ناول

موٽڻ جنين مهڻو

ھي ڪتاب مشھور يورپين ليکڪ هنري رائڊر هيگرڊ جي جڳ مشهور ناول Allan Quartermain جو ترجمو آھي، جنھن جو سنڌيڪار شاعر ۽ ليکڪ علي نواز ڏاھري آھي.
پنھنجي نوعيت جو نھايت دلچسپ، سبق آموز ناول، زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جا اهڙا ته چٽا عڪس پسائي ٿو، جن ۾ همت ۽ حوصلي جي قوت پاڻمرادو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ مٿان حاوي ٿيندي ٿي وڃي، هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڪردار جي طويل سفر جي ڪٿا ۾ رڻ پٽ، زميني حياتيات سان ويڙهه، رومانس ۽ سامونڊي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ جي سگهه کي اڀارڻ ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن ناول کي فلمبند ڪندي هالي ووڊ جي فلمسازن خوب ناڻو ڪمايو.
Title Cover of book موٽڻ جنين مهڻو

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”موٽڻ جنين مھڻو“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب مشھور يورپين ليکڪ هنري رائڊر هيگرڊ جي جڳ مشهور ناول Allan Quartermain جو ترجمو آھي، جنھن جو سنڌيڪار شاعر ۽ ليکڪ علي نواز ڏاھري آھي.
پنھنجي نوعيت جو نھايت دلچسپ، سبق آموز ناول، زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جا اهڙا ته چٽا عڪس پسائي ٿو، جن ۾ همت ۽ حوصلي جي قوت پاڻمرادو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ مٿان حاوي ٿيندي ٿي وڃي، هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڪردار جي طويل سفر جي ڪٿا ۾ رڻ پٽ، زميني حياتيات سان ويڙهه، رومانس ۽ سامونڊي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ جي سگهه کي اڀارڻ ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن ناول کي فلمبند ڪندي هالي ووڊ جي فلمسازن خوب ناڻو ڪمايو.

ھي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌي صاحب جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com