تاريخ جي لاٽ
سوال: تاريخ جي جديد نقطي نظر بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟
جواب: اسان جي ملڪ ۾ تاريخ کي صرف سياسي تبديلين جو نالو ڏنو ويو آهي. ان کي صرف بادشاهن، اميرن ۽ مذهبي رهنمائن جي ڪارنامن، سندن جنگين، قصن ۽ ڪهاڻين تائين محدود رکيو ويو آهي. جڏهن ته تاريخ جو اهو تصور صحيح نه آهي، تاريخ هڪ سائنس آهي، تاريخ ڪنهن قوم جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي اڀياس جو نالو آهي.
تاريخ جي مادي نقطر نظر موجب، انسانذات جي سموري تاريخ، طبقاتي ويڙهه جي تاريخ رهي آهي. اها ويڙهه ڦريل ۽ ڦريندڙ، حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ هلندي رهندي رهي آهي. تاريخ جي جديد مادي قانون موجب سماجن ۾ اٿل پٿل يا نظرين ۽ خيالن ۾ اٿل پٿل سڄي مادي پيداوار جي تابع آهي. مادي پيداوار جي ترقيءَ سان ئي نظريا، سماج ۽ انهن جا طور طريقا ۽ قانون بدلبا رهندا آهن. ان ڪري تاريخ اصل ۾ سماجي ٽڪرائن جو لاڳيتو عمل آهي. ان طريقي سان تاريخ کي نه صرف صحيح نموني سمجهي سگهجي ٿو، پر ان جي روشنيءَ ۾ عوامي حقن لاءِ جدوجهد به ڪري سگهجي ٿي. اهو ئي تاريخ جو جديد نظريو آهي، جنهن تحت اسان کي تاريخ لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.
سوال: سنڌ جي تاريخ تي هن وقت تائين جيڪو ڪم ٿيو آهي، ان بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب: سنڌ جي تاريخ تي اڃا تائين ڪو ڪم ٿيو ئي ڪونهي. سنڌ ۾ هن وقت تائين جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن. جهڙوڪ: چچ نامون، تحفته الڪرام، تاريخ معصومي، تاريخ شاهجهاني وغيره، اهي تاريخ جي اصل تصور جو پورائو نه ٿيون ڪن. اهي صرف تاريخ لکڻ لاءِ مددي مواد (Source Material) جو ڪم ڏئي سگهن ٿيون. ٻيو ته اهي تاريخون سنڌ کان ٻاهر جي ڌارين تاريخ نويسن جون لکيل آهن. جيڪي سنڌ جي سماج، ثقافت، ماڻهن جي احساسن ۽ جذبن کان اڻ ڄاڻ هيا، ٻيو ته اهي ليکڪ ٻاهرين حملي آورن جا ساٿاري هجڻ ڪري صحيح نموني ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان حقيقتون پيش نه ڪري سگهيا، پر پنهنجن سياسي مقصدن ۽ مرادن تحت حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو اٿن. ان ڪري، هنن جي لکيل تاريخ سنڌ جي عوام جي جذبن ۽ امنگن جي ترجماني نه ٿي ڪري سگهي. هنن سنڌ جي عوام ڏانهن لاپرواهي، دشمني ۽ بي حسي وارو رويو اختيار ڪيو آهي. ٻيو ته انهن تاريخدانن جون لکيل تاريخون رڳو حڪمرانن، مذهبي عالمن ۽ امير گهراڻي جي ڪوڙين سچين ڪارڪردگين ۽ ڪارنامن جو داستان آهن. انهن تاريخن ۾ پورهيت عوام يعني تاريخ جي خالق قوتن جو ڪوبه ذڪر ڪونه آهي. انهن تاريخن مان اسان کي ان دور جي سماج، ثقافت ۽ معاشيات بابت ڄاڻ ڪانه ٿي ملي.
سوال: هي ته توهان ماضي جي ڪيل ڪم بابت ٻڌايو پر موجوده دور ۾ جيڪو سنڌ جي تاريخ تي ڪم ٿيو آهي، ان بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟
جواب: ادا، موجوده دور ۾ اڃان سنڌ جي تاريخ لکڻ جو ڪم شروع ڪونه ٿيو آهي، پر اڃان هاڻ مس سنڌ جي تاريخ جي ٽڙيل پکڙيل ۽ تهن هيٺ آيل مواد کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو آهي. ڇو جو جيئن ته سنڌ تي مختلف دورن ۾ ڌارين حملا ڪري، هتان جي تاريخي تسلسل کي تباهه ۽ برباد ڪيو آهي. ان ڪري انهن حملن ۽ ڪاهن ڪري سنڌ ۾ علمي، ادبي سرمايو تباهه ٿيندو رهيو آهي. جنهن ڪري سنڌ جي تاريخ جون ڪيتريون ڪڙيون گم ٿيل نظر اچن ٿيون. جنهن ڪري سنڌ جي تاريخ جو تسلسل برقرار رهي نه سگهيو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ جي تاريخ جي گم ٿيل ڪڙين کي حاصل ڪرڻ ۽ مختلف هنڌن تي ٽڙيل پکڙيل مواد گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ٿيو آهي. اسان جي موجوده دور جي عالمن ۽ محققن جهڙوڪ، حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ايم ايڇ پنهور، غلام علي الانا، سراج الحق ۽ ٻين وڏين محنتن ۽ مشقتن سان تاريخ جون مختلف ڪڙيون ۽ سلسلا هٿ ڪري، انهن کي اسان جي آڏو آندو آهي. هاڻ ان مددي مواد جي بنياد تي اسان کي سنڌ جي تاريخ بلڪل سائنسي نقطي نظر تحت تيار ڪرڻي آهي.
