ناول

موٽڻ جنين مهڻو

ھي ڪتاب مشھور يورپين ليکڪ هنري رائڊر هيگرڊ جي جڳ مشهور ناول Allan Quartermain جو ترجمو آھي، جنھن جو سنڌيڪار شاعر ۽ ليکڪ علي نواز ڏاھري آھي.
پنھنجي نوعيت جو نھايت دلچسپ، سبق آموز ناول، زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جا اهڙا ته چٽا عڪس پسائي ٿو، جن ۾ همت ۽ حوصلي جي قوت پاڻمرادو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ مٿان حاوي ٿيندي ٿي وڃي، هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڪردار جي طويل سفر جي ڪٿا ۾ رڻ پٽ، زميني حياتيات سان ويڙهه، رومانس ۽ سامونڊي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ جي سگهه کي اڀارڻ ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن ناول کي فلمبند ڪندي هالي ووڊ جي فلمسازن خوب ناڻو ڪمايو.
Title Cover of book موٽڻ جنين مهڻو

فيصلا ڪن جنگ

چند ئي منٽن بعد ٻئي دستا ٽواله جي لشڪر کان لڪندا ڇپندا پنهنجي پنهنجي محاذ طرف وڌڻ لڳا. گريز جو دستو جيڪو اڃان تائين جنگ نه وڙهيو هو سو بلڪل تازه دم، اڌ ڪلاڪ تائين پٺ تي رڪيل رهيو. جيئن ٻئي دستا پنهنجي پنهنجي محاذ تائين پڄي وڃن.
انفادوس جيڪو هڪ ماهر جرنيل ۽ پنهنجي ساٿين جي دل ۽ دماغ کان واقف هو سو هڪ چٽان تي بيهي جذباتي تقدير ڪري پنهنجي فوجين جي حوصلن کي گرمائڻ لڳو ۽ آخر ۾ ان چيو ته “ اها اسان جي خوشقسمتي آهي ته ستارن جي دنيا جو قومي اڳواڻ انڪوبو اسان سان گڏ آهي. ان جي ٻانهن جي ٻل ۽ طاقتور جادوءَ کان ٽواله جو لشڪر جلد ئي منهن ڦيري پوئين پير ڀڄندو. ياد رکو اگنوسيءَ جي قسمت جو دارو مدار توهان تي آهي، اگر هو ڪامياب ٿيو ته ڪوڪوآنه جي سرزمين تان ظلم ۽ جبر جو هميشه هميشه لاءِ خاتمو اچي ويندو”.
مون گريز جي مطمئن چهرن طرف ڏٺو جن ۾ ايتري شجاعت ٽپڪي رهي هئي جو لڳو پئي ته هاڻ انهن کي ديوتائين جي پرواهه به ڪانه هئي، مگر انهن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر به نه هو ۽ مان سوچي رهيو هوس ته ٽواله جي بيپناهه لشڪر سامهون هنن جو ڪو هڪڙو سپاهي به مشڪل زندهه بچي سگهي، ۽ شايد گريز کي به اهڙو يقين هو. پوءِ به انهن جي چهرن تي ڪنهن به ڊپ يا حراس جو ڪو نالو نشان ئي نه هو. جنگ انهن لاءِ هڪڙي ٻاراڻي راند ۽ موت انهن لاءِ معمولي شي هو. مان ان وقت گريز جي بهادريءَ تي رشڪ ڪرڻ کان رهي نه سگهيس.
“ڏسو! هي توهان جو بادشاهه آهي” انفادوس اگنوسيءَ طرف اشارو ڪيو” اڄ هن لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين لڙي دنيا تي ثابت ڪري ڇڏيو ته بهادر ڪهڙي طرح جنگ وڙهندا آهن. جيڪڏهن توهان مان ڪنهن جنگ کان منهن موڙيو ته ياد رکجو ڪوڪوآنه جو ٻچو ٻچو ان تي قيامت تائين لعنت ملامت ڪندو رهندو. اڳتي وڌو ۽ دشمن جا ڏند کٽا ڪري کيس ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيو. انڪوبو توهان سان هر قدم تي گڏ هوندو. تنهنڪري اهڙي جنگ وڙهي ڏيکاريو جو ڪوڪوآنه جون مائرون پنهنجن ٻارن کي توهان جي بهادريءَ جا گيت ٻڌائينديون رهن. اڳتي وڌو ۽ ٽواله کي ٻڌائي ڇڏيو ته فتح هميشه حق جي ٿيندي آهي ۽ ناحق کي منهن واريءَ کائڻي پوندي آهي”.
هڪدم سپاهين جي گروهه مان اهڙي قسم جا آواز اچڻ لڳا جيئن ڏور ڪنهن سمنڊ جو آواز ايندو هجي، ڪيترائي نيزا بلند ٿيا، ڍالن جي کڙ کڙاهٽ ۽ شاهي سلام جي آواز سان آس پاس جون پهاڙيون لرزي اٿيون.
