ڪالم / مضمون

تاريخ جي لاٽ

رُڪ سنڌي جي ھن ڪتاب ۾ ڪيترائي اھم ۽ تاريخي ڪالم ۽ مضمون شامل آھن. ڪي علائقائي تہ ڪي بين الاقوامي سياست تي لکيل آھن. ڪي سنڌي ادب تي آحن تہ ڪي تاريخ جي اھم شخصيتن تي، عالمي ۽ سامراجي سازشن تي تہ ڪي وري سنڌ جي سورن ۽ دردن جا داستان آھن. ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”اسان کي سنڌ جي تاريخ نئين سر جديد مادي نقطي نظر تحت لکڻي پوندي ته جيئن اها تاريخ عوام منجهه جدوجهد ڪرڻ ۽ پنهنجون حالتون سڌارڻ جو شعور پيدا ڪري سگهي. عوام پنهنجي حقن ۽ فرضن کان واقف ٿئي ۽ ماضي منجهه ساڻس جيڪي ظلم ۽ ستم ڪيا ويا آهن، انهن جي خاتمي لاءِ رٿابندي ڪرڻ جو اهل ثابت ٿئي. اسان کي سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ وقت فرضي قصن ۽ ڪهاڻين کي رد ڪري سائنسي سوچ کي اپنائڻو پوندو. تحقيق ڪرڻ وقت هر هڪ واقعي جي سائنسي مادي بنيادن تي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي پوندي. هر هڪ دور جي حالتن جي تجزيو نهايت ايمانداري سان ڪرڻو پوندي. هر قسم جي سماجي اٿل پٿل جي سببن کي پيش ڪرڻو پوندو.“
  • 4.5/5.0
  • 1170
  • 327
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رڪ سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تاريخ جي لاٽ

اسرائيلي وزيراعظم رابن جو موت ۽ وچ اوڀر ۾ امن جي خواهش

اسرائيلي وزيراعظم رابن جو موت ۽ وچ اوڀر ۾ امن جي خواهش

4 نومبر تي هڪ يهودي انتها پسند هٿان اسرائيلي وزيراعظم اسحاق رابن جي قتل سان وچ اوڀر ۾ سرچاءَ ۽ امن واري خواهش کي زبردست ڌڪ لڳو آهي. رابن، اسرائيل جو اڪيلو ڌرتي ڄائو حڪمران هو، جنهن جنگ سٽيل ۽ باهه اوڳاڇيندڙ خطي ۾ امن جو ٻوٽو پوکيو. پر جڏهن اهو سدا بهار ٻوٽو سرهاڻ ۽ سڳنڌ وارو ثمر ڏيڻ جي عمر تي پهچڻ وارو هو ته ان جي خالق کي ان جي ثمر کان محروم ڪيو ويو.
گذريل اڌ صديءَ کان عرب دنيا اندروني ويڙهه، سرحدي جنگين ۽ دهشتگرديءَ جو اڏو بڻيل رهي آهي. ڪٿي مدي خارج شهنشاهتون قائم آهن ته ڪٿي وري جنگجو فوجي جرنيل عوام جي اڇي ڪاري جا مالڪ بڻيا ويٺا آهن. انتها پسند مذهبي تنظيمن ته هن خطي کي دوزخ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. مذهب جي نانءُ جو غلط استعمال جيترو هن خطي ۾ ٿيو آهي، اوترو شايد دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ نه ٿيو هجي. مسلمان هجن يا يهودي ۽ عيسائي هڪ ٻئي جي ئي رت جا پياسا بڻجي ويا آهن. هن خطي ۾ جنونيت پاڳلپڻي ورايون حدون به اورانگهي چڪي آهي. هيل تائين 11 سربراهه ان جي باهه ۾ ڀسم ٿي چڪا آهن. اڃا به خبر ناهي ته ڪيترن ماڻهن کي رت ۽ باهه جي اوڙاهه ۾ ڌڪيو ويندو.
جيڪڏهن عرب دنيا اندروني نااتفاقين، آپيشاهيءَ ۽ ننڍڙن مفادن خاطر مستقل دشمنين جو ميدان نه بڻيل هجي ها ته اڄ فلسطيني ٻين جي درن تي دربدر نه هجن ها، اسرائيلي جارحيت ۽ اڳرائي موجوده شڪل نه وٺي سگهي ها. اسرائيل جي تشدد ۽ والار پسندي واري روپ پٺيان جتي ٻيا ڪيترائي سبب موجود آهن، اتي عرب دنيا جي ڪمزورين، نااتفاقين، غلط حڪمت عملين ۽ ڇڙواڳي به پنهنجا عرب دشمن منفي اثر ڏيکاريا آهن. جيڪڏهن عرب دنيا پاڻ ئي زواليت جو شڪار نه هجي ها ته هڪ ننڍڙي ماڪوڙيءَ جيترو ملڪ هيڏين اجگر قوتن جي گهيري ۾ هجڻ باوجود گولان جي پهاڙين، الهندي ڪناري ۽ لبنان جي ڳچ حصي تي والار نه ڪري سگهي ها.
