24. عيد مبارڪ
عيد جو ڏينهن “عيد مبارڪ” چوڻ ۽ “خير مبارڪ” وصول ڪرڻ جو ڏينهن ته آهي ئي، پر هيءُ ڏينهن پنهنجائپ سان مُرڪون ڏيڻ ۽ مرڪون ميڙڻ جو به ڏينهن آهي. هيءُ ڏينهن اسان کي موقعو ٿو ڏئي ته جيڪڏهن ڪو اسان کان رُٺل آهي، ته کيس پرچائي وٺون، جيڪڏهن ڪو اسان کان پرڀرو آهي ته کيس ويجھڙو ڪيون، جيڪڏهن ڪنهن جيءَ دل ۾ ڪي رنجشون آهن ته اهي ختم ڪرايون. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن اسان پڻ ڪنهن عزيز قريب، مِٽ مائٽ، سنگتيءَ ساٿيءَ يا پاڙيسريءَ کان ڪاوڙيل آهيون ته پنهنجيءَ ڪاوڙ کي ختم ڪريون ۽ ناراضگيون وساري وٽن ڪَهي وڃون. جيڪڏهن ڪو ٻيو اسان وٽ اچي نه ٿو سگھي ته اسان وٽس هَلي وڃون ۽ هٿ ٺوڪين انائن جو نه ئي پاڻ شڪار ٿيون، نه ئي ٻين کي شڪار ٿيڻ ڏيون. ان کان سواءِ جيڪڏهن ڪن ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ڪي دُوريون آهن، ته هِن اهم ڏينهن تي، انهن کي ويجھڙائين ۾ بدلائڻ جا جتن ڪيون. چڱائيءَ هونئن به بهتر آهي، پر جيڪڏهن هن ڏينهن تي خاص طور ڪبي، ته ان سان اصلي خوشيءَ جو مزو ماڻي سگھبو. اِها ئي اُها روحاني خوشي هوندي آهي جيڪا دلين ۾ مَوجزن ٿي سرمستيءَ جا گيت آلاپيندي آهي....
هن ڀيري به سرڪار عيد جي موڪلن جو عام اعلان ڪيو آهي. اوهان چڱيءَ پر ڄاڻو ٿا ته هنن ڪجھ ڏينهن جي موڪلن ۽ عيد جي خوشيءَ ڀرئي موقعي ڪارڻ ٻين شهرن ۾ ڪمائيندڙ فرد پنهنجن اباڻن گھرن ڏانهن ورندا آهن ۽ گھر ڀاتين سان ملي ڏاڍا سَرها ٿيندا آهن.
عيد ڏينهن عام طور ٿيندو ايئن آهي ته ڪنهن به گھر جا سڀئي مرد ۽ ٻار گڏجي عيد نماز پڙهڻ لاءِ عيدگاهه ويندا آهن. اسان پڻ ورهَن جا ورهه ان سلسلي جو حصو رهيا آهيون. مان کي ياد آهي ته جيتوڻيڪ اسان جو گھر اهل تشيعه هو، پر اسان سڀ قنبر شهر جي اولهه ۾ واقع وڏي عيدگاهه ۾ نماز پڙهڻ ويندا هئاسين، جتي مولانا عبدالڪريم قريشي صاحب پيش امامت ڪندو هو. اتي وڏي رونق هوندي هئي. کائڻ پيئڻ جون شيون کپائيندڙ، ڦوڪڻا کپائيندڙ ۽ ٻارن جا رانديڪا کپائيندڙ به ججھا، ته وٺڻ وارا ٻار به سوَن جي ڳاڻيٽي ۾. ڄڻ ميلي جو ڏيک هوندو هو، وڏو چهچٽو مچندو هو. نماز پڙهندڙن ۾ ان فرق جي ڪا اهميت نه هئي ته ڪير ٻانهون ٻڌي ٿو نماز پڙهي ۽ ڪير کولي. مقصد ٻه رڪعتون عيد نماز جون، ادا ڪرڻ هو. دعا گُھري، پنهنجن ۽ دوستن توڙي واقفن کي عيد واڌايون ڏئي، موٽندي قبرستان ۾ آرامي وڏن کي قل بخشي، گھر ورندا هئاسين، ته عيد ماني تيار.... پر هاڻي ڳالهه ئي اور ٿي وئي آهي. عيدگاهون ۽ مسجدون به دلين وانگر ورهائجي ويون آهن، ماڻهو ڊپ ۾ وٺجي ويا آهن، مخصوصيت وڌي وئي آهي. ٻيو ماڻهو ٻئي هنڌِ، پنهنجِي مسجد ۽ عيدگاهه يا امام بارگاهه ۾ هليو وڃي، نه ته پنهنجي نقصان جو ذميوار پاڻ هوندو. سهپ واري ڌرتي اسهپ جو شڪار ٿِي وئي آهي! ٻئي کي پنهنجي پسند تي ڇڏڻ بدران، چاهيو ٿو وڃي ته ٻيا هنن جي پسندن تي هلن. ان حوالي سان هيءَ گھڙي اڃا به سوچڻ جي آهي، ممڪن آهي ته اڳتي هلي اهڙو موقعو به هٿن مان نڪري وڃي....
