وچ اوڀر ۾ امن لاءِ ڪوششون ۽ لبيا جي وڌندڙ اڪيلائپ
آمريڪا جي ڪوششن سان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي تنهائي ختم ڪرڻ ۽ سندس دشمنن ۾ گهٽتائي ڪرڻ لاءِ جنهن ”امن ايجنڊا“ تي ڪم هلي رهيو آهي. تنهن نه صرف عربن جي دنيا ۾ ڪيئي انوکيون تبديليون آڻي ڇڏيون آهن. پر خود هن خطي ۾ ڪيترن عرب ملڪن کي تنهائي جو شڪار به بڻائي ڇڏيو آهي. اڄ ڪالهه اسرائيل سان سرچاءُ ڪرائڻ لاءِ جن ملڪن کي ايجنڊا تي رکيو ويو آهي، انهن ۾ اردن ۽ شام انتهائي اهميت لائق آهن. اها اهميت ان ڪري نه آهي ته هو عرب ملڪ آهن، يا اسلامي دنيا سان واسطو رکن ٿا. پر کين ان ڪري ريجهائڻ يا رام ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ڇاڪاڻ ته سندن سرحدون يهودي رياست اسرائيل سان ملندڙ آهن. جيستائين مصر، شام ۽ اردن کي راضي نه ٿو رکيو وڃي، تيستائين فلسطينين کي داخلي خودمختياري ڏيڻ سان به اسرائيل خلاف دشمنين ۽ ناراضگين کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. هڪ طرف شام، اردن، مصر ۽ سعودي عرب آمريڪا جي حڪمت عملي هيٺ اهميت حاصل ڪري ويا آهن، ته ٻئي طرف وري عراق ۽ لبيا عرب ملڪ هجڻ جي باوجود جيئن پوءِ تيئن تنهائي ۽ اڪيلائپ جو شڪار ٿيندا پيا وڃن. هو نه صرف عرب دنيا ۾ پنهنجي اهميت وڃائي ويٺا آهن، پر عالمي سطح تي به کين ڪنهن حوالي سان اهميت لائق نه پيو سمجهيو وڃي. نئين تبديل ٿيندڙ عرب دنيا ۾ عراق ۽ خاص ڪري لبيا جو ڪوبه ڪردار نه رهيو آهي.
لبيا جي ليڊر ڪرنل قذافيءَ ان تنهائي ۽ اڪيلائپ مان نڪرڻ لاءِ ڪجهه عرصو اڳ پنهنجي ملڪ اندر پورهيو ڪندڙ 30 هارو هزار کن فلسطينين کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان فيصلي هيٺ فلسطيني پورهيتن کي ٻيڙين ۽ سامونڊي جهازن تي سوار ڪري ملڪ مان ٻاهر ڪڍي اڻ ڄاڻايل سامونڊي ڪنارن تي ڦٽو ڪيو ويو، اهي فلسطيني ڪو سال ٻه اڳ لبيا ۾ غير قانوني طور داخل نه ٿيا هئا، نه ئي هو ملڪ اندر چوري ڇپي پورهيو ڪندا هئا. جو کين اوچتو خبر پوڻ يا سوگهو ٿيڻ کانپوءِ ملڪ نيڪالي ڏني وئي هجي. پر اهي بدنصيب ان وقت کان لبيا اندر پنهنجو گذر سفر ڪري رهيا هئا. جڏهن کان سندن ملڪ تي يهودي آبادڪارن طرفان زبردستي قبضو ڄمايو ويو. اسرائيلي قبضي کان پوءِ جلاوطن ٿيل هزارين فلسطيني مصر، شام، اردن ۽ لبنان سميت ٻين عرب ملڪن ڏانهن هليا ويا. لبيا جي معمر قذافي طرفان اوچتو فلسطينين خلاف هن آپريشن نه صرف عرب دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، پر خود دنيا به سندس ان قدم تي عجب ۾ اچي وئي. ڇاڪاڻ ته عرب دنيا ۾ ڪرنل قذافي کي ”عرب ازم“ جو باني قرار ڏنو ويندو آهي.
