روس ۾ پارليامينٽري چونڊن جو چهچٽو
گذريل ڪجهه هفتن کان روس جي چيچنيا مٿان فوجي چڙهائي وارين خبرن تي دنيا جي عظيم اڳواڻ ولاديمير لينن جي ديس ۾ پارليامينٽ جي چونڊن وارو چهچٽو غالب اچي رهيو آهي. هڪ طرف چيچنيا ۾ لشڪر ڪشيءَ وارو منظر پنهنجي اهميت وڃائي رهيو آهي ته ٻئي طرف ماسڪو ۾ صدر بورس يلتسن جي سياسي موڪلاڻي جا افواهه نئين دلچسپيءَ جو موضوع بڻجي رهيا آهن.
روس ۾ هيٺين ايوان يعني پارليامينٽ جون چونڊون 17 ڊسمبر 1995ع تي ٿي رهيون آهن. جنهن لاءِ هاڻي کان ئي ڪيترائي اميدوار ۽ اڻ ڳڻيون پارٽيون ميدان ۾ لهي پيون آهن. صدر يلتسن کي اقتدار کان الڳ ڪرڻ واري ڊوڙ ۾ سندس ٻه وڏا مخالف شامل ٿي ويا آهن. هڪ طرف ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اڳواڻ گنادي زگانوف، يلتسن کي چونڊن ۾ شڪست ڏيڻ لاءِ تيارين ۾ مصروف آهي، ته ٻئي طرف اڳوڻي نائب صدر اليگزينڊر تسڪوئي جي ”گريٽ اسٽيٽ موومينٽ“ نئين حڪومت جوڙڻ جون دعوائون ڪرڻ ۾ مصروف آهي. اهي ٻه پارٽيون ئي يلتسن لاءِ حقيقي خطرو بڻجي ميدان ۾ لٿيون آهن.
روس ۾ پارليامينٽ جي چونڊن جو اعلان ٿيندي ئي هن وقت تائين 262 سياسي پارٽيون وجود ۾ اچي چڪيون آهن. هر پارٽي جو اڳواڻ پاڻ کي روسي عوام جو صحيح نمائندو قرار ڏيڻ وارين دعوائن ۾ مصروف آهي. هيترين سارين پارٽين جي هوندي به اڃا تائين عوام ۾ چونڊن بابت ڪو گهڻو جوش، جذبو ۽ دلچسپي نظر نه پئي اچي. جڏهن ته ڏوهاري گروپن سان واسطو رکندڙ شخصيتون، منافع خور واپاري، رٽائرڊ ڪامورا ۽ عام قسم جا سياستدان پارليامينٽ ۾ سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ هڻ وٺ ۾ مصروف آهن. روس جي هڪ سياسي پارٽيءَ جي سربراهه اگوربيونن موجب سياست جي ميدان ۾ اهڙا ماڻهو به اميدوار طور نظر اچي رهيا آهن، جيڪي ڪنهن شهر ته ڇڏيو پر هڪ ڳوٺ مان به ووٽ حاصل ڪري نه سگهندا.
روسي سياست تي نظر رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته هيترين سارين پارٽين جي وجود جو سبب ملڪ اندر ماضيءَ ۾ جمهوريت جو نه هئڻ رهيو آهي. جيڪڏهن جمهوري عمل بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهيو ته پارٽين جو تعداد خودبخود گهٽجي ويندو. خاص ڪري چونڊن جا ڏينهن ويجها اچڻ تي اڌ کان وڌيڪ سياسي پارٽيون مقابلي جي ميدان مان غائب ٿي وينديون.
