برسات ۾ ڀنل ناريءَ جو آمريڪا کي نياپو
آئون ڪراچيءَ جي مصروف ترين رستي ايم اي جناح روڊ تي پنهنجي آفيس ٻاهران بيٺل آهيان. صبح سان ئي تيز برسات جاري آهي. ايڏو ته تيز وسڪارو آهي، جو فقط روڊ جي ٻئي ڀر وڃڻ محال آهي. ان ئي تيز وسڪاري ۾ هڪ سياسي/ مذهبي جماعت جو جلوس رستي تان گذري ٿو. آئون جلوس طرف متوجهه ٿي وڃان ٿو. مظاهري ۾ هڪ نقاب پهريل ناري ٻين عورتن سان گڏ نعرا هڻندي فوٽ پاٿ تي برسات کان بچڻ لاءِ بيٺل ماڻهن ڏانهن نگاهه کڻي ٿي. هوءَ مٿي کان پيرن تائين پاڻيءَ ۾ ڀڳل آهي، سندس ڪپڙن مان پاڻي ٽمي رهيو آهي. هوءَ اسان ڏانهن ڏسندي زوردار نعرو هڻي ٿي، ”آمريڪا مرده باد...... اسرائيل مرده باد...حزب الله زنده باد“. آئون ساڻس نظرن ۾ نظرون ملائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، پر هن جي اکين مان جوش، جذبي ۽ ڪاوڙ ۾ ”باهه جا شعلا“ نڪري رهيا آهن. مٿان پوندڙ برسات به سندس جوش کي ٿڌو نه ڪري سگهي آهي. ائين پيو محسوس ٿئي، ان ناريءَ سميت ٻيون سڀ عورتون ڄڻ ته آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف جنگ جي محاذ تي وينديون هجن. سندن ٽهڪندڙ رت اهو پيغام پيو ڏئي ته هو لبنان سميت ٻين ملڪن ۾ جارحيت ڪندڙن کي هر صورت ۾ نيست ۽ نابود ڪري پوءِ دم پٽينديون. اهو ئي جذبو، ان جلوس ۾ شامل مردن ۽ ننڍڙن ٻارن جو هيو ۽ سندن طرفان سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ جون اپيلون دنيا کي ڪو نياپو ڏيڻ گهرن پيون.
ڪالهه 30 جولاءِ 2006ع تي لبنان جي شهر قانا تي اسرائيلي فوج وحشياڻي بمباري ڪري 37 ٻارن سميت 65 شهرين کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.
لبنان تي قيامت ڪڙڪڻ جو اهو ڪو پهريون واقعو ناهي. پر لبنان ۾ فلسطيني پناهگيرن جي ڪيمپن صابره ۽ شتيلا تي اسرائيلي آشيرواد سان 1982ع ڌاري ڪيل ڪوس اڄ به دنيا جي ضمير تي ڪاري داغ جيان موجود آهي. اسرائيل ۽ ان جي حامين پاران 58 سال اڳ عرب سميت سڄي مسلم دنيا ۾ جنهن نفرت جو ٻج ڇٽيو ويو هو، ان ٻج ڦوٽهڙو ڪرڻ بعد اڄ پنهنجو ڦل ڏيڻ شروع ڪيو آهي. وچ اوڀر جي امن کي ان وقت تيلي ڏني وئي، جڏهن برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن جي آشيرواد سان مذهب جي بنياد تي فلسطين جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪري اسرائيل نالي يهودي رياست جنم ورتو.