اسان تسليم ڪريون ٿا ته اسرائيل کي طاقت ۽ قوت بخشيندڙ ۽ سندس جنگي جارحيت کي هٿي ڏيندڙ آمريڪا ۽ برطانيه سميت اولهه جا ٻيا ملڪ به رهيا آهن. پر عرب ملڪن، پنهنجي دشمن جي اتحادين سان جيڪو لاڳاپو رکيو آهي ۽ انهن سان دوستين جا جيڪي معراج ماڻيا آهن. ان ۾ قصور وار صرف اسرائيل کي قرار ڏئي نه ٿو سگهجي. سعودي عرب، مصر، اردن، ڪويت وغيره آمريڪا جا پڳ مٽ يار رهندي به اسرائيل کي پنهنجي اڳرائي وارن مقصدن کان باز رکي نه سگهيا. فلسطينين کي دربدر ٿيڻ کان بچائي نه سگهيا. لبنان کي تباهه، برباد ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ کان بچائي نه سگهيا. لبيا تي پابندين خلاف ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي سگهيا. عراق سان پاڻ نبيرو ڪرڻ بدران ان خلاف عالمي طاقتن جي فوجي ڪٽڪن کي ڪاهي آيا. اڄ به عراق ۽ لبيا جو عوام عرب ملڪن جي ڪانئرپڻي جي سزا ڀوڳي رهيو آهي.
عرب دنيا کي اسرائيل جهڙي ننڍڙي ملڪ هٿان جيڪا ذلت ۽ خواري نصيب ٿي آهي. ان جو هڪ وڏو سبب اهو به رهيو آهي ته اتان جي حڪمرانن ۽ عوام وچ ۾ وڏيون وٿيون ۽ وڇوٽيون رهيون آهن. شهنشاهن عوام سان جيڪو سلوڪ ڪيو آهي، تنهن عوام کي نراساين ۽ ويڳاڻپ جي ڪُن ۾ اڇلي ڇڏيو آهي. عوام جا حڪومتن سان لاڳاپا ايترا ته خراب رهيا آهن، جو جڏهن به ملڪ خلاف ڪا جارحيت ٿي آهي ته ان کي ملڪ نه پر حڪمرانن خلاف جنگ سمجهي عوام ان کان پري رهڻ گهريو آهي. ان ئي سبب ڪري وچ اوڀر جا حڪمران ۽ عوام ٻه الڳ الڳ جنسون ٿي رهجي ويا آهن. جڏهن ته اسرائيل، وچ اوڀر جو ملڪ هوندي به جمهوريت جي ڌاڳي ۾ عوام ۽ حڪمرانن کي تسبيح جي داڻن وانگر پوئي ڇڏيو آهي. هڪ اڳرائي پسند ملڪ جي سياستدانن جي اخلاقيات ۽ سياسي سمجهه ته ڏسو جو جڏهن وزيراعظم رابن جي قتل کانپوءِ قائم مقام وزيراعظم شمعون پيريز اقتدار جون واڳون سنڀالي ٿو ته اتان جي مخالف ڌر لڪوڊ پارٽي جو سربراهه نئين حڪمران سان تعاون ڪرڻ جو اعلان ڪري ٿو. لڪوڊ پارٽي جو سربراهه بينجمن اسرائيلي ٽيليويزن کي انٽرويو ڏيندي چوي ٿو ته، ”جمهوريت ۾ حڪومتون قتل سان نه پر چونڊن سان تبديل ٿينديون آهن.“
وچ اوڀر ۾ اسرائيل کي سيڙهه جي ڪنڊي واري حيثيت رهي. جنهن ڏينهن کان هن رياست جو مذهب ۽ نسل جي بنياد تي وجود ٿيو آهي، ان ڏينهن کان هن خطي جي ڌرتي تتل ٽامون بڻجي وئي آهي. مذهب جي بنياد تي نه صرف هي ڌرتي فلسطينين کان خالي ڪرائي وئي پر سڄي دنيا مان تڙيل يهودين لاءِ هن ملڪ جون سرحدون کوليون ويون. ڌرتي ڌڻين کي دربدر ڪري روس، آمريڪا، جرمني، برطانيه ۽ ٻين ملڪن مان يهودي آڻي صرف مذهب جي بنياد تي هڪ هنڌ ڪٺي ڪيا ويا. اسرائيل ۾ آباد ٿيندڙ يهودين جي نه قوم ساڳي هئي، نه ساڳي ٻولي ڳالهائيندڙ هئا، پر صرف هڪ جنون جي بنياد تي کين متحد ۽ منظم ڪيو ويو. سندن اتحاد ۽ ٻڌي کي برقرار رکڻ لاءِ سندن ذهنن مٿان عرب ملڪن ۽ دربدر ٿيل فلسطينين جو خوف ۽ ڏهڪاءُ سوار ڪيو ويو. جنهن ڪري خوف ۽ محروم ٿيڻ واري احساس هيٺ سندن وچ ۾ قوم ۽ ٻوليءَ جي بنيادن تي تضاد دٻيل رهيا. هو پنهنجي ناجائز وجود جي بقا لاءِ ايڏا ته وحشي بڻجي ويا، جو هنن پاڻ کي مهذب ۽ جمهوريت پسند سڏائيندي به هٽلر ۽ موسوليني جي ظلمن ۽ شرمناڪين کي به مات ڏئي ڇڏي. مصر ۽ شام، لبنان ۽ اردن خلاف اڳرايون ڪيون ويون. لبنان کي پنهنجي وحشپڻي جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. عراق خلاف به توسيع پسندي ۽ جارحيت کان نه ڪيٻايو ويو. پر ڌرتي کان ڌڪجي ڌار ڪيل فلسطيني سندن هر اڳرائي آڏو لوهه جي ديوار بڻجي ويا. فلسطينين پي ايل او جي پليٽ فارم تان اسرائيل خلاف جنهن تحريڪ جو آغاز ڪيو، تنهن هيترن سارن عرب ملڪن جو نڪ ۾ دم ڪندڙ اسرائيل کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
فلسطينين جي اڻکٽ جدوجهد جي نتيجي ۾ نه صرف عرب دنيا جي عوام ۾ سجاڳي اچڻ لڳي پر وچ اوڀر سان مفاد رکندڙ ملڪ به هن مسئلي جو ڪو نه ڪو حل سوچڻ تي مجبور ٿي پيا. اسرائيل جو امن ۽ استحڪام ايتري قدر ته خطري ۾ پئجي ويو، جو هو پنهنجي دشمنن سان هڪ ٽيبل تي ويهڻ لاءِ تيار ٿي ويو. آمريڪا ۽ برطانيه جهڙا ملڪ، جيڪي ڪالهه ياسر عرفات کي دهشتگرد قرار ڏيندا هئا، سي سندس استقبال ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. هڪ طرف فلسطينين جي لڳاتار جدوجهد ۽ جستجو دنيا کي هن مسئلي ڏانهن متوجهه ڪيو، ته ٻئي طرف ڪويت تي عراقي چڙهائي کان پوءِ شروع ٿيندڙ نار جنگ آمريڪا ۽ اولهه جي ملڪن کي وچ اوڀر متعلق پنهنجن پاليسين ۽ حڪمت عملين ۾ تبديلي آڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. عراق، شام ۽ لبيا ڏينهون ڏينهن اسرائيل جي وجود لاءِ خطري جي گهنڊ ثابت ٿيا. ڪيترن ئي عرب ملڪن جا حڪمران ۽ شهنشاهه ته آمريڪا جا دوست هجڻ ڪري اڻ سڌي طرح اسرائيل جا به يار بڻيل هئا، پر اندر ئي اندر عوام منجهه جيڪا سجاڳي پئدا ٿي رهي هئي. تنهن شهنشاهن سميت سندن پرڏيهي آقائن کي به ڏڪائي ڇڏيو. ان لاءِ ضروري هيو ته اسرائيل جي چوڌاري ڪُر کڻندڙ خطرن جو خاتمو آندو وڃي. جيئن هي يهودي رياست مستقل خوف واري حالت مان ٻاهر نڪري سگهي.
مٿين ئي سببن جي ڪري آمريڪا ۽ اولهه جي ملڪن سيپٽمبر 1993ع ۾ اسرائيل ۽ پي ايل او وچ ۾ ”اوسلو ٺاهه“ ڪرايو. هي ٺـاهه دنيا جي تاريخ ۾ هڪ انوکي قسم جو واقعو هو. ٺاهه ڪندڙ ڌريون يعنيٰ اسرائيل جي ليبر پارٽي جي سربراهه ۽ وزيراعظم اسحاق رابن ۽ پي ايل او جي سربراهه ياسر عرفات هن ٺاهه ذريعي هڪ طرف اڌ صديءَ کان هلندڙ دشمني ۽ ويڙهه کي دوستي ۽ امن ۾ تبديل ڪيو هو ته ٻئي طرف هنن پنهنجو وجود ئي داءَ تي لڳائي ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته ٻنهي طرفن کان موجود انتها پسند ان قسم جي معاهدي کان خائف هئا. اسرائيل جي وزيراعظم رابن پنهنجي ملڪ جي سالميت ۽ استحڪام آڏو ناچ ڪندڙ خطرن کي ٽارڻ ۽ امن حاصل ڪرڻ لاءِ والاريل عرب علائقن تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪري انهن انتها پسند يهودين کي پنهنجو دشمن بڻائي ڇڏيو هو، جيڪي عظيم تر اسرائيل لاءِ هر ڪڌي کان ڪڌو ڪم ڪرڻ لاءِ به تيار هئا. هو هزارين سال اڳ واري اسرائيل جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ان کي ٻيهر وڃائڻ کي وڏو گناهه سمجهي رهيا هئا. هو ماضيءَ واري اسرائيل جي وري ظهور پذير ٿيڻ کي قدرت جو ڪرشمو سمجهندي، ان جي بچاءَ ۽ استحڪام لاءِ ”مقدس جنگ“ وڙهڻ لاءِ تيار هئا.
