مير مرتضى جو قتل ۽ نئين سر سياسي صفبنديءَ جو سوال
مير مرتضى جي شهادت سان پياري پاڪستان ۾ ٿيل سياسي قتلن ۾ هڪ وڌيڪ قتل جو اضافو ٿي ويو آهي. هيل تائين جيڪي سياستدان قتل ٿيا آهن يا قتل ڪرايا ويا آهن، انهن پٺيان موجود هٿن کي اڄ تائين پڌرو نه ڪيو ويو آهي. عدالتي ڪميشنون ۽ ٽربيونل به جڙيا، وڏيون وڏيون رپورٽون به تيار ٿيون، پر ڪن مصلحتن خاطر انهن کي منظرعام تي نه آندو ويو. جنهن ڪري اهڙن سفاڪانه ڪاررواين ۾ ملوث ماڻهو ۽ ان قسم جون سازشون سٽيندڙ پردي پويان ئي رهجي ويا. انهن کي پنهنجون سڀ منافقيون، مڪاريون، چالاڪيون ۽ چالبازيون ڦٻي ويون. ان سان ههڙا سانحا ڪندڙ ماڻهن جي نه صرف حوصلي افزائي ٿي، پر ٻين کي به ان واٽ تي هلڻ ۾ جوکم نظر نه آيو. اهو ئي سبب آهي جو وزيراعظم بينظير جي دور اقتدار ۾ سندس جگري ڀاءُ کي انتهائي بيدرديءَ سان ڪٺو ويو. هڪ نئين اڀرندڙ سياسي قيادت کي بندوق جي زور تي ختم ڪيو ويو. مير مرتضى سميت ان جي پارٽي پ پ (ش ڀ) جي سنڌ جي سموري قيادت کي هڪ ئي هنڌ موت جي منهن ۾ ڏنو ويو.
سنڌ ۾ جڏهن فوجي آپريشن شروع ٿيو هو، ان وقت ئي ساڃهه وند ماڻهن ان قسم جا انديشا ظاهر ڪيا هئا ته ان آپريشن جي بهاني سان هتان جي باشعور سياسي قوت کي مڪمل نيست ۽ نابود ڪيو ويندو. اهي انديشا آهستي آهستي حقيقت جو روپ اختيار ڪرڻ لڳا. يوسف جکراڻي جي شهادت کان پوءِ عبدالواحد آريسر، ڊاڪٽر دودي مهيري ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي منظر عام تان هٽائڻ جي لاءِ تاڃي پيٽو تيار ڪيو ويو. پر سنڌ ۾ زوردار احتجاج ٿيڻ ۽ خاص ڪري ٽنڊو بهاول واري معاملي تي سخت دٻاءُ پيدا ٿيڻ کان پوءِ اڻ ڳڻيون آفتون ٽري ويون. هتان جي عوام روڊن ۽ رستن تي نڪري باشعور قوتن خلاف ڪم ڪندڙ ڌرين کي ڊيڄاري ۽ هيسائي ڇڏيو. سنڌ جي لڳاتار احتجاج دشمن قوتن کي وڌيڪ وار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. پر هتان جي اڀرندڙ سياسي شعور کي ختم ڪرڻ لاءِ جوڙيل سازشون پنهنجي انت تي نه پهتيون. سازشي قوتون ان ڳالهه کان ڊنل هيون ته جيڪڏهن هتان جي نوجوان قيادت، ان ئي حوصلي، بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ سان پنهنجي جدوجهد جاري رکي ته سندن مفاد وڌيڪ عرصي لاءِ سلامت رهي نه ٿا سگهن. هتان جي عوام کي ڊيڄاري، ڌمڪائي ۽ هيسائي پنهنجن سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي حقن تان هٿ کڻائي نه ٿو سگهجي. ان ئي سلسلي هيٺ نه صرف فوجي آپريشن دوران پر ان کان پوءِ به وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ انهيءَ سازشن کي عملي جامو پهرائڻ جي لاءِ ڪوششن کي جاري رکيو ويو. ان سڄي عمل کي ايترو ته رازداريءَ سان جاري رکيو ويو جو خود حڪومت جا اهم ڪل پرزا به ان کان بي خبر رهيا. خود وزيراعظم بينظير ڀٽو به ان سڄي سازش جي تاڃي پيٽي کان اڻ واقف رهي. سازشن جا ڄار اسلام آباد ۽ لاهور ۾ اُڻيا ويا، پر انهن تي عمل لاءِ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ سميت سنڌ جا ڳوٺ ۽ واهڻ چونڊيا ويا.