“انگوسي!” مون سوچيو” تون پنهنجي قسمت تي جيترو به ناز ڪرين سو گهٽ آهي، دنيا جي ڪنهن به بادشاهه کي اهڙو لشڪر نه مليو هوندو جيڪو پنهنجي بادشاهه جي هڪڙي اشاري تي موت جي اٿاهه تاريڪين ۾ ڪڏي ڪاهي پئي”.
اگنوسيءَ پنهنجو نيزو بلند ڪيو ۽ گريز ٽي صفون ٺاهي اسان جي اڳيان وڌڻ لڳا. جڏهن انهن جي آخري صف اسان کان ڪي پنج سئو گز اڳتي وڌي ته اگنوسي مون کي ۽ پنهنجي دستي کي وٺي انهن جي پٺيان هليو. نااميدي ۽ خوف بريءَ طرح منهنجي دل ۾ پنهنجا چنبا کوڙي ڇڏيا هئا. خيالن جا گهوڙا منهنجي دماغ ۾ تيز ڊوڙندا ٿي رهيا ۽ منهنجي دل موت جي خوف کان اندر ئي اندر طوفان ۾ تيز ٽاريءَ جيان بري طرح لرزي رهي هئي.
جڏهن اسان ميدان جي ڪناري پهتاسين ته گريز جو دستو ڏاند جي زبان جهڙي چٽان تي اڌ تائين پڄي چڪو هو. ٽواله جي لشڪر ۾ هلچل متل هئي ۽ سپاهي بيتحاشا گريز جي مقابلي لاءِ اڳتي وڌندا ٿي رهيا.
گريز جو دستو مقرر جڳهه تي پهچي وڃي بيهي رهيو. جيڪا جڳهه ٽي سئو گز ويڪري ۽ چار يا پنج سئو قدم سوڙهي هئي. جتي پهچي گريز پنهنجي دستي کي وري به ٽن صفن ۾ ترتيب ڏنو ۽ پوءِ خاموشيءَ سان ٽواله جي لشڪر جو انتظار ڪرڻ لڳو. اسين گريز جي آخري صف کان ڪي ٻه سئو گز پري پنهنجي مقرر جڳهه تي وڃي بيٺاسين. جتان ڏٺم ته ٽواله جي فوج جنهن جو تعداد چاليهه هزارن کان ڪنهن به ريت گهٽ نه هوندو سو سمنڊ جي طوفاني لهرن جيان گريز ڏانهن وڌندو پئي آيو، ۽ اهڙِي جوش خروش سان وڌندو پئي آيو جو مون سمجهيو ته اسان جي مٺ جيتري لشڪر کي ڪک پن وانگر لوڙهي الائي ڪٿي وڃي ڪڍندو.
پر اهو ڏسي ته چڙهائي انتهائي سوڙهي آهي ۽ سندن مقابلو ڪوڪوآنه جي بهادر ترين قومي دستي گريز سان آهي ته ٽواله جي لشڪر جو سيلاب رڪجي بيهي رهيو. هنن کي اڳتي وڌڻ جي همت ئي نه پئي ٿي. ايتري ۾ ٽواله جي لشڪر مان هڪڙو لمُبو شخص اٺ پکيءَ جي کنڀن جو تاج پاتل ٻاهر آيو. اهو ٽواله پاڻ هو. جنهن اشارو ڪيو ته پهري صف نعرا هڻندي گريز طرف وڌڻ لڳي. ٽولاس بلند ٿيا ۽ هوءِ تيزيءَ سان گريز طرف وڌڻ لڳا. ليڪن انهن بهادرن کي به اطمينا نه پئي ٿيو. تنهنڪري ٽواله جي پهرين صف اڳتي وڌي وڃي گريز تي ڪڙڪي. هٿيارن هلڻ جو آواز ائين گونجڻ لڳو جيئن گهنگهور گهٽائون گرجنديون هجن.
هزارين نيزا بلند ٿي انساني سمنڊ ۾ غوطا کائڻ لڳا. ڪنڌ ڪرڻ ۽ ڪونڌر ڪسڻ لڳا. رت ريلا ٿي وهڻ لڳو. “ ڪرهه هئي ڪانه، هو نظارو نينهن جو” جيان جنگ پوري زور شور سان جاري هئي. اوچتو گريز اگنوسي زنده باد، اگنوسي زنده باد جا نعرا هڻندي ٽواله جي صفن تي ائين وڃي ڪڙڪيا جيئن عقاب پنهنجي شڪار تي ڪڙڪي ۽ ڏسندي ڏئي ڏسندي گريز ٽواله جي پهرين صف جو مڪمل صفايو ڪري ڇڏيو. گريز وري به اچي پنهنجي جاءِ تي خاموشي بيهي رهيا ۽ مون ڏٺو ته هنري انهن وچ ۾ ڀڄ ڊڪ ۾ صفون ترتيب ڏئي رهيو هو. اگنوسي حڪم ڏنو ته دشمن جي زخمي سپاهين سان ڪا به رعايت نه ڪئي وڃي. ان جو اهو حڪم آفيسرن تائين پهچايو ويو. ٽواله جي ٻي صف پنهنجا نيزا ۽ ٽولاس لهرائيندي گريز طرف وڌي. گريز خاموش بيٺا انهن جي پيش قدميءَ کي ڏسندا رهيا.جڏهن اهي چاليهه گزن جي فاصلي تي پهتا ته گريز جي پهرين صف جنبش ۾ آئي. انهن نعرو هڻيو ۽ بکين شينهن وانگر دشمن تي ڪڙڪي پيا. هڪ دفعو ٻيهر فضا هٿيارن جي جهنڪار ۽ بهادرن جي چيخ وَ پڪار سان گونجي اٿي. ٽواله جو هر سپاهي ديوانه وار لڙي رهيو هو. انهن هڪڙو ڀرپور حملو ڪيو، پر گريز مضبوطيءَ سان ڄميا رهيا. دشمن جو هر سپاهي اڳتي وڌي پوري قوت سان گريز تي حملا ڪري رهيو هو. صفون درهم برهم ٿي ويون. ڪنهن کي پنهنجي پرائي جي ڪا خبر ئي نه رهي. هر سپاهي سامهون واري سپاهيءَ سان الجهيل هو. جنگ وڏي زور شور سان جاري هئي.
