ترقي پسند اديب گوبند مالهي
ساڻيهه اشاعت گهر طرفان اسان اهڙو مواد پيش ڪندا رهنداسين، جيڪو سنڌ ۾ انقلابي ماحول ۽ سياسي سجاڳي پيدا ڪري سگهي. اسان جي پـٺتي پيل سماج ۾ نئون روح ڦوڪي، ان کي تازو توانو رکڻ سان گڏ ان جو آئيندو به روشن ڪري سگهي. جيئن سنڌي قوم غفلت جي ننڍ ڇڏي سجاڳ ٿي، پنهنجو وڃايل قومي وقار بحال ڪرائي ۽ ٻيهر دنيا جي آزاد قومن سان گڏ ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ شريڪ ٿي سگهي.
ان مقصد تحت اسان هند ۽ سنڌ جي ترقي پسند اديب سائين گوبند مالهيءَ جو ورهاڱي کان اڳ ڇپيل اصلوڪو ناول ”انقلابي سپاهي“ ٻيهر ڇپائي رهيا آهيون. گوبند مالهيءَ جو هيءُ ناول سنڌي زبان جي انهن ٿورڙن اصلوڪن ناولن منجهان هڪ آهي، جيڪي برصغير ۾ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ توڙي طبقاتي سماج خلاف ٿيندڙ جدوجهد جي پس منظر ۾ لکيا ويا آهن ۽ خاصي شهرت حاصل ڪري چڪا آهن.
گوبند جون لکڻيون، هند سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جون آئينيدار آهن. سندس لکڻيون سماجي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل هجڻ سان گڏ، انقلابي عمل کي تيز ڪرڻ جون سموريون گهرجون پوريون ڪن ٿيون. هن جون لکڻيون اڄ به اسان جي لاءِ ايتريون ئي سودمند آهن، جيتريون اهي لکڻ وقت هيون.
هن ناول ڇپجڻ کان ٿورو اڳ (جولاءِ 1984ع ۾) سنڌ ۾ ”نيو فيلڊس پبليڪيشن“ طرفان گوبند جو هڪ ٻيو اصلوڪو ناول ”شرم ٻوٽي“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جيڪو سنڌ ۾ غير طبقاتي سماج لاءِ جدوجهد جي پس منظر ۾ لکيل آهي ۽ سنڌ جي ڀرندڙ جاگيرداري سماج جي قدرن جي تصوير ڪشي ڪري رهيو آهي. جڏهن ته هيءُ ناول ”انقلابي سپاهي“ برصغير، هند سنڌ ۾ انگريزن خلاف ڏيهي ماڻهن جي هلايل آزاديءَ جي تحريڪ جي پس منظر ۾ لکيل آهي. اهي ٻئي ناول اسان جي هن دور جي حالتن مطابق آهن. هن وقت سنڌ ۾ سنڌي ماڻهو ٻه طرفي ويڙهه وڙهڻ ۾ مشغول آهن. هڪ طرف هو مادر وطن کي پرڏيهي پرمارن جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ جي جنگ جوٽي چڪو آهي ته ٻئي طرف ڏيهي ڦورن ۽ لٽيرن جي ستيا ناس ڪري غير طبقاتي سماج قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ مصروف آهي. ان ڪري گوبند مالهيءَ جا هيءُ ٻئي ناول اسان جي ضرورتن جو پورائو ڪندڙ آهن ۽ انهن جو عملي اڀياس ڪرڻ ۽ انهن ۾ ڏسيل واٽ تي عمل ڪرڻ اسان جي فرضن ۾ شمار ٿئي ٿو.
(رڪ سنڌي طرفان گوبند مالهيءَ جي ڪتاب ”انقلابي سپاهي“ جا ٻه اکر، ڇپيل، آگسٽ 1984ع)