هاري هلچل جي شهيد مائي بختاور
ڪيوبا جي اڏول انسان فيڊرل ڪاسٽرو پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو آهي ته؛ ”جڏهن انسان دلين ۾ ساڳي آدرش کڻي اڳتي هلندا آهن، تڏهن دنيا جي ڪا به طاقت هنن کي اڪيلو ۽ الڳ ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندي آهي، نه جيل جون ديوارون ۽ نه قبرستان جا پٿر. اهڙن ماڻهن وٽ هڪ سانڀر، هڪ جذبو، هڪ سوچ، هڪ ضمير ۽ هڪ وقار جو تصور موجود هوندو آهي.“
مائي بختاور جيڪا هن قوم جي هڪ زنده دل عورت هئي، ان جو مرڻ ڪنهن وڏي مقصد کان خالي نه هو. هو حق ۽ سچ جي بقا جي جنگ ۾ لاشعوري طور ڪا نه گهڙي هئي. هن وٽ قومي جذبو ۽ ترقي پسند سوچ موجود هئي. هوءَ هن قوم جي آدرشي نياڻي هئي، جتي مرد پنهنجن فصلن ۾ جهار هڪليندي، قومي ۽ سماجي برابريءَ واري پرچار ڪندا هئا، اتي عورتون کوهن تان پاڻي ڀريندي، لابارا ڪندي، توڙي گهرن ۾ رلهيون سبندي يا اُن ڇڻيندي هڪٻئي کي آزاديءَ ۽ برابري واري سماج جا سونهري داستان ۽ پنهنجن حقن جي سلامتي لاءِ جدوجهد جا تصور ٻڌائينديون هيون. هي اهو افراتفريءَ وارو دور هيو، جنهن ۾ ٿورو اڳ ديسي، پرديسي ٿي چڪا هئا. ڏيهين جي جاءِ پرڏيهي والاري چڪا هئا. ديسي ڦورو ٻاهرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي غريب پورهيتن جي پونجي هڙپ ڪري رهيا هئا. غريب پورهيت عوام، زميندارن ۽ جاگيردارن مان تنگ اچي ڪا وڏي تحريڪ هلائڻ لاءِ سوچي رهيو هو. ملڪي اقتدار سِڪن گڏ ڪندڙن جي هٿ ۾ هو، جيڪي پنهنجي حاڪميت برقرار رکڻ لاءِ زميندارن ۽ جاگيردارن کي خوش ڪرڻ جا حيلا هلائي رهيا هئا.
سنڌ- ڪيترائي انقلابي لاها چاڙها ڏٺا هئا، ڪيترا دفعا آزاديءَ ۽ غلاميءَ جا ڏينهن گهاريا هئا، اها هاڻ به ڪنهن وڏي تبديليءَ ۽ انقلاب لاءِ ڪر مروڙي رهي هئي. هي هارين ۾ سجاڳي ڪا پهريون دفعو ڪا نه آئي هئي، پر اڄ کان صديون اڳ به سنڌ اندر اهڙو ماحول موجود هيو. سنڌ دنيا وارن کي سوشلزم جي راهه ڏيکاري، هتان پورهيتن جي حقن لاءِ آواز بلند ٿيو. مارڪس کان به ٻه صديون اڳ فطري قوت جي وسيلي ڏاڍ ڪندڙن کي ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته ”مسڪين مزدور ۽ هاري، هميشه ان حالت ۾ رهڻ لاءِ تيار ناهن، هميشه دنيا جي تختي تي سامراج يا سرمائيدار يا جاگيردار طبقي جي حاڪميت رهڻي ناهي.“ هن دنيا اندر پهريون دفعو شاهه عنايت شهيد ان فڪر جي پرچار ڪئي ته، ”انساني معاشري ۾ برابريءَ ۽ انصاف سان دولت جو ورهاڱو تڏهن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ذاتي ملڪيت کي ختم ڪبو.“ (ٿامس مور) پاڻ نه صرف اهو فڪر ڏنو پر پهريون دفعو، دنيا جي گولي تي عملي جدوجهد جي شروعات ڪيائين.