هڪ هڪ منٽ ۾ هزارين سپاهي ڪرندا ۽ مرندا رهيا. موت جو فرشتو وڏيءَ تيزيءَ سان پنهنجو ڪم سرانجام ڏئي رهيو هو. ٽواله جي فوج گڏجي هڪڙو ڀرپور حملو ڪيو. گريز قدم به قدم پوئتي هٽڻ لڳا. مون سمجهيو ته بس جنگ جو فيصلو اجهو ڄاڻ ته ٿيو.
گريز تمام تيزيءَ سان پوئتي هٽڻ شروع ڪيو. ٽواله جا سپاهي. بيرحميءَ سان انهن کي قتل ڪري رهيا هئا. جو اوچتو هنري جو گجندڙ آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ان نعرا هڻندي پنهنجو ڪهاڙو بلند ڪيو ۽ گريز جا اکڙيل قدم ڄمي ويا. هاڻ گريز وڌڻ ۽ دشمن هٽڻ شروع ڪيو. “ ديوتائين جو قسم گريز وڏا بهادر آهن” اگنوسيءَ چيو” هن دفعي ميدان اسان جي هٿ رهندو”.
۽ بلڪل هيءَ گريز پنهنجو پاڻ وساري، وجود جي ويڙهه وڙهي رهيا هئا. دشمن جا ڌڙ سسين کان ڌار ڪري رهيا هئا. انهن ڄڻ ته قسم کڻي ڇڏيو هو ته هُو اڄ نه وڙهيا ته ڪڏهن به نه وڙهندا.
گريز اهڙي ته بيجگريءَ سان وڙهيا جو انهن جو ڪافي تعداد وڙهندي وڙهندي مارجيمارجي ويو ۽ هوءِ باقي ڳڻڻ جيترا وڃي بچيا ۽ انهن ڳڻپ جيترن بهادرن هڪ دفعو ٻيهر پوري شدت سان حملو ڪيو ۽ ٻئي لمحي ٽواله جو لشڪر پويان پير ڪري وٺي ڀڳو ۽ ڀڄندو ئي ويو. مون ڏٺو هنري صحيح سلامت هڪڙي چٽان تي بيٺو هو ۽ ان سان گڏ ان جو پوڙهو دوست انفادوس پڻ موجود هو.
هڪ دفعو جنگ وري رڪجي وئي.
مان پهرئين ئي اعتراف ڪري چڪو آهيان ته مان ٿورو بزدل آهيان ۽ جنگ وغيره کان ڀڄندڙ آهيان پر هينئر پهريون ڀيرو منهنجي دل ۾ جنگ لڙڻ جي شديد خواهش ڪر موڙي اٿي ۽ منهنجي دل جو نانگ انسانن جي قتل لاءِ پنهنجي ڦڻ ڪڍي جهولڻ لڳو. مون پنهنجي پٺيان بيٺل سپاهين تي نظر وڌي، جيڪي وڏي بيچينيءَ ۽ ڪاوڙ مان ڏند ڪرٽي رهيا هئا. جن جو اکيون ان ڪتي وانگر چمڪي رهيون هيون. جنهن شڪار ته ڏسي ورتو هجي پر پاڻ زنجير ۾ ٻڌل هجي ۽ شڪار تائين پهچي نه سگهي.
“ ڪاش مان به ايڏو دلير ۽ بهادر هجان ها” مان سوچڻ لڳس.
اگنوسي وڏي سڪون ۽ اطمينان سان بيٺو ميدان جنگ طرف ڏسي رهيو هو.
“اگنوسي!” آخر مون کان رهيو نه ٿيو “ اڃان ڪيستائين هتي بيٺا پنهجن ڀائرن کي مرندي ڏسندا رهنداسين”.
“هاڻ وقت اچي ويو آهي ميڪوميزن ته......”
