ادب ۽ سماجي حقيقت نگاري
”مان چاهيان ٿو ته ادب حقيقتن کان مٿي اڀري اچي، مٿان بيهي حقيقتن تي نظر وجهي؛ ڇاڪاڻ ته سندس مقصد صرف حقيقتن کي پيش ڪرڻ يا چٽڻ ناهي: اهو ڪافي نه آهي ته جيڪو ڏسون ٿا، ان جو چتر پيش ڪريون. پر اسان کي ان جو به خيال رکڻ گهرجي ته ڇا حاصل ڪري سگهجي ٿو يا ڇا حاصل ڪرڻ ممڪن آهي.“ هي لفظ آهن، دنيا جي عظيم دانشور ۽ اديب مئڪسم گورڪي جا- ۽ ها سائنسي سوچ ۽ فڪر جو حامل ادب اهو ئي آهي، جيڪو نه صرف حقيقت پسند هجي، پر سچائي کي ظاهر ڪندڙ به هجي- ۽ ان سان انساني ذهن ۾ نئون انقلاب اچي، نئين سوچ جنم وٺي. ادب نه صرف حقيقتن کي بيان ڪري پر ان سان گڏ حقيقتن کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ انهن جي وجود ۾ اچڻ جا سبب پڻ ٻڌائي.
ادب ۾ حقيقت نگاري ڇا آهي؟ يا سماجي حقيقت نگاري ڇا آهي؟ جيستائين اهو نه سمجهبو، تيستائين ان تي وڌيڪ بحث ڪرڻ اجايو ٿيندو. روز مرهه جي زندگيءَ ۾ جيڪي نوان نوان واقعا جنم وٺن ٿا، نيون شيون وجود ۾ اچن ٿيون ۽ پراڻيون ڊهن ٿيون، نوان فڪر ۽ فلسفا ظاهر ٿين ٿا يا مادي جي اندر جيڪا چر پر ٿئي ٿي. اها پنهنجي الڳ حيثيت ۽ وجود رکي ٿي ۽ اسان سماج ۾ جيڪا اٿل پٿل ڏسون ٿا، طبقاتي ٽڪراءَ ڏسون ٿا، اهي سڀ پنهنجي جاءِ تي زندهه حقيقتون آهن. انهن مڙني جو ادب ۾ ذڪر حقيقت نگاري آهي.
پر جيڪي ڳالهيون يا موضوع انساني سماج ۽ هن دنيا جي مادي وجود کان ٻاهر آهن، انهن جو ذڪر ڪرڻ حقيقت نگاري نه آهي. جيئن ادب ۾ مافوق الفطرت طاقتن جو ذڪر، جنن ڀوتن جو تصور، اڻ ڏٺل روحاني طاقتن ۽ ٻين دنيائن جو تصور ۽ ذڪر حقيقت نگاري نه آهي. ان ڪري ادب جا موضوع ڪنهن خيالي ۽ فرضي دنيا مان کڻڻ بدران، انساني سماج مان چونڊڻ حقيقت نگاري آهي. جيئن ته ادب خود انساني زندگيءَ جو عڪس آهي ۽ انساني زندگيءَ سان واسطو رکندڙ حقيقتون ادب لاءِ مواد آهن. ان ڪري ادب ۾ شروعات کان وٺي حقيقت نگاريءَ جو پهلو اڻ چٽو ئي سهي، پر موجود ضرور رهيو آهي. جيئن جيئن سماجي ترقي ڪري رهيو آهي ته ادب ۾ پڻ ترقي ٿي رهي آهي ۽ ادب ۾ حقيقتن جو مفهوم وڌيڪ چٽو ۽ روشن ٿي رهيو آهي ۽ اديب سماجي اٿل پٿل سان گڏ حقيقتن جي تلاش ۾ وڌيڪ سرگرم ٿي رهيو آهي. هو خيالي دنيائن کي ڇڏي زندهه حقيقتن کي پنهنجي اظهار جو وسيلو بڻائي رهيو آهي.
جڏهن ادب اڃا پنهنجي اوسر جي شروعاتي ڏاڪن تي قدم ڌريا ته اديبن عوام جي زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ڳالهين، سندن جذبن ۽ سماجي رشتن کي ادب جو موضوع بنائڻ شروع ڪيو. معاشري ۾ جيڪي به گهٽ وڌايون ٿين پيون، انهن جي عڪاسي ڪرڻ ۽ انهن جي تصوير عوام اڳيان آڻڻ لڳا. يعني ان وقت اديب حقيقت نگار ته هيا پر هنن جو شعور اڃا ايستائين ترقي ڪري ڪو نه سگهيو هو، جو هو ڪنهن سماجي برائي کي پيش ڪرڻ سان گڏ ان جي ٿيڻ جا سبب ۽ بدلائڻ لاءِ راهون به تلاش ڪري سگهن. ان هوندي به شروعات کان ئي اديبن ۾ اڳتي وڌڻ ۽ فطرت تي قابو پائڻ جي وڏي خواهش موجود هئي. جنهن اڳتي هلي کين فتحمند ڪيو.