سنڌ کي ان ڪري سزا ڏيڻ ضروري هئي ته هو مسلسل حاڪم قوتن سان مهاڏو اٽڪايو بيٺي هئي. مرتضى کان قادر مگسيءَ تائين، عبدالواحد آريسر کان رسول بخش پليجي تائين سنڌ جي سموري قيادت ان لاءِ زور وجهي رهي هئي ۽ حڪمرانن مٿان دٻاءُ وجهي رهي هئي ته سنڌ جا پنجاب سان ليکا چوکا صاف ڪيا وڃن. ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت نه ٿيڻ گهرجي. سنڌ کي پنهنجي حصي پٽاندڙ پاڻيءَ جو حق ملڻ گهرجي. ناڻي جي ورڇ اصولي ۽ انصاف ڀريل بنيادن تي ٿيڻ گهرجي. آدمشماريءَ جا نتيجا قبول ڪيا وڃن. سنڌ جي معدني دولت تي سنڌين جو حق تسليم ڪيو وڃي. اهو ئي دٻاءُ هيو جو سنڌ حڪومت انهن معاملن تي پهريون ڀيرو ڪجهه وزندار ۽ چٽو موقف اختيار ڪيو. خود وفاق ۾ پ پ حڪومت ۽ وزيراعظم بينظير ڀٽو، ايوان صدر سميت پنجاب جي دٻاءَ باوجود انهن معاملن تي سندن مرضيءَ موجب فيصلا نه ڪيا. مسئلا التوى جو شڪار ٿيندا رهيا. دشمنن جي دلين ۾ اڻ ڄاتل خوف، ڏهڪاءُ جي شڪل اختيار ڪرڻ لڳو. وڏي صوبي تي ٻڌل اسٽيبلشمينٽ جي خواهش هئي ته اهي سڀ تڪراري معاملا پ پ حڪومت کان حل ڪرايا وڃن، جيئن هڪ طرف سنڌ جي سياسي قوتن ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿئي ته ٻئي طرف خود وزيراعظم جي سنڌ ۾ سياسي ساک داءَ تي لڳي وڃي. پر سنڌ جي اڀرندڙ شعور، سياسي قيادت جي ڏاهپ ۽ بي ڊپائي دشمنن جي مڙني سازشن کي اسرڻ ۽ وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو. جنهن بعد هتي ننگي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ ذريعي فيصلا مڃائڻ ۽ اڀرندڙ آواز کي خاموش ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي. جنهن جو پهريون شڪار شهيد مير مرتضى ۽ سندس ساٿي بڻايا ويا. مير مرتضى جي قتل پٺيان، جتي ٻيا سبب موجود آهن. اتي وڏو سبب سندس سنڌ ۾ وڌندڙ مقبوليت ۽ هتان جي معاملن ڏانهن بي ڊپو موقف اختيار ڪرڻ به هيو. مير مرتضى جيتوڻيڪ هڪ وفاقي پارٽيءَ جو اڳواڻ هو، پر هن جو سنڌ جي بنيادي مسئلن ڏانهن انتهائي چٽو ۽ بهادراڻو موقف هيو. جنهن ۾ ڪا به لچڪ ۽ ڦيرڦار نه هئي. هن جيڪا ڳالهه لاڙڪاڻي ۾ ٿي ڪئي، سا لاهور ۽ اسلام آباد ۾ به ورجائي رهيو هو. سندس اها ئي اصول پسندي هئي، جنهن کان اسٽيبلشمينٽ خوفزده هئي. جنهن ڪري ضروري هيو ته ان کي نه صرف پنهنجي راهه تان هٽايو وڃي، پر خود حڪمران پيپلز پارٽي سميت هتان جي قومپرستن ۽ ترقي پسندن کي به اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائي وڃي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ جي فيصلن کي جيئن جو تيئن تسليم نه ڪيو ويو ته ان ههڙا نتيجا به نڪري سگهن ٿا. مير مرتضى کي بيدرديءَ سان راهه تان هٽائڻ خود وزيراعظم تي به اهو دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش هئي ته هو اسٽيبلشمينٽ جي فيصلن کي جيئن جو تيئن تسليم ڪري. يعني پنجاب جي مرضيءَ کان سواءِ سياسي ۽ اقتصادي معاملن جا فيصلا نه ٿيڻ گهرجن.