اگنوسي اڃان ڳالهه پوري به نه ڪئي جو اسان جي هڪ تازه دم دستي وڌي وڃي دشمن تي حملو ڪيو ۽ اسان به اڳتي وڌڻ لڳاسين. ان بعد جيڪي ڪجهه ٿيو سو بس بيان ڪري ئي نٿو سگهان. بس ايترو سو ياد اٿم ته ڀاري قدمن کان ڌرتي هڏڪيون کائي رهي هئي. ڪجهه ئي دير کانپوءِ هٿيارن جي جهنڪار ۽ نيزن جي چريو ڪندڙ چمڪ منهنجي دماغ کي مائوف ڪري ڇڏيو.
جڏهن هوش حواس ۾ آيس ته هنري وٽ بيٺو هوس، خبر ناهي ته جنگ جي بلڪل وچ مان ڪئين بچي نڪتو هوس. بعد ۾ مون کي هنري ٻڌايو ته جڏهن اسان دشمن تي حملو ڪيو ته تون ان ريلي ۾ وهندو وهندو هيستائين اچي نڪتو هئين، ۽ جڏهن حملا ڪندا اسان جا سپاهي پوئتي هٽيا ته تون بيوقوفن جيان اڪيلو ئي اتي بيٺو رهجي وئين. جتان هنري ڏسي مون کي واپس پنهنجي فوج طرف گهلي ويو.
جنگ ڪيڏي خوفناڪ هئي ۽ ڪيئن ٿي؟ اهو ٻڌائڻ کان مان قاصر آهيان، ڇو ته پهرئين ئي مان هوش حواس وڃايو ويٺو هوس. بس ائين سمجهيو ته اهڙي جنگ مون اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. هنريءَ جو ڪهاڙو هزارين جانين مان آرپار گذري قتل عام ڪري رهيو هو. دشمن جا سپاهي ان سامهون اهو چوندي هٽي ٿي ويا ته “ هيءَ جادوگر ته مرڻ سکيو ئي ناهي”
ڪنهن کي هنريءَ سامهون اچڻ جي همت نه پئي ٿي. دشمن تي سڪتو طاري هو. مگر ٻئي لمحي “ ٽواله، او ٽواله” جو آواز بلند ٿيو ۽ ڪاڻو ٽواله لشڪر مان نڪري اچي اسان جي سامهون ٿيو.
“ڪٿي آهي اهو ذليل انڪوبو؟ جنهن منهنجي پٽ جي جان ورتي هئي” ٽواله چيو “ مان به ڏسان ته ڪيئن ٿو هو منهنجو مقابلو ڪري “ ۽ ان پنهنجو ٽولاس گهمائي هنري طرف اڇلايو. هنري تڪڙ ۾ ڍال اڳيان ڪئي ۽ ٽولاس ٽڪرائجي زمين تي اچي ڪريو. ٽواله صفا ڇتو ٿي پيو ۽ اڳتي وڌي ڪهاڙي سان هنري تي وار ڪيو. هنري ڍال ڏني ليڪن ٽواله ايڏي ته قوت سان وار ڪيو هو جو هنريءَ جهڙو قداور مڙس به گوڏن ڀر زمين تي وڃي ڪريو، ٽواله خوشيءَ مان هڪلون ڪندي ٻئي وار لاءِ هنري ڏانهن وڌيو. مون ڊپ مان پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون. اچانڪ ٽواله جي لشڪر جي ساڄي ۽ کاٻي حصي ۾ شور بلند ٿيڻ شروع ٿيو. اسان جي انهن دوستن جن سان گڊ گڏ هو، ٻنهي طرفن کان ٽواله جي فوجين تي حملو ڪري ڏنو هو. ان اوچتي خطرناڪ حملي ٽواله جي سپاهين جا قدم اکوڙي ڇڏيا ۽ هوءَ شڪست کائي بي ترتيبيءَ سان “لو” طرف وٺي ڀڳا. ٽواله به هنري کي ڇڏي وٺي ڀڳو.
ميدان خالي هو اسان جي آس پاس خاڪ ۽ خون ۾ ليٿڙيل لاش ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. گريز جا باقي نوي سپاهي وڃي بچيا هئا. باقي سڀ پنهنجي بادشاهه تان قربان ٿي ويا هئا.
”دوستو! ڪاميابي جو سهرو توهان جي سرتي آهي”. انفادوس پنهنجو پٽي ٻڌل زخمي هٿ مٿي ڪري بچيل سچيل گريز کي چيو . “ قيامت تائين مائرون پنهنجن ٻچن کي توهان جي بهادريءَ جا قصا ٻڌائينديون رهنديون”. پوءِ وڏي اعتماد سان هنري جي هٿ تي چمي ڏني. “ انڪوبو! توجهڙو بهادر شخص مون کي رو ۽ زمين تي نٿو سجهي”.
اگنوسي پنهنجي دستي سميت ٽواله جي تعاقب ۾ “ لو” طرف ويل هو. جتان ان پيغام موڪليو ته هنري ۽ انفادوس فوراً ان وٽ پهچن جيئن ٽواله کي گرفتار ڪري ڪاميابيءَ جي تڪميل ڪئي وڃي. اوڏهان وڃڻ لاءِ اڃان اسان هڪڙو قدم ئي مس کڻيو هو جو ٻه سپاهي گڊ کي،،،، نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ کڻيو اسان طرف ايندا نظر آيا. گڊ بانس جي ٺهيل هڪڙي اسٽريچر تي ليٽيل هو ۽ ان سان گڏ هڪ سپاهيءَ جو لاش به رکيو هو.
