ناول

موٽڻ جنين مهڻو

ھي ڪتاب مشھور يورپين ليکڪ هنري رائڊر هيگرڊ جي جڳ مشهور ناول Allan Quartermain جو ترجمو آھي، جنھن جو سنڌيڪار شاعر ۽ ليکڪ علي نواز ڏاھري آھي.
پنھنجي نوعيت جو نھايت دلچسپ، سبق آموز ناول، زندگيءَ جي لاهن چاڙهن جا اهڙا ته چٽا عڪس پسائي ٿو، جن ۾ همت ۽ حوصلي جي قوت پاڻمرادو مايوسي ۽ ٿڪاوٽ مٿان حاوي ٿيندي ٿي وڃي، هن ناول ۾ ليکڪ هڪ ڪردار جي طويل سفر جي ڪٿا ۾ رڻ پٽ، زميني حياتيات سان ويڙهه، رومانس ۽ سامونڊي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ جي سگهه کي اڀارڻ ۾ مڪمل ڪامياب نظر اچي ٿو، اهوئي سبب آهي جو هن ناول کي فلمبند ڪندي هالي ووڊ جي فلمسازن خوب ناڻو ڪمايو.
Title Cover of book موٽڻ جنين مهڻو

آخري سلام

ڏهين ڏينهن اسين “لو” ۾ هئاسين،،،،
۽ ٻاهر آئينو ڏسڻ سان پتو پيو ته منهنجا ڪارا ۽ ملائم وار صفا اڇا ٿي ويا هئا ۽ گڊ جو هشاش بشاش چهرو به مرجهائي صفا سست ٿي ويو هو ۽ فلاويٽا جي قتل جي ڪري هو اڪثر غمگين رهڻ لڳو هو.
اسين پوءِ به سليماني خزاني جي خفيه ڪمري جو سراغ نه لڳائي سگهياسين، ڪجهه ڏينهن ته ڪجهه ماڻهن سان گڏ جتان اسين ٻاهر نڪري آيا هئاسين، ان کڏ ۾ لهي سرنگهه کي ڏاڍو ڳوليو سين پر ڪاميابي نه ٿي.
”لُو” واپس موٽڻ کان هڪ ڏينهن اڳ اسان موت جي ڪمري جي خفيه دروازي کي ڏاڍو تلاش ڪيو پر ٻيو ٿيو خير، لاڳيتو ٻارهن ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ به اسان کي اهو خفيه دروازو هٿ نه آيو ۽ شايد قيامت تائين به ڪنهن کي هٿ نه اچي.
سليماني خزاني جون صندوقون ۽ فلاويٽا جون هڏيون رهندي دنيا تائين اتي محفوظ ئي رهنديون.
ان جڳهه جو سر بستو راز گگول پنهنجي سيني ۾ سانڍي قيامت تائين انهيءَ پهاڙي ڇپ جهڙي دروازي هيٺان چيڀاٽيل ئي رهندي.
مايوسيءَ کان ٿڌڙيون آهون ڀريندا ٻئي ڏينهن اسين “لُو” طرف روانه ٿياسين. حقيقت ۾ اهي ٿڌڙيون آهون اسان جي ڪيڏي نه ناشڪري ظاهر ڪري رهيون هيون. واقعي ئي انسان ڪڏهن به سهي نموني پنهنجي پالڻهار جو شڪريو ادا نه ڪيو آهي، تنهنڪري “بيشڪ انسان نقصان ۽ خساري ۾ آهي”.
قارئين کي ياد هوندو ته خفيه ڪمري مان نڪرڻ وقت مون پنهنجي ڪوٽ جي کيسن کي هيرن سان ڀريو هو، مگر سوڙهي سرنگهه مان رڙهندي وقت ڪيترائي وڏا هيرا منهنجي کيسن مان نڪري ڪٿي ڪري پيا هئا. پر پوءِ به منهنجي ڪوٽ ۾ ايترا ته هيرا هئا جو منهنجا پوٽا ۽ پڙ پوٽا به آرام سان زندگي بسر ڪري سگهيا ٿئي.
ائين سليماني خزاني لاءِ ڪيل ڪشالا اجايا نه ويا هئا.