ان بعد سنڌ اندر حق ۽ سچ جي حصول، پنهنجي عزت ۽ آزادي لاءِ ڪيتريون ويڙهيون وڙهيون ويون آهن. ڪيئي دفعا پرڏيهي لٽيرا ۽ ڏيهي ڦورو سنڌ اندر خوار خراب ٿيندا رهيا آهن. ڪيئي دفعا شاهه عنايت پيدا ٿيا آهن ۽ ڪيئي دفعا جهوڪ جو ميدان ٻيهر رت سان رڱجي چڪو آهي. اڄ به اها ويڙهه جاري آهي. اڄ به ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ خلاف جنگ نه صرف سنڌ اندر پر پوري دنيا اندر هلندڙ آهي. اڄ به دنيا جي گولي تي ٻه ڌريون موجود آهن، هڪ ظالم ۽ ٻيو مظلوم.
آزاديءَ ۽ برابريءَ واري سماج قائم ڪرڻ لاءِ وڙهيل ويڙهين مان اڄ صرف ان ويڙهه جو ذڪر ڪبو، جيڪا 1949ع ۾ عمل ۾ آئي، اڄ قوم جي ان شهيد نياڻيءَ کي خراج عقيدت پيش ڪبي، جنهن وطن جي عزت ۽ ناموس، مارن جي وقار ۽ سُتر لاءِ پنهنجي جان ڏني. سنڌ جي تاريخ ۾ هي ڪردار ٻين کان وڌيڪ اهم جڳهه والاريندو. هن ڪردار جي سچائي ۽ وطني حب سندس بهادري ۽ همت ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته سنڌ جون عورتون پنهنجن حقن وٺڻ لاءِ ۽ پنهنجي قومي حفاظت جي جنگ ۾ مردن کان پوئتي نه آهن. اهي ماڻهو جيڪي عورتن کي بزدل ۽ ڪمزور تصور ڪندا آهن ۽ انهن کي گهٽ نظرن سان ڏسندا آهن ۽ کين معاشري ۾ ڪا به مٿانهين جاءِ ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن، انهن ماڻهن جي منهن تي هي ڪردار ڀرپور چماٽ هڻي ٿو. هڪ مفڪر ڊيوڊ ليمپي جي چوڻ موجب ته ”دنيا ۾ جيتريون به جنگيون ٿيون آهن، انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ نقصان عورت جو ٿيو آهي، ان جي جهولي به خالي ٿي آهي، ان جي مٿي جو تاج به کسيو ويو آهي، ان جو سهاڳ به لٽيو ويو آهي ۽ ان جي عزت به برباد ڪئي وئي آهي.“ پر مان جيڪڏهن انهن سٽن ۾ هي به اضافو ڪيان ته وڌاءُ نه ٿيندو ته عورتن ان کان به اڳتي وڌي پنهنجا سر به سٽيا آهن. هنن پنهنجي لهوءَ سان ڌرتيءَ کي سرخ ڪيو آهي، هنن جنگ جي ميدان ۾ ترار به کنئي آهي ته ڪوٽن ۾ قيد هوندي به لالچن ۾ اچي وطن جو سودو نه ڪيو آهي. اهڙي طرح هن ڪردار جي بهادري ڏسي، ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته هن ديس ۾ هر دؤر ۾ مارئيون جنم وٺنديون آهن ۽ هر روز عمر کي شڪست کائڻي پوندي آهي. هن ديس جون ڌڄاڻيون مارن جو ستر رکندڙ آهن ۽ هو ٿر ۽ بر ۾ آزاديءَ جون مشعلون بنجي اسان جي راهن کي روشن ڪنديون آهن.