سوال: لکيل تاريخ کان سواءِ ٻيا ڪهڙا ذريعا آهن، جن جي مدد سان سنڌ جي اصلي سچي عوامي تاريخ کي سهيڙي سگهجي ٿو؟
جواب: ادا، ان سلسلي ۾ اسان کي جديد دور جي سائنسي ايجادن مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. قديم آثارن تي سائنسي نموني جيڪا تحقيق ٿي رهي آهي ۽ جيڪي نيون نيون حقيقتون ۽ انڪشاف اسان جي آڏو اچي رهيا آهن. انهن جي مدد سان اسان سنڌ جي تاريخ جي نه صرف وڃايل ڪڙين ۽ سلسلن کي هٿ ڪري سگهون ٿا، پر ان سان اسان جي تاريخ جا ڪيترا منجهيل سٽ پڻ سلجهي پوندا. ان سان گڏ قديم آثارن مان مليل مواد جي آڌار تي اسان کي ان دور جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن، مذهبي ۽ نظرياتي ويچارن، سندن ڪمن ڪارين بابت مڪمل ڄاڻ ملي سگهي ٿي. جنهن لاءِ درٻاري ليکڪن جون لکيل تاريخون بلڪل خاموش آهن. قديم آثارن کان سواءِ اسان کي پنهنجي لوڪ ادب ۽ قديم شاعري، نيم تاريخي قصن ۽ ڪهاڻين مان پڻ تاريخ کي سهيڙڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ڇو جو اسان جي عوام جي تاريخي فتحن، سندن عظيم تخليقن، جدوجهدن ۽ ڪارنامن، جن کي درٻاري ليکڪن نظرانداز ڪيو آهي، اهو سڄو مواد اسان جي ڀٽن ۽ ڀانن، چارڻن ۽ قصي کڻندڙن جي نسل کان نسل تائين اسان ڏانهن منتقل ٿيندو آيو آهي. ان کي سوڌي سموهي، ان رستي پڻ اسان پنهنجي تاريخ کي مڪمل ۽ مستند بنائي سگهون ٿا.
سوال: اوهان جي خيال ۾ سنڌ جي تاريخ جوڙڻ وقت ڪهڙيون ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ گهرجن؟
جواب: اسان کي سنڌ جي تاريخ نئين سر جديد مادي نقطي نظر تحت لکڻي پوندي ته جيئن اها تاريخ عوام منجهه جدوجهد ڪرڻ ۽ پنهنجون حالتون سڌارڻ جو شعور پيدا ڪري سگهي. عوام پنهنجي حقن ۽ فرضن کان واقف ٿئي ۽ ماضي منجهه ساڻس جيڪي ظلم ۽ ستم ڪيا ويا آهن، انهن جي خاتمي لاءِ رٿابندي ڪرڻ جو اهل ثابت ٿئي.
اسان کي سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ وقت فرضي قصن ۽ ڪهاڻين کي رد ڪري سائنسي سوچ کي اپنائڻو پوندو. تحقيق ڪرڻ وقت هر هڪ واقعي جي سائنسي مادي بنيادن تي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي پوندي. هر هڪ دور جي حالتن جي تجزيو نهايت ايمانداري سان ڪرڻو پوندي. هر قسم جي سماجي اٿل پٿل جي سببن کي پيش ڪرڻو پوندو. تاريخ کي قصي يا ڳالهه يا اخبار جي خبر بنائڻ بدران ان کي سائنسي ۽ عقلي دليلن جي روشنيءَ ۾ پيش ڪرڻو پوندو. هر هڪ تاريخي واقعي جي پس منظر ۾ لڪل سياسي، معاشي ۽ سماجي سببن جو مطالعو ڪرڻو پوندو. اسان کي سنڌ جي تاريخ لکڻ وقت هر قسم جي مذهبي ڪٽرپڻي، فرقي پرستي ۽ قومي تعصب کان پاسو ڪرڻو پوندو. جيئن اسان جو عوام تاريخ منجهان صحيح رهنمائي حاصل ڪري سگهي ۽ ان مان پرايل نتيجن جي روشني ۾ جدوجهد ڪري سگهي.