1948ع ۾ شروع ٿيل عرب اسرائيل تڪرار اڳتي وڌي، 1967ع ۾ عرب اسرائيل جنگ جو بنياد وڌو. جنهن نه فقط فلسطينن کي پنهنجي ديس مان ڌڪي دربدر ٿيڻ تي مجبور ڪيو پر عرب جي صحرائن ۾ گولين ۽ بارود جو فصل نسرڻ لڳو. ڌرتي ڌڻي پنهنجي ديس تان ناجائز والار ختم ڪرائڻ جي لاءِ پيٽ ۽ پٺيءَ سان هٿيار ٻڌي هڪ انتهائي جارح رياست جي جديد هٿيارن سان هٿياربند فوج جو مقابلو ڪرڻ تي لهي آيا. ننڍڙا هٿيار اسرائيلي ٽينڪن ۽ جنگي جهازن جو مقابلو ته نه پيا ڪري سگهن، پر آزاديءَ جي جذبي ان گوريلا ويڙهه کي جنم ڏنو، جنهن اسرائيل ته ڇا پر سندس آقا آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جون ننڍون حرام ڪري ڇڏيون. اهوئي سبب هو جو آمريڪا جي مڪمل حمايت سان مارچ 1978ع ۾ اسرائيل لبنان تي حملو ڪري ان تي قبضو ڪري ورتو. جيڪو 3 مهينن بعد جون ڌاري گڏيل قومن جي دٻاءَ بعد ختم ڪيو ويو. اسرائيل ۽ ان جا حامي لبنان مان بي دخليءَ تي خوش نه هئا. هنن فلسطينين جي تحريڪ آزاديءَ کي مڪمل ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ڪچلڻ لاءِ ضروري ٿي سمجهيو ته لبنان سندن مڪمل قبضي هيٺ هجي. جيئن اتي موجود فلسطيني مزاحمت کي ڪچلي سگهجي. ان ئي رٿا هيٺ 1982ع ڌاري اسرائيلي فوج فلسطين جي آزاديءَ واري تحريڪ پي ايل او خلاف ڪارروائي بهاني ٻيهر لبنان تي حملو ڪري ڏنو. ان قبضي دوران نه فقط جارح ۽ قبضي گير فوج پي ايل او کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جي لاءِ ڪارروائي جاري رکي، پر لبنان ۾ پنهنجا حمايتي گروپ پيدا ڪري فلسطيني مهاجرن کي سيکت ڏيڻ لاءِ مٿن بڇي ڇڏيا. جنهن جي نتيجي ۾ حملي آور فوج، مقامي حامين ۽ ايجنٽن سان گڏجي فلسطيني مهاجرن جي پناهگير ڪيمپن خلاف ڪارروائي ڪندي ”صابره“ ۽ ”شتيلا“ ۾ تاريخ جو بدترين قتل عام ڪيو.
تاريخ اهو ثابت ڪيو آهي ته قبضي گير قوتون ڪيتريون به سگهاريون ڇو نه هجن، پر هو پنهنجي سموري طاقت باوجود ڌرتي ڌڻين کي گهڻي دير تائين غلام رکي نه ٿيون سگهن. غلام قومون جڏهن آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ لاءِ اٿي کڙيون ٿينديون آهن ته سڀ زنجير هڪ ڇرڪ سان ڇڄي پوندا آهن. اڄ اسرائيل جي ڪنڌ تي هڪ نيم خودمختيار رياست فلسطين جهڙي نموني سوار آهي، اهو ثابت ڪري ٿو ته قومون صدين کان پوءِ به پنهنجي وراثتن ۽ ورثن تان قبضا ڇڏائي وٺنديون آهن. وقت جي دز ۾ ڪنهن به قوم جا تاريخي حق لٽجي ۽ دٻجي نه ٿا سگهن. عالمي سطح تي دٻاءَ باوجود اسرائيل توڙي آمريڪا فلسطين جي آزاد رياست جا حامي نه آهن. آمريڪا وچ اوڀر جي معدني دولت خاص ڪري تيل تي پنهنجو قبضو برقرار رکڻ جي لاءِ اسرائيل جي صورت ۾ مقرر ٿيل پنهنجي چوڪيدار کي هر لحاظ کان طاقتور ۽ ناقابل تسخير ڏسڻ چاهي ٿو.
