اڳوڻي يوگوسلاويا ۾ امن بابت آمريڪي منصوبو
اڳوڻي سوشلسٽ يوگوسلاويا جي رياستن بوسنيا، ڪروشيا ۽ سربن وچ ۾ جنگ هر گذرندڙ ڏينهن تي نوان اختيار ڪري رهي آهي. خاص ڪري صورتحال ۾ تڏهن کان وڏيون تبديليون اچڻ شروع ٿيون، جڏهن ڪروشيا، سربن جي قبضي هيٺ آيل پنهنجا شهر ۽ وستيون آزاد ڪرائڻ لاءِ جنگي ڪارروائي شروع ڪري ڏني. ڪروشيا طرفان جنگ ۾ ٽپي پوڻ کانپوءِ نه صرف جنگ جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو آهي. پر جارحيت پسند سرب حملي آور پوزيشن بدران ڪنهن قدر پاڻ حفاظتي پوزيشن ۾ هليا ويا آهن. اها سڄي صورتحال بوسنيا جي ديس ڌڻين تي انتهائي بهتر اثر ڇڏي سگهي ٿي.
آمريڪا ۽ ناٽو جي ٻين ملڪن طرفان به هاڻ ٽن سالن کان هلندڙ ويڙهه کي ڪنهن ٺڪاڻي پهچائڻ لاءِ ٻيهر ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ آمريڪا تازو بوسنيا ۾ امن بابت هڪ رٿ پيش ڪئي آهي. آمريڪا طرفان جون 1994ع ۾ بوسنيا هرتز گووينيا کي 51 سيڪڙو مسلمانن ۽ 49 سيڪڙو سربن حوالي ڪرڻ واري رٿ جو ٻيهر ورجاءُ ڪيو پيو وڃي. ان رٿ بابت بوسنيا جو پنهنجو موقف آهي، پر دائمي امن خاطر ڪجهه اثرانداز ٿيندڙ ملڪ ان رٿ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ بي چين نظر اچي رهيا آهن. روس هن گهوٽالي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪروشيا، سربن ۽ بوسنيا وچ ۾ ڳالهيون ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. جنهن ۾ هيل تائين کيس ڪا خاطر خواهه ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي آهي. جڏهن ته ناٽو جا ملڪ مسئلي جي حل ۽ جنگيندي لاءِ اثرائتيون ۽ تڪڙيون ڪوششون وٺي رهيا آهن. جيڪي رت ٽمائيندڙ هن ديس لاءِ ڪيتريون سودمند يا خطرناڪ ٿي سگهن ٿيون، ان جو اندازو اُهي ماڻهو ڪري نه ٿا سگهن جيڪي لوهي ديوارن وارن سرحدن اندر زندگيءَ جا سڀ سک ماڻي رهيا آهن. ڇا ڪو ماڻهو ان ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته جن پوڙهين مائرن جي جگر جا ٽڪرا ماريا ويا هجن. جن ونين جا ور گولين هٿان گهايا ويا هجن، جيڪي انتهائي ذلت ڀرئي انداز ۾ پنهنجي شهرن، ڳوٺن ۽ زمينن تان تڙيا ويا هجن، ويلي ويلي لاءِ گڏيل قومن طرفان خيرات ۾ مليل ماني ڳڀن ڏانهن نهاريندا هجن، ان انتهائي بيوسي ۽ لاچاري واري حالت ۾ کين پنهنجو مادر وطن کي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي تجويز ڏني وڃي يا ان لاءِ دٻاءَ وڌو وڃي. انهن جي دل تي ڇا گذرندو هوندو.
آمريڪا طرفان رت ٽمائيندڙ بوسنيا ۾ امن لاءِ ورهاڱي وارو نسخو ڪيڏو به اڪسير ڇو نه هجي، پر اهو مادر وطن جي وحدت، آزادي، سالميت ۽ آبرو آڏو ٽڪي برابر به اهميت نه ٿو لهڻي. ناٽو جا ملڪ ان ڳالهه تي ڳت ڏيو بيٺا آهن ته جنگ سٽيل بوسنيا جي محفوظ علائقن مان گڏيل قومن جا امن دستا واپس گهرايا وڃن. جيئن اتي ناٽو جا ملڪ پنهنجي مضبوط ۽ اڻ شڪست يافته فوج مقرر ڪري مظلوم بوسنيا کي جارح سربن کان بچائين. ناٽو جي ملڪن جي ان نيت تي هونئن جيڪڏهن شڪ نه به ڪجي ها، پر جڏهن انهن ملڪن پاڻ ئي بوسنيا تي هٿيارن حاصل ڪرڻ جي پابندي مڙهي، کيس چوکنڀو ٻڌي سربن جي لانگ بوٽن ۾ اڇليو آهي، ته هاڻ شڪ کي پڪ ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا دليل تسلي ڏئي سگهن ٿا.
بوسنيا جي پرڏيهي وزير محمد سڪربي آمريڪا طرفان امن منصوبي متعلق پنهنجي ملڪ طرفان پهرين ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بوسنيا اڳوڻي يوگوسلاويا ۾ آمريڪي امن منصوبي جي نتيجن لاءِ ٻن مهينن جو وقت ڏئي سگهي ٿي. جيڪڏهن ان عرصي اندر امن قائم نه ٿي سگهيو ۽ مسئلي جو ڪو نبيرو نه ٿيو ته پوءِ جنگ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو باقي نه بچندو.
