائن جي بوءِ ڀنل فضا مان (هن ڪهاڻي پڙهڻ دوران) ڪجهه گهڙين لاءِ ڇوٽڪارو پائي سگهي.
4) ۽ آخري سبب اهو آهي ته مان پنهنجي هيءَ عجيب وَ غريب ۽ ڀيانڪ ڪهاڻي انهن ساڙ سڙيل ساڙوٽن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان، جيڪي هروڀرو، چوويهه ئي ڪلاڪ منهنجي گِلا مان نه ڍاپندا آهن، انهن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هيءَ دولت مون پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي حاصل ڪئي آهي، جيڪا قطعي به حرام جي ڪمائي ڪانهي.
يقين توهان منهنجي اجائي ڊيگهه واري بڙبڙ کان تنگ ٿي پيا هوندئو. تنهنڪري بس مان پنهنجي ڪهاڻي شروع ٿو ڪريان.
مان توهان کي ٻڌايان ته مان هڪڙو غريب ۽ ننڍڙو واپاري پيشه ماڻهو آهيان. منهنجي رڳن ۾ به شريفانه خون گردش ڪري رهيو آهي. منهنجا ماءُ ۽ پيءُ ٻئي ڄڻا شريف خاندانن سان واسطو رکندڙ ماڻهو هئا، تنهنڪري شرافت مون کي ورثي ۾ مليل آهي.
منهنجي ڌنڌي جو دارومدار شروع کان ئي شڪار تي رهيو آهي. تنهنڪري ڪيترن ئي جانورن سان گڏ ڪڏهن اتفاقي ڪو مآڻهو به منهنجي گوليءَ جو نشانو بڻيو هوندو، مگر مون اڄ تائين، ڄاڻي واڻي ڪنهن به بيگناهه جو رت نه وهايو آهي ۽ ان ڳالهه تي مون کي فخر به آهي ته منهنجا هٿ ڪنهن بيگناهه جي رت ۾ رڱيل نه رهيا آهن. ها! اڪثر مونکي پنهنجي بچاءُ ۾ گولي هلائڻي پئي آهي، ۽ منهنجيءَ جڳهه تي جيڪڏهن خود توهان به هجو ها ته ان وقت توهان کي به يقينن ايئن ئي ڪرڻو پوي ها، ڇو ته رب پاڪ اسان کي زندگيءَ جهڙي بيبها نعمت عطا ڪئي آهي ته ان جي حفاظت به فرض ڪئي اٿس، ۽ مون اهو فرض چڱيءَ طرح پئي نڀايو آهي.
خير، ته ڪي ارڙهن مهينا اڳ جي ڳالهه آهي جو منهنجي ملاقات سر هنري ڪوٽس ۽ ڪپتان گڊ سان ٿي هئي. جو مان وامنگ واٽو نالي جڳهه تي شڪار لاءِ ويو هوس. مگر خبر ناهي ڪهڙيءَ منحوس گهڙيءَ اتي اچي نڪتو هوس جو جيڪو به ڪم ڪريان سو ابتو ٿيو وڃي. جي هاٿيءَ جي شڪار جي ارادي سان نڪران ته سڄو ڏينهن رلي پني شام جو بدڪ ڪلهي تي لٽڪائيندو واپس اچيو پهچان.