”لُو” پهچڻ تي اگنوسي اسان جو شاندار استقبال ڪيو ۽ وڏي توجهه سان اسان جي دردن جو داستان ٻڌندو رهيو، جڏهن اسان گگول جي موت جو ذڪر ڪيو ته هو ڪنهن گهري سوچ ۾ پئجي ويو.
هن آڱر جي اشاري سان هڪڙي جهور ڪراڙي درباريءَ کي پاڻ ڏانهن سڏيو، جنهن جي مٿي جا وار ۽ ڀرون صاف سفيد ٿي ويا هئا ۽ وقت هن جي چهري تي گهنجن جو ڄار اُڻي ڇڏيو هو، ڪراڙي وڏي ادب سان اگنوسيءَ کي سلام ڪيو ۽ پوءِ با ادب بيهي رهيو.
”ڪيتري عمر ٿيندي توهان جي؟” اگنوسي ڪراڙي سان مخاطب ٿيو.
”توهان جو ڏاڏا سائين ۽ مان ساڳئي ئي ڏينهن ۽ ساڳي ئي گهڙي ۾ ڄاوا هئاسين”. ڪراڙي جواب ڏنو.
”چڱو ڀلا، اهو ٻڌاءِ ته جڏهن توهان معصوم ٻارڙا هئا تڏهن توهان گگول کي ڏسندا هئا؟”.
”جي سرڪار! مان ننڍڙي هوندي کان ئي گگول کي ڏسندو آيو آهيان”.
”تنهن وقت اها ڪيئن هئي؟. منهنجو مطلب آهي ته نوجوان هئي، اڌڙوٽ هئي يا ڪراڙي؟“
”نه منهنجا آقا، اها تنهن وقت به اهڙي ئي مڪروهه ۽ بدشڪل هئي جهڙي اڄ آهي”.
”اها ڏائڻ هاڻ هن دنيا ۾ ناهي رهي، مري چڪي آهي”.
”ڇا؟ ته صديون پراڻي انهيءَ شيطاني عورت جو خاتمو ٿي ويو؟“
”ها مري وئي، هاڻ تون وڃين سگهين ٿو”.
”ڪوم ڪوم” ۽ ٻڍڙو وڃي پنهنجي جڳهه تي ويٺو.
”ڏسو منهنجا عزيز دوستو!” اگنوسي اسان سان مخاطب ٿيو. “اها گگول نڀاڳي هڪڙي اهڙي پراسرار رن هئي جنهن جي موت جي خبر مون کي وڏو روحاني سڪون پهچايو آهي. جيڪڏهن اها بڇڙي زندهه رهي ها ته توهان کي خفيه ڪمري ۾ دفن ڪري يقينن مون کي قتل ڪرائڻ جي ترڪيب سوچي ها ۽ پوءِ پنهنجي ڪنهن چهيتي کي تخت تي ويهاري ، پنهنجي شيطاني قوتن سان ڪوڪوآنه جي ڌرتيءَ ۽ ماڻهن کي ذليل ڪندي رهي ها، خير! ته ميڪوميزن تون پنهنجو داستان مڪمل ڪر”.
مون سڀ ڪجهه ٻڌائڻ بعد مناسب موقعو ڏسي چيو ته “اگنوسي! هاڻ اسان واپس پنهنجي وطن ورڻ ٿا چاهيون. تون هڪڙي ملازم جي حيثيت سان اسان گڏجي آئين ۽ هاڻ ماشاءَ الله توکي ڪوڪوآنه جو بادشاهه ڇڏيو ٿا وڃون، تو جيڪو واعدو ڪيو هو تنهن کي ياد رکجان، ڪڏهن به ڪنهن بيگناهه کي قتل نه ڪجانءَ، سڀاڻ صبح سان اسين روانه ٿي وينداسين. اسان کي صرف هڪڙو راهه جو سونهون ڏجانءَ جيڪو اسان کي ڪوهه سبا جي پرئين پاسي تائين پهچائي اچي”.