وچ اوڀر ۾ جتي عرب شهنشاهه آمريڪي حاڪميت جا رکوالا آهن، ساڳيءَ طرح اسرائيل وري آمريڪي مفادن خاطر هر خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جنگي مورچي وارو درجو رکي ٿو. وچ اوڀر ۾ آمريڪي مفاد تيستائين محفوظ ۽ قائم ۽ دائم رهندا، جيستائين عرب شهنشاهتون پنهنجي سموري جاهه ۽ جلال سان موجود رهنديون ۽ اسرائيل جديد جنگي ٽيڪنالاجيءَ سان هٿياربند هوندو. وچ اوڀر ۾ عراق تي آمريڪي قبضي بعد عرب ملڪن ۾ آمريڪي جارحيت خلاف جيڪا نفرت ۽ ڪاوڙ جنم وٺي رهي آهي، تنهن نه فقط آمريڪا پر ان جي اتحادي ملڪن ۽ خاص ڪري عرب شهنشاهن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ وچ اوڀر ۾ آمريڪي جارحيت خلاف اسرندڙ تحريڪن ۽ مزاحمتي گروپن کي ڪجهه ملڪن کي ڇڏي باقي عرب ملڪن جي حڪومتن جي حمايت حاصل نه آهي. هلندڙ مهيني جڏهن اسرائيل لبنان تي تازو حملو شروع ڪيو آهي ته ان کان ڪيترائي عرب ملڪ خاص ڪري سعودي عرب، مصر ۽ اردن نه فقط لاتعلق بڻيل آهن، پر هنن اسرائيلي فوج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ حزب الله کي قصور وار قرار ڏيندي ان تي تنقيد ڪئي آهي ۽ اڻ سڌي طرح ان کي جنگ جو ذميوار قرار ڏنو آهي. سڀ عرب حڪمران ان ڳالهه کان چڱي طرح آگاهه هوندا ته جڏهن گذريل سال 2005ع ۾ شامي فوج لبنان مان نڪري وئي هئي ته اهو انديشو موجود هيو ته اسرائيل حزب الله کي بهانو بڻائي لبنان تي ٻيهر قبضو ڪري وٺندو. پوءِ دنيا ڏٺو ته اهو انديشو 100 سيڪڙو صحيح ثابت ٿيو. اڄ خليل جبران جي ڌرتي لبنان کي بمن ۽ ٽينڪن ذريعي تاراج ڪيو پيو وڃي. گوريلا گروپن خلاف ڪارروائي بهاني معصوم عورتن ۽ ٻارن ٻڍن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. لبنان جو انفراسٽرڪچر تباهه ڪيو پيو وڃي. شهرن کي کنڊر ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪو به موقعو هٿان نه پيو وڃايو وڃي.
اسرائيل کي هن سڄي وحشياڻي ڪارروائي دوران آمريڪا، برطانيه ۽ ٻين يورپي ملڪن جي مڪمل سفارتي، اخلاقي ۽ فوجي حمايت حاصل آهي. لبنان جي معصوم ماڻهن جي قتل عام تي نه ته گڏيل قومن جي اداري جا در کڙڪن ٿا، نه وري سلامتي ڪائونسل کي عالمي امن ۽ سلامتي خطري هيٺ نظر اچي ٿي. آمريڪا طرفان اسرائيلي چڙهائي کي جائز قرار ڏيندي ان کي جاري رکڻ لاءِ جديد هٿيار موڪليا پيا وڃن. بي هٿيار ۽ ڪمزور قوم تي حملي جو جيڪو جواز ٻڌايو پيو وڃي، جيڪڏهن ان جو ڇيد ڪجي ته عالمي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ مجرم طور آمريڪا، اسرائيل ۽ ان جا اتحادي بيٺل نظر ايندا. حزب الله کي آخرڪار هٿيار کڻڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي. فلسطين جي ڌرتيءَ تي ناجائز اسرائيلي والار سميت يهودي رياست جا باقي عرب ملڪن جي عوام ڏانهن جارحاڻه رويا ئي حزب الله سميت ٻين ويڙهاڪ گروپن جي پيدائش جا اصل سبب آهن. جيڪڏهن آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ملڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام کي يقيني بنائين، اسرائيل عرب جا سمورا والاريل علائقا خالي ڪري وڃي ۽ ڀر وارن ملڪن خلاف اڳرائي وارن ارادن کان باز اچي ته پوءِ ڪنهن کي به جهادي گروپ جوڙڻ جي ضرورت پيش نه ايندي. ڪو به ڳڀرو نوجوان هٿ ۾ قلم ۽ ڪاپي کڻڻ بدران ميزائيل، راڪيٽ ۽ ڪلاشنڪوف کڻڻ پسند نه ڪندو. اها هڪ تسليم ٿيل ڳالهه آهي ته امن سڀني کي پيارو آهي. امن ۽ سلامتيءَ جو ٺيڪيدار فقط آمريڪا ناهي، پر اها سموري انسانذات جي ميراث ۽ ضرورت آهي. رت ۽ باهه جي راند ۾ ڪير به ڪڏي ڪاهي پوڻ جو شوق نه ٿو رکي. پر جيڪڏهن ڪنهن جي گهر تي قبضو ڪري کيس بيدخل ڪيو ويندو يا سندس خوشين ڀرئي گهر کي بارود سان ساڙي ڀسم ڪيو ويندو ته هو موٽ ۾ اوهان کي گل نه آڇيندو. بمن، گولين ۽ سنگينن سان کيڙي ٿيل زمين ۾ سرنهن جا گل نه ڦٽندا آهن. ان ڪري آمريڪا ۽ ان جا اتحادي جيڪڏهن واقعي عالمي امن جا خيرخواهه آهن، ته کين سڄي دنيا سان برابريءَ وارو سلوڪ ڪرڻو پوندو. ناانصافين ۽ حق تلفين جو خاتمو آڻڻو پوندو. ناجائز قبضا ختم ڪرڻا پوندا. دنيا جي ملڪن سان متڀيدي سلوڪ جو انت آڻڻو پوندو.
