ناول

موٽڻ جنين مهڻو

ھي ڪتاب مشھور يورپين ليکڪ هنري رائڊر هيگرڊ جي جڳ مشهور ناول Allan Quartermain جو ترجمو آھي، جنھن جو سنڌيڪار شاعر ۽ ليکڪ علي نواز ڏاھري آھي.
پنھنجي نوعيت جو نھايت دلچسپ، سبق آموز ناول، زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جا اهڙا ته چٽا عڪس پسائي ٿو، جن ۾ همت ۽ حوصلي جي قوت پاڻمرادو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ مٿان حاوي ٿيندي ٿي وڃي، هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڪردار جي طويل سفر جي ڪٿا ۾ رڻ پٽ، زميني حياتيات سان ويڙهه، رومانس ۽ سامونڊي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ جي سگهه کي اڀارڻ ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن ناول کي فلمبند ڪندي هالي ووڊ جي فلمسازن خوب ناڻو ڪمايو.
Title Cover of book موٽڻ جنين مهڻو

نا اميدي

چوندا آهن ته ننڊ ڦاسيءَ جي تختي تي به اچي ويندي آهي ، ۽ مون کي هڪڙو شعر ياد اچڻ لڳو ته “ ڦاسيءَ جي جهوليءَ ۾ ، هن کي ننڊ اچي وئي “. ۽ ان رات منهنجي به گهڙي پل لاءِ اک لڳي وئي. ۽ ان گهڙي پل جي ننڊ مون کي کن پل لاءِ خوف ۽ حراس کان آزاد ڪري ڇڏيو. مگر گهڻي ديرتائين سمهڻ ڏکيو هو ۽ ڪجهه ئي دير ۾ منهنجي اک کلي وئي، گڊ ۽ هنري بدستور جاڳي رهيا هئا. اها رات اسان ڪيئن گذاري، ان کي بيان ڪرڻ کان مان قاصر آهيان.
ان وقت اسين اهڙي حالت ۾ هئاسين، جنهن حالت ۾ وڏن وڏن سورمن جو به هوند پِتو پاڻي ٿي وڃي ها. جيئن جئين وقت گذرندو رهيو، موت جو بيرحم چنبو پاڻ ڏانهن وڌندو محسوس ڪري رهيا هئاسين. ان وقت ڇانيل هيبتناڪ خاموشي موت کان وڌيڪ دهشتناڪ هئي. ان خاموشيءَ جو اندازو، جيڪا خفيه ڪمري ۾ ڇانيل هئي، لڳائڻ انتهائي مشڪل آهي.
ٻاهر جي دنيا ۾ به رات جي خاموشي طاري ٿيندي آهي، مگر وقت به وقت ڪوئي آواز ان خاموشيءَ جي چادر کي چاڪ ڪري ڇڏيندو آهي، پوءِ اهو آواز ڪيترو ئي ڪمزور ۽ غير اهم ڇو نه هجي، پوءِ به زندگيءَ جو احساس ڏياريندو آهي. مگر هتي قبر جهڙي خاموشيءَ ۾ ڪو آواز به ڪونه هو. اسين دنيا جهان کان بلڪل الڳ ٿلڳ ڄڻ ته ڪنهن قبر ۾ دفن هئاسين ۽ اسان جي مٿان هزارين فوٽن جي بلندين تي پهاڙ جي برف پوش چوٽين تي ٿڌڙي ٿڌڙي زندگي بخش هير گهلندي هوندي، مگر اسين ان نعمت کان محروم هئاسين. ايتري قدر جو هڪ پنج فوٽ ڊگهي چٽان اسان کي “موت جي ڪمري” کان به ڌار ڪري ڇڏيو هو. جيڪڏهن اسين ان ڪمري ۾ هجون به ها ته به خاص فرق نٿي پيو. انهن انتهائي موٽين پهاڙي ديوارن کان ٻاهر جو ڪوبه آواز اسان تائين پڄي نٿي