سماجي حقيقت نگاري:
مارڪس هڪ هنڌ چيو آهي ته؛ ”موجوده ادب ۽ اديب کي صرف معاشري جي عڪاسي ڪرڻي ڪا نه آهي، پر ان معاشري جي تبديليءَ لاءِ جدوجهد به ڪرڻي آهي.“ عڪاسي صرف حقيقت جو هڪ رخ آهي. انهي ڪري ڪنهن واقعي کي جيئن جو تيئن پيش ڪرڻ يا ان جي صرف تصوير عوام اڳيان آڻڻ حقيقت پسندي ته آهي، پر صرف واقعن کي جيئن جو تيئن چٽڻ مسئلن جو حل نه آهي. ايئن ڪرڻ سان عوام کي يا هن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو شڪار ٿيل مظلوم پورهيتن کي ڪو به فائدو نه رسندو. جڏهن ته جيڪي ڪجهه سماج ۾ ٿئي ٿو، اهو اديب حقيقت پسند بنجي عوام آڏو ته پيش ڪن ٿا، پر دراصل اديبن کي رڳو حقيقت نگار نه ٿيڻ گهرجي، پر سماجي حقيقت پسند بنجڻ گهرجي. يعني واقعن جي ٿيڻ جا ڪارڻ بيان ڪرڻ سان گڏ انهن جي خاتمي لاءِ راهون ۽ رستا تلاش ڪرڻ گهرجن. اهائي سماجي حقيقت نگاري آهي.
ان ڪري اديب کي نه صرف حقيقت پسند بنجڻ گهرجي ۽ صرف حقيقتون اخباري خبرن جيان بيان ڪرڻ گهرجن، پر ان سان گڏ سماجي حقيقت پسند بنجي معاشري ۾ پيدا ٿيل ڪچاين، گندگين ۽ غلط لاڙن کي ٻنجو ڏيڻ يا بدلائڻ لاءِ راهون به تلاش ڪرڻ گهرجن.
معاشري جي براين تي تنقيد ڪرڻ سان گڏ اسان جا اديب انهن جي حل لاءِ ۽ انهن جي ٿيڻ لاءِ ذميوار ڳالهين ۽ حالتن کي بي نقاب ڪندا ته عوام کي صحيح دڳ ملندو ۽ هو غلط رستن تي وڃڻ بدران صحيح سائنسي نقطي نگاهه سان جدوجهد ڪندو. ان ڪري سماجي حقيقت پسند ادب پيش ڪرڻ ڪري، وقتي حالتن جو جلد اثر قبول ڪندڙ فرد نه صرف حالتن کي جلد سمجهندا پر انهن ۾ مناسب تبديلي آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪندا. هو جڏهن سماجي حالتن ۽ چالو نظام کي پاڻ لاءِ نقصانڪار سمجهندا ته ان جي خلاف ڀرپور جنگ ڪندا ۽ انهيءَ نظام جي جاءِ تي هڪ اهڙو نئون سماج جوڙيندا، جيڪو سندن ڀرجهلو ۽ محافظ هوندو. ان ڪري اديب جو اهو عمل ان کي صحيح نموني سان سماجي حقيقت پسند بنائيندو ۽ کيس سائنسي سچائيءَ جي ويجهو ڪندو.
ان ڪري اديب سماجي حقيقت نگار بنجي پنهنجي فن جي ذريعي جيڪي به سماج دشمن ۽ انساني ارتقا خلاف ڪم ڪندڙ قوتون آهن، انهن کي بي نقاب ڪري ۽ نه صرف انهن تي تنقيد ڪري، پر انهن جي خاتمي لاءِ به عملي جدوجهد ڪري. جن به شين مان عوام کي فائدو رسي ٿو ۽ جيڪي به قوتون نئين سماج جي اڏاوت ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون، انهن کي پنهنجو ڪري.
جيڪي اديب يا فنڪار صرف نقاد آهن، صرف خاميون ڪڍي ڄاڻن ٿا، صرف منفي بنيادن تي سوچن ٿا. سي سماج جي اڏاوت ۾ ايترو اهم ڪردار ادا ڪري نه ٿا سگهن، جيترو اهي فنڪار جيڪي سماجي حقيقت نگار بنجي انهن خامين کي دور ڪرڻ جا دڳ ۽ منفي پهلوئن جا اثباتي پهلو به ڏسين ٿا. ڇو جو سماجي براين کي بي نقاب ڪرڻ وڏي ڳالهه ڪانهي، پر اصل ۾ انهن کي جڙ کان ڪڍي ٻاهر ڦٽي ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي. اصل ۾ پراڻي مدي خارج نظام جي جاءِ تي نئين ترقي پسند سماج جي تعمير اصل مسئلو آهي.
ان ڪري هڪ انسان دوست ترقي پسند اديب جو فرض آهي ته هو نيون راهون تلاش ڪري ۽ نئين ٺهندڙ سماجي لاءِ ميدان تيار ڪري ۽ سماج ۾ پيدا ٿيل گندگين کي صاف ڪرڻ جا طريقا ٻڌائي. جي اديب کي پنهنجو صحيح ڪردار ادا ڪرڻو آهي ته هو استحصالي سماج جي خلاف پورهيت طبقي، مظلوم طبقي سان ڳنڍجي ۽ واڳجي وڃي. ڇو ته اهو ئي مظلوم طبقو انسانذات جي مڪمل آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ ويڙهه ڪري رهيو آهي ۽ سندس مستقبل يقينن روشن آهي.
(ڇپيل، روزاني سنڌ سجاڳ ڪراچي، 14 اپريل 1981ع)