“لڳي ٿو ته گڊ زخمي ٿي پيو آهي” هنري چيو.
اوچتو ڪجهه لُڏيو. گڊ سان گڏ ستل سپاهي جنهن کي اسان مرده سمجهيو ويٺا هئاسين ، سو اٿيو ۽ گڊ تي پنهنجي نيزي سان وار ڪرڻ لڳو، مان ۽ هنري گجگوڙ ڪري ان ڏانهن وڌياسين. ان سپاهيءَ گڊ تي آخري وار ڪري چيو “ کڻو پنهنجي سفيد جادوگر کي” ۽ وٺي ڀڳو . اسان کي پڪ ٿي وئي ته اسان جو عزيز دوست ويچارو هلي پيو، پر اتي پهچي ڏٺوسين ته هو مسڪرائي رهيو هو ۽ هڪ چشمي عينڪ بدستور سندس اک سان جهٽيل هئي.
“ٽواله جي ڏنل زرهه بچائي ورتو نه ته هُو نالائق مون کي ڪڏهوڪو ماري چڪو هو”.
ايترو چئي گڊ بيهوش ٿي ويو. گڊ جي هڪڙي پير تي گهرو زخم رسيو هو. پر ان وقت اسان ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهياسين. تنهنڪري ٻن سپاهين کي چيوسين ته گڊ کي اسان سان گڏ کڻي هلو،،،،.
اسان گنوسيءَ سان وڃي ملياسين ۽ “ لو” طرف وڌڻ لڳاسين. “ لو” جي صدر دروازي تي اسان جي جانثار سپاهين جو پهرو بيٺل هو. انهن ٻڌايو ته ٽواله جي ساري فوج “ لو” ۾ ئي مقيم آهي.
اگنوسي فوراً پنهنجي بادشاهه هجڻ جو اعلان ڪندي، پڙهو گهمايو ته جيڪو به سپاهي هٿيار ڦٽا ڪندو ان جي جان بخشي ويندي. ان پڙهي جو خاطرخواهه اثر ٿيو. فوراً خندق تي پل لڳائي وئي ۽ اسين “لو” ۾ داخل ٿياسين.
مفرور سپاهي رستن جي ٻنهي طرفن کان هٿ ٻڌيو بيٺا هئا. انهن جا هٿيار انهن جي قدمن ۾ ڍير لڳا پيا هئا. انهن جي وچان گذرندا اسان ان ميدان تي پهتاسين جتي اسان ڏائڻين جو خوني رقص ڏٺو هو. ميدان بلڪل خالي پيو هو. جنهن جي آخري ڇيڙي تي ٽواله گگول سان گڏ ويٺو هو ۽ سندس پيرن ۾ ان جي ڍال ۽ جنگي ڪهاڙو پيو هو.
هي منظر ڏاڍو عبرت ناڪ هو. اهو ٽواله جنهن جي نالي کان هتان جي ڪائنات ڪنبي ويندي هئي. جيڪو هزارين عورتن جو اڪيلو خاوند هو. جيڪو پاڻ کي ڪوڪوآنه جو خدا سمجهندو هو، سو بي يارو مددگار ويٺو هو. ان جون زالون به ان کي اڪيلو ڇڏي الائي ته ڪيڏهان منهن ڪري ڀڄي ويون هيون. سارو لشڪر اگنوسيءَ سان ملي ويو هو. ان وقت اگر ڪو ان سان گڏ هو ته صرف اها ڪراڙي ڏائڻ گگول ئي هئي.
انهيءَ کان پنجاهه گز پري اسان جو دستو اچي رڪيو. اسان چند جانثار سپاهين سان گڏجي ٽواله طرف وڌياسين، گگول چيريندڙ ڦاڙيندڙ نگاهن سان اسان ڏانهن ڏٺو. ٽواله پنهنجون غمگين نگاهون پنهنجي ڪامياب دشمن اگنوسيءَ تي ڄمائي ڇڏيون.
“سلام اي بادشاهه! ٽواله چيو “ تون جيڪو منهنجي ٽڪرن تي پليئن، تون جيڪو ڪنهن زماني ۾ منهنجي رحم ڪرم تي هئين، اڄ هنن سفيد جادوگرن جي مدد سان ڪوڪوآنه جو بادشاهه بڻيو آهين. ٻڌاءِ تون مون کان ڪهڙي ڳالهه جو بدلو وٺڻ ٿو چاهين.
ٻڌاءِ ڇا جو انتقام ٿو وٺين؟”.
پنهنجي شهيد والد جو، جنهن کي تو دوکي سان قتل ڪيو هو. جنهن جي ملڪ تي تون اڄ ڏينهن تائين حڪومت ڪندو رهيو آهين”. اگنوسي جواب ڏنو.