هڪ ڏٻري ٻيو وري مڇر گهڻا وانگر تن ڏينهن ۾ وري مُدي جي بخار اچي مون کي ورتو. اهڙي حالت ڪيائين جو هڏيون پاسريون هڪ ڪري ڇڏيائين. ان پريشانيءَ مان جيئن تيئن ڪري، جيئن ئي گهمڻ ڦرڻ جهڙو ٿيس ته پنهنجو واپار وارو سامان ڏاند گاڏيءَ ۾ وجهي، اوڻي پوڻي اگهه ۾ کپائي، پنهنجن ملازمن کان موڪلائي، ڊاڪ گاڏيءَ ۾ سوار ٿي اچي ڪيپ ٽائون جي ٽڪيٽ ڪٽايم. ڪيپ ٽائون ۾ پورو هفتو هوٽل جو مالڪ ٻهراڙيءَ جو ڄٽ سمجهي، مون کان ٻيڻو ٽيڻو ڪرايو وصول ڪندو رهيو. هاڻ مون کي پڪ ٿيڻ لڳي ته جيڪڏهن اڃان به ڪجهه وڌيڪ ڏينهن ان هوٽل ۾ رهيس ته جسم تي پاتل ڪپڙا ڏئي به جان نه ڇڏائي سگهندس. هونئن به ڪيپ ٽائون ۾ منهنجي لاءِ ڀلا ڪهڙي دلچسپيءَ جي ڳالهه هئي؟ هتان جا فرحت بخش ۽ وسيع باغَ، من، موهيندڙ ۽ رنگارنگي گلن ڦلن وارا خوبصورت پارڪ، ويڪرا روڊ ۽ وڏيون وڏيون سهڻيون عمارتون ڪنهن جي من کي مست ڪن ته ڀلي ڪن، پر يار پاڻ کي جيڪو لطف ۽ مزو بندوق ڪلهي ۾ لٽڪائي، جهنگلن ۾ ڀٽڪندي ايندو هو، اهڙو هتي ڪٿي!!؟
تنهنڪري “ڊرڪل” نالي بحري جهاز ۾، ناٽال وڃڻ لاءِ پنهنجي سيٽ بڪ ڪرايم. هيءَ جهاز ڪيپ ٽائون جي بندرگاهه تي، انگلستان مان ايندڙ جهاز جي مسافرن لاءِ انتظار ۾ بيٺل هو. هڪ شام انگلستان مان جهاز آيو ۽ ناٽال وڃڻ وارن مسافرن سان مان به وڃي ۽ “ڊرڪل” ۾ ويٺس ۽ ايئن ڪيپ ٽائون کي خير آباد ڪيم.
انگلستان مان ايندڙ مسافرن مان ٻه ڄڻا خاص طور منهنجي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويا. انهن مان هڪ جي عمر تقريباً ٽيهه سال کن هوندي، جو ڏسڻ ۾ ڏاڍو ٺاهوڪو لڳي رهيو هو. ڊگهو قد، ڪسرتي بدن، مٿي تي گهاٽا، ڊگها، ڀورا ۽ وڻندڙ وار. وارن جي رنگت جهڙي گهاٽي ڏاڙهي، منهن موچارو، پيشاني ڀريل، اکيون وڻندڙ. پهرين نظر ۾ هيءُ شخص مونکي بلند حوصله ۽ بلند نظر معلوم ٿي رهيو هو. خبر ناهي ڇو ان شخص کي ڏسڻ سان مونکي ڊينمارڪ جي ان وحشي قبيلي جو خيال اچي رهيو هو، جيڪو ڪيئي صديون اڳ مٽجي، ختم ٿي چڪو هو. ياد نه پيو اچي ته ڪٿي ان وحشيءَ قبيلي جي ڪنهن شخص جي تصوير ڏٺي هيم، جنهن ۾ اهو شخص جنهن جا وار چيلهه تائين وڌيل هئا، ۽ ڪنهن جانور جو سڱ وات تائين آڻي ان مان ڪجهه پي رهيو هو، “جيڪڏهن هي سامهون وارو شخص به پنهنجا وار وڌائي ڇڏي جسم تي ڪپڙن جي جڳهه ڪنهن جانور جي کل اوڍي ڇڏي ته هوند هِن شخص ۽ اُن تصوير واري شخص ۾ ڪو خاص فرق ئي نه رهي”ــ مان سوچڻ لڳس. ۽ اهو ٻڌي توهان کي به تعجب لڳندو ته سر هنري ڪوٽس (ڇو ته ان شخص جو اهو ئي نالو هئو) ان جو وطن به ڊينمارڪ ئي هو. هنري کي ڏسندي ئي، هڪ ٻئي شخص جي صورت به منهنجي سامهون گهمڻ لڳي. مگر مون کي ان وقت ياد نه پيو اچي ته هنري جهڙي شخص کي مون ڪٿي ۽ ڪڏهن ڏٺو هو.!؟