اڄ جڏهن اسرائيل لبنان جي ڌرتيءَ تي فوج ڪشي ڪئي آهي ته ان خلاف سڄي دنيا ۽ خاص ڪري مسلمان ملڪن منجهه ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ واڌ آئي آهي. هيڏي ساري انياءَ، ظلم ۽ زيادتي خلاف انصاف پسند عوام جو ڪاوڙ ۽ غصي ۾ اچڻ فطري عمل آهي. اڄ دنيا اندر لبنان تي حملي خلاف جيڪا احتجاج جي لهر موجود آهي، اها پرامن احتجاج جون سرحدون ٽپي جوابي ردعمل جو روپ اختيار ڪري سگهي ٿي. ان قسم جي ڪنهن به ردعمل کي دهشتگرديءَ ۽ انتهاپسنديءَ جو نانءُ ڏيڻ آمريڪا لاءِ اڄ ڪالهه فيشن بڻجي ويو آهي. پر ڇا آمريڪا جي ٿنڪ ٽينڪ اهو نه ٿي ڄاڻي ته ناانصافيون هميشه خوفناڪ ردعمل کي جنم ڏينديون آهن. محرومي ۽ بي وسي مان جنم وٺندڙ نفرت واري باهه کي اجهائڻ لاءِ اڄ سوڌو دنيا ۾ ڪو اوزار ايجاد نه ٿي سگهيو آهي.
آمريڪا جنهن اڄ ”دهشتگرديءَ خلاف عالمي جنگ“ جو نعرو هنيو آهي، اصل ۾ هو پاڻ ۽ سندس اتحادي ان قسم جي دهشتگرديءَ ۽ انتهاپسنديءَ جي افزائش جا ذميوار آهن. هر باشعور ماڻهو ڄاڻي ٿو ته جيڪڏهن اڄ به آمريڪا، افغانستان ۽ عراق مان پنهنجون فوجون واپس ڪري، ايران خلاف ڪارروائي واري ايجنڊا جو خاتمو آڻي، عرب ملڪن جي معيشت تان قبضو ختم ڪري ۽ اسرائيل فلسطين جي آزاديءَ کي تسليم ڪري والاريل علائقن مان نڪري وڃي ۽ ڀر وارن ملڪن جي سرحدن جو احترام ڪري ته دهشتگرديءَ جون ڪارروايون 90 سيڪڙو تائين ختم ٿي سگهن ٿيون. نه فقط باقي دنيا پر آمريڪا، اسرائيل، برطانيه ۽ سندن ٻيا اتحادي ملڪ پنهنجن سرحدن اندر حملن کان ڪافي حد تائين محفوظ رهي سگهن ٿا. جيڪڏهن اڄ به آمريڪا، اسرائيل ۽ سندس اتحادين هر مسئلي جو حل بندوق جي گوليءَ کي سمجهيو ته پوءِ ڪالهه ڪراچيءَ جي رستن تي طرفاني برسات ۾ پنهنجن اکين ۽ زبانن مان باهه جا شعلا اوڳاڇيندڙ ناريون جيڪي ڌيئر ۽ پٽ ڄڻينديون، انهن کي ليلى خالد جي راهه تان ڪير به هٽائي نه سگهندو. غلامي، ذلت ۽ بيوسي خبر ناهي ته وڌيڪ ڪيترن اسامه بن لادنن کي جنم ڏيندي. لنڊن ۽ نيويارڪ سميت اڃا ڪيترا خوبصورت شهر نفرتن جي باهه ۾ ڀسم ٿيندا.
(ڇپيل، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي، 1 آگسٽ 2006ع)