”اوسلو ٺاهه“ يهودين وچ ۾ داخلي تضادن کي چٽو ڪري ڇڏيو. جيڪي ماڻهو اڳ مذهب جي بنياد تي متحد هئا، سي هاڻ پنهنجي قومي، لساني ۽ نسلي بنيادن تي وکرڻ لڳا. ڪيئي انتهاپسند تنظيمون منظر عام تي اچي ويون. متحد مذهبي قوم وارو تصور ۽ ان بنياد تي بيٺل اتحاد ۽ ڀائيچارو ڇيهون ڇيهون ٿيڻ لڳو. نه صرف ”اوسلو ٺاهه“ يهودين جي اتحاد کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو پر خود فلسطيني به هن سوال تي ورهائجي ويا. پي ايل او ۾ الفتح وارو سگهارو گروپ محدود خودمختياري حاصل ڪرڻ لاءِ ان ٺاهه کي پنهنجي هڪ وڏي سوڀ قرار ڏئي رهيو هو ته ٻئي طرف حماس تنظيم ان ٺاهه کي فلسطينين سان غداري قرار ڏيندي ان کي نه صرف رد ڪري ڇڏيو، پر اسرائيل خلاف ڪارروائين شروع ڪرڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو.
پي ايل او والاريل الهندي ڪناري ۽ غزا جي پٽيءَ ۾ جيڪا محدود خودمختياري حاصل ڪئي هئي. ان کي صرف جنون ۽ انتها پسندي جي بنياد تي رد ڪرڻ هڪ ناانصافي چئي سگهجي ٿو. نار جي جنگ کان پوءِ فلسطيني جيئن پوءِ تيئن اڪيلا ۽ ويڳاڻا ٿي رهيا هئا. گوريلا جنگ به جيتوڻيڪ وڌيڪ عرصي تائين پنهنجي پوري طاقت سان جاري رهي، پر اُها ڪي به مثبت نتيجا ڏئي نه سگهي. اٽلندو سندن جدوجهد پنهنجن ميزبان ملڪن لاءِ پريشانين ۽ مشڪلاتن جو سبب بڻجي رهي هئي. ڪيترن ئي عرب ملڪن نه صرف فلسطينين کي امداد ڏيڻ بند ڪري ڇڏي، پر هو کين پنهنجن ملڪن ۾ به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. فلسطيني تيزيءَ سان پنهنجا بيس ڪئمپ وڃائي رهيا هئا. ان لاءِ هنن وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو ته هو والاريل الهندي ڪناري ۽ غزا جي پٽي ۾ محدود خودمختياري حاصل ڪري، ان علائقي کي پنهنجو بنياد بڻائي مڪمل آزادي ماڻين.
سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ دنيا تبديل ٿي رهي هئي. صرف لٺ جي بنياد تي پنهنجا حق حاصل نه پيا ڪري سگهجن. ان لاءِ ٻين پر امن طريقن کي آزمائڻ لاءِ به ميدان موجود هو. اهڙيءَ طرح اڌ صدي کان جنگ جي حالت ۾ رهندي به ڪجهه حاصل نه ڪري سگهندڙ فلسطينين ٻي واٽ اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اوسلو ٺاهه تي تنقيد ڪندڙ ڌريون هاڻ انهن حقيقتن کان اکيون ٻوٽي نه ٿيون سگهن ته ان ٺاهه ئي تازو مصر ۾ ٿيندڙ ٺاهه ۾ فلسطينين کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جو دڳ کوليو. ان ئي واٽ رستي هو ڪجهه ئي عرصي اندر مڪمل آزادي واري منزل ماڻڻ وارا آهن. جنهن جو احساس هاڻ خود انتها پسند فلسطيني تنظيم حماس کي ٿيڻ لڳو آهي. جنهن ڪري هن تازو پي ايل او سان نه صرف ٺاهه ڪيو آهي، پر فلسطيني ڪائونسل لاءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان ڪائونسل جي چونڊن سان ئي دنيا جي نقشي تي هڪ فلسطيني آزاد ۽ خودمختيار رياست وجود ۾ اچي ويندي. فلسطين جي آزادي ۽ خودمختياري جا چٽا آثار نظر ايندي به ڪجهه انتها پسند فلسطيني ڌريون ان ساڳي واٽ تي هلي رهيون آهن، جنهن محرومين کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي. ايتري قدر جو هي انوکي منزل ماڻيندڙ ياسر عرفات به انهن انتها پسند تنظيمن جي نشاني تي آهي.
حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسحاق جي پوئلڳن کي هڪ ڪندڙ اسحاق رابن جي موت کان پوءِ وچ اوڀر ۾ امن لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کي جيتوڻيڪ ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، پر پوءِ به تاريخ جي ڦيٿي کي ڪو به ابتو ڦيرائي نه ٿو سگهي. جن انتها پسند قوتن سمجهيو هو ته هو رابن کي ماري امن ۽ سرچاءَ وارين ڪوششن کي ڪچيءَ ۾ ئي دفن ڪري ڇڏيندا. عوام انهن کي تاريخ جي ڪٻاڙ خاني ۾ اڇلي ڇڏيندو. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته في الحال والاريل الهندي ڪناري ۽ غزا جي پٽي ۾ امن واريون ڪوششون اهي گهربل نتيجا ڏئي نه سگهنديون. جنهن جي ياسر عرفات ۽ رابن کي اميد هئي. ٻنهي طرفن کان انتها پسند قوتن جي وري اڀرڻ جو انديشو موجود آهي. خاص ڪري الهندي ڪناري ۾ اسرائيلي فوج جي موجودگي ۽ يهودي بستيون ٻرندي تي تيل جو ڪم ڏئي سگهن ٿيون. رابن جي موت کان پوءِ خود اسرائيل به اندرين تضادن جو شڪار ٿي سگهي ٿو. ليبر پارٽي جي موجوده وزيراعظم شمعون پيريز لاءِ به مشڪلاتون پئدا ٿي سگهن ٿيون. خاص ڪري سندس مخالف لڪوڊ پارٽي هن صورتحال مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، جيڪا شروع کان سرچاءَ واري عمل جي مخالف رهي آهي. ٻئي طرف اسرائيل اندر عام چونڊن ۾ به هڪ سال وڃي رهيو آهي. جنهن ڪري ٻئي ڌريون اهڙي واٽ اختيار ڪنديون، جنهن سان اسرائيلي عوام جي وڌ کان وڌ حمايت حاصل ٿي سگهي. جيتوڻيڪ يهودي معاشرو ”امن ٺاهه“ کانپوءِ ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، پر عوام جي اڪثريت هاڻ ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ لڳي آهي ته مستقل دشمنين جي خاتمي لاءِ والاريل عرب علائقن تان قبضو ختم ڪرڻو پوندو. اڳوڻي وزيراعظم کي امن لاءِ ڪيل پيش قدمي ۾ عوام جي وڏي انگ جي حمايت حاصل هئي. اهو ئي سبب هيو جو هن نه صرف فلسطينين کي خودمختياري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر لبنان جي قبضي هيٺ آيل علائقي سميت شام جي گولان وارين پهاڙين تان به قبضو ختم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو هو. پر هُن ان عمل ۾ جلدي ڪرڻ کان ان ڪري پرهيز ڪئي هئي، جو ايندڙ سال عام چونڊن ۾ هو مخالف لڪوڊ پارٽي کي اهڙو ڪو به موقعو ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، جنهن سان انتها پسند ٻيهر اقتدار ۾ اچي وڃن ۽ سرچاءَ واري عمل کي نقصان رسائين. هتي اسان آمريڪا جي ڪردار کي به نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون، جنهن عرب دنيا ۾ پنهنجي حمايت برقرار رکڻ لاءِ اسرائيل تي بدستور دٻاءُ موجود رکيو ته هو نه صرف فلسطينين جي علائقن تان قبضو ختم ڪري پر شام جي گولان پهاڙين ۽ لبنان جي ڪجهه سرزمين تان به والار ختم ڪري.
جيڪڏهن ايندڙ سال اسرائيل ۾ چونڊن جي نتيجي ۾ لڪوڊ پارٽي به اقتدار ۾ اچي ٿي ته ان لاءِ اها ڳالهه انتهائي مشڪل هوندي ته هو آمريڪا جي ناراضگي کڻي سرچاءَ واري عمل کي پوئتي ڌڪي ڇڏي. ان ڪري رابن جي موت سان وچ اوڀر ۾ امن وارين ڪوششن کي عارضي طور ته نقصان رسيو آهي پر مستقبل ۾ اهي ڪوششون ڀرپور طريقي سان جاري رهنديون. هن عمل ۾ خاص ڪري والاريل بيت المقدس جي مستقبل بابت فيصلي ڪرڻ وقت دشواريون پيش اچي سگهن ٿيون. ڇاڪاڻ ته يهودي توڙي مسلمان هن شهر متعلق انتهائي حساس آهن. ڪا به ڌر ان تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. ڪجهه وقت اڳ اسرائيلي حڪومت ان ڳالهه جو اشارو ڏنو هو ته بيت المقدس گڏيل ڪنٽرول ۾ ڏئي سگهجي ٿو. عرب ملڪ ۽ فلسطيني في الحال ان رٿ تي ڪا به ڳالهه ٻول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ڇاڪاڻ ته سندن نظر ۾ هيءُ مقدس شهر صرف مسلمانن جي ڪنٽرول ۾ ئي ڏنو وڃي. بيت المقدس جي قبضي کان سواءِ والاريل علائقن ۾ يهودي بستين جي موجودگي به ڇڪتاڻ ۾ اضافو ڪري سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته انتها پسند يهودي ۽ مسلمان تنظيمون ڪنهن به وقت اهڙي صورتحال پئدا ڪري سگهن ٿيون، جيئن ٻيهر ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿئي.