سنڌ اندر ته ڪيئي ڳوٺ آهن، ڪيئي سهڻا سهڻا کيت آهن. جن سان ڪيترائي تاريخي داستان وابستا آهن، پر لاشارين جو ننڍڙو ڳوٺ، جيڪو تعلقي عمرڪوٽ جي ننڍڙي شهر ٽالهيءَ جي ڀر ۾ آهي، اهو مڙني ڳوٺن کان ممتاز حيثيت رکندڙ آهي. ان ڳوٺ جو نالو نه صرف سنڌ جي پورهيتن پر دنيا جي پورهيتن ۽ آزاديءَ لاءِ هلندڙ تحريڪن لاءِ ڪشش رکندڙ ۽ سونهين جو ڪم ڏيندڙ آهي. هيءُ ڳوٺ ان ڪري تاريخ جي صفحن ۾ اهم جاءِ ڪو نه والاريندو ته هي ڳوٺ اڳي قادياني زميندارن جي ملڪيت هو، جن جي چاليهه هزار ايڪڙ ٿر اندر جاگير هئي. پر هيءُ ڳوٺ ٻين ڳوٺن کان وڌيڪ نرالو ۽ اهم ان ڪري مڃيو ويندو، جو هن ئي ڳوٺ جي هڪ اڙٻنگ عورت مائي بختاور، ديسي هارين، نارين ڪڙمين ڪاسبين وانگر قومي ۽ طبقاتي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي سر ڏنو هو. هتي ظالم قوتن پنهنجي ظلم ۽ بربريت جو مظاهرو ڪندي، پنهنجي مفادن جي سلامتي لاءِ وحشپڻي جو مظاهرو ڪيو. هن ڳوٺ جي هارياڻين، پنهنجي ورن، پنهنجي جوڌن جي غيرموجودگيءَ ۾ 22 جون 1949ع تي جاگيردارن جي دلال قادياني زميندارن سان مهاڏو اٽڪايو هو. ان آزاديءَ ۽ پنهنجي حقن لاءِ جنگ ڪندڙ جٿي ۾ هڪ پيرسن پينو فقير ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سنڌ ڌڄاڻيون موجود هيون، جن جي اڳواڻي ڳوٺ جي بهادر، جفاڪش، محب وطن ۽ پورهيت انقلاب ۾ ايمان رکندڙ 60 ورهين جي ڪمزور جسم هارياڻي مائي بختاور ڪري رهي هئي. هوءَ نه صرف گهرو ڪم ڪار ڪندڙ عورت پر مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ محنت ڪش هارياڻي پڻ هئي. هوءَ ملڪ اندر هلندڙ جدوجهد ۾ وڏي دلچسپي وٺندڙ هئي. ان ڪري ته هن ٻين ڳوٺاڻن کي تيار ڪري پنهنجي حقن جي بچاءَ لاءِ هٿيار کڻڻ تي مجبور ڪيو. هو ٻاگهي بنجي ٻاهر نڪري آئي، ڇو جو هن جا دودا ۽ ننگر به ڪنهن عظيم مقصد خاطر ويل هئا.
سنڌ اندر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ محمد لاکو، ڊاڪٽر هسارام، عجائب سنگهه، غلام محمد لغاري، غلام محمد بام، مولوي معاذ ۽ ٻيا ڪيترائي پورهيت دوست اڳواڻ هارين جي حقن لاءِ تحريڪ هلائي رهيا هئا ۽ ڪيترن وطن پرستن جي ساٿ هن تحريڪ کي وڌيڪ زور وٺايو هو. هن تحريڪ جو مول متو هو، سرمائيدارن ۽ جاگيردارن سميت ٻاهرين ڦورن کان مڪمل آزادي. هن تحريڪ عورتن ۽ مردن ۾ مسرت ۽ سمجهه پئدا ڪئي. سنڌ اندر وري شاهه عنايت شهيد جي سوچ ۽ فڪر کي پاڻي مليو. سلسلو اڳتي وڌيو، سڪل سلا ساوا ٿيا. ڇو جو اڄ حيدر بخش جتوئي، هارين جو دوست جنم وٺي چڪو هو. مائي بختاور هارياڻي جي شهادت مٿين تحريڪ جي زور وٺڻ ڪري ٿي. جن ڏينهن ۾ سنڌ اندر هارين کي بٽئيءَ جو اڌ حصو ڏيارڻ جي جدوجهد هلي رهي هئي. انهن ڏينهن ۾ ئي زميندارن پنهنجي مفادن جي سلامتيءَ لاءِ هي ڪڌو ڪم ڪيو. هن تحريڪ جنم ئي هارين جي بک ۽ بدحالي مان ورتو. هن مطالبي جي مڃرائڻ، زميندارن کان هارين کي پنهنجا حق وٺي ڏيڻ لاءِ پوري سنڌ اندر مختلف پورهيت دوست اڳواڻن جي رهبري هيٺ تحريڪون شروع ٿي چڪيون هيون. هنن تحريڪن جي شروعات نواب شاهه کان ٿي. ڏتڙيل هاري ۽ ٻيا پورهيت ”سنڌ هاري ڪاميٽيءَ“ جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پارٽي پروگرام سان اڳتي وڌڻ لڳا. هارين اندر سنڌ هاري ڪاميٽي جي ڪارڪنن ايتري ته سجاڳي پئدا ڪئي، جو اهي هاري، جيڪي اڳ زميندار ته ٺهيو پر ڪمدارن کان به پيا ڏڪندا هئا، جيڪي ڪنڌ هيٺ ڪيو وڏيرن جون نه صرف گاريون سهندا هئا پر بيگرون به وهندا هئا، سي هاڻ آڻ مڃڻ کان به نابري واري ويٺا.