ڪرنل قذافي جڏهن انقلاب ذريعي لبيا جي اقتدار جون واڳون سنڀاليون هيون، تڏهن هن عربن جي اتحاد لاءِ پاڻ عرب ازم جو نعرو ڏنو هو ۽ سامراجيت ۽ يهوديت خلاف جنگ ڪرڻ ۽ سندن ناجائز قبضي ۽ جارحيت جو مڪمل خاتمو ڪرڻ جو ازم ظاهر ڪيو هو. قذافي اهو شخص هو، جنهن نه صرف پنهنجي ملڪ جي عوام کي جديد شعور ۽ آگاهي جو دڳ ڏسيو هو، پر ٻين عرب ملڪن کي به ڌارين جي اڻ سڌي حاڪميت خلاف متحد ٿيڻ جو سڏ ڏنو هو. هن ازم ظاهر ڪيو هو ته نه صرف فلسطينين کي يهودين جي جارحيت ۽ قبضي کان نجات ڏياري ويندي، پر مڙني عرب ملڪن ۽ ان جي عوام کي سامراجي تسلط کان ڇوٽڪارو ڏياريو ويندو. اهوئي سبب هو جو فلسطيني سندس ايجنڊا جو اهم نقطو هيا. پر تازو جڏهن هن فلسطينين کي بنا ڪنهن سبب جي ملڪ مان ڌڪي ٻاهر ڪڍيو، ته ان سان نه صرف عالمي سطح تي کيس خواري ۽ ذلت نصيب ٿي، پر هن 26 سال اڳ جنهن نظرئي هيٺ لبيا اندر انقلاب آندو هو، تنهن ازم ۽ وچن جي به مٽي پليٽ ٿي وئي.
ڪرنل قذافي ان وقت هزارين فلسطينين کي ملڪ نيڪالي ڏني، جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ اسرائيل ۽ فلسطيني لبريشن آرگنائيزيشن (پي ايل او) الهندي ڪناري ۾ فلسطيني حڪومت کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪري چڪا هئا. ڪجهه ملڪ اهو سمجهي رهيا هئا ته ڪرنل قذافي کي ان معاهدي تي اعتراض هيو ۽ هن ياسر عرفات جي ان قدم خلاف نفرت جو اظهار ڪرڻ لاءِ فلسطينين کي دربدر ڪيو هو. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن ڪرنل قذافي کي ان معاهدي تي اعتراض هيو ته پوءِ ان وقت اسرائيل ۽ پي ايل او ۾ ڳالهين ۽ ابتدائي معاهدي جي مخالف ڇو نه ڪئي هئي، جڏهن 2 سال اڳ اهو عمل ۾ آيو هو. هيل تائين اسرائيل ۽ فلسطينين وچ ۾ سرچاءُ واري معاملي تي خاموشي اختيار ڪرڻ جو ڪهڙو جواز هيو. ان ڪري لبيا طرفان فلسطينين کي نيڪالي ڏيڻ جو اصل سبب اسرائيل پي ايل او ٺاهه نه هيو پر اصل ۾ لبيا ان قسم جو معاملو پيدا ڪري عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجڻ چاهي پيو. هو پنهنجي وڌندڙ تنهائي ۽ اڪيلائپ خلاف ان طريقي سان احتجاج ڪري رهيو هو. ڪرنل قذافي دنيا طرفان لبيا کي وساري ڇڏڻ تي ان خلاف هڪ صدا بلند ڪري رهيو هو. پر افسوس جو ان صدا ۽ احتجاج جو شڪار 3 هزار اُهي فلسطيني بڻايا ويا، جن جو ان معاملي ۾ ڪو به قصور نه هيو، نه هو آمريڪي امن ايجنڊا تي اثر انداز ٿي پئي سگهيا ۽ نه وري سندن تڪليف ۽ اهنجن ڪري اسرائيل سان پي ايل او جا لاڳاپا خراب ٿي پئي سگهيا.
