رالف فاڪس
انساني آزادي، جمهوريت، سماجواديت ۽ امن لاءِ وڙهندڙ جوڌو رالف فاڪس، هڪ وڏي رتبي وارو مارڪسي عالم، صحافي ۽ ترقي پسند اديب هجڻ سان گڏ فرانس جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو جاکوڙي اڳواڻ هو. جنهن 2 جنوري 1937ع تي پنهنجي جنم ڀومي کان پري پورهيت عوام جي حقن لاءِ لڙندي، فاشسٽن، هٽلر ۽ فرانڪو جي غنڊن سان وڙهندي، اسپين جي هڪ ڳوٺ لوپرا ۾ پنهنجي جان گهوري ڇڏي. هن عظيم انسان 1900ع ڌاري هالي فيڪس (فرانس) ۾ جنم ورتو. پاڻ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪيائين. جڏهن آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ پهرين سماجوادي رياست سوويت يونين جنم ورتو ته رالف فاڪس ان ديس ۾ پهچي، اتان جي پورهيتن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڏڪر ۽ سرمائيدار ملڪن جي فوجي مداخلت خلاف جدوجهد ڪئي. اُتان واپس موٽڻ بعد 1920ع ۾ پاڻ ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين ان مقصد لاءِ جدوجهد ڪندي، نيٺ ان ئي مقصد خاطر لڙندي امر ٿي ويو. رالف فاڪس نه صرف هڪ سچو ڪميونسٽ ليڊر هيو، پر پاڻ سٺو صحافي ۽ ترقي پسند مارڪسي اديب پڻ هو. هن ڪيترائي ڊراما لکي، ڪميونزم تي ڪتاب لکي، لينن جي پهريون دفعو بهترين سوانح ترتيب ڏني، ايشيا جي پراڻي تاريخ مارڪسي نقطي نظر سان لکي، وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو. هن عظيم انسان 37 سالن جي مختصر زندگي ۾ ٻارنهن ڪتاب لکيا:
(1) نوجوان ڪپتان (ناٽڪ) (2) اسٽيپ جا ماڻهو (3) طوفاني بهشت (4) لينن (5) برطانوي سامراج جي نو آبادياتي پاليسي (6) آئرلينڊ جا مسئلا ۽ مارڪس اينگلس (7) برطانيه ۾ طبقاتي ڪشمڪش (ٻه جلد) (8) ڪميونزم (9) چنگيز خان (10) پرتگال (11) فرانس جو مستقبل (12) ناول ۽ عوام.
اسان سندس جڳ مشهور ڪتاب ”ڪميونزم“ جي پهرين حصي جو ترجمو پيش ڪري رهيا آهيون. جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ترقي پسند اديب گوبند پنجابي جو ڪيل آهي. اميد ته هي ڪتاب سياسي ڪارڪنن، اديبن، هارين ۽ مزدورن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو ۽ ترقي پسند ڪارڪنن لاءِ ابتدائي سياسي تعليم جون ضرورتون پوريون ڪندو. اسان اوهان سان گڏ آهيون!
(رڪ سنڌي طرفان رالف فاڪس جي ڪتاب ”مارڪسواد“ تي لکيل ٻه اکر. ڇپيل، جولاءِ 1985ع)