هن تحريڪ جو آواز هر هاريءَ جي گهر ۽ جهوپي تائين پهچائڻ لاءِ ”سنڌ هاري ڪاميٽي“ طرفان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي 20 جون 1949ع تي جهڏي ۾ هاري ڪانفرنس گهرائي. جنهن ۾ 10 هزار هاري ۽ ڪارڪن شريڪ ٿيا. هر ڳوٺ ۽ هر شهر مان هاري ۽ ٻيا پورهيت ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پهتا. اهڙي طرح مائي بختاور جي ڳوٺ جا سڀ هاري ۽ نوجوان ان ”جهڏو هاري ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا. ڳوٺ ۾ صرف دلير عورتون ۽ ٿڻن تي کير پياڪ ٻار موجود هئا.
جڏهن قادياني زميندارن ڏٺو ته ڳوٺڻ جا مڙئي هاري ۽ تحريڪ جا ڪارڪن ڪانفرنس تي ويل آهن ۽ زمينن جا قبضا خالي ۽ اَن جا ديرا واهت بنا پيا آهن، ته هنن نهايت مڪاريءَ ۽ چالاڪيءَ سان ديرن تان اَنُ کڻڻ لاءِ منصوبا سٽيا، جيڪو انُ اڌ بٽئي جي فيصلي تائين اتي رکيل هو. هنن پنهنجي بزدليءَ جو مظاهرو ڪندي، لاشارين جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي. جتي هارين جو هڪ وڏو ديرو اٽڪل 3 هزار مڻ ڪڻڪ تي موجود هو. ديرو جنهن تي اڳ هاري واهت ڪيو ويٺا هئا. اڄ هنن بي سمجهه ڦورو قوتن کي ننڌڻڪو نظر اچي رهيو هو. جاگير جي مالڪن ديري تي قبضو ڪري اَنُ کڻڻ جي ڪوشش شروع ڪئي. جڏهن اها خبر ڳوٺ جي عورتن کي پئي ته جاگير جا مالڪ اڌ بٽئي ڏيڻ بنا زوري انُ کنيو ٿا وڃڻ ته هو پنهنجي ورن جي غيرموجودگيءَ ۾ روا ۽ پوتيون چيلهن سان ٻڌي، هٿن ۾ لٺيون، ڪهاڙيون، ڏانداريون ۽ ڏاٽا کڻي ميدان تي نڪري آيون. هنن هٿياربند زميندارن تي حملو ڪيو. اَن جون وارثياڻيون ۽ زمين جون مالڪياڻيون ڏسندي ئي زميندارن جون وايون بتال ٿي ويون ۽ زميندارن کي چيو ويو ته، ”جيستائين اڌ بٽئي وارو مطالبو پورو نه ٿيندو ۽ جيسين اسان جا جوڌا واپس نه ايندا، تيسين اوهان انَ کي هٿ لائي نه ٿا سگهو.