لبيا هن وقت نه عرب دنيا جي ڏک ۽ نه وري خوشين ۾ شامل آهي. ان کي ايترو ته پاسيرو ڪيو ويو آهي، جو هن عرب ملڪ مٿان لاڪربي ڪيس هيٺ گڏيل قومن طرفان پابنديون مڙهيل آهن. انهن پابندين خلاف ڪوبه آواز اٿارڻ وارو ناهي. لبيا جي عوام کي انهن پابندين سبب پهچندڙ نقصان ۽ تڪليفن ڏانهن ڪوبه عرب ملڪ يا ڪا ٻي دنيا ڌيان نه پئي ڏئي. ان ڪري لبيا جو ڪرنل قذافي دنيا جو ڌيان ڇڪرائڻ چاهي ٿو ته سندس خلاف هن انياءَ جو انت آندو وڃي. ساڻس به انصاف ڪيو وڃي.
لاڪربي ڪيس متعلق لبيا جي سربراهه جو مؤقف بلڪل صحيح آهي. آمريڪا ۽ برطانيه لاڪربي معاملي متعلق لبيا خلاف ڪو به ثبوت نه ڏئي سگهيا آهن ته ان تخريبي ڪارروائيءَ ۾ لبيا جي ٻن رهواسين جو هٿ هو. ان هوندي به لبيا جو مؤقف آهي ته هو انهن ٻن لبيائي باشندن کي آمريڪا يا برطانيه جي حوالي ڪرڻ بدران ڪنهن ٽئين ملڪ حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جيئن سندن مٿان ڪيس هلائي ثبوت مهيا ڪيا وڃن. پر هن معاملي تي آمريڪا ۽ برطانيه جي هٺ ڌرمي ڪنهن به آزاد ملڪ ۽ ان جي باوقار قوم طرفان تسليم ڪرڻ انتهائي اذيت ناڪ عمل هوندو. اولهه جا ملڪ لاڪربي ڪيس جو الزام نه صرف لبيا، پر ڪڏهن ڪڏهن ايران مٿان به مڙهيندا رهيا آهن. جنهن مان سندن بدنيتي وائکي ٿي پئي ٿي. ان ڪري لبيا مٿان لاڪربي ڪيس هيٺ مڙهيل پابنديون نه صرف عالمي اصولن جي سخت خلاف آهن. پر اهي عرب دنيا جي وقار مٿان به بدنما داغ آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لبيا سان ٿيندڙ هن ناانصافي تي نه صرف عرب دنيا، پر سڀ آزاد ۽ انصاف پسند ملڪ آواز بلند ڪن.
هن وقت جڏهن گڏيل قومن جو ادارو پنهنجي 50 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، ان وقت ان جي ميمبر ملڪن کي لبيا سان ٿيل ناانصافي خلاف آواز بلند ڪرڻ گهرجي. هونئن به جڏهن لبيا لاڪربي ڪيس ۾ ملوث قرار ڏنل ٻن لبيائي رهواسين کي ڪنهن ٽئين غير جانبدار ملڪ حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ سندس مؤقف آهي ته انهن تي ڀلي آمريڪا ۽ برطانوي قانون هيٺ ڪيس هلي ته پوءِ ان خلاف هڪ طرف ڪارروائي جو ڪوبه بنياد نظر ڪونه ٿو اچي.
هتي هڪ ڳالهه ڪرنل قذافي کي به سمجهڻ گهرجي ته هو هاڻ ان پوزيشن ۾ نه رهيو آهي ۽ نه وري ماضيءَ واريون اهي حالتون ساڳيءَ طرح موجود آهن، جن هيٺ ”عرب ازم“ جي نعري هيٺ سڄي عرب دنيا ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏجي يا يهوديت ۽ سامراجيت خلاف ويڙهه جي للڪار هيٺ دنيا کان پنهنجو مؤقف تسليم ڪرائي سگهجي. ڇاڪاڻ ته عرب ملڪ وڏين تبديلين ڏانهن وڌي رهيا آهن. انهن کي پراڻن نعرن هيٺ پنهنجن انفرادي مفادن تان هٿ نه ٿو کڻائي سگهجي. نه وري ڪنهن ٻئي برادر ملڪ خاطر پنهنجون خوشيون قربان ڪري سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته عرب دنيا ڏاڍي تبديل ٿي چڪي آهي.
(ڇپيل، روزاني عوامي آواز ڪراچي، 21 آڪٽوبر 1995ع)