رابن جو قاتل وگل عامر
اسرائيلي وزيراعظم اسحاق رابن کي قتل ڪندڙ انتها پسند يهودي نوجوان وگل عامر جو چوڻ آهي ته ”مون کي خدا جو حڪم هو، جنهن هيٺ مان اسرائيل جي وزيراعظم کي خدا ڏانهن موڪلي ڇڏيو.“ قتل جو اقرار ڪندڙ نوجوان پنهنجي ان ڪڌي عمل تي نه پشيمان آهي، نه وري ان تي کيس پڇتاءُ آهي. هو چئي ٿو ته مان اهو عمل اڪيلي سر ڪيو، ڇاڪاڻ ته خدا طرفان مون کي وزيراعظم کي قتل ڪرڻ جون هدايتون مليل هيون.
27 سالن جو وگل عامر تل ابيب جي بار الن يونيورسٽيءَ ۾ قانون جو شاگرد هو ۽ ساڳي وقت ڪمپيوٽر شعبي ۾ به پڙهندو هو. وگل عامر جو پيءَ رابي شولومو اٺن ٻارن جو پيءُ آهي. وگل عامر رابي جو ٻيو نمبر پٽ آهي. سندن خاندان تل ابيب کان اتر طرف حرزليا جي شهر ۾ رهندڙ آهي. وگل جي پيءَ پٽ جي ان عمل تي رئندي چيو ته، ”منهنجي پٽ ڇا ڪري ڇڏيو. اي خدا هن اهو ڇو ڪيو؟“ اها ته خبر نه پئي پئجي سگهي ته هو وزيراعظم رابن جي قتل تي روئي رهيو هو يا پنهنجي پٽ جي ڪارروائي تي پر هن جي اکين ۾ نير وهي رهيا هئا. هو چئي رهيو هو ته ”هُن جي ذهن ۾ قتل جي سوچ ڪيئن آئي؟ هن جي اٿڻ ويهڻ مان ته اسان ڪڏهن به اهو اندازو نه لڳايو هو ته هو ايئن ڪندو.“
وگل عامر ننڍپڻ ۾ هڪ يهودي مذهبي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ اسرائيل فوج جي ”ايلائٽ گولان انفينٽري بريگيڊ“ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ان کانپوءِ هن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. سندس دوستن جو چوڻ آهي ته هو گذريل ٽن سالن کان هڪ يهودي انتها پسند تنظيم ”ايل گروپ“ سان وابستا هو. جڏهن ته ان تنظيم جي سربراهه اويشي راوڊ ان کان انڪاري آهي. هن ٻڌايو آهي ته وگل عامر سندن تنظيم جو ميمبر نه هيو. وگل عامر متعلق ٻڌايو وڃي ٿو ته هن والاريل الهندي ڪناري جي هيبرون شهر جا ڪيترائي ڀيرا دورا ڪيا ۽ اتي انتها پسند يهودي آبادڪارن جي گروپن سان لاڳاپا قائم ڪيا. قاتل عامر الهندي ڪناري ۾ يهودين جي آبادڪاريءَ جو زبردست حامي هيو. اهو ئي سبب هيو جو هو نه صرف فلسطينين جو ڪٽر مخالف هو، پر ساڳي وقت وچ اوڀر ۾ امن لاءِ ٿيندڙ ڪوششن کي به نفرت جي نگاهه سان ڏسندو هو.
4 نومبر تي وگل عامر پنهنجي شهر کان بس ذريعي تل ابيب پهتو. ظاهري طور ته هو ”تاريخي امن ريلي“ ۾ شرڪت ڪرڻ آيو هو، پر اصل ۾ هو وزيراعظم رابن کي ئي قتل ڪرڻ لاءِ گهران سنبري نڪتو هو. وگل عامر گرفتاريءَ کانپوءِ جاچ ڪندڙ پوليس عملدارن کي ٻڌايو آهي ته هُن ان کان اڳ به ٻه ڀيرا رابن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ان ۾ ڪامياب وڃي نه سگهيو. پر هن ڀيري هو پنهنجي ارادي کي تڪميل تي رسائڻ لاءِ بيچين هيو ۽ ونجهه ملندي ئي رابن کي رت ۾ ٻوڙي ڇڏيو.
جنهن وقت رابن هڪ لک ماڻهن جي امن ريلي کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ تل ابيب جي ”سٽي هال“ کان ٻاهر نڪري رهيو هو ته عامر سندس مٿان ٽي گوليون هلايون. قاتلانه حملو انتهائي ويجهي مفاصلي تان ڪيو ويو. جنهن ڪري ڪا به گولي خطا نه وئي. ڇاڪاڻ ته وگل عامر کي پنهنجي گرفتاري جو ڪو به خوف نه هو، هو قتل کانپوءِ پئدا ٿيندر نتيجن کان بلڪل بي پرواهه هو. ان ڪري هن انتهائي آرام ۽ سڪون سان پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪئي ۽ گرفتاري ڏئي ڇڏي. ڇاڪاڻ ته سندس موجب هن اهو عمل خدا جي حڪم تي ڪيو هو.