سوال: تاريخ جي حوالي سان اوهان ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟
جواب: مان 9 سالن کان سنڌ جي تاريخ تي مادي نقطي نظر سان ڪم ڪري رهيو آهيان مان سنڌ جي تاريخ کي 10 جلدن ۾ ورهايو آهي. هر هڪ جلد هڪ جدا دور جي نمائندگي ڪري ٿو. مان هر دور جي مڪمل تجزئي ڪرڻ لاءِ هر جلد يعني هر دور کي 10 حصن ۾ ورهايو آهي. ان ۾ هر دور جي سنڌ جي سرحدي جاگرافي، سياسي صورتحال، معاشي صورتحال، سماجي حالتون، علم، ادب، ثقافت، ٻاهرين ملڪن سان تعلقات، مذهب ۽ نظريا، ان دور جا مشهور شهر، مشهور ماڻهو ۽ آخر ۾ دور جو مڪمل جائزو ڏنو ويو آهي. مان انهن 10 جلدن مان پهرين جلد مڪمل ڪيو اٿم. جنهن ۾ 1 لک سال اڳ کان موهن جي دڙي جي زوال تائين جي دور تي لکيو اٿم. هن جلد ۾ سنڌ ۾ انساني نسل جي ارتقا، تهذيب جي ارتقا، سنڌ ۾ شروعاتي راڄوڻي نظام (ابتدائي ڪميونزم) بعد ۾ غلامي واري نظام تي بحث ڪيو اٿم. مان نه صرف ماضيءَ جي تاريخ تي ڪم ڪري رهيو آهيان، پر موجوده دور ۾ ٿيندڙ سياسي ۽ سماجي اٿل پٿل تي پڻ لکي رهيو آهيان. مان هن وقت تائين سنڌ جي موجوده صورتحال تي 8 کن ڪتاب لکي چڪو آهيان. ان کان سواءِ هاري اڳواڻ قاضي فيض محمد جي سوانح حيات کان سواءِ ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون پڻ لکي چڪو آهيان. مون کي اميد آهي ته مان سنڌ جي تاريخ 20 سالن اندر لکي پوري ڪندس.
سوال: اسان جا نوجوان تاريخ ڏانهن گهٽ ڌيان ڏين ٿا، ان جا ڪهڙا سبب آهن؟
جواب: ان جو اصل سبب اهو آهي، جو اسان جي نوجوانن کي شروع کان وٺي تاريخ جي مضمون طور جيڪي ڪجهه پڙهايو وڃي ٿو، سو سندن ماحول ۽ معاشري جي نمائندگي نه ٿو ڪري. سڄو مواد هنن لاءِ اوپرو ۽ اجنبي آهي. هو ان نصابي تاريخ ۾ ڪنهن به طرف پنهنجائپ محسوس نه ٿا ڪن. جنهن ڪري هو انهيءَ کي ذهني طور قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ٻيو ته تاريخ پنهنجي جاءِ تي ڳوڙهو ۽ محنت طلب موضوع آهي. ان تي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ ته ڪافي وقت لڳي ٿو، ٻيو ته مواد سولائي سان دستياب نه آهي. لئبررين جو نه هجڻ ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ مالي وسيلن جي کوٽ ڪري اسان جا نوجوان ان ڏانهن گهٽ ڌيان ڏين ٿا. نوجوانن منجهه تاريخ تي ڪم ڪرڻ جو شوق پئدا ڪرڻ لاءِ کين اهڙو ماحول ميسر ڪري ڏنو وڃي. هر هنڌ لائبرريون ۽ تحقيقي مرڪز کوليا وڃن. پرائمري کان پوسٽ گريجوئيٽ ۽ ڊاڪٽريٽ تائين سنڌ جي تاريخ هڪ جدا مضمون طور پڙهائي وڃي. سرڪاري سطح تي ڪم ڪندڙ ادبي ۽ ثقافتي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ تاريخ تي ڪل وقتي ڪم ڪندڙ ڪارڪن مقرر ڪيا وڃن. جيڪي نوجوان پنهنجي منهن تاريخ تي ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ کين وظيفا ڏنا وڃن. سندن تحقيقي مواد شايع ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. اعلى قسم جي تحقيقي مقالن تي ڊگريون ڏنيون وڃن ته پوءِ منهنجي خيال ۾ نوجوانن منجهه پنهنجي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جو جذبو پئدا ٿيندو.
سوال: هن وقت اوهان ڇا لکي رهيا آهيو؟
جواب: مان هن وقت 1983ع ۽ 1986ع ۾ هلايل جمهوري جدوجهد تي ڪم ڪري رهيو آهيان. ان کان سواءِ 1986ع ۾ سنڌ جي ڳوٺن تي جيڪو فوجي آپريشن ٿيو، ان کي منظر عام تي آڻڻ ۽ ان جي ظاهري ۽ لڪل سماجي، معاشي ۽ سياسي سببن تي هڪ تحقيقي مقالو پڻ لکي رهيو آهي.
(ريڊيو پاڪستان ڪراچي طرفان رڪ سنڌي کان ورتل اهو انٽرويو جيڪو ريڊيو جي پاليسيءَ سبب نشر نه ٿي سگهيو)
(ڇپيل، روزانو جاڳو ڪراچي، 4 ڊسمبر 1993ع)