سنڌ جي تاريخ ۽ اسان جون ذميواريون
اسان جي ملڪ ۾ اڃان سوڌو تاريخ ڏانهن سنجيدگي سان ويچار ئي نه ڪيو ويو آهي. هتي تاريخ کي صرف سياسي تبديلين جو نالو ڏنو ويو آهي. تاريخ کي صرف بادشاهن، اميرن ۽ مذهبي رهنمائن جي ڪارنامن، سندن جنگين، قصن ۽ ڪهاڻين تائين محدود رکيو ويو آهي. جڏهن ته تاريخ جو اهو تصور صحيح نه آهي. تاريخ هڪ سائنس آهي، تاريخ ڪنهن قوم جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي اڀياس جو نالو آهي. دنيا ۾ تاريخ جا ڪيترائي تصور رهيا آهن. پر تاريخ جي مادي نقطي نظر موجب، انسانذات جي سموري تاريخ طبقاتي ويڙهه جي تاريخ رهي آهي. اها ويڙهه ڦريل ۽ ڦريندڙ، حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ هلندي رهي آهي. تاريخ جي جديد مادي قانون موجب سماجن ۾ اٿل پٿل يا نظرين ۽ خيالن ۾ اٿل پٿل سڄي مادي پيداوار جي تابع آهي. مادي پيداوار جي ترقي سان ئي نظريا، سماج ۽ انهن جا طور طريقا ۽ قانون بدلبا رهندا آهن، ان ڪري تاريخ اصل ۾ سماجي ٽڪرائن جو لاڳيتو عمل آهي. ان طريقي سان تاريخ کي نه صرف صحيح نموني سمجهي سگهجي ٿو، پر ان جي روشني ۾ عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪري سگهجي ٿي. اهو ئي تايخ جو جديد نظريو آهي. جنهن تحت اسان کي سنڌ سميت دنيا جي تاريخ لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.
تاريخ جي جديد مادي نقطي نظر موجب سنڌ جي تاريخ تي اڃان سوڌو ڪوبه ڪم نه ٿيو آهي. سنڌ ۾ هن وقت تائين جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن. جهڙوڪ چچ نامون، تحفته الڪرام، تاريخ معصومي، تاريخ شاهجهاني وغيره اهي تاريخ جي اصل تصور جو پورائو نه ٿيون ڪري سگهن. اهي صرف تاريخ لکڻ لاءِ مددي مواد (Source Material) جو ڪم ڏئي سگهن ٿيون. ٻيو ته اهي تاريخون سنڌ کان ٻاهر جي ڌارين تاريخ نويس جون لکيل آهن. جيڪي سنڌ جي سماج، ثقافت، ماڻهن جي احساسن ۽ جذبن کان بلڪل اڻ ڄاڻ هيا. ٻيو ته اهي ليکڪ ٻاهرين حملي آورن جا ساٿياري هجڻ ڪري صحيح نموني، ايمانداري ۽ سچائي سان حقيقتون پيش نه ڪري سگهيا آهن، پر پنهنجن سياسي مقصدن ۽ مرادن تحت حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو اٿن. ان ڪري هنن جي لکيل تاريخ سنڌ جي عوام جي جذبن ۽ امنگن جي ترجماني نه ٿي ڪري سگهي. هنن سنڌ جي عوام ڏانهن لاپرواهي دشمني ۽ بي حسي وارو رويو اختيار ڪيو آهي. ٻيو ته انهن تاريخدانن جون لکيل تاريخون رڳو حڪمرانن، مذهبي عالمن ۽ امير گهراڻن جي ڪوڙين، سچين ڪارڪردگين ۽ ڪارنامن جو داستان آهن. انهن تاريخن ۾ پورهيت عوام يعني تاريخ جي خالق قوتن جو ڪوبه ذڪر ڪونه آهي. انهن تاريخن مان اسان کي ان دور جي سماج، ثقافت ۽ معيشت بابت ڪابه ڄاڻ ڪانه ٿي ملي.