هو ٻيو شخص جيڪو ان وقت هنري سان گفتگو ۾ مصروف هو بندري قد، ڀريل جسم ۽ اڻوڻندڙ صورت مان مون اندازو لڳايو ته اهو شخص ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور ڪنهن جهاز جو ڪپتان رهيو هوندو، ۽ منهنجو اهو اندازو بلڪل سهي ثابت ٿيو، اِهو بندرو واقعي به ڪپتان ئي هو. ان جي عمر ايڪٽيهن سالن جي لڳ ڀڳ ٿي لڳي. هو مسلسل پندرهن سال ڊيوٽي ڪري چڪو هو ۽ هاڻ حڪومت کي هن جي ضرورت نه رهي هئي، تنهنڪري ڪنيءَ آڱر وانگر هن کي ڦٽو ڪري نوڪريءَ مان فارغ ڪيو ويو هو. مسافرن جي فهرست مان معلوم ڪيم ته ان بندري جو نالو گڊ هو. ڪپتان جان گڊ، نفاست پسند جان گڊ جي طبيعت ۾ نفاست ڄڻ ته ڪُٽي ڪُٽي ڀري وئي هئي. صاف ۽ بيداغ پوشاڪ، وڏي احتياط سان ڪٽيل سندس ڏاڙهي هن جي نفاست پسنديءَ جو دليل هئي. هن جي ساڄي اک تي هڪ چشمي عينڪ لڳل هئي، جيڪا بغير ڪنهن ڪمان يا فريم جي سهاري جي، اک سان ايئن چهٽي پئي هئي، جو لڳو ٿي ته ڄڻ ته ڄائي ڄم کان ئي ايئن لڳل هئس ۽ قيامت تائين ايئن ئي چهٽي پئي هونديس، ليڪن اهو صرف منهنجو خيال هو. سمهڻ وقت گڊ پنهنجي انهيءَ هڪ چشمي عينڪ کي ڪوٽ جي کيسي ۾ رکي ڇڏيندو هو. ها! هن کي ڏندن جي ٻٽيهي به مصنوعي لڳل هئي، جيڪا هو ڏينهن جو ته وات ۾ لڳائي رکندو هو پر رات جو ان کي به هڪ چشمي عينڪ سان گڏ ڪوٽ جي کيسي ۾ رکي ڇڏيندو هو.
سج لهڻ سان هوا تيز ٿي چڪي هئي ۽ جيترا به مسافر جهاز جي ڇت تي سمنڊ جو نظارو ڪري رهيا هئا، سي خطرناڪ صورتحال ڏسي، پريشانيءَ مان پنهنجي پنهنجي ڪيبن ڏانهن ڀڳا، جهاز وڏين وڏين خطرناڪ لهرن جون لپاٽون سهندو سهندو، ڪک پن وانگي گهمرين ۾ اچي ويو هو. ڏسڻ ۾ ايئن پئي آيو ته اِجهو ڪي اِجهو ڄاڻ ٻڏو. ان حالت ۾ جهاز ۾ اندر گهمڻ ڦرڻ ناممڪن هو. تنهنڪري مان هڪڙي ٿنڀ جو سهارو وٺي وڃي انجڻ وٽ بيهي رهيس، هتي ڪنهن قدر گرمي هئي، جو هوا هيستائين نٿي پهچي سگهي. مان غور سان ان اوزار ڏانهن ڏسڻ لڳس جيڪو طوفان جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏيندو آهي.
“اهو اوزار ته ٺيڪ طرح پنهنجو ڪم ئي نه پيو ڪري”. ڪنهن منهنجي پٺيان بيٺي چيو، مون مڙي ڏٺو ته پويان ڪپتان گڊ بيٺو هو.