فوجي آپريشن کان پوءِ جڏهن سنڌ ۾ رينجرس ۽ پوليس ذريعي نئين آپريشن جو آغاز ڪيو ويو ته ان جون واڳون اهڙن ماڻهن جي هٿن ۾ ڏنيون ويون، جيڪي هتان جي عوام جا بلڪل خيرخواهه نه هئا. هنن جتي ايم ڪيو ايم (الطاف) جي دهشتگردن کي ختم ڪرڻ جي نالي سڀ اختيار پنهنجي هٿ وس ڪري ورتا، اتي خود چونڊيل حڪومت جي اٿارٽيءَ لاءِ به چئلينج جي شڪل اختيار ڪري ويا. سنڌ بابت ٿيندڙ فيصلن کان خود سنڌ جا حڪمران به بي خبر رهيا. سڄو ڪنٽرول اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ شخصيت جي حوالي ٿي ويو، جيڪو ڪنهن ڏانهن به جوابده نه هيو. سنڌ پوليس جون واڳون، سنڌ حڪومت بدران اڻ ڏٺل هٿن جي ور چڙهي ويون. پوءِ دنيا ڏٺو ته پهريان وڏي وزير عبدالله شاهه جو ڀاءُ ماريو ويو، بعد ۾ الطاف حسين جي ڀاءُ ۽ ڀائٽي کي ڪٺو ويو. ۽ هاڻي وزيراعظم جي ڀاءُ کي گولين جي منهن ۾ ڏنو ويو. مرندڙن ۾ سنڌي هجن يا اردو ڳالهائيندڙ پر مجموعي طور سڄو نقصان سنڌ جو ئي ٿيو. نفرتون هتي ئي وڌيون، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ تڪراري صورتحال هتي ئي پيدا ٿي. سنڌ کي صرف ڀائرن ۽ پٽن جا لاش مليا. خبر ناهي ته اهو سلسلو ڪيستائين جاري رهندو ۽ اڳتي ڪنهن جو وارو اچڻو آهي.
سنڌ ۾ هي جيڪو مانڌاڻ مچايو ويو آهي، ان جون پاڙون اسلام آباد ۽ لاهور ۾ کتل آهن. جيڪو به خون وهيو آهي، ان جا پيرا به اوڏانهن وڃن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو مير مرتضى ۽ سندس ساٿين جي قتل تي پهريون ڀيرو سنڌ جي مڙني ماڻهن ٻوليءَ جي فرق بنا گڏيل احتجاج ڪيو آهي. جتي لاڙڪاڻو ۽ دادو بند ٿيا، اتي ڪراچيءَ جا ناظم آباد ۽ لياقت آباد جهڙا علائقا به سوڳ ۾ ورتل رهيا. اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ شهرين لڳاتار هڪ هفتو احتجاج ڪري سنڌ دشمنن مٿان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو هاڻي هتي وڌيڪ رت وهڻ نه ڏيندا. سنڌ واسين ۾ ويڇا وڌائڻ وارين سازشن کي برداشت نه ڪندا. هتان جي مستقل رهواسين کي هڪ ٻئي جي خون جو پياسو بنائڻ وارن مڪارن ۽ منافقن کي پنهنجي گهر ڀيڙو ڪندا. اسان سمجهون ٿا ته مير مرتضى جي قتل ملڪ اندر نين سياسي صفبندين کي جنم ڏنو آهي. هاڻي اتحاد ۽ سياسي صفبنديون مٿان مليل اشارن بدران حقيقتن جي بنياد تي ٿينديون. ڇاڪاڻ ته مير مرتضى جي خون جيڪي لڪيرون ڪڍيون آهن، انهن کي ڪو به مٽائي نه ٿو سگهي. هاڻي اهو سوال سنڌ جي سياسي قيادت تي ڇڏيل آهي ته هو ڪيئن ٿا نئين صورتحال ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هاڻي نه صرف مير مرتضى جي قتل پٺيان ملوث ڳجهن هٿن کي نروار ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر نئين پيدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تدبر ۽ حوصلي سان ان جو توڙ ڪڍڻ جي ضرورت آهي. خود حڪمران پيپلز پارٽيءَ کي هن انارڪيءَ ۽ ٻڏتر واري صورتحال مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي. جيئن هوءَ ڪنهن سنڌ دشمن سياسي دٻاءَ جو شڪار ٿيڻ کان بچي سگهي. ڇاڪاڻ جو اسٽيبلشمينٽ هن ٻڏتر ۽ انارڪيءَ واري صورتحال کي استعمال ڪندي نه صرف سنڌ جي بنيادي معاملن تي هڪ طرفا فيصلا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي پر خود جمهوريت ۽ جمهوري ادارن تي به راتاهو هڻڻ جي ڪوشش ڪندي. جيئن هڪ طرف سنڌ جي سياسي ڪردار کي گهٽايو وڃي ته ٻئي طرف مرڪزي قوتن کي وڌيڪ مضبوط ڪري سڀ فيصلا مٿان کان ڪرايا وڃن. اسان سمجهون ٿا ته مير مرتضى جو قتل جتي جمهوري ادارن کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي، اتي ملڪ مٿان مرڪزيت مڙهڻ جي به هڪ ڪوشش آهي. جيئن اسٽيبلشمينٽ جا سڀ مفاد سلامتيءَ سان وڌندا ويجهندا رهن ۽ انهن خلاف ڪو به اثرائتو آواز بلند نه ٿي سگهي.
(ڇپيل، روزاني عوامي آواز ڪراچي، 25 آڪٽوبر 1996ع)