ياد رهي ته اڄ 27 آگسٽ تي بوسنيا جا عملدر آمريڪا جي پرڏيهي معاملن واري اسسٽنٽ سيڪريٽري رچرڊ هولبروڪ سان امن منصوبي تي پئرس ۾ ڳالهه ٻول ڪندو. ڳالهين شروع ٿيڻ کان اڳ ئي بوسنيا جي پرڏيهي وزير سڪربي چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڳالهيون ڪنهن نتيجي تي نه پهتيون ته پوءِ اسان لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه رهندو ته جنگ ذريعي سربن تي ٻيهر دٻاءَ وڌايو وڃي ته جيئن هو امن جي قيام لاءِ رضامند ٿين.
اولهه جي ملڪن اميد ظاهر ڪئي آهي ته هلندڙ سال جي آخر تائين اڳوڻي يوگوسلاويا جي رياستن ۾ هلندڙ ويڙهه ۽ تڪرار پنهنجي پڄاڻي تي رسندو ۽ واسطيدار رياستون ڪنهن امن منصوبي تي رضامند ٿي وينديون. جارحيت پسند سرب اڳ جيڪي ڪنهن به امن منصوبي تي ڳالهائڻ يا عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا هئا، سي به هاڻ ڪروشيا طرفان جنگ ۾ ٽپي پوڻ کانپوءِ جنگ بدران ڳالهين کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ هو روس کي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ زور ڀري رهيا آهن. هن وقت تائين روس، آمريڪا جي يوگوسلاويا امن منصوبي تي ڪنهن به قسم جو ردعمل ظاهر نه ڪيو آهي. هو سڄي صورتحال کي خاموشي ۽ انتظار ڪيو واري پاليسي هيٺ ڏسي رهيو آهي.
هڪ طرف اڳوڻي يوگوسلاويا ۾ امن لاءِ آمريڪي منصوبو بحث جو موضوع بڻيل آهي، ته ٻئي طرف سرب گڏيل قومن طرفان ”سلامتي وارو خطو“ قرار ڏنل گورازدي ۽ سرائيوو تي مسلسل فوجي حملا ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ بوسنيائي فوج هر قسم جي اڳرائي کي منهن ڏيڻ لاءِ جنگ جي ميدان ۾ موجود آهي، پر بوسنيا تي مڙهيل هٿيارن جي پابندي ان آڏو تمام وڏيون مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. ڪجهه وقت اڳ اسلامي ملڪن جي تنظيم پنهنجي گڏيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو هو ته هو گڏيل قومن جي فيصلي جي انحرافي ڪندي بوسنيا کي هٿيارن جي امداد پهچائيندا. پر ان تي به اڃا سوڌو ڪو عمل نه ٿي سگهيو آهي. جنهن ڪري بوسنيائي فوج گهڻو وقت ننڍن هٿيارن سان پنهنجن شهرن جو دفاع نه ٿي ڪري سگهي.
هن مشڪل صورتحال ۾ ناٽو، گڏيل قومن تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي ته هو گورازدي مان امن فوجون واپس گهرائن ته جيئن ناٽو جي ملڪن کي سربن خلاف هوائي حملن ۾ ڪابه تڪليف پيش نه اچي. ناٽو جي ملڪن جي حڪمت عملي بابت ته في الحال ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. ڇاڪاڻ ته هو هيل تائين هن جنگ ۾ پنهنجو گهربل انصاف ڀريو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. ڇا بوسنيا جو مظلوم عوام اها اميد رکي سگهي ٿو ته گڏيل قومن جي امن فوج جي واپسيءَ کان پوءِ گورازدي سربن جي جارحيت کان بچي سگهندو. ڇاڪاڻ ته هيل تائين اولهه جي ملڪن جو هن تڪرار بابت مؤقف ۽ ڪردار انتهائي مشڪوڪ رهيو آهي.
آزاد ذريعن موجب امن فوج جي واپسي کانپوءِ آمريڪا جي منصوبابندي هيٺ گورازدي جو مڪمل ڪنٽرول سربن حوالي ڪيو ويندو. ان جي عيوض سرب فوج کان بوسنيا جي گادي واري شهر سرائيوو جا قبضي هيٺ آيل ڀرپاسي وارا علائقا خالي ڪرايا ويندا. هن وقت بوسنيا جي 80 سيڪڙو علائقي تي سرب فوج قبضو ڪري ورتو آهي ۽ جارح فوج امن ڳالهين کان اڳ وڌيڪ علائقن تي قبضا ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي، جيئن امن ڳالهين دوران پنهنجا وڌ کان وڌ شرط مڃائي سگهجن. سرب فوج جي اڳواڻ آمريڪا جي امن منصوبي تي دٻيل لفظن ۾ اعتراض اٿاريو آهي. سرب، امن منصوبي هيٺ بوسنيا جي اڌ علائقي کان وڌيڪ حصي جي گهر ڪري رهيا آهن، جيڪو 60 کان 70 سيڪڙو ٿي سگهي ٿو.
سربن طرفان وڌيڪ علائقا ڦٻائڻ ۽ انهن تي پنهنجي قانوني حيثيت تسليم ڪرائڻ واري هٻڇ آمريڪي امن منصوبي جي ناڪامي جا آثار پيدا ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته خود بوسنيائي حڪومت به ان منصوبي سان سهمت ناهي. اهوئي سبب آهي جو بوسنيا جي صدر عاليجاهه عزت بيگوچ اعلان ڪيو آهي ته جيڪڏهن سرب جارحيت پسند ڪنهن به امن منصوبي تي رضامند نه ٿيا ۽ هنن گورازدي تي قبضو ڪرڻ لاءِ اڳرائي ڪئي ته ان جو ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو ۽ اسان 15 سالن تائين وڙهي سگهون ٿا.
(ڇپيل، روزاني عوامي آواز ڪراچي، 27 آگسٽ 1995ع)