زميندارن کي پڪ هئي ته هارين جي اچڻ ڪري هنن کي اڌ بٽئي به ڪا نه ملندي، ورندو خوار خراب ٿيندا. هنن فيصلو نبيرڻ لاءِ سچ جي ساٿ سان اڳتي وڌندڙ عورتن تي حملو ڪيو. گهڻي ڌڪا ڌڪي بعد چوڌري سعيدالله ۽ مئنيجر چوڌري خالد عورتن تي فائرنگ شروع ڪئي، هي هٿين خالي ديس ڌڃاڻيون پوءِ به ديري تان پوئتي نه هٽيون، پر هن جا قدم ڌڪن سهندي به اَنَ جي ديرن ڏانهن هيا. اهو صرف اَن جي کرن جو بچاءُ نه هيو، پر پنهنجي تحريڪ جو بچاءُ ۽ پنهنجي عظيم مقصد جو بچاءُ هيو. گولين هلندي به عورتن جي اڳواڻ مائي بختاور ڪارونجهر جيان مضبوط ٿي وڙهندي رهي. هوءَ ڪهاڙي سان، ڏاندري سان، لٺ سان تيسين وڙهندي رهي. جيسين هڪ گوليءَ هن جي سيني کي پرڻ بنائي، کيس هميشه لاءِ موت جي هنج ۾ اَمر بڻائي ڇڏيو. ڌڪا ڌڪيءَ ۾ هڪ پير مرد پينو فقير پڻ ٻين عورتن سميت زخمي ٿي پيو.
22 جون تي اها خبر جهڏي پهچي وئي، جتان هارين جو عظيم ليڊر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، هاري ڪاميٽيءَ جي ورڪرن جي وڏي تعداد سان 23 جون تي اچي لاشارين جي ڳوٺ ۾ پهتو. هن جٿي ۾ جان محمد پلي، عبدالغفور سرهندي ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري موجود هئا.
ڪنري جي صوبيدار عنايت علي خان ابڙي ۽ ڊي ايس پي ديوان تلجارام ڪيس لکيو. ڪجهه ڪارڪن ڪامريڊ جتوئي جي حڪم موجب بختاور شهيد جي لاش کي انَ جي کري تان کڻي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ ساماري کڻائي ويا. جتي گهڻو وقت گذرڻ ڪري مائي بختاور کي ساماري جي هڪ مقام ۾ دفن ڪيو ويو. هن خون جو ڪيس ميرپور خاص جي سيشن ڪورٽ ۾ هليو. ڪيس جي پيروي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ طرفان وڪيل ديوان بنارام ڪئي. سڄي سنڌ اندر پورهيتن ۾ هن واقعي جوش ۽ ولولو پئدا ڪري ڇڏيو. زميندارن ۽ حاڪمن خلاف نفرت جي تيز لهر پوري ملڪ اندر موجود هئي. ان ڪري حاڪم ڌر پورهيتن جي جذبن کي ٿڌو ڪرڻ ۽ ڪنهن وڏي فساد روڪڻ لاءِ سٺو سمجهيو ته فيصلو هارين جي فائدي ۾ ٿئي ۽ ملزمن کي سزائون ملن.
ايتري قدر جو سرڪاري وڪيل مرزا اسڪندر بيگ، جيڪو ان وقت جي سنڌ جي گهرو معاملن واري وزير قاضي فضل الله خاص حيدرآباد کان اُماڻيو هو، سو پڻ هارين جي ڌر طرف ٿي سندن فائدي ۾ ڪيس لڙڻ لڳو. هيءُ ڪيس سيشن جج ديوان شنڪر سنگهه آڏواڻي هلايو. هن صاحب پورهيتن جي فائدي ۾ فيصلو ڏيندي، چوڌري سعد الله (جيڪو ان وقت جي پاڪستان جي وزير خارجه مير ظفر الله جو ڀاڻيجو هو) ۽ چوڌري خالدکي 20-20 ورهيه جيل جي سزا ڏني ۽ ٻين کي به جوڳيون سزائون مليون.
(ڇپيل، روزانه هلال پاڪستان ڪراچي- اصغر آزاد جي نالي سان- 2 سيپٽمبر 1989ع)