“اهو ڀلا ڪيئن؟” مون بيتوجهي سان پڇي ورتو.
“اهو ايئن ته پنڊوليم ۾ وزن تمام گهٽ آهي، ڏس نه، هوا جو زور ڪيڏو نه تيز آهي، پر اهو ته ٻڌائي پيو ته هوا موافق آهي. جيڪڏهن اهو ئي حال رهيو ته اسان جو جهاز ٻڏڻ جي قريب اچي ويندو ۽ اسان کي ڪا خبر ئي نه پوندي”.
ايتري ۾ رات جي کاڌي جي گهنٽي وڳي، پر مونکي هڪڙي گرهه جي به بک محسوس ڪانه پئي ٿي. ڇو ته ڪپتان گڊ جي ڳالهين مون کي ڊيڄاري ڇڏيو هو، ۽ مان کوهه ۾ ڪريل گدڙ وانگر فرار ٿيڻ جون واٽون ڳولي رهيو هوس. مان ۽ گڊ گڏئي کاڌي جي جي ڪمري ۾ پهتاسين. سر هنري پهرئين ئي کاڌي جي ميز تي ويٺو هو. گڊ هنري جي ڀر ۾ وڃي ويٺو ۽ مان ان جي سامهون واريءَ ڪرسيءَ تي وڃي ويهي رهيس.
مان ۽ گڊ شڪار جي باري ۾ ڪچهري ڪرڻ لڳاسين جو ڳالهين هلندي هلندي وڃي هاٿين جي شڪار جو ذڪر نڪتو.
“واهه! مان توهان جي چونڊ کي داد ٿو ڏيان”. ڪوئي منهنجي پويان گڊ سان مخاطب ٿيو. “ڀلا مسٽر ڪوارٽرمين کان سواءِ ڪير ٻي ايڏي ڄاڻ رکندو هوندو؟” هنري، جيڪو خاموشيءَ سان اسان جي ڪچهري ٻڌي رهيو هو، سو منهنجو نالو ٻڌي ڇرڪيو.
“معاف ڪجو جناب!” هنري ميز تي جهڪندي چيو “توهان جو نالو ايلن ڪوارٽرمين ته ناهي؟“
“جي ها، مون کي ئي ايلن ڪوارٽرمين چوندا آهن”. مون جواب ڏنو.
“واهه! خوش قسمتي“، هنري پنهنجي گهاٽي ڏاڙهي کنهندي، چپن تي خوشيءَ جي مرڪ ٽيڙي خاموش ٿي ويو.
کاڌو کائي جڏهن اٿيس ته هنري مون کي پنهنجي ڪيبن ۾ وٺي هلي پاڻ سان پائپ پيئڻ جي دعوت ڏني، جيڪا مون شڪر ئي سان قبول ڪئي. هنري جي ڪيبن جهاز ۾ شايد سڀني کان وڏي ۽ سٺي به هئي. ڪيبن ۾ هڪ طرف نرم نرم صوفا رکيل هئا. وچ ۾ هڪڙي خوبصورت ميز ۽ ان جي چوڌاري ڪرسيون رکيون هيون. جن تي تازو ئي نئون نئون رنگ ڪيل هو. هنري پنهنجي ملازمن کي وسڪي کڻي اچڻ لاءِ چئي، پاڻ پائپ دکائڻ لڳو.
“مسٽر ڪوارٽرمين! گذريل سال هنن ئي تاريخن ۾ توهان ٽرانسوال جي ويجهو وامنگ واٽو نالي جڳهه تي رهيل هئا. ٺيڪ آهي نه؟“
“جي ها، توهان سهي فرمايو”. مون حيرانيءَ مان جواب ڏنو. هنري مون کي پراسرار شخص معلوم ٿي رهيو هو، جنهن کي منهنجي ساري نقل حرڪت جو پورو پورو علم هو.