”توهان جي اها ڳالهه ٻڌي ۽ واپسيءَ جو ارادو ڏسي سچ ته منهنجي دل تي ڄڻ ته ڪو وزني پهاڙ ڪري پيو آهي”. اگنوسيءَ چوڻ لڳو “انڪوبو، واڳون ۽ ميڪوميزن ! آخر مون کان ڪهڙي غلطي ٿي آهي، جنهن ڪري مون کي ڇڏي وڃي رهيا آهيون، توهان هيڏي خطرناڪ جنگ ۾ منهنجو ساٿ ڏنو ۽ هاڻ پرامن زماني ۽ مون کي ڇڏي وڃي رهيا آهيو، مان توهان جي جدائي ڪيئن برداشت ڪري سگهندس؟”.
”عزيز دوستو! ڏسو، هيءَ سمورو ملڪ توهان جو پنهنجو آهي، مان صرف نالي جو بادشاهه هوندس، حڪومت توهان ڪندئو، بس هتي ئي رهي پئو، آخر توهان کي ڪهڙي شي جي ضرورت آهي. ڇا کير مکڻ جي؟ ته هر روز صبح جو توهان لاءِ ڳئون جو تازو کير ۽ مکڻ موجود هوندو، توهان جي دل هاٿين جي شڪار لاءِ چئي ته منهنجي ملڪ ۾ به کوڙ هاٿي موجود آهن، جيڪڏهن جنگ ڪرڻ چاهيو ته هيءَ سڄو لشڪر توهان جو آهي، جنهن ملڪ تي وڻيو حملو ڪيو، منهنجا دوستو! منهنجا ڀائرو! مان روءَ زمين جي هرشي جنهن تي منهنجو اختيار آهي، توهان لاءِ حاضر ڪري سگهان ٿو. مگر ديوتائن جي واسطي مون کي ڇڏي نه وڃو”.
”اگنوسي منهجا ڀاءُ، منهنجا دوست! تنهنجي وڏي مهرباني، لک لائق پر اسين پنهنجي وطن واپس ورڻ ٿا چاهيون”. مون عذر ڏنو.
”اڇا، ته توهان نه مڙندو، واپس ويندئو”. ڪاوڙ مان اگنوسيءَ جي اکين ۾ جنسي رت لهي آيو. “توهان مون کان وڌيڪ هيرن کي ٿا چاهيو. ائين نه؟ توهان انهن کي حاصل ڪري ورتو، هاڻ توهان کي منهنجي ڪهڙي ضرورت؟ . وڃو،، ڀلي وڃو ۽ وڃي ناٽال جي بازارين ۾ هيرا وڪڻو، ڪروڙپتي بڻجو،، ديوتائين جو قسم اگر اڄ کانپوءِ ڪوبه شخص انهن پٿرن جي تلاش ۾ هيڏهان آيو ته ان جي کل لهرائي بُههَ سان ڀرائي ڇڏيندس،،، سفيد انسانو،،،! توهان وڃي سگهو ٿا،،،“
”اگنوسي!” مون پنهنجو هٿ هن جي هٿ تي رکيو “اهڙي ڳالهه ناهي منهنجا ڀاءُ! تون ئي پنهنجي دل تي هٿ رکي ٻڌاءِ ته تون جڏهن اسان وٽ هئين ته توکي پنهنجي وطن جي ياد نه ستائيندي هئي؟ توکي پنهنجي اباڻو وطن ۽ وطن وارا ياد نه ايندا هئا؟ يار پنهنجي دل تي هٿ رکي ٻڌاءِ؟. ان کي ئي وطن جي حب چئبو آهي جيڪا ايمان جي نشاني هوندي آهي، جيڪا توکي به اسان وٽ سڪون سان ويهڻ نه ڏيندي هئي، بس اها ئي ڳالهه آهي منهنجا عزيز ڀاءُ!“
”توهان ٺيڪ ٿا چئو ميڪوميزن،،،،!“
”بس ايئن ئي پنهنجي وطن جي ياد ٿي ستائي نه ته تو جهڙي دلبر دوست کي ڇڏڻ لاءِ اسان جي دل ڀلا ڪيئن چوندي هوندي”.