“ڏاڍو سٺو. مان توکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته بهادر ۽ جنگجو جرنيل ڪيئن پنهنجي جان ڏيندا آهن، جو جيڪڏهن سڀاڻ توتي به ڪو اهڙو وقت اچي ته تون به بهادريءَ سان جان ڏئي سگهين. ڏس سج لهي رهيو آهي”. هن لهندڙ سج ڏانهن اشارو ڪندي چيو “ مان چاهيان ٿو ته منهنجي زندگيءَ جو سج به ان سان گڏ ئي لهي وڃي. مان مرڻ لاءِ تيار آهيان. ليڪن ڪوڪوآنه جي شاهي روايت برقرار رکڻ لاءِ وڙهندي وڙهندي هڪ بهادر جرنيل جيان جان ڏيڻ ٿو چاهيان. ڪنهن ٻڪر جهڙو موت مرڻ نٿو چاهيان، جيڪو ڪسڻ مهل ڪا ٻيڪ به نه ڪري سگهندو آهي. تنهنڪري تون منهنجي آخري خواهش کي نه ٺڪرائجان نه ته اهي بزدل جيڪي اڄ ميدان جنگ مان شڪست کائي ڀڳا آهن سي به توتي لعنت ملامت ڪندا رهندا، ۽ تنهنجي انهيءَ بزدليءَ جون ڳالهيون ڪيئي سال پيا ڳائيندا.
“مون کي منظور آهي، پر تون ڪنهن سان لڙڻ ٿو چاهين؟. مون سان؟ پر مان توسان لڙي نٿو سگهان ڇو ته بادشاهه صرف ميدان جنگ ۾ ئي پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاري سگهندا آهن. جنهن ڳالهه کان تون پاڻ به بخوبي واقف آهين.”
ٽواله پنهنجي اڪيلي اک اسان طرف گهمائي ۽ مان ڊڄڻ لڳس ته ڪٿي مون کي نه مقابلي لاءِ چيلينج ڪري.
“انڪوبو! جنهن جنگ جي شروعات مون ۽ تو ڪئي هئي. اڄ ته ان جو فيصلو به ڪري وٺون. يا تون به بزدل ٿي وئين؟” ٽواله چيو.
“نه تون انڪوبو سان نٿو لڙي سگهين” اگنوسيءَ چيو.
“ها، جيڪڏهن هو پاڻ ان ڳالهه جو اقرار ڪري ته هو به مون کان خوفزدهه آهي ته پوءِ مان پاڻ ڪنهن ٻئي بهادر ماڻهو کي مقابلي لاءِ چونڊي وٺندس”.
بدقسمي سان هنري ٽواله جي ڳالهه سمجهي ورتي ۽ ان جي اکين ۾ جنسي رت لهي آيو.
“مان ئي توسان وڙهندس”. هنري گر جندي چيو “ ۽ توتي ثابت ڪندس ته مان بزدل ناهيان.”
“خدا کي مڃ، پنهنجي جان جو دشمن نه ٿيءَ هنري!” مون التجا ڪئي ته اڄ جنهن به توکي جنگ ڪندي ڏٺو آهي سو ڪنهن به صورت ۾ توکي بزدليءَ جو طعنو نه ڏيندو”.
“نه، مان ئي ٽواله سان لڙندس”. هنري چيو “ هيءَ مون کي بزدليءَ جو طعنو نٿو ڏئي سگهي”.
هنري اڳتي وڌي پنهنجو ڪهاڙو بلند ڪيو.
“ منهنجا ڀاءُ، تون هن وقت ڏاڍو ٿڪل آهين، تنهنڪري پنهنجي ارادي کان باز اچ، اگر تون ماريو وئين ته مون کي سڄي زندگي قرار نه ايندو”. اگنوسي چيو.
“نه، هاڻ ڪجهه به نه چئو اگنوسي!”
“چڱو ڀلا منهنجا بهادر دوست، خدا ڪندو ته پنهنجي آخري دشمن کي دسي سوڀارو ٿيندين، ٽواله اٿ، منهنجو ساٿي تيار آهي”.
ٽواله خوفناڪ ٽهڪ ڏيندو اٿيو. ٻنهي پنهنجي دشمن جو نظرن ئي نظرن ۾ جائزو ورتو ۽ اوچتو هنري اڇل کائي پنهنجي ڪهاڙي سان ٽواله تي ڀرپور وار ڪيول. ٽواله اڇل کائي هڪ طرف ٿي ويو، ۽ هنري جو وار خالي ويو ۽ ڪهاڙو زمين تي وڃي لڳو ۽ هنري پاڻ نه سنڀاليندي اڳتي جهڪي پيو، ٽواله موقعي جو فائدو وٺندي ڪهاڙو بلند ڪيو ۽ زور سان رڙ ڪري پنهنجو ڪهاڙو کڻي پوريءَ طاقت سان هنريءَ جي گردن ڏانهن وڌيو، منهنجي دل اڇل کائي وئي ۽ اکيون پورجي ويون. هنري ڍال سامهون ڏني ۽ هڪڙو “ تڙاخ” جو آواز آيو ۽ ڍال جو ڪنارو صاف اڏري ويو ۽ ٽواله جو ڪهاڙو ٽڪرائجندو وڃي هنري جي ڪنڌ تي پيو، مگر ان جو زور ختم ٿي چڪو هو. ان ڪري هنري کي ڪو به زخم نه رسيو. هنريءَ کي پاڻ سنڀالڻ جو موقعو نه ڏيندي ٽواله لاڳيتو ٻيو وار ڪيو. ان وار کي به هنري ڍال سان رنڊائي ڇڏيو. هاڻ ته ٽواله صفا ڇتو ٿي پيو ۽ وار مٿان وار ڪندو رهيو.