هنن موڪلن جي ڏينهن ۾ عيد گذاري، ٻئي ڏينهن يعني گيدَ تي، عام طور ماڻهو گھمڻ ڦرڻ، پڪنڪ ڪرڻ به نڪرندا آهن. وڏن شهرن ۾ ته اهڙا ڪيئي تفريحي ماڳ آهن جتي گھمڻ لاءِ وڃي سگھبو آهي ۽ سڄو ڏينهن مزو وٺبو آهي، پر اسان جِن شهرن ۾ رهون ٿا، اتي اهڙا ڪي موقعا ميسر ناهن، نه ته ڪي سٺا باغ آهن ۽ نه ئي ڪي بهتر تفريحي هنڌَ.... ان ڪري ٿئي ايئن ٿو ته يا ته ماڻهو ڪچهريون ڪري ئي وقت گذارن ٿا يا وري پنهنجي اوسي پاسي ۾ جيڪڏهن ڪو تاريخي ماڳ مڪان آهي ته اتان چڪر هڻي اچن ٿا. جھڙوڪ لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن شهرن ۽ ڳوٺن مان اڪثر ڪري ماڻهو موهين جي دڙي گھمڻ ويندا آهن، خيرپور، گنبٽ يا راڻي پور ۽ ٻين ڀرپاسي وارن شهرن ۽ ڳوٺن مان ماڻهو ڪوٽ ڏيجي جو چڪر هڻندا آهن، پر ان جو نتيجو ڏاڍو ڏکوئيندڙ نڪرندو آهي، ڇاڪاڻ ته پوءِ موهين جي دڙي يا ڪوٽ ڏيجي جي ڀيلَ ٿيندي آهي. نوجوانَ پنهنجي ناسمجھيءَ ۽ تاريخ کان اڻ ڄاڻائيءَ سبب موهين جي دڙي جي گھٽين ۾ بي درديءَ سان موٽر سائيڪلون ڀڄائيندا آهن يا وري ڊهندڙ ڀتين تي چڙهندا آهن جنهن سان ان تاريخي ماڳ ڏاڍو نقصان رَسندو آهي، جيڪو اسان جي پنج هزار ساله سڌريل تهذيب جو اهڃاڻ آهي. ٻئي طرف ڪوٽ ڏيجي سان به اهڙي ئي ڪارِ ڪئي ويندي آهي، فرق صرف ايترو آهي ته اُتي بائيڪن جي ڊوڙ ناهي لڳندي. بهرحال، ان طرف سنجيدگيءَ سان سوچڻ ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي گھرج آهي ۽ تفريحي ماڳ مڪان ميسر ڪري ڏيڻ جي پڻ گھڻي گھرج آهي.
عيد جي خوشين جي حوالي سان ڳالهيون ڳچ ٿيون. يقيناً هر ماڻهو وٽ عيد جا پنهنجا پنهنجا تصور ٿين ٿا، جن مان ڪي عمومي تصور ٿين، ته ڪي خصوصي. لڳ ڀڳ سڀ ماڻهو هنن خوشيءَ جي ڏينهن ۾ خوشي ملهائن ٿا، پر ڪيترائي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي هنن خوشيءَ جي ڏينهنِ ۾ به، خوشين کان وانجھيل آهن.... دوستو! ڪراچيءَ ۾ روڄ راڙو متل آهي، بدين ضلعي ۽ ٺٽي جي ڪيئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ برساتن راڱا ڪيا آهن، لکين ماڻهو دربدر ٿي ويا آهن ۽ ڪئمپن ۾ منتقل ٿي رهڻ لڳا آهن. هنن لاءِ زندگي ڏاڍي ڏُکي بڻجي وئي آهي. هڪ هڪ ڏينهن ته ڇا، هڪ هڪ پل هنن جي تڪليفن ۾ واڌارو ڪري رهيو آهي. اهڙي سمئي عيد جون خوشيون هنن لاءِ اوپريون اوپريون ٿي پيون آهن. سندن اکين ۾ آس جا ڏيئا ته آهن پر انهن جي جوت جھڪي جھڪي آهي. وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي، ته سرڪار هنن متاثر ماڻهن جي گھڻي ۾ گھڻي پرگھور لهي ۽ واهر ڪري، جستائين هُو پنهنجن اباڻن پکن ڏانهن موٽي، ٻيهر زندگيءَ جي هلچل جو حصو بڻجي سگھن....
***
(سرجيل: 28 آگسٽ 2011ع)