”توهان جون ڏاهپ ڀريون ڳالهيون ۽ دلين جا دليل بلڪل ٺيڪ آهن ميڪوميزن! جيڪو پکيئڙو آڪاش جي وسعتن تي پرواز ڪندو آهي تنهن کي زمين تي ريڙهيون پائڻ بلڪل به پسند نه هوندو، واقعي به توهان ڪاري چمڙيءَ وارن ماڻهن ۾ خوش نٿا رهي سگهو، تنهنڪري مان توهان کي واپس ورڻ جي اجازت ڏيان ٿو. پوري زندگي منهنجي هيءَ دل توهان جي ياد جو ڏيئو بڻجي جلندي رهندي، توهان هرپل منهنجي من جي ڪائنات تي سورج، چنڊ، ستارا بڻجي جڳ مڳ جرڪندا ئي رهندئو.
منهنجي هن اڀاڳي دل جي ويران رڻ تي يادين جا گلاب بڻجي ٽڙندا ئي رهندئو.
توهان منهنجي من جي گلشن کي غير آباد ڪري وڃو ٿا ته ڀلي وڃو، مان پنهنجي دل کي پلي پڪو ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندس، ۽ هتان وڃڻ کانپوءِ توهان ڄڻ ته منهنجي لاءِ مري چڪئو، ڇو ته هاڻ ٻيهار ڪڏهن به تپندڙ صحرا کي عبور ڪري هتي نه ايندئو”.
”مگر ميڪوميزن! منهنجو هيءَ پيغام پنهنجي مهذب دنيا تائين پهچائي ڇڏجانءَ ته هاڻ ڪوبه شخص ڪوڪوآنه جو رخ نه ڪري، مان نٿو چاهيان ته شڪارين جي بندوقن جو خوف منهنجي ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري وڃي. ڪوبه مذهبي رهنماءَ يا تبليغي گروهه هيڏهان اچڻ جي ڪوشش نه ڪري، جو خدا جو خوف ڏئي منهنجي ملڪ جي سپاهين کي بزدل بڻائڻ جي بيهوده ڪوشش ڪري، جيڪڏهن ڪو اڙيو ٿڙيو شخص اوچتو آيو به سهي ته مان ان کي ڪوهه سبا جي برفاني چوٽين ڏانهن هڪالي ڪڍندس، اگر ڪو لشڪر لڙيو ته ان سان جنگ ڪري نست و نابود ڪري ڇڏيندس، يا ڪو شخص خزاني جي تلاش ۾ اچي نڪتو ته ان جو انجام به ڏاڍو برو ٿيندو.
ها باقي توهان ٽن ڄڻن لاءِ ڪوڪوآنه جا درواز منهنجي دل جيان هميشه کليل رهندا، توهان جڏهن به چاهيو اچي سگهو ٿا، ڇو ته توهان ٽئي ڄڻا مون کي پنهنجي ساهه کان وڌيڪ پيارا آهيو”.
”انفادوس ۽ اهو ڪراڙو درباري جنهن کان هاڻي گگول جي باري ۾ پڇيو هوم، چند سپاهين سان گڏ صحرا جي ڪناري تائين توهان جي رهبري ڪندا، الوداع دوستو! مان هاڻي ئي توهان کي آخري سلام ٿو ڪريان، ڇو ته مان توهان کي رخصت ٿيندي ڏسي نه سگهندس، تنهنڪري موڪلائڻ به نه اچي سگهندس.
بس هيءَ ئي پنهنجي آخري ملاقات آهي. مان ڪوڪوآنه جي هر پهاڙ، هر چٽان، هر رستي تي توهان جا نالا اُڪرائي ڇڏيندس ته جيئن رهندي دنيا تائين توهان جا نالا ڪوڪوآنه ۾ باقي رهن”.
”وڃو منهنجا دوستو! منهنجا ڀائرو! منهنجون هي اکيون توهان لاءِ سدائين سانوڻ جا ڪڪر بڻيل رهنديون، جڏهن توهان ڪراڙا ٿي وڃو ۽ پنهنجي جوانيءَ کي ياد ڪريو، پنهنجي خوبصورت ماضيءَ کي ياد ڪريو ته مون کي به ياد ڪندا ڪجو. هميشه هميشه لاءِ الوداع منهنجا دوستو! آخري سلام قبول ڪجو منهنجا ڀائرو!“
اگنوسي اٿيو، ڪجهه دير تائين اسان کي غور سان ڏسندو رهيو ۽ پوءِ پنهنجي منهن تي ٻئي هٿ ڏئي زاروقطار روئندو پنهنجي خالي جهوپڙي ڏانهن هليو ويو.