4 نومبر کان اڳ وگل عامر ڪجهه هفتا اڳ وزيراعظم رابن کي ان وقت قتل ڪرڻ جو منصوبو سٽيو هو، جڏهن رابن تل ابيب جي اتر ۾ هڪ هاءِ وي جي افتتاح واري تقريب ۾ موجود هو. ان کان اڳ رابن کي 22 جنوري 1995ع تي قتل ڪرڻ جي سازش سٽي وئي هئي. هن ڀيري قاتل اهڙي وقت ۽ موقعي کي تاڙيو هو، جيڪو سندس نظرئي ۽ سوچ جي بلڪل ابتڙ هو. اسرائيلي فلسطينين سان امن ٺاهه جو جشن ملهائي رهيا هئا ۽ امن جي علامت کي گولين سان پروڻ ڪيو ويو.
پرڏيهي وزير شمعون پيريز به نشاني تي هو:

قاتل وگل عامر انڪشاف ڪيو آهي ته هو نه صرف رابن کي مارڻ گهري پيو، پر پرڏيهي وزير ۽ هاڻوڪو قائم مقام وزيراعظم شمعون پيريز به سندس نشاني تي هو. ”جيڪڏهن رابن ۽ شمعون پيريز امن ريلي مان گڏجي نڪرن ها ته مان ٻنهي کي نشانو بڻايان ها.“ وگل عامر جاچ ڪندڙ آفيسرن کي ٻڌايو آهي ته هو رابن کي قتل ڪرڻ لاءِ گاڏين جي پارڪنگ طرف ويو، جيئن ڪنهن کي به اهو شڪ نه پوي ته هو ڪنهن ٻئي مقصد خاطر رابن جي ويجهو وڃي رهيو آهي. هو پاڻ کي ڊرائيور ظاهر ڪندي رابن جي ڀرسان پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
وگل عامر جو 5 مهينا پراڻو انٽرويو:

مستقبل جي قاتل، وگل عامر کان 5 جون 1995ع ۾ هڪ خبرون ڏيندڙ ايجنسيءَ ”ايل اي ٽي“ جي صحافي بارٽن گيلمن والاريل الهندي ڪناري ۾ انٽرويو ورتو هو. جنهن ۾ هن اسرائيلي حڪومت ۽ پي ايل او وچ ۾ سيپٽمبر 1993ع ۾ اوسلو ۾ ٿيل ٺاهه تي شديد تنقيد ڪندي چيو هو ته، ”يهودي الهندي ڪناري تان قبضو ختم نه ڪندا، اسان اسحاق رابن جي ڪنهن به قدم سان ٻڌل نه آهيون.“
ڪٽر يهودي وگل عامر انٽرويو ڏيندي چيو هو ته، ”الهندو ڪنارو اسان لاءِ انتهائي پاڪ ۽ پويتر جاءِ آهي، ٻه هزار سال اڳ اسرائيل جي تمام وڏي آبادي يروشلم ۽ سماريا ۾ رهندي هئي.“ ”اوسلو ٺاهه“ تي تنقيد ڪندي چيو هو ته، ”حڪومت جي ڪرنگهي وارو هڏو انتهائي ڪمزور آهي ۽ هو امن حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهي.“
وگل عامر انٽرويو ڏيندي چيو هو ته، ”هي حڪومت گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهندي.“ ان وقت هن اهڙو ڪو به تاثر نه ڏنو هو ته هو ئي رابن جي خاتمي جو سبب بڻبو. وگل عامر کان هي انٽرويو والاريل الهندي ڪناري جي هڪ يهودي بستيءَ ۾ ورتو ويو هو. ان موقعي تي بستيءَ ۾ يهودي نوجوان فلسطينين سان ٺاهه خلاف مظاهرو ڪري رهيا هئا ۽ سندن بينرن تي لکيل هو ته ”اسرائيل جي سرزمين خطري ۾ آهي.“ بستيءَ ۾ هڪ ”بيت الخلا“ جي ڀت تي اوسلو ٺاهه خلاف بينر لڳل هو، جڏهن ته ٽوائليٽ جي باقي ڀتين تي به رابن حڪومت خلاف نعرا ۽ فلسطين سان نفرت جو اظهار ٿيل هو. وگل عامر جيئن ته ٻين اسرائيلين وانگر فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو هو. تنهن ڪري کيس پاڻ سان هٿيار رکڻ جي اجازت مليل هئي. هو انٽرويو ڏيڻ وقت به هٿياربند هو ۽ رابن تي حملي وقت به پنهنجي قانوني هٿيار سان هو. ان وقت امن ريلي کان ٿورو پري انتهاپسند يهودي امن معاهدي خلاف مظاهرو ڪري رهيا هئا.

