سنڌي ٻولي رت رتولي
سنڌ ۾ رهندڙ ڪن ڌرين ڪجهه ڏينهن کان سنڌي ٻوليءَ خلاف خاموش جنگ شروع ڪري ڏني آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ڪتابن ۽ رسالن ۽ سنڌي ٻوليءِ جي بنيادي حقن خلاف مخصوص طبقي جي پريس هاءِ گهوڙا شروع ڪري ڏني آهي. انهن ڌرين کي ماضيءَ مان سبق پرائڻ گهرجي ۽ کين هاڻ پنهنجي مستقبل تي ويچار ڪندي پرامن ۽ عزت ڀرئي ان فيصلي کي قبول ڪرڻ گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ جو سنڌ پيدائشي وطن آهي ۽ هوءَ ئي هن وطن جي واحد نمائنده ٻولي آهي. هنن کي ڪڙي منهن به سنڌ جي واحد لساني ۽ ثقافتي حيثيت کي تسليم ڪرڻو پوندو. سنڌي ٻوليءَ جون پاڙون هن ڌرتيءَ جي پاتال ۾ کتل آهن ۽ جيڪا ڌر ان کي اکيڙڻ جي ڪوشش ڪندي سا پاڻ نقصان هيٺ ايندي. پاڻ هتان جي اصل وارث ٻوليءَ سان ٽڪراءَ جو شڪار ٿي تباهه ۽ برباد ٿي ويندي. ڇو جو سنڌي ٻولي هزارين سالن کان هتي ٻاهران ايندڙ قومن جي زبانن سان منهان منهن ٿيندي ۽ ڌارين قومن جي ثقافتي ۽ لساني شاونزم جو مقابلو ڪندي، هن منزل تي پهتي آهي، جتي کيس ڪابه طاقت نه مٽائي سگهي ٿي ۽ نه نظرانداز ڪري سگهي ٿي.
هن وقت جڏهن 1973ع جي آئين ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن ته ان وقت اسان سنڌ واسي پنهنجو پراڻو ۽ جائز مطالبو دهرائيندي حڪومت کان گهر ٿا ڪريون ته آئين جي ٻولين واري ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌي ٻوليءَ کي قومي ۽ سنڌ جي واحد سرڪاري زبان جو درجو ڏنو وڃي ۽ ان کي سرڪاري سطح تي اهي مڙئي سهوليتون ڏنيون وڃن، جن جي اها اهل آهي. ڇو جو حڪومت ڪيتري وقت کان هڪ مخصوص طبقي جي غلط ۽ گمراهه ڪن پروپئگنڊا جي اثر هيٺ اچي سنڌي ٻوليءَ جي جائز حقن ۽ گهرن کي نظرانداز ڪندي رهي آهي. جڏهن ته سنڌي پاڪستان جي واحد ترقي يافته ۽ شاهوڪار زبان آهي، جيڪا پاڪستان جو ڪروڙين عوام ڳالهائي ۽ سمجهي سگهي ٿو. جيڪا سنڌ جي 90 سيڪڙو عوام جي زبان آهي. ٻيو ته ٺهيو پر 1973ع جي آئين هيٺ سنڌي ٻوليءَ کي جيڪي حق مليل هئا، سي به حڪومت هڪ مخصوص اقليت کي خوش ڪرڻ لاءِ نه ڏنا آهن ۽ هميشه ان کي نظرانداز ڪرڻ واريءَ پاليسيءَ تي عمل ڪيو آهي.
حقيقت ۾ سنڌي ٻولي، ايترا حق پنهنجي ڌرتيءَ تي به نه ماڻي سگهي آهي، جيترا کيس سندس اهميت ۽ افاديت تسليم ڪندي ٻاهر مليا آهن. دنيا جي انصاف پسند ملڪن سنڌي ٻوليءَ جي قدر ۽ قيمت کي تسليم ڪندي، سنڌي ماڻهن جي جذبن ۽ امنگن جو احترام ڪندي، سنڌ ٻوليءَ کي سٺيون سهوليتون ڏنيون آهن. اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ جتي صرف 30 لک سنڌي رهندڙ آهن، اتي سنڌي ٻوليءَ کي هندستان جي قومي ٻولي تسليم ڪيو ويو آهن. (هندستان ۾ سنڌي سميت 16 قومي ٻوليون آهن) بمبئي، نئين دهلي ۽ ڪڇ ڀڄ جي ريڊئي ۽ ٽي وي تان جهجهي انداز ۾ سنڌي پروگرام ايندا آهن. اتي سنڌي ميڊيم اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ سنڌي ٻوليءَ جا شعبا قائم ٿيل آهن.