“۽ اتي توهان واپار جي سلسلي ۾ ويل هئا. ٺيڪ آهي نه؟” گڊ پڇيو.
“جي ها! جيستائين منهنجي واپار جو مال ڏاند گاڏيءَ سميت کپي نه ويو. مان اوستائين اتي ئي ترسيل هوس”.
سر هنري منهنجي سامهون ڪرسيءَ تي ويٺو هو ۽ هن جا ٻئي هٿ ڪرسيءَ جي ٻانهينءَ تان ميودار وڻ جي ٽارين جيان لڙڪي رهيا هئا. هو غور سان مون کي ڏسي رهيو هو. هن جون تيز تيز نگاهون مون کي پنهنجي جسم ۾ چڀنديون محسوس ٿيڻ لڳيون. هو منهنجي باطن جو جائزو وٺي رهيو هو.
“مسٽر ڪوارٽرمين!” هنري بيقراري جو اظهار ڪندي، پنهنجون ٻئي ٺونٺيون ميز تي ٽيڪ ڏيندي پڇيو “وامنگ واٽو ۾ توهان جي ملاقات نيول نالي ڪنهن شخص سان به ٿي هئي؟“
“جي ها، اهو شخص ڪجهه ڏينهن منهنجو مهمان به ٿي رهيو، پر پوءِ خبر ناهي ڪيڏهان هليو ويو. ان جي وڃڻ کان ڪجهه مهينا پوءِ مون کي هڪڙي وڪيل جو خط مليو هو، جنهن ۾ نيول جي باري ۾ ڪئين سوال پڇيل هئا، ۽ مون ان کي پنهنجي ڄاڻ جي آڌار تي ٺيڪ ٺيڪ جواب ڏنا هئا”.
“توهان جو اهو خط مونکي ملي ويو هو”. هنري ڳنڀير آواز ۾ چيو ته جيستائين مون کي ياد ٿو پوي ته توهان پنهنجي خط ۾ لکيو هو ته نيول مئي جي شروعاتي ڏينهن ۾ وامنگ واٽو کان روانو ٿيو هو. ان سان گڏ جم نالي هڪڙو گاڏي هلائيندڙ ڪافر (آفريڪا جو غير مهذب وحشي) ملازم به گڏ هو، توهان اهو به لکيو هو ته نيول جو ارادو انياٽي وڃڻ جو هو، جيڪو مٽيابلي جو آخري تجارتي مرڪز آهي. ان کان اڳتي هن پيادل سفر ڪرڻ ٿي چاهيو. توهان پنهنجي تحرير ۾ اهو به لکيو هو ته نيول هڪ پرتگالي شخص وٽ پنهنجو ڇڪڙو وڪڻي، اتر آفريڪا جي گهاٽن جهنگلن طرف نڪري ويو هو، شايد اهو ئي هو توهان جي خط جو مضمون.
“بلڪل درست“
ڪجهه دير تائين خاموشي ڇانيل رهي.
“مسٽر ڪوارٽر مين!” هنري ڪجهه دير ترسي چيو ته توهان اڃان به ڪجهه منهنجي، منهنجو مطلب آهي ته نيول جي باري ۾ ڄاڻندا هوندا؟ توهان کي شايد خبر هجي ته نيول آخر ڇو پنهنجي زندگيءَ جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ ئي اتر آفريڪا جي گهاٽن ٻيلن جو رخ ڪيو هو؟
“جي ها، نيول جي باري ۾ پوءِ به ڪجهه هوائي توائي خبرون پيون ٻڌبيون هيون”. مون بيزاريءَ مان جواب ڏنو، ڇو ته انهن غير ضروري ڳالهين مان مون کي بيزاري پئي ٿي.