اسين به اکيون اگهندا واپس پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ پهتاسين.
ٻئي ڏينهن صبح سويري اسان “لُو” کي خيرآباد ڪيو. اسان جي جدائي کان دل برداشته ٿي انفادوس ۽ گريز جو جٿو ڪنڌ جهڪائي اسان سان گڏوگڏ هلي رهيو هو.
”لو” جي رستي تي عورتون ۽ مرد هٿ ٻڌي اسان کي الوداع ڪري رهيا هئا. جن جي وچان اسان گذري رهيا هئاسين ته مردن اسان کي شاهي سلام پئي ڪيو ته عورتون اسان تي جهنگلي گلن جي ورکا ڪري رهيون هيون.
اسان جو قافلو جڏهن صدر دروازي وٽ پهتو ته هڪ خوبصورت ڇوڪري ڀيڙ کي چيريندي اچي اسان جي سامهون بيهي رهي ۽ جهنگلي گلن جو گلدستو وڌائي گڊ کي پيش ڪيائين، جيڪو هوءَ پاڻ سان کڻي آئي هئي. گڊ وڏي فراخ دليءَ سان ان کي قبول ڪيو. لڳو ائين پئي ته ڇوڪريءَ ڪجهه چوڻ پئي چاهيو.
”چئه ڇا چوڻو آهي توکي؟” گڊ پڇيس.
منهنجا آقا توهان مون کي پنهنجن هاٿي ڏندن جهڙن خوبصورت ۽ سفيد پيرن جي زيارت ڪرائيندئو؟ مان توهان جي پيرن جي زيارت لاءِ چئن ڏينهن جو طويل سفر طئي ڪري آئي آهيان. توهان جي سفيد ۽ خوبصورت پيرن جي هاڪ پوري ڪوڪوآنه ۾ ڪنهن افساني جيان ڦهليل آهي، ديوتائن جي واسطي پنهنجي هن ٻانهيءَ کي انهيءَ زيارت کان محروم نه ڪجو”.
“هان،، يعني ته،،، واهه واهه،،، هاڻ ڀلي مون کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي ته به ائين نٿو ٿي سگهي”. گڊ ٺپ جواب ڏئي ڇڏيس.
”گڊ! توکي انهيءَ خوبصورت ڇوڪريءَ کي مايوس نه ڪرڻ گهرجي“، هنري منٿ ڪيس،
”نه سائين.... سوال ئي پيدا نٿو ٿئي”. گڊ ضد ڪري بيهي رهيو.
نيٺ گهڻين منٿن کانپوءِ گڊ پنهنجي پتلون کي گوڏن تائين مٿي ڇڪيو ته ماڻهو خوشيءَ وچان سيٽيون هڻي ڪوڪريا ڪرڻ لڳا، ۽ اهڙي طرح پتلون کي گوڏن تائين ڇڪي گڊ هلندو رهيو جيستائين “لُو” کان ٻاهر نه نڪتاسين.
رستي ۾ انفادوس ٻڌايو ته اسين جنهن رستي کان آيا هئاسين انهيءَ کان سواءِ هڪڙو ٻيو رستو به آهي جيڪو انهيءَ پهاڙي ديوار وٽان شروع ٿو ٿئي جيڪا ٻنهي پهاڙن کي ملايو بيٺي آهي، هن ٻڌايو ته ٻه سال کن ٿيندا جو ڪوڪوآنه جي سپاهين جو هڪڙو جٿو اٺ پکين جي تلاش ۾ ان رستي کان ريگستان ۾ داخل ٿيو هو. انهن کي اٺ پکي ته ڪونه مليا مگر اهي اها ڄاڻ کڻي واپس موٽيا ته ان رستي سان ڪيترائي نخلستان ( يعني کجور جا خودبخود پيدا ٿيل صحرائي باغ) موجود آهن، تنهنڪري اسان انهيءَ ئي رستي سان وڃڻ پسند ڪيو.
