اچو ته پنهنجو ڪارو مُنهن ڪريون
هندستان ۾ انتها پسند جنوني هندن هٿان تاريخي بابري مسجد جي شهادت کانپوءِ ملڪ سميت خاص ڪري سنڌ ۾ گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان جنهن وحشيت ۽ بربريت جو مظاهرو ڪيو ويو آهي. تنهن نه صرف سنڌي هندن کي پنهنجيءَ ئي ڌرتي تي ويڳاڻو ۽ بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو آهي، پر ان سان گڏ سنڌين جي قومي وجود کي به انتهائي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. سنڌ ۾ اڄ ٻيهر 1947ع جهڙي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ کي نفرت جون ڄڀيون ساڙي ڀسم ڪري رهيون آهن. سنڌ جي چپي چپي تي ڀڙڪندڙ باهه هتان جي تاريخي روايتن کي ساڙي ناس ڪري رهي آهي. شاهه لطيف، سچل ۽ ساميءَ جا وارث، سندن روايتن جا امين، محبت، رواداري، ڀائپي وارن قدرن کي سرعام ننگو ڪري، انهن مٿان دانگي ملي رهيا آهن. شاهه ۽ سچل جي روضي کي اماڙيون ڏئي ساڙيو پيو وڃي، سامي جي روح کي رهنڊون ڏنيون پيون وڃن، شهيد ڀڳت ڪنور رام کي ٻيهر گهايو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته اڄ جو نئون نسل، جيڪو پاڻ کي ترقي پسند، قومپرست ۽ سيڪيولر سوچ جو ڪوٺائي رهيو آهي، تنهن تي انهن مڙني نظرين جو ايڏو ته نشو چڙهي ويو آهي، جو هو هاڻ ديوانگي جي حد کان به ٽپي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن، جيڪو هوند ڪرڻ کان اڳ کين ٻڏي مرڻ گهرجي.
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مندرن کي ساڙي، هندو ڌرم جي پاڪ ڪتابن جي جيڪا بيحرمتي ڪئي وئي آهي. گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارن سان جيڪا بدتميزي ڪئي وئي آهي. ڪروڙين رپين جي ملڪيتن کي جيڪو نقصان رسايو ويو آهي. ان جا ذميوار ڪي ٻاهريان ماڻهو ۽ حڪومتي ادارا نه پر اسان پاڻ آهيون. اهو ڪارو منهن ان قوم جي لچن، لوفرن، بدمعاشن، رهزنن ۽ بي غيرت ماڻهن ڪيو آهي، جيڪي سڄو ڏينهن قوم قوم، ديس ديس جا نعرا هڻندي نه ٿڪبا آهن. اهي سڀ ڪم انهن انساني مهانڊن وارا نقاب پهريل بگهڙن ڪيا آهن، جيڪي پاڻ کي سيڪيولر يا صوفي سوچ جا چوندي نه ٿڪبا آهن، جيڪي پاڻ کي موهن جي دڙي، اروڙ، ٺٽي، ٽلٽي، سيوهڻ ۽ ساڌ ٻيلي جا وارث سڏائيندا آهن، جيڪي پاڻ کي سهيرس راءِ، دودي، هوشو، هيمون، بختاور، شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام جا وارث سڏائيندا آهن.
سنڌ ۾ هندن جي جان، مال، عزت ۽ مذهبي عبادت گهرن جي تباهيءَ جا ذميوار اهي آهن، جيڪي سالن کان سندن حفاظت جي هام هڻندا آيا آهن ۽ جيڪي هاڻ به ٺلهن مذمتي بيانن ۽ ڏکويلن سان همدردي جو اظهار ڪندڙن طور پنهنجن نالن جي نمائش ڪري رهيا آهن. پهرين نمبر جا ڊاڙي، ٻٽاڪي ۽ بزدل ماڻهو هٿن سان سنڌ جي عزت کي نيلام ڪري، هاڻ ڀڀڪيدار بيانن، تقريرن ۽ تحريرن سان الزام ٻين مٿان هڻي، پنهنجا پلئه آجا ڪندا. واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي، سڀ ڪجهه ڳڙڪائي ڇڏيندا. ڇا سنڌ جا ماڻهو ۽ انهن جون ولرن جيتريون پارٽيون، تنظيمون ۽ ٽولا سنڌ جي هندن کي سڪرنڊ، قمبر، وارهه، شهدادپور، جيڪب آباد، سکر، روهڙي ۾ تحفظ ڏئي نه پيا سگهن. ڇا سندن ڄاڙي باز ڪارڪن، ٽٽ سان سوپاريون ڀڃندڙ ابوجهاد، چي گويرا، رهبر، سرواڻ، بهادر، بانڪا، انڌاريون ۽ طوفان سڏائيندڙ ليڊر مندرن ۽ مڙهين کي بچائي نه پئي سگهيا. ڇا سنڌ جي ننڍڙن ننڍڙن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مندرن ۽ هندن جي ملڪيت کي ايران، افغانستان، جاوا ۽ رومانيا مان آيل ماڻهن جلايو ۽ ڦريو لٽيو؟ ڇا ان سڄي داداگيريءَ ۽ دهشت تي اسان سنڌي مسلمانن جون اکيون بند نه رهيون؟ ڇا اسان هٿ وٺي ان ڪڌي ڪم کي ٻارڻ مهيا نه ڪيو؟ ڇاڪاڻ ته ڏوهه ڪندڙ ۽ ان کي نظرانداز ڪندڙ ٻئي هڪ جيترا ڏوهاري آهن. جيڪڏهن سنڌ جي وڏن شهرن ۾ نسل پرست دهشتگردن سنڌي هندن جي رت ۾ هٿ رڱيا آهن ته ڳوٺن ۽ وسندين ۾ اسان مندر ساڙي پنهنجو ڪارو منهن ڪيو آهي.