اسان جو دستو جيڪو پري بيهي جنگ جو تماشو ڏسي رهيو هو، سو اڳتي وڌيو، هر سپاهي اوچي آواز سان دانهون ڪرڻ لڳو. گڊ منهنجي ڀرسان بيهوش پيو هو. ان کي هوش آيو ته ان ڪنڌ کڻي ڏٺو ته هي وري ڇا جو شور آهي ۽ جڏهن ان کي معاملو سمجهه ۾ آيو ته هو اٿيو ۽ پنهنجي منڊي ٽنگ گهليندو، هيڏهان هوڏهان ڦرندو، هنري کي هدايتون ڏيڻ لڳو.
“ها، ائين نه. ٿورو پوئتي هٽ، اڇل کائي وار ڪر، او، ائين نه يار، ٻه قدم اڳتي وڌ، ها ائين، اڙي اها ڪهڙي سستي پيو ڏيکارين..“گڊ هدايتون ڏيندو پاڻ به داءَ پيچ کائيندو رهيو.
هنري ٻيڻو ٿي پوري قوت سان وار ڪيو، ٽواله ڍال سامهون ڏني، هنري جو ڪهاڙو ڍال کي چيريندو وڃي ٽواله جي ساڄي ڪلهي تي لڳو ۽ زرهه کي ڪٽيندو وڃي ٽواله جا هڏا ڀڳا. تڪليف کان ٽواله وڏي رنڀ ڪئي ۽ ڦري هنري تي ڪهاڙي جو وار ڪيو جيڪو هنري جي چهري کي بريءَ طرح زخمي ڪندو هيٺ وڌي وڃي هنري جي ڪهاڙي سان ٽڪرايو ۽ هنري جي ڪهاڙي جو ڳن ٽوڙيندو هليو ويو. آس پاس بيٺل سپاهين جي مجموعي مان دانهون نڪري ويون، ۽ مون پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون ته جيئن هنري کي مرندو نه ڏسي سگهان. “تڙاخ” جي آواز تي ڇرڪ ڀري اکيون کولي ڏٺم ته هنري جي ڍال به ڪيترائي فوٽ پري پئي هئي ۽ هو کلندڙ ٽواله سامهون بيٺو هو. ٽواله خوشيءَ مان رڙ ڪري پنهنجو ڪهاڙو اڀو هنري طرف وڌيو ۽ هنري جهڪي ٽواله جي چيلهه ۾ وڃي ٻک وڌو. هاڻ ٻئي هٿو هٿ وڙهندا زمين تي وڃي پيا. ٻئي پنهنجي دشمن کي ختم ڪرڻ جي سرٽوڙ ڪوشش ڪرڻ لڳا. ٽواله پنهنجي ڪهاڙي سان هنري جو گردن اڏائڻ ٿي چاهيو، ۽ هنري پنهنجو ٽولاس ٽواله جي سيني ۾ لاهڻ ٿي چاهيو.
“ هنري! ان کان ڪهاڙو کسي وٺ” گڊ رڙ ڪندي هدايت ڏني.
هنري ٽولاس اڇلي ڪهاڙو پڪڙي ورتو، پر اهو چمڙي جي پٽي ۾ ٽواله جي ڪارائيءَ سان ٻڌل هو. ٻئي وري وحشي ٻلين وانگر هڪٻئي کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڇنڀي ويا، ٻئي ڪهاڙي کي پاڻ طرف ڇڪي رهيا هئا. ايتري ۾ چمڙي جي پٽي ٽٽي وئي ۽ ڪهاڙو هنري جي قبضي ۾ اچي ويو. هنري پنهنجو پاڻ کي ٽواله جي گرفت مان آزاد ڪرائيندي اٿي بيٺو. ٽواله پنهنجي چيلهه واري ٽولاس سان هنري تي وار ڪيو. ليڪن اهو زرهه سان لڳي ڪري پيو. ٽواله وحشي طريقي سان رڙ ڪندي هنريءَ تي وار ڪيو. ٽولاس هنري جي سيني واري زرهه تي اچي لڳو. جنهن جي دهڪي کان ڇرڪ ڀري هنري ڪيترائي قدم پوئتي هٽي ويو. ٽواله وري ان طرف وڌيو، ان عرصي ۾ هنري پاڻ سنڀالي چڪو هو. هنري هڪ طرف هٽي ڪهاڙو بلند ڪيو ۽ اک ڇنڀ ۾ ٽواله جي سسي ڀرڻاٽ ڪندي وڃي اگنوسي جي قدمن وٽ ڪري. ڌڙ ڪجهه پل بيٺو رهيو ۽ پوءِ ڪنهن ڪرندڙ وڻ وانگر ڦهڪو ڪري وڃي پٽ تي پيو. ڪٽيل ڌڙ مان رت ڦوهارا ڪندو وهڻ لڳو. هنري جي چهري جي زخم ڪري رت ڪجهه زياده وهي چڪو هو. تنهنڪري ان تي به غشي طاري تي وئي ۽ هو به ٽواله جي ڌڙ جي ويجهو وڃي بيهوش ٿي ڪريو.