سگهيو. جيڪڏهن خوانخواسته زمين ۽ آسمان پاڻ ۾ ٽڪرائجي وڃن ۽ دنيا ۾ آوازن جو طوفان اچي وڃي تڏهن به اسان کي هوند خبر ئي نه پئي. جيڪڏهن هن وقت واقعي به قيامت اچي وڃي ۽ اسرافيل صور ڦوڪي ته ان صور جو آواز به ٻڌي نه سگهون. ائين اسين دنياوي آوازن جي شور شرابي کان ٻوڙا ٿي وياسين يا ٻوڙا ڪيا وياسين ۽ هن مهل حقيقت ۾ اسان مُردن مثل هئاسين، ۽ وري حالتن جي طنز به اسان جي روحن کي زخمي ڪري رهي هئي. ان وقت اسان وٽ ايڏو ته خزانو هو جو اسان پوري دنيا جي مظلوم، مجبور ۽ بکين انسانن جي بک ختم ڪري پئي سگهياسين. يا دنيا جو عظيم ترين جنگي ٻيڙو تيار ڪرائي پئي سگهياسين، مگر هن وقت هيءَ هيتري دولت اسان جي ڪنهن به ڪم جي ڪانه هئي. آزاديءَ جي معمولي اميد تي به اسين هن ساري خزاني تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار هئاسين. اسان کي يقين هو ته ڪجهه گهڙين بعد اهڙو وقت به ايندو جو اسين هڪڙو اڌ گرهه ماني ۽ ٻه ڍڪ پاڻيءَ جي لاءِ ، هن خزاني بدران موت جا خواهشمند هونداسين ته موت اچي اسان جي سڀني تڪليفن جو خاتمو ڪري ڇڏي.
انهن ئي خيالن ۾ رات گذري وئي.
“ڪوارٽرمين!” هنري جو آواز موت جهڙي خاموشيءَ ۾ ڪجهه عجيب لڳي رهيو هو.
“تو وٽ دٻيءَ ۾ ڏيئي ٻارڻ جون ڪيتريون تيليون بچيون آهن؟”
“صرف اٺ”
“اڇا، ڀلا هڪ ٻاري ڏس ته ڪيترو ٽائيم ٿيو آهي هينئر”.
مون تيلي ٻاري، ان جي ڪمزور روشنيءَ ۾ ڏٺو ته منهنجي گهڙيءَ ۾ پنج وڄي رهيا هئا. اسان کان تمام گهڻي اوچائيءَ تي پهاڙن جي برف پوش چوٽين تي انتهائي خوبصورت پرهه ڦٽي رهي هوندي ۽ اوندهه پنهنجي اوڇڻ کي ويڙهي رهي هوندي.
“قوت برقرار رکڻ لاءِ منهنجو خيال آهي ته ٿورڙو کاڌو کائي وٺون.” مون صلاح ڏني،
“ڪهڙو فائدو؟” گڊ چيو “ هاڻ ته جيترو جلد موت اچي ته اچي هن مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏياري ته چڱو”.
“اميد جو دامن هٿان نه ڇڏيو. نااميدي ڪفر آهي. اميد زندگيءَ جي ڀيڻ هوندي آهي”. هنري چوڻ لڳو.
ٻه گرهه ماني جا هڻي ۽ ٻه ڍڪ پاڻي نڙيءَ کان لاهي خاموشيءَ سان ويهي رهياسين.
“دروازي وٽ پاڻ کي سڏ ته ڪرڻ کپن” هنري راءِ ڏني. “ ٿي سگهي ٿو ته اسان جي سڏن جو آواز ٻاهر تائين پهچي وڃي”.
گڊ اٿيو ۽ دروازي وٽ وڃي هن انفادوس کي ٻه ٽي سڏ ڪيا، ان جو آواز ايترو ته زوردار هو جو مرده به هوند قبر مان ڇرڪ ڀري اٿن ها پر هت گڊجي انهن سڏن جو ذري برابر به اثر نه ٿيو.
ڪجهه ئي دير کانپوءِ هو اڃ کان ساڻو ٿي واپس موٽي آيو ۽ سڏ ڪرڻ بند ڪري ڇڏياسين. ڇا ڪاڻ ته سڏ ڪرڻ سان پاڻيءَ جي تمام ٿورڙي ذخيري تي وڏو اثر پئي پيو.