هندستان ته ڇڏيو پر انڊونيشيا، هانگ ڪانگ، ملايا، سينگاپور ۽ ٿائيلينڊ ۾ سنڌي پروگرام ريڊيو ۽ ٽي وي تان پيش ڪيا ويندا آهن. انهن ملڪن ۾ سنڌي ٻارن لاءِ سرڪاري طرح پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم وٺڻ لاءِ اسڪول کليل آهن. پر جڏهن ته سنڌي ٻولي جي پنهنجي ماتر ڀوميءَ ۾ ان کي ريڊئي ۽ ٽي وي تي جائز حصو نه ٿو ملي. ڪراچي، سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ سنڌي اسڪول ۽ ڪاليج ناهن، زندگيءَ جي هر شعبي مان سنڌي ٻوليءَ نيڪالي ڏني پئي وڃي. اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن مٿان عتاب نازل آهي. سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ٿيندڙ هر ڪوشش کي مشڪوڪ نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو.
ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته سنڌ ۾ ريڊئي ۽ ٽي وي توڙي ٻين سرڪاري توڙي خانگي نشري توڙي اشاعتي ادارن ۾ سنڌيءَ جو 75 سيڪڙو عمل دخل هجڻ گهرجي ها ۽ پنجاب جتي 3 لک سنڌي ڳالهائيندڙ، بلوچستان جتي 8 لک سنڌي ڳالهائيندڙ رهن ٿا، اتي سنڌي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مرڪزي سرڪار تناسب جي حساب سان سنڌي ميڊيم تعليمي ادارا کولي ها ۽ اتي جي نشري ۽ اشاعتي ادارن ۾ سنڌيءَ کي تناسب جي حساب سان جڳهه ملڻ گهرجي ها. جڏهن ته دنيا جي جن ملڪن ۾ هزارن ۽ سون جي تعداد ۾ سنڌي رهن ٿا، اتي به انهن کي پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم پرائڻ ۽ پنهنجي ٻولي ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي تان پروگرام ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو. آل انڊيا ريڊيو جي هڪ معلوماتي پروگرام موجب دنيا جي 48 ملڪن ۾ سنڌي زبان جا پروگرام ريڊيو ۽ ٽي وي تان نشر ٿين ٿا.
ان صورت ۾ اسان اهو پڇڻ گهرون ٿا ته جتي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ سنڌي ڳالهائيندڙ آهن ۽ جيڪو ديس سنڌي ٻوليءَ جو وطن آهي، اتي سنڌي زبان سان اها ٻه اکيائي ڇو ٿي ڪئي وڃي.
اسان سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ سمجهندڙ سرڪار کان گهر ٿا ڪريون ته:
1.سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان جي قومي ۽ سنڌ جي اڪيلي صوبائي زبان تسليم ڪيو وڃي ۽ ان کي سرڪاري سطح تي ترقي وٺرائي مختلف سطحن تي رائج ڪيو وڃي.
2.سنڌ جي ريڊئي ۽ ٽي وي تان 90 سيڪڙو ۽ باقي صوبن مان تناسب مطابق سنڌي پروگرام ڏنا وڃن. ريلوي اسٽيشنن، روڊن، ڳوٺن ۽ آفيسن جا نالا سنڌي ۾ لکرايا وڃن.
3.ڪراچي سميت باقي صوبن ۾ تناسب جي لحاظ کان سنڌي ميڊيم تعليمي ادارا کوليا وڃن ۽ مقابلي جي امتحانن لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي تسليم ڪيو وڃي.
4.سنڌي ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن تان بندش لاٿي وڃي، نوان ڊڪليئريشن ڏنا وڃن ۽ کين اشتهار ۽ پني جي ڪوٽا پوري ڏني وڃي. سنڌي اديبن ۽ صحافين کي ملڪ جي ٻين صحافين ۽ اديبن جيترا حق ڏنا وڃن.
5.سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ سرڪاري طرح ادارا ۽ لئبرريون کوليون وڃن ۽ اڳ کليل ادارن کي ترقي وٺرائي وڃي.
من ڪا منهنجي آهي ڪنهن ڪوهياري جي ڪن پوي!
(رڪ سنڌي طرفان ڪتاب ”سنڌي ٻولي رت رتولي“ تي لکيل مهاڳ، ڇپيل مارچ 1985ع)