هي ته اوهان ماضيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ تي ڪيل ڪم جي حوالي سان ٻڌو، پر موجوده دور ۾ به اڃا سنڌ جي تاريخ تي نئين سري سان تحقيق ڪرڻ جو ڪم شروع نه ٿيو آهي. پر اڃان هاڻ مس سنڌ جي تاريخ جي ٽڙيل ۽ تهن هيٺ آيل مواد کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو آهي. ڇو جو جيئن ته سنڌ تي مختلف دورن ۾ ڌارين حملا ڪري، هتان جي تاريخي تسلسل کي تباهه ڪيو آهي. ان ڪري انهن حملن ۽ ڪاهن ڪري سنڌ ۾ علمي ادبي سرمايو تباهه ٿيندو رهيو آهي. جنهن ڪري سنڌ جي تاريخ جون ڪيتريون ڪڙيون گم ٿيل نظر اچن ٿيون، ان ڪري سنڌ جي تاريخ جو تسلسل برقرار رهي نه سگهيو آهي. ويجهڙائي ۾ سنڌ جي تايخ جي گم ٿيل ڪڙين کي حاصل ڪرڻ ۽ مختلف هنڌن تي ٽڙيل پکڙيل مواد گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ٿيو آهي. اسان جي محققن ۽ عالمن جهڙوڪ مرحوم حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ايم ايڇ پنهور، غلام علي الانا، سراج الحق ۽ ٻين وڏين محنتن ۽ مشقتن سان تاريخ جون مختلف ڪڙيون ۽ سلسلا هٿ ڪري انهن کي اسان جي آڏو آندو آهي. هاڻ ان مددي مواد جي بنياد تي اسان کي سنڌ جي تاريخ بلڪل جديد ۽ سائنسي نقطي نظر تحت تيار ڪرڻي آهي. اسان کي سنڌ جي تاريخ لکڻ وقت جديد دور جي سائنسي ايجادن مان به فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. قديم آثارن تي سائنسي نموني جيڪا تحقيق ٿي رهي آهي ۽ جيڪي نيون حقيقتون ۽ انڪشاف اسان جي آڏو اچي رهيا آهن، انهن جي مدد سان اسان سنڌ جي تاريخ جي نه صرف وڃايل ڪڙين ۽ سلسلن کي هٿ ڪري سگهون ٿا، پر ان سان اسان جي تاريخ جا ڪيترائي منجهيل سٽ پڻ سلجهي پوندا.
سنڌ جي تاريخ لکڻ وقت قديم آثارن مان مليل مواد جي آڌار تي اسان کي ان دور جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، مذهبي ۽ نظرياتي ويچارن، سندن ڪمن ڪارين بابت مڪمل ڄاڻ ملي سگهي ٿي. جنهن لاءِ درٻاري ليکڪن جون لکيل تاريخون بلڪل خاموش آهن.
قديم آثارن ۽ پراڻن تاريخي نسخن کان سواءِ اسان کي پنهنجي لوڪ ادب ۽ قديم شاعري، نيم تاريخي قصن ۽ ڪهاڻين مان پڻ تاريخ کي سهيڙڻ ۾ مدد ملي ٿي. ڇو جو اسان جي عوام جي تاريخي فتحن، سندن عظيم تخليقن، جدوجهدن ۽ ڪارنامن، جن کي درٻاري ليکڪن نظرانداز ڪيو آهي. اهو سڄو مواد اسان جي ڀٽن، ڀانن، چارڻن ۽ قصي کڻندڙن جي نسل کان نسل تائين ڏانهن منتقل ٿيندو آيو آهي. ان مواد کي سوڌي، سموهي، ان رستي پڻ اسان پنهنجي تاريخ کي مڪمل ۽ مستند بڻائي سگهون ٿا.
سنڌ جي نئين تاريخ لکڻ وقت اسان جي نوجوان تاريخدانن کي تاريخ جي جديد مادي نقطي نظر کي پنهنجي راهه جو سونهون بڻائڻو پوندو. اسان کي سنڌ جي تاريخ نئين سر جديد مادي نقطي نظر تحت لکڻي پوندي ته جيئن اها تاريخ عوام منجهه جدوجهد ڪرڻ ۽ پنهنجون حالتون سڌارڻ جو شعور پيدا ڪري سگهي. ان رستي عوام پنهنجي حقن ۽ فرضن کان واقف ٿئي ۽ ماضي منجهه ساڻس جيڪي ظلم ۽ ستم ڪيا ويا آهن، انهن جي خاتمي لاءِ رٿابندي ڪرڻ جو اهل ثابت ٿئي.