اسين نااميد ٿيو هيرن جي صندوقن کي ٽيڪ ڏيو ويٺا هئاسين. هي هيڏي تعداد ۾ هيرا هاڻ اسان لاءِ بنهه بيڪار هئا. قسمت اسان جي اميدن تي ڪاري ضرب لڳائي هئي ۽ منهنجي اميدن جو ڀرم ڀورا ڀورا ٿي ويو هو ۽ مان هنري جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي زاروقطار روئڻ ۾ شروع ٿي ويس. گڊ جي سڏڪن جو آواز پڻ اچي رهيو هو.
مگر هو پراميد شخص زبردست طبيعت جو مالڪ هو، جنهن وقت اسين ٻئي حراس ورتل ٻارن جيان هنجون هاري رهيا هئاسين ته هوءُ ٻاجهاري ۽ شفيق ماءُ جيان اسان کي دلاسا ڏئي رهيو هو. توڙي جو هنري به انهن ساڳين ئي مصيبتن ۾ گهريل هو، جن ۾ اسين هئاسين مگر هو پنهنجون ذاتي تڪليفون ۽ مصيبتون وساري اسان کي دم دلاسا ڏئي رهيو هو. هو اسان کي انهن ماڻهن جا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌائي رهيو هو جن سخت مصيبتن ۾ گرفتار هوندي به همت جي دامن کي هٿان نه ڇڏيو هو. ۽ سندن ساريون مشڪلاتون ڪچي ڌاڳي وانگر ٽٽي ويون هيون. مگر انهن قصن ۽ ڪهاڻين جو اسان تي ذرو به اثر نه پئي ٿيو، ته هنري چيو ته “ گهٻرايو نه، تمام جلد موت اچي توهان جي سڀني تڪليفن جو خاتمو آڻي ڇڏيندو”. پوءِ هن هڪ اهڙي ڳالهه ڪئي جيڪا هو اڪثر موقعن تي ڪندو رهندو هو ته پنهنجو پاڻ کي رب جي رضا تي ڇڏي ڏيو.
جيئن رات گذري هئي، تيئن ڏينهن به گذري ويو.
مون تيلي ٻاري ست وڄي چڪا هئا، هن جڳهه ايتري ته اوندهه ڇانيل هئي جو رات ۽ ڏينهن جو فرق معلوم ڪرڻ ممڪن ئي نه هو. هڪ دفعو وري پيٽ جي دوزخ کي مختصر ڇنڊو هڻيوسين جو اوچتو مون کي خيال آيو ته “ڇا سبب آهي جو هن ڪمري جي هوا هميشه تازي توانه رهندي آهي!”.
“او خدا!” گڊ جي من ــ صحرا ۾ اوچتو آس جا گلاب ٽڙي پيا. “ بلڪل ٺيڪ ٿو چئين ڪوارٽرمين! هنن ڀاري پٿرن ۽ پهاڙن کي چيري ته هيءَ هوا نه ايندي هوندي، جيڪڏهن هتي هوا داخل نه ٿئي ها ته ڪڏهوڪو پنهنجي دم گهٽجي وڃي ها ۽ پاڻ مري چڪا هجون ها. هاڻ اچو ته ڳوليون ته هوا ڪٿان ٿي اچي. ممڪن آهي ته ڪا راهه نڪري پوي”.
اسين جانورن جيان هٿن پيرن تي رڙهندي هوا جو رخ تلاش ڪرڻ لڳاسين.
هٿوراڙيون هڻندي منهنجو هٿ ڪنهن ٿڌيءَ شي تي وڃي پيو، مان تڪڙو پوئتي مڙيس، هيءَ ويچاري فلاويٽا جو چهرو هو.
هڪ ڪلاڪ بعد مان ۽ هنري ته ٿڪجي ويهي رهياسين، مگر گڊ هي چئي ته بيڪار کان بيگار سهي. واندو ويهڻ کان ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ ئي بهتر آهي ۽ هو وڏيءَ سرگرميءَ سان ڪم ۾ جٽيو رهيو.