عالمي ردعمل:
4 نومبر 1995ع تي اسرائيلي وزيراعظم رابن جي اوچتي قتل ڪيترن ئي ملڪن کي لوڏي ڇڏيو. خاص ڪري وچ اوڀر جي ملڪن ۾ خوشيءَ ۽ خوف جو گڏيل ردعمل سامهون آيو. ڪٿي ماڻهن خوشين وچان جشن ڪيا ته ڪٿي وري لڙڪ لاڙي هن عظيم اڳواڻ کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. هتي خاص طور فلسطينين جو ردعمل انتهائي اهميت لائق آهي. ڇاڪاڻ ته اسرائيلي ۽ فلسطيني گذريل اڌ صديءَ کان هڪ ٻئي جا جاني دشمن رهيا آهن. نفرتون ايتريون ته عروج تي رسي چڪيون هيون جو ڪنهن کي به اها اميد ڪا نه هئي ته هي ٻئي ڌريون هڪ ميز تي ويهي ڳالهيون به ڪري سگهن ٿيون. پر دنيا ڏٺو ته جيڪي فلسطيني ۽ عرب ملڪ نه صرف والاريل علائقن تان اسرائيل جو ناجائز قبضو ڇڏائڻ لاءِ آتا هيا، پر هو ته اسرائيلي رياست کي فنا ڪرڻ جو نعرو بلند ڪيو ويٺا هئا، تن نه صرف هن قتل جي مذمت ڪئي، پر اردن جي شاهه حسين ته رابن جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ به تيار هيو. پر اتهاپسندن طرفان ڪنهن امڪاني ردعمل کي نظر ۾ رکندي اسرائيلي حڪومت جي خواهش تي هن تل ابيب وڃڻ کان پاسو ڪيو. ان هوندي به عرفات هن ڪارروائي جي مذمت ڪئي. مصر جي حسني مبارڪ به رابن جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي.
خاص ڪري والاريل الهندي ڪناري ۾ فلسطينين طرفان مليل جليل ردعمل جو اظهار ڪيو ويو. ڪجهه فلسطينين هن ڪارروائي تي خوش ٿي جشن ملهايا ۽ مٺايون ورهايون، ته ڪن وري افسوس جو خاموش اظهار ڪيو. ڇاڪاڻ ته رابن ئي سندن خوشين ۾ اضافي جو هڪ هلڪو ڪرڻو ثابت ٿيو هو. لبنان، شام، لبيا، عراق ۽ ايران جي حڪومتن توڙي عوام جو ردعمل خوشيءَ وارو هو. هنن رابن کي دشمن ۽ دهشتگرد قرار ڏيندي، سندس قتل کي پنهنجي پوکيل پوک لڻڻ واري چوڻيءَ سان تشبيهه ڏني. ٻئي طرف مصر ۾ شاگردن طرفان خوشيءَ ۾ مظاهرا ڪيا ويا. هن موقعي تي سعودي عرب جو ردعمل انتهائي احتياط جوڳو هو. ٻئي طرف هندستان ۾ هڪ ڏينهن جو سرڪاري سطح تي سوڳ ملهايو ويو. جڏهن ته پاڪستان معاملي کان پاڻ کي لاتعلق رکيو.
وزيراعظم رابن جي آخري رسمن ۾ آمريڪا جي صدر ڪلنٽن، روس جي وزيراعظم وڪٽر چرنو مائڊرن، ترڪيءَ جي وزيراعظم تانسو چلر، جرمنيءَ جي چانسلر هيلمٽ ڪوهل، برطانيه جي وزيراعظم جان ميجر، فرانس جي صدر جيڪسن چيراڪ، ڏکڻ آفريڪا جي صدر نيسلن منڊيلا سميت 4 هزار مهمانن شرڪت ڪئي. جڏهن ته 3 لک 50 هزار اسرائيلين پنهنجي مقتول وزيراعظم جي آخري رسمن ۾ کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. اسرائيل جي تاريخ ۾ رابن پهريون وزيراعظم هو، جنهن کي وڏي اعزاز سان دفنايو ويو ۽ عالمي ليڊرن جي ايڏي وڏي انگ سندس تدفين وارين رسمن ۾ پاڻ هلي اچي شرڪت ڪئي.
هن وقت اسرائيل سوڳ ۾ ٻڏل آهي، پر جيئن ئي رابن جي قبر جي مٽي سڪڻ لڳندي تيئن دلين ۾ دفن ٿيل تضاد ٻيهر اڀرڻ لڳندا. جنهن سان اهو اندازو لڳائڻ ۾ آساني ٿي سگهي ٿي ته يهودي رياست جا حڪمران ۽ عوام ڪهڙي نئين حڪمت عملي اختيار ڪندا. حڪمرانن جي سوچ ۽ عمل کي هڪ پاسي رکي اسرائيل جي اندر ۽ والاريل علائقن ۾ عام يهودين جي فلسطينين ۽ امن واري تسلسل ڏانهن ڪهڙي سوچ جڙندي، ان سوچ جي بنياد تي ئي وچ اوڀر ۾ امن لاءِ موجود خواهش جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.


(ڇپيل، روزاني عوامي آواز ڪراچي، 12 نومبر 1995ع)