چئن ڏينهن کانپوءِ اسان ان پهاڙي ديوار وٽ بيٺا هئاسين. جتان اسان کي ٻه هزار فوٽ هيٺ لهڻو هو، هتي اسان پنهنجي وفادار دوست انفادوس کان موڪلائي آخري سلام ڪيو ته ان جي اکين ۾ پاڻي تري آيو.
”منهنجا آقا!” ان چيو “مان توهان کي ڪڏهن به وساري نه سگهندس، مرندي دم تائين توهان منهنجي دل جي هڪ خاص ڪنڊ ۾ موجود رهندئو، منهنجي دل توهان جي ياد ۾ رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي، درد مان دانهون ڪندي رهندي.
توهان جي سار سڪرات جي گهڙين تائين دل سان گڏ ڌڙڪندي رهندي، هاڻ قسمت سان جي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن خواب ۾ به توهان جو ديدار نصيب ٿيو ته ڀلا ڀاڳ ڀائيندس”.
انفادوس جي موڪلاڻي اسان کي ڏاڍو متاثر ڪيو. اتي گڊ انفادوس کي پنهنجي طرفان نشانيءَ طور هڪڙو خاص تحفو ڏنو. توهان ٻڌائي سگهندئو ته اهو تحفو ڪهڙو هو؟. اها هڪ چشمي عينڪ هئي( بعد ۾ راز کليو ته گڊ وٽ اهڙي ٻي عينڪ به پيل هئي) انفادوس اهو تحفو حاصل ڪري خوشيءَ مان ٻهڪي اٿيو.
جڏهن اسان جا سونهان ساٿي اسان کي کاڌي ۽ پاڻيءَ جون بوتلون ڏئي موڪلائي رهيا هئا ته اسان وڏي گرم جوشيءَ سان انفادوس سان هٿ ملايو جيڪو انهيءَ ئي مهل هڪ چشمي عينڪ پنهنجي اک مٿان ڇپڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو هو، گريز جي دستي شاهي سلام ڪيو ۽ اسان انهن ماڻهن جون محبتون سيني ۾ سانڍي هيٺ لهڻ لڳاسين ۽ بغير ڪنهن حادثي جي خير سلامتيءَ سان هيٺ لهي آياسين.
”خبر اٿئي ڪوارٽرمين!” هنري چوڻ لڳو “آفريڪا ۾ ڪوڪوآنه کان به وڌيڪ وحشي قومون آباد اٿئي، هي ڪوڪوآنه ته انهن جي مقابلي ۾ سڌريل ۽ تهذيب يافته آهن”.
”هنري! منهنجي ته يار دل چئي ٿي ته مان هتان ئي واپس ڪوڪوآنه هليو وڃان” گڊ وڏي آهه ڀري چوڻ لڳو.
باقي رهيو منهنجو سوال ته،،، بندو بس ايترو ئي ڄاڻي ٿو ته انهيءَ خطرناڪ سفر جو انجام بحرحال ڏاڍو ڀلو ٿيو، ۽ بس. ها باقي گهمسان جي جنگ ۽ زنده دفن ٿيڻ واري عذاب واريون گهڙيون ڀلائڻ سان به نٿي ڀلجي سگهيس. هاڻ بس مون اهو ئي ٿئي چاهيو ته آتشدان جي ويجهو ويٺي اطمينان جي زندگيءَ جا ڏينهن گذاريندس، باقي اگنوسي ۽ انفادوس مون کي ڏاڍا ياد اچي رهيا هئا.
ٻئي ڏينهن هڪ دفعو ٻيهر ريگستان ۾ قدم رکيوسين، مگر هن دفعي اسان وٽ کاڌو ۽ پاڻي وافر مقدار ۾ موجود هو، تنهنڪري رستي ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف ڪانه ٿي، ٽئين ڏينهن سج لٿي مهل اسان هڪڙي نخلستان ۾ ويٺا هئاسين جتي نرم ملائم گاهه اسان جو بستر هو ۽ ٿڌڙي ٿڌڙي هير اسان کي سڪون پهچائي رهي هئي ۽ هڪڙو چشمو مستاني چال سان وهي رهيو هو.