سپاهي هنري جي چوڌاري جمع ٿي کيس منهن تي پاڻي جا ڇنڊا هڻڻ لڳا. ڪجهه ئي دير ۾ هنري اکيون کوليون، هو زندهه هو. مون وڌي وڃي ٽواله جي پيشاني تان چمڪندڙ هيرو لاٿو.
“هيءَ وٺ اگنوسي! هن کي پنهنجي پيشانيءَ تي ٻڌي ڇڏ” مون هيرو اگنوسيءَ کي ڏيندي چيو” اڄ کان تون ڪوڪوآنه جو بادشاهه آهين”.
اگنوسي هيرو وٺي پنهنجي پيشانيءَ تي ٻڌو ۽ پوءِ اڳتي وڌي پنهنجو هڪ پير ٽواله جي ويڪري ڇاتيءَ تي رکيو. ڪجهه دير ڪنڌ جهڪائي بيٺو رهيو ۽ پوءِ چوڻ شروع ڪيائين ته:
“ڪوڪوآنه جا ماڻهوئو ٻڌو! هاڻ منهنجو زمانو شروع ٿي چڪو آهي، هن ڌرتيءَ تان هاڻ ظالم ۽ جبر جا قدم اکڙجي چڪاآهن، فتح هميشه جيان حق جي ئي ٿي آهي ۽ باطل منهن واري کائي هميشه لاءِ فنا ٿي چڪو آهي.
صبح سويري بهادرن اٿي پنهنجو پاڻ کي جهنجهوڙيو، هٿيار کڻيا ۽ حق جي حمايت ۾ آماده ٿي نڪري پيا.
باطل به اٿيو ۽ ان جا پرستار هزارن جي تعداد ۾ ماڪوڙين جيان ٻرن مان نڪري زمين تي پکڙجي ويا، ۽ پنهنجا نيزا هلائيندا مغرورانه بڪواز ڪندا منهنجي مقابلي لاءِ پهتا، ليڪن اهي ظالم هئا. ظلم دير پا ۽ هميشه لاءِ رهڻ وارو ناهي هوندو. اهي ظالم منهنجي مقابلي لاءِ نڪتا ۽ منهنجي هڪڙي معمولي ڦوڪ انهن جي دلين مان غرور جو ڏيئو هميشه لاءِ وسائي ڇڏيو. منهنجي نيزي جي وڄُ انهن جي سرن تي چمڪي ۽ ظالم خاڪ ۽ خون ۾ ليٿڙجڻ لڳا.
منهنجن بهادر دوستن پنهنجي هٿيارن جو پاڻي دشمن جي سينن تي آزمايو آهي ۽ ظلم منهن ڀر زمين تي اونڌو ڪريو پيو آهي، ۽ سمجهي ڇڏيو ته اڄ باطل کي هميشه هميشه لاءِ شڪست اچي وئي آهي.
ڪٿي آهن اهي مغرور انسان جيڪي خون جي هولي کيڏندا هئا ۽ انساني کوپڙين جا مينار جوڙائيندا هئا؟. ڪٿي آهن اهي حوس جا پوڄاري جن جون ڪيئي هزار زالون هونديون هيون؟ ڪٿي آهن اهي جن جا ڪنڌ آڪڙ ۽ غرور مان اڀا ٿيل هوندا هئا؟ ڪٿي آهن اهي عيش پرست جيڪي هر صبح پنهنجي حوس جي تڪميل لاءِ نوان شڪار تلاشيندا هئا؟
اڄ انهن جا لاش بي گورو ڪفن پيا آهن، سمجهي ڇڏيو ته ظالمن ۽ مغرورن جو اهڙو ئي انجام ٿيندو آهي. ڪٿي آهي اهو ٽواله جيڪو پاڻ کي جبار ۽ قهار سڏائيندو هو؟ جيڪو پنهنجن بيشمار راڻين تي ناز ڪندو هو؟ جنهن جي هڪڙي اک هئي. جنهن جي دل به پنهنجي چمڙيءَ جهڙي ڪاري هئي. ڪٿي آهي اهو ٽواله جيڪو اڃان اڄ صبح تائين به ڪوڪوآنه جو خدا وند هوندو هو؟
ڏسو! ان جو سر منهنجي قدمن ۾ پيو آهي.
۽ اڄ مان توهان جو بادشاهه آهيان”.
اگنوسي خاموش ٿيو ته ڪيترائي آواز گڏوگڏ نعرا هڻڻ لڳا ته:
“اگنوسي بادشاهه زنده باد”
“ڪوڪوآنه جو بادشاهه، زنده باد”
“ڪوڪوآنه جو اگنوسي بادشاهه زنده باد....”