“او دوستو! ٿورو هيڏهان ته اچو” گڊ پر اميد آواز ۾ اسان کي سڏيو.
اسان بجليءَ جهڙي تيزي سان وٽس پهتاسين.
“ڪوارٽرمين! پنهنجو هٿ اورتي ڪري هِت رک، ها. هاڻ توکي ڪجهه محسوس ٿئي پيو؟”
“بلڪل. هوا مٿان کان اچي رهي آهي”. مون جواب ڏنس.
“چڱو، ته ٻڌ جو” ۽ گڊ اڀو بيهي پنهنجو پير زور سان فرش تي هڻيو. اسان جي دلين ۾ اميد جو چراغ روشن ٿيڻ لڳو. مون هڪ ڪنڊ ۾ بيهي تيلي ٻاري ان جڳهه جو معائنو ڪيو. پهاڙ جي مضبوط ۽ پٿريلي فرش تي هڪ جاءِ تي ڪو جوڙ هو، جتي پٿر جو هڪڙو ڪڙو ڏنل هو. اسان جون دليون آزاديءَ جي خوشيءَ مان جهومي اٿيون. گڊ پنهنجي کيسي مان هڪ اهڙي ڇُري ڪڍي، جنهن سان گهوڙن جي سنبن مان پٿريون ڪڍبيون آهن. ۽ پوءِ اوڪڻو ويهي ان ڇريءَ جي مدد سان جنهن جاءِ تي ڪُنڊو لڳل هو، ان جاءِ تي پٿر کي کوٽڻ لڳو. ڪجهه ئي دير ۾ ڪڙو کلي ويو. هيءَ ڪڙو جيئن ته پٿر جو ٺهيل هو، تنهنڪري يقين سان نٿو چئي سگهجي ته اهو لوهه جي ڪڙي وانگر مضبوطي سان ڪُنڊي ۾ قابو ٿيل هو يا مڙئي اٽڪيو پيو هو. گڊ ڪڙو مٿي ڪري پنهنجو هٿ انهيءَ ۾ وجهي پوريءَ قوت سان پاڻ ڏانهن ڇڪيو. مگر ڪجهه نه ٿيو. هنري زور آزمائي ڪئي پر وريو ڪجهه به ڪونه.
گڊ ڇري کڻي وري پنهنجي ڪم ۾ شروع ٿي ويو ۽ ان جڳهه کي چڱي طرح کوٽڻ لڳو جتان تازي هوا اچي رهي هئي.
“هاڻ يارو مڙسي ڪجو. ٻانهون کنجي ڪڙي کي ڇڪجو، پر ٿورو ترسو” گڊ هڪڙو رومال ڪڍيو جيڪو منهن جي پگهر اگهڻ لاءِ هميشه شرٽ جي ڪالر هيٺان رکندو هو. “ ڪوارٽرمين! تون هنري جي چيلهه کي پڪڙ. جڏهن مان چوانء ته ٻئي گڏجي زور لائجو.
هنري پنهنجو پورو زور لڳايو، مان هنري کي ڇڪي رهيو هوس ۽ گڊ مون کي.
“هاڻ پاڻ ڪامياب ٿي رهيا آهيون..ڇڪيو،،، اڃان زور سان،،، آ،، اچي مٿي،،، اڃان زور سان،،،” هنري چيو ۽ اسان پوريءَ طاقت سان زور لاٿو.
اوچتو هڪڙو ڌماڪو ٿيو ۽ پٿر پنهنجي جڳهه تان اکڙي آيو، جنهن ڪري ڪمري ۾ تازي هوا جو ڄڻ ته ڪو سيلاب اچي ويو. ۽ اسان ٽئي پنهنجي زوردار ڇڪ جي ڪري فرش تي اچي ڪرياسين.
وري جلدي اٿي ڪجهه ساهه کڻيوسين.
“ڪوارٽرمين! هڪڙي تيلي ٻار، مگر احتياط سان” هنري مون سان مخاطب ٿيو.
