آ ٽم ٽم ٽم ٽم لاٽ اڃان!
اڄ پهرئين مئي آهي. ان جي عظمت اها ئي آهي جو هي ڏينهن ڪنهن هڪ قوم، هڪ ملڪ، هڪ مذهب، هڪ گروهه يا طبقي جي بدران عالمي حيثيت رکندڙ آهي ۽ هي واحد ڏينهن آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ رنگ، نسل يا ڪنهن ٻئي متڀيد کان سواءِ سڀئي ڪارا توڙي گورا ماڻهو ان کي ملهائن ٿا. يعني دنيا ۾ ڪوبه اهڙو يادگار ڏينهن ناهي جو سڄي دنيا ۾ ان کي هڪ ئي وقت تي ملهايو وڃي. اهائي هن ڏينهن، هن تاريخ ۽ هن گهڙيءَ جي سڃاڻپ آهي.
اسان هن ڌرتي جا وارث، هن ڏينهن جي ياد تازي ڪرڻ واري موقعي تي عهد ڪيون ۽ پختو عزم ڪريون ته جنهن حق لاءِ شڪاگو جا پورهيت وڙهيا هئا ۽ جنهن آزادي جا هو تمنائي هئا، اسان به ان ئي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جا چاهيندڙ آهيون. اسان به انهن جي هڪ ڪڙي آهيون ۽ اسان جي نرڙ تي به هنن جي رت سان فتح جا نشان چٽيل آهن. اسان جي هٿن ۾ ساڳيا جهنڊا آهن ۽ اسان جي چپن مان ساڳيا نعرا نڪري رهيا آهن:
”پورهيت عوام – زندهه باد“
”سرمائيــداري – مــرده باد“
اسان کي پختو يقين آهي ته، جيستائين دنيا جي تختي تي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ، ظلم ۽ جبر موجود رهندو، اوستائين شڪاگو جا شهيد ور ور ڏئي واپس ايندا. پوءِ هو ڪڏهن روس جي سرخ زمين تي جنم وٺندا ته ڪڏهن چين ۽ ويٽنام جي کيتن مان سون ورنا سنگ بنجي اڀرندا ته ڪڏهن سنڌ جي سرزمين تي حيدر جو روپ وٺي سرمائيدارن جون پاڙون پٽيندا.
اڄ کان 106 سال اڳ 1886ع ۾ آمريڪا جي مزدورن پنهنجي حقن وٺڻ لاءِ سرمائيدارن سان جيڪي فيصلي ڪن لڙائي لڙي هئي. سا اڄ به مسلسل جاري آهي ۽ ان لڙائي، مزدورن جي ان جدوجهد اڄ ڪيتريون ئي فتحون حاصل ڪيون آهن. اڄ دنيا جي وڏي حصي جا مالڪ پورهيت آهن. اڄ به ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪي رهيا آهن ۽ مزدورن جي هٿن ۾ مشعلون روشن ٿيل آهن، هو پنهنجي منزل ڏانهن تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. اڄ هر پورهيت جي زبان مان هي لفظ نڪري رهيا آهن.
”ڪيئن توکي ڪاري ٻاٽ مڃان، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃان.
آٽــم ٽـــم ٽـــم ٽـــم لاٽ اڃـــان، جـــا جـــوڳي ڪالـــهه جـــلائي ويــــــا!“
اڄ به ڪيترن ملڪن جا مزدور ۽ پورهيت عوام هن دنيا جي تختي تي عزت ۽ آزاديءَ سان رهڻ لاءِ ڪٺن جدوجهد ۾ مصروف آهن. اڄ به 106 سال اڳ وارو وقت پڪاري رهيو آهي ته:
”دنيا جا مزدورو! بهادريءَ سان اڳتي وڌو، لڙائي شروع ٿي چڪي آهي.“
”پورهيت هڪ ٿي وڃو، ظالم ۽ مظلوم جي جنگ شروع ٿي چڪي آهي.“
هيءُ، اهو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن پيٽ بکايل، ڪپڙن ڦاٽل مزدورن، ڦورو سرمائيدارن جي منهن تي ڀرپور چماٽ هڻندي، سندن مڙني قانونن ۽ ضابطن کي ٿڏيندي، ڪارخانن مان ٻاهر نڪري، رستن تي اچي، هٿن ۾ پانا ۽ هٿوڙا کڻي اعلان ڪيو هو ته:
”هاڻ مزدور، سرمائيدار جو وڌيڪ ظلم ۽ ستم نه سهندا هاڻ هنن کي گهڻو وقت ڏاڍ جي زنجيرن ۾ قيد ڪري نٿو سگهجي. هاڻ هو ڪارخانن ۾ سورنهن ڪلاڪن بدران اٺ ڪلاڪ ڪم ڪندا.“