“مسٽر ڪوارٽر مين!” سر هنري وري چيو “مان اوهان کي هڪڙي ڳالهه يا ايئن کڻي چئو ته هڪ ڪهاڻي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ۽ ان جي باري ۾ توهان جي صلاح مشوري ۽ ضروري ٿيو ته مدد جو به درخواست گذار ٿيندس. مون کي يقين آهي ته توهان مون کي نااميد نه ڪندئو، جنهن ماڻهوءَ مون کي توهان جو خط پهچايو هو، ان ٻڌايو هو ته توهان شريف، ايماندار ۽ مشهور شخص آهيو، مان توهان جي هر ڳالهه تي اعتبار ڪندس”.
مون شڪر ئي طور پنهنجي ڪنڌ کي هلڪو جهٽڪو ڏنو ۽ سر هنريءَ جي واتان پنهنجي ساراهه ٻڌي، پنهنجي دل ۾ تڪبر ۽ غرور جا پاڇا محسوس ڪرڻ کان رهي نه سگهيس.
“ڪوارٽرمين! نيول منهنجو ڀاءُ آهي”. هنري هڪ دم چئي ڏنو.
“اوهه” مان ڇرڪي ويس، هاڻ مونکي ياد اچڻ لڳو ته هنري کي ڏسي مون کي جنهن شخص جي ياد پئي آئي، اهو نيول هو. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اهو هنريءَ جي مقابلي ۾ ڪجهه بندرو هو ۽ ان جي ڏاڙهي به ڪاري هئي، پر اکين ۽ باقي شڪل صورت ۾ هو اهڙو ئي هو، جهڙو هنري.
“نيول منهنجو ننڍو ڀاءُ هو ۽ ان کان سواءِ منهنجو ٻيو ڪو به ڀاءُ وغيره ناهي. پنج سال ٿيندا جو اسان جو پاڻ ۾ جهڳڙو ٿي پيو. اهڙا جهڳڙا ته هر گهر ۾ پيا ٿيندا آهن. ٻه ٺڪر هوندا آهن سي پيا ٺڙڪندا آهن، پر شايد مان پنهنجي ننڍي ڀاءُ سان انتهائي سخت ۽ ناروا سلوڪ هليو هوس، ان لاءِ مان پاڻ کي ڪڏهن به معاف نه ڪندس. ڪاوڙ ۽ غصي مان منهنجي واتان ڪجهه اهڙا لفظ نڪري ويا هئا، جن هن جي دل کي شديد ڌچڪو رسايو هو”. هنري ساهي کڻڻ لاءِ ٿورو رڪيو ۽ گڊ پنهنجو ڪنڌ ڌوڻڻ لڳو. شايد انهن سڀني ڳالهين جي هن کي اڳيئي خبر هئي. ان وقت جهاز کي اوچتو تمام وڏو لوڏو آيو. اسين ٽئي پنهنجي پنهنجي جڳهه تي ويٺي به هيڏهان هوڏهان ٿي وياسين، ۽ پوءِ پاڻ سنڀالي سِڌا ٿي ويهي رهياسين.
“توهان ته ڄاڻندا ئي هوندؤ” هنري وري پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ ۾ شروع ٿيو ته “جڏهن خاندان جو ڪو شخص پنهنجي سموري جائداد جي ورهاست ڪرڻ کانسواءِ ئي مري ويندو آهي ته ان جو وڏو پٽ سڄي جائداد تي قبضو ڪري وٺندو آهي. منهنجو والد به پنهنجي جائداد جي ڪابه وصيعت ڪرڻ کان سواءِ ئي وفات ڪري ويو هو. تنهنڪري سڄي جائداد تي مون ئي قبضو ڄمائي ورتو ۽ منهنجو ڀاءُ ويچارو مفلس ۽ ٺلهو ئي رهجي ويو. اصول ۾ ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته مان پنهنجي ڀاءُ کي پنهنجي والد جي ملڪيت مان پورو حصو ڏئي ڇڏيان ها، پر ان وقت اسان ٻنهي جون دليون هڪٻئي لاءِ صاف نه هيون. تنهنڪري مون ان جي ڪا سار ئي ڪانه لڌي. مان ان ڳالهه جو منتظر هوس ته هو منهنجي سامهون اچي هٿ ٽنگي، مون کي منٿون ڪري ته آئون هن جي ٿوري مدد ڪريان، اهو منهنجو انتهائي شرمناڪ خيال هو (هتي سرهنري ٿڌا ساهه ڀرڻ لڳو) ليڪن نيول ايڏو ته خوددار هو جو هن منهنجي اڳيان هٿ نه ٽنگيو، معاف ڪجان مسٽر ڪوارٽر مين! منهنجي ڳالهين مان توکي بيزاري ته ضرور ٿيندي هوندي، پر جيستائين مان شروع کان وٺي آخر تائين توکي سڀ واقعا نه ٻڌائيندس، تيستائين مقصد تي پڄي نه سگهندس، ڪيئن مسٽرگڊ؟“
“يقينن “گڊ پنهنجو ڪنڌ لوڏڻ لڳو”. ۽ مون کي يقين آهي ته مسٽر ڪوارٽرمين هيءَ ڳالهه پاڻ تائين ئي رکندو”.