مون تيلي ٻاري ڏٺو ته پٿر جي هڪڙي چاڙهي هيٺ هلي ٿئي وئي.
“هاڻ ڇا ڪجي؟” گڊ پڇيو.
“رب کي ياد ڪري هيٺ لهي ٿا پئون”. هنري صلاح ڏني، “ ڪوارٽرمين بچيل کاڌو ۽ پاڻي کڻي اچ”.
مان ٽپ ڏئي اٿيس ۽ اتي پهتس جتي پٿر جي صندوقن وٽ کاڌو ۽ پاڻي رکيو هو. مان اهو کڻي جيئن ئي واپس ٿي موٽيس ته مون کي هڪڙو خيال آيو ۽ مون سوچيو ته جيڪڏهن پنهنجي قميس ۽ ڪوٽ جي کيسن کي هيرن سان ڀري فل ڪجي ته ان ۾ ڀلا ڪهڙي خرابي آهي، شايد اسين هتان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون. اهو سوچي صندوق ۾ هٿ وڌم ۽ شڪاري ڪوٽ جي کيسن کي هيرن سان فل ڀريم ۽ ٻه ٽي هيرا ٽئين صندوق مان به ڪڍيم ( اهي وڏا هيرا هئا)
“دوستو! مون سنگت کي رڙ ڪندي چيو” توهان کي هيرا نه کپن ڇا؟، مون ته پنهنجي ڪوٽ جا کيسا ڀريا آهن”.
“لعنت وجهه انهن هيرن تي”. هنري ڇڙٻ ڏيندي چيو” مون کي ته انهن کان سخت نفرت ٿي وئي آهي”.
گڊ ڪوبه جواب ڪونه ڏنو، شايد هو فلاويٽا جي لاش کي الوداع ڪري رهيو هو، جنهن سان هن کي بيپناهه محبت هئي. لڳو ائين پئي ته ان به هن منحوس دولت کي حاصل ڪرڻ نٿي چاهيو. مگر مان ته پنهنجي عادت کان مجبور هوس.
“اچ ڀلا ڪوارٽرمين!” هنري چاڙهيءَ جي پهرئين ڏاڪي تي بيٺو هو.وڏي احتياط سان اچجو. مان اڳ ۾ هلان ٿو”.
“هنري! هوشياري ڪجان، متان اڳيان ڪا گهري کاهي هجي”. مون چيس
“پر اهو به ممڪن آهي ته اڃان به ڪو ڪمرو ئي هجي”. هنري چيو ۽ پوءِ هوشياريءَ سان هيٺ لهڻ لڳو، مان ڇنڊي ڦوڪي قدم کڻندو ان جي پٺيان لهڻ لڳس، گڊ مون سان گڏ هو.
پندرهن ڏاڪا لهڻ کانپوءِ هنري بيهي رهيو “ڀائو! چاڙهي ته اتي ئي پوري ٿي وئي. لڳي ٿو ته اڃان پنهنجي قسمت جو ستارو گردش مان نه نڪتو آهي”.
هيٺ پهچي باقي بچيل ٻنهي تيلين مان مون هڪڙي ٻاري ڇڏي ته خبر پئي ته اسين ڪنهن سوڙهيءَ سرنگهه ۾ بيٺا هئاسين ۽ هتي پهچي سرنگهه ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿئي وئي، ۽ جنهن چاڙهيءَ تان اسان هيٺ لٿا هئاسين ان جي ساڄي ۽ کاٻي اها سوڙهي سرنگهه هلي ٿئي وئي. ان کان اڳ جو اسين ڪجهه ڏسي سگهون تيلي منهنجي آڱرين کي ڏنڀ ڏيندي وسامي وئي. هاڻ هت اچي منجهي پياسين ته ڪهڙو رستو اختيار ڪجي. اها به خبر نه هئي ته ساڄي ۽ کاٻي واريون سرنگهون ڪٿي وڃي ٿيون دنگ ڪن، ٿي سگهي ٿو ته هڪ سرنگهه ۾ داخل ٿي اسان ٻاهر پهچي وڃون ۽ ٻي سرنگهه موت جي اٿاهه تاريڪين ۾ وڃي پهچائي. تنهنڪري اتي ڪجهه وقت ترسي سوچڻ ۽ هڪٻئي سان صلاح ڪرڻ لڳاسين جو اوچتو گڊ کي خيال آيو ته مون جيڪا تيلي ٻاري هئي ان جي ڄڀي ساڄي طرف مڙيو پئي وئي.