مزدور اڄ پنهنجن حقن لاءِ هرڳري کان ڳرو قدم کڻڻ لاءِ تيار هئا. شڪاگو، آمريڪا جو هڪ صنعتي شهر، جنهن ۾ لاتعداد ڪارخانا آهن، جتان جي ريلوي اسٽيشن تي ڪيترن ئي هنڌن جون گاڏيون اچي بيهنديون آهن ۽ مال سان لڏيل جهاز لنگر هڻندا آهن. اتي جي ڪارخانن جي فلڪ بوس عمارتن ۾ ڪيئي انگ اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا مزدور ڪم ڪندا هئا. جيڪي تارن ۾ گهران نڪرندا هئا ته تارن ۾ 16 ڪلاڪن جي هڻ هڻان بعد واپس گهر ايندا هئا. کين زندگي جي ڪابه بنيادي سهوليت يا حق ميسر نه هو. ٻيو ته ڇڏيو پر سڄي ڏينهن جي ڳهڻ بعد جانورن وانگر ٻه ويلا سک جي ماني به کائي نه سگهندا هئا. اهي ئي حالتون هيون، جو پهرين مئي 1886ع تي شڪاگو جا مزدور ڪارخانن ۾ وڃڻ بجاءِ رستن ۽ روڊن تي نڪري آيا هئا. هنن جو وڏو جلوس جهازن جا لنگر کڻڻ بدران، مال گاڏين مان مال لاهڻ ۽ چاڙهڻ بدران هٿن ۾ امن جا اڇا جهنڊا کڻي، شهر جي شاهي رستن جا احتجاجي گشت ڪرڻ لڳو. پنهنجن مطالبن مڃرائڻ لاءِ پر امن نموني آواز بلند ڪرڻ لڳو. پوري شڪاگو جا رستا ڪارن ڪوجهن پر مضبوط جسم وارن مزدورن سان ڀريل نظر اچي رهيا هئا.
هي انساني سيلاب ۽ پورهيتن جو طوفان 8 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ واري مطالبي مڃرائڻ ۽ پنهنجن ٻين بنيادي حقن وٺڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو هو. ان جو اڳتي وڌڻ، ان جو ڪامياب وڃڻ حاڪم قوتن ۽ انهن سرمائيدارن لاءِ موت جو سگنل هيو. جابر قوتن هن انساني سيلاب کي روڪڻ، هن آواز کي بي درديءَ سان ڪچلڻ لاءِ فيڊرل حڪومت جي فوج ۽ پوليس گهرائي ۽ هنن هٿين خالي پورهيتن جي مٿان وحشي فوج ۽ پوليس وارا بگهڙن جيان ڪڙڪي پيا. پورهيتن جي اگهاڙن پٺن تي گولين ۽ لٺين جي برسات وسڻ شروع ٿي. هنن بي سمجهه قوتن هن انساني سيلاب کي روڪڻ لاءِ بس اهوئي ڪجهه ڪافي سمجهيو ۽ هوايئن سمجهي رهيا هئا ته اسان هاڻ هڪ هڪاڻي ڪري رهيا آهيون. پر ڇا رائفل جي گولي سڀ ڪجهه هوندي آهي. ڇا پوليس ۽ فوج هن تحريڪ جو خاتمو آڻي پئي سگهي، بلڪل نه – اهو ته حاڪم قوتن پنهنجي بزدليءَ جو مظاهرو ڪيو.
هو شڪاگو جي رستن کي پورهيتن جي ريٽي رت سان سرخ ته بنائي سگهيا. هو نالين ۾ پاڻي بدران ريٽو رت ته وهائي سگهيا پر هو هميشه هميشه لاءِ پورهيتن ۽ سندن عالمي آواز کي ختم نه ڪري سگهيا. ورندو سندن زوال جو وقت ويجهو آيو.
پهرئين مئي تي انساني خون، اهو خون جيڪو پوري دنيا جي تشڪيل ڪندڙ آهي. اهو خون جنهن تي اسان جي وجود جي بنياد آهي. اهو خون جنهن تي سُڪل سلا ساوا ٿيندا آهن، درياهه جي صورت ۾ وهڻ لڳو. جنهن ۾ پورهيتن جا سفيد جهنڊا رنڱجي ڳاڙها ٿي ويا. پورهيتن جو حوصلو وڌندو رهيو. هنن شڪست ته ڪانه کاڌي، ورندو سيٺين جا حوصلا پست ڪري ڇڏيا، سرمائيدارن جا حواس اُڏي ويا. هو چرين وانگر وڦلڻ لڳا. سندن جسمن ۾ ڪنبڻي پيدا ٿي وئي. ڇو جو هنن جي گولين ته ڪو فيصلو ڪو نه ڪيو، اٽلو ڪارخانن جي بلند ترين عمارتن جي چوٽين تي ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪڻ لڳا.