“توهان مطمعن رهو، مرڻ تائين توهان جو اهو راز منهنجي سيني ۾ دفن ئي رهندو”. مون چيو؛
“خير ته، ان منهنجي ڀاءُ جي نالي بئنڪ ۾ ڪجهه پائونڊ جمع ٿيل هئا، جيڪا رقم هو بئنڪ مان ڪڍرائي مونکي ٻڌائڻ بنا ئي جيئن مون کي پوءِ خبر پئي ته هو پنهنجو فرضي نالو نيول رکي اتر آفريڪا ڏانهن روانو ٿي ويو. مون هر جڳهه تي ان کي خط لکيا، ليڪن ڪنهن به خط جو جواب مون کي نه مليو. شايد اُهي خط هن کي مليا ئي نه هجن. ڪافي ماڻهن کي پئسا ڏئي مون هن جي ڳولا ۾ روانو ڪيو پر سڀ ناڪام ٿي واپس موٽي آيا. گذريل ٽن سالن کان مون کي هن جي ڪا به خبر نه ملي آهي، ۽ هاڻ مان ڏاڍو فڪرمند آهيان، مون کي خبر آهي ته لٺ هڻڻ سان پاڻي جدا نه ٿي سگهندو آهي”.
“بلڪل درست فرمايو توهان”. مون پنهنجي پٽ هيريءَ جي باري ۾ سوچيندي چيو.
“اگر ڪوئي شخص مون کي پنهنجي ڀاءُ جارج سان ملائي يا ان جو رڳو سهي پتو ئي ٻڌائي ته خدا جو قسم مان پنهنجي جائداد جو پورو اڌ ان جي نالي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان”.
“پر هاڻ ڪير ٻڌائي ته تنهنجو ڀاءُ ڪٿي آهي، ڪٿي ناهي؟” گڊ چيو
“مسٽر ڪوارٽرمين!” توهان جي خط سان گهٽ ۾ گهٽ ايتري ته خبر پئي ته جارج اڃان زندهه آهي، اڃان ايترو پري نڪري نه ويو آهي، تنهنڪري مان خود سندس ڳولا ۾ نڪري پيو آهيان، ۽ ڪپتان گڊ جو احسان زندگي؛ءَ ڀر نه وساريندس جيڪو ان جي ڳولا ۾ منهنجو ساٿ ڏئي رهيو آهي”.
“خير! تنهنجو ساٿ مان بيمقصد به ڪونه ڏئي رهيو آهيان، ظاهر آهي ته ملازمت مان برطرف ٿيڻ کان پوءِ واندو ويهي بک به ته ناهي نه مرڻو. تو مونکي پئسن ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي ۽ مان تنهنجو ساٿ ڏئي رهيو آهيان.” گڊ چيو “ها مسٽر ڪوارٽرمين! توهان نيول جي باري ۾ ٻيو ڇا ٻڌو آهي؟”