ڀڙڪي ڀڙڪي باهه، مچ ٻري ۽ مُرڪي سنڌ
هڪ طرف باهه جا ڀڀڙ ڀڙڪي رهيا آهن ته ٻئي طرف سنڌ واسي پنهنجي سورهيائي تي مُرڪي رهيا آهن. مندرن ۾ مچ پيا ٻرن ۽ اسان ڏند ڪڍي ٽهڪ ڏئي رهيا آهيون. ڇا بابري مسجد سنڌ ۾ رهندڙ هندن ڊاٺي آهي، ڇا بابري مسجد جي آڙ ۾ هتي سوين مندر ساڙي تباهه ڪرڻ دانشمندي آهي. جن بابري مسجد جي آڙ ۾ مندرن تي حملا ڪيا آهن، سي صرف ايترو ٻڌائي سگهندا ته هنن پاڻ هتي، هن اسلامي ملڪ ۾ ڪيتريون مسجدون اجاڙيون آهن، فرقي پرستي جي آڙ ۾ ڪيتريون مسجدون شهيد ڪيون آهن. بابري مسجد جي واقعي تي واويلا ڪندڙ پنهنجي اندر ۾ ته جهاتي پائي ڏسن، ته هنن سنڌ ۾ ڪيترن مندرن تي قبضو ڪري، انهن ۾ پنهنجا گهر ٺاهيا آهن، ڪيترن مندرن جي بي حرمتي ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن 1947ع کانپوءِ صرف ئي صرف سنڌ ۾ مندرن تي قبضن، انهن کي ڊاهڻ يا ساڙڻ ۽ انهن جي بي حرمتي جا تفصيل گڏ ڪجن ته ڳالهه پڌري ٿي پوندي ته اسان ڪيڏا نه ڪميڻا ماڻهو آهيون.
بابري مسجد کي شهيد ڪندڙ ۽ هندستان ۾ اقليتن جي رت ۾ هٿ رنڱيندڙ انتها پسند هندو اهڙي ئي لعنت ۽ ملامت جا حقدار آهن، جيترو هتي رهندڙ اهي ماڻهو جن مندرن کي ساڙيو آهي ۽ هندن جي جان، مال ۽ عزت تي حملا ڪيا آهن. سنڌ ۽ هند ۾ رهندڙ ساڃهه وند ڌريون ۽ طبقا گڏجي هن باهه کي وسائين. ٻيهر محبت، ڀائپي، برادري، سهپ ۽ رواداريءَ واري ماحول کي پيدا ڪن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن باهه کي هتي ئي نه روڪيو ويو ته پوءِ پوري ڏکڻ ايشيا مذهبي جنون، نفرت ۽ تعصب جي باهه ۾ سڙي رک ٿي ويندي.
اسان سنڌواسين کي به هڪدم پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي، انهن کان حساب وٺڻ گهرجي، جن نفرت جي اها باهه ڀڙڪائي آهي، يا ان کي ڀڙڪائڻ لاءِ ٻارڻ مهيا ڪيو آهي. انهن سياسي، سماجي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن جو به پڇاڻو ٿيڻ گهرجي. جن هن نازڪ موقعي تي هڙتال ۽ احتجاج جو سڏ ڏنو، ان ۾ شرڪت ڪئي يا انهيءَ احتجاج دوران هندن جي مندرن، گهرن ۽ ملڪيتن تي حملا ٿيندي ڏٺا، پر انهن کي روڪڻ لاءِ ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو آهي. پيپلز پارٽيءَ کان وٺي جيئي سنڌ جي مڙني گروپن تائين، سنڌ ڊيموڪريٽس گروپ کان وٺي، ڪامورن، ننڍن ملازمن، هارين ۽ مزدورن جي تنظيمن تائين سڀ ڌريون، انهن جا ليڊر ۽ ڪارڪن هندن تي حملن جا ذميوار آهن. انهن مڙني ماڻهن کي هندن جي سڙيل مندرن ۽ گهرن جي رک سان پنهنجو منهن ڪارو ڪري سڄي دنيا کي ڏيکارڻ گهرجي، ته هن مهذب دور ۾ اسان هيءَ ڪميڻپ ڪئي آهي، پر پوءِ به ان ڪيل ڏوهه جو صحيح نموني ڪفارو ادا ٿي نه سگهندو.
(ڇپيل: روزانو جاڳو ڪراچي، 10 ڊسمبر 1992ع)