اسان کي سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ وقت فرضي قصن ۽ ڪهاڻين کي رد ڪري سائنسي سوچ کي اپنائڻو پوندو. تحقيق ڪرڻ وقت هر هڪ واقعي جي سائنسي مادي بنيادن تي ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوندي. هر هڪ دور جي حالتن جو تجزيو نهايت ايمانداريءَ سان ڪرڻو پوندو. هر قسم جي سماجي اٿل پٿل جي سببن کي پيش ڪرڻو پوندو. تاريخ کي قصي يا ڳالهه يا اخبار جي خبر بنائڻ بدران ان کي سائنسي عقلي دليلن جي روشني ۾ پيش ڪرڻو پوندو. هر هڪ تاريخي واقعي جي پس منظر ۾ لڪل سياسي، معاشي ۽ سماجي سببن جو مطالعو ڪرڻو پوندو. اسان کي سنڌ جي تاريخ لکڻ وقت هر قسم جي مذهبي ڪٽر پڻي، فرقي پرستي ۽ قومي تعصب کان پاسو ڪرڻو پوندو. جيئن اسان جو عوام تاريخ منجهان صحيح رهنمائي حاصل ڪري سگهي ۽ ان مان پرايل نتيجن جي روشنيءَ ۾ مستقبل لاءِ رٿابندي ۽ جدوجهد ڪري سگهي.
هيستائين ٿيندو ائين آيو آهي جو اسان جا نوجوان تاريخدان، قومي تعصب جي وهڪري ۾ وهي، ايترو ته اڳتي وڌي ويا آهن، جو هنن ڌارئي شهنشاهه محمود غزنوي ۽ شاهجهان تي ته ڇتي تنقيد ڪئي آهي پر ان جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي ڏيهي حڪمرانن جا قومپرستيءَ جي نشي ۾ ڳڻ ڳايا آهن. سندن عوام سان ذلت ڀرئي سلوڪ جي پرده پوشي ڪئي آهي. مهاراجه ڏاهر، ڄام نظام الدين، دريا خان دولهه يا غلام شاهه ڪلهوڙي جا ڌارين سان اٽڪايل مهاڏا ته ساراهه لائق آهن. پر هنن هتان جي پورهيت عوام سان جيڪي ڏاڍايون ۽ ارهه زورايون ڪيون آهن. انهن کي به وسارڻ نه کپي. اسان جا ڪيترا تاريخدان ته قومپرستيءَ جي وهڪري ۾ ايترو ته اڳتي وهي وڃن ٿا جو هو ارتقا واري عمل جا به انڪاري ٿي وڏي واڪ اها دعويٰ ڪن ٿا، ته اسان جديد سنڌ کي ڄام نظام الدين ۽ دولهه دريان خان واري سوين سال پوئتي پيل سنڌ بڻائينداسين. سنڌ جي تاريخ لکڻ وقت اسان کي قومي تعصب واري عينڪ کي لاهي ڦٽي ڪرڻو پوندو. اسان کي موهن جي دڙي جي شاندار تهذيب جي ته ساراهه ڪرڻي پوندي پر ان سان گڏ اهو به لکڻو پوندو ته ان تهذيب جي اڏيندڙ پورهيت عوام سان سنڌ جي ڏيهي حڪمرانن جو رويو اذيت ناڪ هيو. ان سان گڏ ان ڳالهه جي به فراخدليءَ سان چٽائي ڪرڻي پوندي ته آخرڪار اسان ۾ ڪهڙيون خاميون هيون، جو اسان اڃان اتي بيٺا آهيون، جتي سوين هزارين سال اڳ هئاسين.
(هي مقالو سڪرنڊ هسٽاريڪل سوسائٽي طرفان ڪرايل هڪ تقريب ۾ پڙهيو ويو)
(ڇپيل، روزاني سنڌ سجاڳ ڪراچي، 28 جون 1991ع)