ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
ساڻيهه اشاعت گهر طرفان اسان سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت سان گڏ ڏيهي توڙي پرڏيهي سياست ۽ عالمي نظرين تي وڌ کان وڌ جامع ۽ ترقي پسند سوچ جي ترجماني ڪندڙ مواد ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رهنداسين. ان مواد ۾ نئين تخليقن سان گڏ اهي پراڻيون شايع ٿيل لکڻيون به شامل هونديون، جيڪي وقتي حالتن مطابق هجڻ سان گڏ، مارڪسي لينني سائنسي سوچ جي ترجماني ڪندڙ پڻ هونديون. جيئن سنڌي قوم پنهنجي صحيح ۽ سچي تاريخ، ادب ۽ ثقافت سميت انهن اهم سياسي مسئلن ۽ نظرين کان پڻ واقف ٿيندي رهي، جيڪي نه صرف پوري دنيا تي اثر انداز ٿي رهيا آهن، پر اسان جي پنهنجين اندروني حالتن سان پڻ لاڳاپيل آهن.
اسان پنهنجي عمل جي شروعات سنڌ جي هڪ عظيم انسان باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب ڇپائڻ سان ڪري رهيا آهيون.
باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، پهريون ماڻهو هو، جنهن سنڌ اندر صحيح معنى ۾ سماجوادي فڪر جو ڦهلاءُ ڪيو ۽ پورهيت راڄ قائم ڪرڻ لاءِ انقلابي تحريڪ جو بنياد وڌو. هن سنڌ جي هارين، مزدورن ۽ شاگردن کي ڏيهي توڙي پرڏيهي ڦورن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. ڪامريڊ، سنڌ جي مظلوم پورهيت عوام جي جان مدي خارج سياست مان آجي ڪرائي، کيس صحيح سياسي لائين تي آندو. هن دور ۾ سنڌ جي پورهيت عوام ڪامريڊ جي ڏسيل مارڪسي-لينني انقلابي نظرئي جي سرواڻي هيٺ وڏا ڪارناما سرانجام ڏئي رهيو آهي. هو ڏيهي ۽ پرڏيهي ڦورن خلاف ويڙهه جي شروعات ڪري چڪو آهي.
ڪامريڊ جتوئي نه صرف سنڌ جي مدي خارج سياست ۾ انقلابي تبديلي آندي، پر هن ماڻهوءَ ئي سنڌي ادب ۾ پهريون ڀيرو رجعت پرست ادبي رجحانن کي شڪست ڏئي، ترقي پسند ادبي قدرن جو بنياد وڌو ۽ سنڌي ادب کي دنيا جي سماجوادي فڪر جي ترجماني ڪندڙ ادب سان ٻٽ ڪري بيهاريو. ڪامريڊ هتان جي اديبن کي پهريون ڀيرو دنيا جي انقلابي ادبي ڌارا کان واقف ڪري، کين ان سان سلهاڙي ڇڏيو.
سنڌ جو هيڏو وڏو انقلابي رهنماءُ اڄ اسان جي بي حسيءَ جو شڪار بنجي چڪو آهي. اسان کيس نظرانداز ڪري چڪا آهيون، وساري چڪا آهيون. ان جو وڏو ثبوت اهو آهي جو اڄ ڪامريڊ جي وفات ڪئي 14 سال ٿي چڪا آهن، پر اسان اڄ تائين نه ته ڪامريڊ جي سوانح عمري لکي سگهيا آهيون ۽ نه وري سندس نهايت املهه ڪتاب، لکڻيون، سياسي ۽ نظرياتي مقالا ۽ مضمون ڇپائڻ جي ڪا ضرورت محسوس ڪئي آهي. اسان کي پنهنجو ايندڙ نسل ان بي حسيءَ، سستيءَ ۽ ڪاهليءَ تي ڪڏهن ڪو نه بخشيندو.
اڄ ڪامريڊ جتوئيءَ کي سڀ ادارا، پارٽيون ۽ تنظيمون وساري چڪيون آهن. هتان جي نئشنلسٽن ان ڪري ڪامريڊ کي پنهنجو نه ڪيو آهي، جو ڪامريڊ قومي مسئلو سماجوادي نقطي نظر سان حل ڪرڻ پئي گهريو ۽ پاڻ سنڌ وطن جي پورهيتن کي ڌارين توڙي پنهنجن ڦورن، ٻنهي کان نجات وٺرائي ڏيڻ لاءِ ڪوشان هيو. جيڪا ڳالهه هتان جي مٿئين طبقي جي مفادن جي رکوالي ڪندڙ نيشنلسٽن کي ڪا نه وڻي. ان ڪري هنن ڪامريڊ جو ”جيئي سنڌ“ جو نعرو ۽ قومي خودمختياريءَ جو پروگرام ته پنهنجو ڪيو، پر هو ڪامريڊ جي ”پورهيت راڄ“ قائم ڪرڻ واري پروگرام کان پاسيرا ٿي ويا.
ڪامريڊ جتوئيءَ کي پاڪستان جا نقلي ترقي پسند ان ڪري وساري چڪا آهن، جو ڪامريڊ، پاڪستان کي هڪ وفاقي گهڻ قومي ملڪ مڃيندي، هتان جي مظلوم قومن جي قومي خودمختياريءَ جو حامي هيو. سندن نظريو هو ته، هتي تيستائين پورهيت راڄ قائم ٿي نه ٿو سگهي، جيستائين هتي قومي جبر جو خاتمو نه ٿو ٿئي ۽ قومون پنهنجي حقيقي آزادي ۽ خودمختياري نه ٿيون ماڻين. ان ڪري نقلي ترقي پسندن، ڪامريڊ جو ”پورهيت راڄ“ قائم ڪرڻ وارو نظريو ته پنهنجو ڪيو پر، هتان جي مظلوم قومن لاءِ ڪامريڊ طرفان پيش ڪيل پروگرام کي پٺتي اڇلائي ڇڏيو.
ٻنهي ڌرين ڪامريڊ کي ٻن الڳ الڳ حصن ۾ ورهائي سندس نظرئي جي اصل روح جي نفي ڪئي آهي. هنن ڪامريڊ جي هڪ مڪمل سياسي ماڻهوءَ کي ترار سان ٻه ٽڪر ڪري ختم ڪيو آهي. هاڻ ڪامريڊ جي صحيح پيروڪارن ۽ همت وارن ڪارڪنن تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو عوام آڏو سندس صحيح ۽ سچو رخ پيش ڪن ۽ سندس نظرئي تحت ڪم ڪري هتان جي مظلوم عوام کي دکن ۽ دردن مان ڇوٽڪارو ڏيارين.
سچ ته ڪامريڊ جتوئي، هتان جي مظلوم قومن ۽ مظلوم طبقن جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جي جيڪا واٽ ڏسي آهي، سا مارڪسزم -ليننزم جي عين اصولن موجب آهي. ڪامريڊ هتان جي حالتن ۽ ضرورتن کي نظر ۾ رکي جيڪو پروگرام اسان کي ڏئي ويو آهي، سو سنڌ جي ماڻهن جي گهرجن موجب آهي. ان ڪري اسان کي گهرجي ته سندس ڏسيل واٽ تي هلي، پنهنجو مستقبل روشن ڪيون. جيئن ملڪ ۾ حقيقي امن قائم ٿئي ۽ خوشحالي اچي.
(رڪ سنڌي جي مرتب ڪيل ڪتاب ”باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي“ جا ٻه اکر، ڇپيل، جون 1984ع)