”اسان کي کاٻي طرف هلڻ کپي” گڊ چيو “ان طرف کان هوا اندر اچي رهي آهي”.
تنهنڪري اسان کاٻي طرف واري سرنگهه ۾ گهڙي پياسين. ايئن آهستي آهستي اسين ان منحوس خزاني جي ڪمري کان دور ٿيڻ لڳاسين. جيڪڏهن اسان کانپوءِ به ڪو شخص خزاني واري ڪمري ۾ داخل ٿيو.( جنهن جي اميد ته ڪانهي) ته اهو ان ڪمري ۾ اسان جون نشانيون ضرور ڏسندو. کليل صندوق، وسايل مشعل ۽ معصوم فلاويٽا جو سفيد هڏائون پڃرو وغيره.
پندرهن منٽن کن هلڻ بعد سرنگهه هڪ طرف مڙي وئي ۽ هتي ان سرنگهه جنهن ۾ اسان هلي رهيا هئاسين، هڪڙي ٻي سرنگهه کاٻي طرف کان اچي ان کي ڪٽيندي ساڄي طرف هلي ٿئي وئي. اسين نڪ جي سڌائي تي هلندا رهياسين. مسلسل ٽي ڪلاڪ هلڻ باوجود به اسين ان سرنگهن جي ڄار مان نڪري نه سگهياسين، هيستائين دل ۾ اميد جو جيڪو چراغ ٽمڪي رهيو هو سوبه هاڻ وسامڻ لڳو.
آخر ٿڪاوٽ ۽ مايوسيءَ جي ڪري هڪ جاءِ تي ويهي رهياسين. هتي اچي اسان باقي بچيل کاڌو کائي ۽ پاڻيءَ جا آخري ڍڪ پيتاسين. لڳو ائين پئي ته اسين جنهن موت جي هٿن مان دامن ڇڏائي خفيه ڪمري مان ڀڳا هئاسين، اهو ئي موت اسان جو پيڇو ڪندو اچي رهيو هو ۽ هتي اچي اسان کي دسيندو.
جڏهن هلڻ لاءِ اٿياسين ته مون کي ڪو مبهم آواز ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳو، خبر ناهي اهو ڇا جو آواز هو، مگر مان ان کي مسلسل ٻڌي رهيو هوس، ۽ مون پنهنجي ساٿين جو ڌيان ان ڏانهن ڇڪايو.
”قسم سان اهو وهندڙ پاڻيءَ جو آواز آهي، اچو” گڊ چوڻ لڳو.
اسين آواز طرف وڌڻ لڳاسين ۽ جيئن جئين اڳتي وک وڌائيندا رهياسين ته اهو آواز تيز ۽ چٽو ٿيندو پئي ويو. ۽ هتي اچي ان ڪنهن شور جي صورت اختيار ڪري ورتي.
اسان تيزيءَ سان اڳتي وڌندا رهياسين. اڳتي... اڃان به اڳتي... يقينن هيءَ تيزيءَ سان وهندڙ پاڻيءَ جو ئي آواز هو پر اسان کي اڃان به شڪ هو ته زمين جي هيٺان پاڻي ڪيئن وهندو هوندو!.
گڊ ته اکين تي هٿ رکي قسم کڻي رهيو هو ته هن کي پاڻيءَ جي بوءَ اچي رهي آهي.
”گڊ! هوشياريءَ سان اڳتي وڌجان لڳي ٿو ته پاڻ پاڻيءَ جي بلڪل نزديڪ پهچي چڪا آهيون”. هنري چوڻ لڳو، ۽ اوچتو “ڇٻڙڪ” جي آواز سان گڊ هيٺ ڦهڪو ڪيو.