2، مئي تي وري به مزدور احتجاجي جلوس جي شڪل ۾ رستن تي نڪري آيا. هنن جي هٿن ۾ پنهنجي ئي رت ۾ رنڱيل ڳاڙها جهنڊا هئا. هو اڳتي وڌي رهيا هئا. هنن جو هڪ هڪ قدم سرمائيدارن جي سيني تي مُڱ ڏرڻ برابر هيو. فوجون وري به آيون. لٺيون ۽ رائفلون هوا ۾ اڀيون ٿيون، خون وهيو، ماتم ٿيو، هر اک مان ڳوڙهو ٽپڪيو. ظالم ۽ جابر پنهنجي ظاهري ۽ وقتي سوڀ تي مشڪيا. پورهيتن جي وهيل رت کي فوجي لانگ بوٽن لتاڙيو، ملٽري جي گاڏين جا ڦيٿا ريٽا ٿيا. پو ته رت جي ڦڙنگين، ڪارخانن جي سفيد ڀتين کي به لعل بڻائي ڇڏيو.
ڪيئي مزدور ليڊر جيلن جي جاڏين ڀتين پويان قيد ٿي ويا. ڪيترن کي ڦاهين تي لٽڪايو ويو. ڦاسي تي لٽڪندڙ هڪ مزدور اينجل وڏي واڪي چيو:
”تـوهـان اسـان کـي مـاري ته سگـــهو ٿـا،
پر اسان جي تحريڪ کي ماري نه ٿا سگهو!“
ها واقعي سچ چيو هئائين، اڄ به اها تحريڪ زندهه آهي ۽ ڦاسي گهاٽن تي ڦٿڪندڙ مزدور اڄ به انساني دلين تي حڪمراني ڪري رهيا آهن. اڄ به هنن جو آواز ڪارخانن جي مشينن جي آواز ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. جتي جتي به مزدور تحريڪ هلائن ٿا يا پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪن ٿا ته اڄ هو 106 سال اڳ وارو اهو قول دهرائن ٿا ته:
”حاڪمو! غريب انسانن جو آواز بلند ٿيڻ
ڏيو، نه ته انهن جون تلوارون بلند ٿينديون.“
پهرئين مئي کان جنهن جدوجهد جو آغاز ٿيو يا پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ جيڪا جنگ شروع ٿي، تنهن تقريبن هڪ صدي اندر وڏيون فتحون حاصل ڪيون آهن. اڄ دنيا جي وڏي آبادي امن ۽ سڪون سان زندگي گذاري رهي آهي. اڄ جيڪي به قومون پٺتي پيل آهن ۽ جتي به ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جو وجود آهي، اتي ڏاڍي ۽ هيڻي جي جنگ شروع آهي. هاڻي ان جنگ ۾ جيڪي به ماڻهو پورهيتن جي پاسي ٿيندا، سي عوام دوستن جي صف ۾ شمار ٿيندا.
اسان کي اڄوڪي ڏينهن تي اهو عهد ڪرڻ گهرجي ته جيڪا به ڳالهه عوام جي مفادن کي نقصان رسائيندي، اسان ان جا دشمن هونداسين. جيڪو قدم پورهيتن جي خوشحالي ۽ ڀلائي لاءِ کڄندو، اسان ان جي ڀرپور مدد ۽ حمايت ڪنداسين. اڄ اسان جو وطن – سنڌ چوڌاري خطرن ۾ وڪوڙيل آهي، اندر ۽ ٻاهر ڪيئي دشمن آهن. اسان کي خبرداريءَ سان هر قدم کڻڻ گهرجي ۽ اسان لاءِ ڀلو ان ۾ ٿيندو ته اسان وطن جي پورهيتن سان گڏ هلون، سندن قيادت قبول ڪيون. پنهنجن صفن مان پورهيت دشمن قوتن کي نيڪالي ڏيون. اسان جي قومي تحريڪ جو هر اول دستو مزدور ۽ هاري هجڻ گهرجن. جي اسان ائين ڪيوسين ته ڪا به جابر قوت اسان جي مقصدن کي ڇيهو رسائي نه سگهندي ۽ اسان جلد ئي فتح ماڻينداسين. پر جي اسان جو قدم پورهيتن کان پاسيرو هوندو ته اهو اسان جي قوم لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو. شل! اسانجو هر قدم مادر وطن جي آزاديءَ ۽ هتان جي عوام جي خوشحاليءَ لاءِ ئي کڄي.
(ڇپيل، روزاني سنڌ سجاڳ ڪراچي، 1 مئي 1992ع)