مون ٻه ٽي سڏ ڪيا. “گڊ او گڊ، ڪٿي آهين؟”.
”سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي، هڪڙي چٽان هٿ چڙهي وئي آهي ۽ مان هيٺ ڪرڻ کان بچي ويو آهيان، جلدي تيلي ٻاري روشنيءَ جو بندوبست ڪيو ته خبر پئي ته توهان ڪٿي آهيو”. گڊ جو آواز اچڻ لڳو.
مون آخري تيلي به ٻاري ڇڏي، پاڻي اسان جي پيرن وٽ ئي وهي رهيو هو، مان ۽ هنري ان جي ڪناري تي بيٺا هئاسين، ۽ گڊ هڪڙي بلند چٽان تي لٽڪي رهيو هو، جو تيلي وسامي وئي.
”بس جتي آهيو اتي ئي بيٺا هجو. رڳو پنهنجا هٿ اڳتي وڌايو، مان توهان مان ڪنهنجو هٿ پڪڙي وٺندس، مگر هوشيار رهجو، ائين نه ٿئي جو توهان به مون سان گڏ اچي پاڻيءَ ۾ ڦهڪو ڪيو”. گڊ چوڻ لڳو ۽ ٻئي لمحي اسان کي هن جي پاڻيءَ ۾ ڪرڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ٻن ٽن منٽن بعد گڊ هنري جو هٿ پڪڙي ڪناري تي اچي ويو.
”خدا جي پناهه” گڊ سهڪندي چوڻ لڳو “جيڪڏهن چٽان منهنجي هٿ نه چڙهي ها ته مان ته ترڻ به نه ڄاڻندو هان، ۽ ڪڏهوڪو غرق به ٿي وڃان ها،، پاڻي وڏيءَ تيزيءَ سان وهي رهيو آهي، پاڻ کي ته ان جي سير جي سنڌي جي به خبر ناهي”.
”پاڻ کي انهيءَ نالي جي ڪنڌي سان نه هلڻ کپي، متان ڪو ساٿي نه وڃي ان ۾ ڦهڪو ڪري”. هنريءَ صلاح ڏني.
پوءِ اسان انهيءَ نالي مان هٿ منهن ڌوئي پاڻيءَ جي بوتل ڀري سين، نالي جو پاڻي انتهائي ٿڌو ۽ مٺو هو، ڪجهه دير سوچڻ بعد اسين وري سرنگهه ۾ گهڙي پياسين ۽ هڪ ٻي سرنگهه وٽ وڃي پهتاسين، جيڪا کاٻي طرف وڃي رهي هئي.
”لڳي ٿو ته سڀ سرنگهون ساڳي جهڙيون آهن”. هنري چيو “بحرحال ساڄي طرف وڌڻ کپي، جيڪڏهن رب پاڪ گهريو ته پاڻ سرنگهن جي انهيءَ هيبتناڪ ڄار مان پار پڄي ٻاهر نڪري اينداسين”.
اسين ساڄي پاسي واري سرنگهه ۾ داخل ٿياسين، هنري اسان جي رهنمائي ڪري رهيو هو سو يڪدم رڪجي ويو ۽ اسين وڃي ساڻس ٽڪراياسين.
”او سامهون هُو ڏس ڪوارٽرمين!” هنري چيو “منهنجو دماغ چڪرائجي ويو آهي يا واقعي به سامهون روشنيءَ جو دُڦڪ نظر اچي رهيو آهي؟”.
مون غور سان ڏٺو، تمام پري اسان جي بلڪل سامهون روشنيءَ جو هڪڙو ميرانجهڙو دڦڪ نظر اچي رهيو هو. اها روشني قدرتي طور ميرانجهڙيءَ هئي يا اسان جون اکيون اوندهه جون عادي بڻجي ان کي ائين ڏسي رهيون هيون.
اسين ڌڙڪندڙ دلين ۽ لرزندڙ قدمن سان روشنيءَ طرف وڌڻ لڳاسين، سامهون واقعي به روشني ئي هئي، چند قدم اڳتي وڌياسين ته تازي هوا شروع ٿي چڪي هئي ۽ اسان جون دليون خوشيءَ مان جهومي اٿيون.
اسين اڳتي وڌندا رهياسين. سرنگهه ايتري ته سوڙهي هئي جو اسين جانورن وانگر ٽنگن ٻانهن تي بانبڙا ڏئي رڙهندا رهياسين، سرنگهه اڃان وڌيڪ سوڙهي ٿيڻ لڳي ۽ اسين گوڏن ڀر گسندا، ٺونٺين ڀر ٺُرندا ۽ سيني ڀر سُرڻ لڳاسين.
ايئن اسين اڳتي وڌندا رهياسين. هتي اچي محسوس ٿيو ته نرم نرم واريءَ تي رڙهي رهيا آهيون ۽ پٿريلو رستو پورو ٿي چڪو آهي.
آخري ڪوشش،،، ۽ هنري،،، ان بعد گڊ ۽ آخر ۾ مان،،، سرنگهه مان ٻاهر هوس،،، مٿي آسمان تي ستارا اکيون ڀڃي رهيا هئا ۽ ٿڌڙي هوا روحاني سڪون پهچائي رهي هئي. اسين ٽئي خوشيءَ مان مسڪرائي رهيا هئاسين، جو ان هيبت ناڪ جڳهه تان زندهه با سلامت نڪري آيا هئاسين جيڪا اسان جي قبر بڻجڻ واري هئي، پهاڙن جي چوٽين تي پرهه ڦٽي رهي هئي. جنهن کي ڏسڻ جي صرف چند منٽ اڳ اسان کي ڪا اميد ئي ڪانه هئي.
آهستي آهستي پرهه جي پيلي روشني ڦهلجڻ لڳي ۽ هاڻ ڏٺوسين ته اسين هڪڙي غار جي سامهون واري هڪڙي وڏي ۽ گهري کڏ ۾ بيٺا هئاسين.
صبح جي روشنيءَ اڃان تيز ٿي ته اسان هڪٻئي جو جائزو ورتو، هر هڪ جي اکين جي چوڌاري ڪارا دائرا ٺهي چڪا هئا ۽ وار صفا بري طرح وکري ويا هئا ۽ چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويا هئا. اسان جا ڪپڙا ۽ جسم ڪچري ۽ ڪيچڙ ۾ ٿڦيا پيا هئا، پوءِ به يقين ڪيو ته گڊ کي اها هڪ چشمي عينڪ بدستور اک سان چهٽي پئي هئي.
اسان اٿي مٿي چڙهڻ شروع ڪيو. ڪلاڪ کن جي جدوجهد کانپوءِ اسين انهيءَ کڏ جي ڪناري بيٺا هئاسين. سامهون شاهراهه سليمان اڳتي هلي ٿئي وئي ۽ دور ڪٿي اهو غار نظر اچي رهيو هو، جتي ٽن خاموش ديوتائين جا مجسما نصب ٿيل هئا، شاهراهه سليمان جي هڪ طرف کان هٽي غار کان ڪوئي سئو کن گز دور جهوپڙين جي سامهون ڪا مشعل ٻري رهي هئي، ۽ ان جي روشنيءَ ۾ انساني پاڇن جي چر پر نظر اچي رهي هئي. اسين اوڏهان وڌياسين، اسان کي ڏسندي ئي هڪ ڄڻو اٿيو ۽ خوشيءَ مان دانهن ڪري اسان جي قدمن ۾ وڇائجي ويو.
”انفادوس، انفادوس، اسين پهچي وياسين، تنهنجا دوست”. مون کان خوشي روڪي نه ٿي.
”منهنجا آقا،،، منهنجا آقا،، ڇاهي واقعي ئي منهنجا آقا ئي آهن يا مون کي پنهنجون نگاهون ۽ سماعتون دوکو ڏئي رهيون آهن”. ۽ پوڙهو جرنيل هنريءَ جا پير پڪڙي خوشيءَ مان زار وقطار روئندو رهيو.