روس جي سياست ۾ هن وقت ٻه وڏيون پارٽيون موجود آهن، جن ۾ هڪ پارٽي ”گريٽ اسٽيٽ موومينٽ“ آهي. هن پارٽيءَ جو سربراهه الگزينڊر رتسڪوئي آهي. پاڻ نه صرف ملڪ جو اڳوڻو نائب صدر رهيو آهي، پر 1993ع ۾ يلتسن حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ واري بغاوت جو به سربراهه هيو. ٻئي طرف ڪميونسٽ پارٽي به عوام ۾ سياسي ساک رکندڙ آهي. ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سربراهه گنادي زگانوف پنهنجي پارٽيءَ جي وفدن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، ”اسان جي آڏو وڏو مقصد چونڊون کٽڻ آهي ۽ ان لاءِ اسان انتهائي سنجيده آهيون. اسان نه صرف چونڊون کٽڻ پر حڪموتي معاملا سنڀالڻ لاءِ به مڪمل تياري ڪري ورتي آهي.“
چونڊن بابت عوامي راءِ جو اندازو لڳائيندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊسمبر ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪميونسٽ پارٽي مقابلي جي ميدان ۾ اڳين صف ۾ موجود هوندي. پارٽيءَ جي سربراهه زگانوف چيو آهي ته سندس پارٽي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ آئين ۾ ترميمون آڻي حڪومت کي پارليامينٽ ڏانهن جوابده بڻائيندي. هن نه صرف حڪومت کي پارليامينٽ ڏانهن جوابده بڻائڻ جو واعدو ڪيو آهي، پر سندس اهو به چوڻ آهي ته هو روس ۾ صدارتي نظام جا مخالف آهن. ڪميونسٽ پارٽي ملڪ جي ڪمزور حالت کي موجوده سياسي نظام جي خرابي قرار ڏئي ٿي. جنهن ڪري سندس خيال ۾ روس کي صرف تڏهن ئي بچائي سگهجي ٿو، جڏهن موجوده سياسي نظام ۾ تبديلي آندي وڃي.
سڀ سياسي پارٽيون پنهنجي چونڊ مهم دوران منڊي جي سڌارن کانپوءِ پئدا ٿيل عوامي مشڪلاتن، ڏوهن ۾ واڌ ۽ عام ماڻهن جي ڪريل معيار زندگي کي بحث ۽ نعرن جو موضوع بڻائي رهيون آهن.
ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سربراهه زگانوف چونڊن دوران قومي سطح تي ٻين پارٽين سان گڏجي بلاڪ جوڙڻ وارن امڪانن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پر هو کاٻي ڌر جي گروپن سان الڳ الڳ تڪن ۾ اتحاد جو خواهشمند آهي.
ملڪ جي ٻي وڏي پارٽي ”گريٽ اسٽيٽ موومينٽ“ جي منشور جو اهم نقطو اڳوڻي سوويت يونين وارين سرحدن جي ٻيهر بحالي آهي. رتسڪوئي موجب، ”اسان جي پهرين اوليت عظيم تر روس جي اڳوڻي سوويت يونين وارين سرحدن جي ٻيهر بحالي آهي.“
رتسڪوئي جنهن وقت روس جي نائب صدر جي عهدي تي فائز هيو، ته هن 1993ع ۾ صدر يلتسن خلاف ٿيندڙ بغاوت جي سربراهي جا فرض سرانجام ڏنا هئا. ان بغاوت جا ناڪاميءَ کانپوءِ کيس ڪيترائي مهينا قيد رهڻو پيو، بعد ۾ کيس انساني بنيادن تي معافي ملي.
چونڊن جي هن چهچٽي کان روس جو صدر بورس يلتسن ڪنهن به طرح غافل ۽ لاتعلق ناهي. ڇاڪاڻ ته ڊسمبر 1995ع ۾ چونڊجي ايندڙ پارليامينٽ، جون 1996ع ۾ ٿيندڙ صدراتي چونڊن تي اثر انداز ٿيندي. تنهن ڪري يلتسن جي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته پارليامينٽ جي چونڊن ۾ سندس حمايتي ميمبر چونڊجي اچن، جيئن هو سولائي سان ٻيهر صدر چونڊجي سگهي. اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ صدر يلتسن وزيراعظم وڪٽر چرنو ميرڊن جي سرواڻي هيٺ نئون بلاڪ ”اور هوم رشيا“ (اسان جو گهر روس آهي) جوڙيو آهي. هن نئين بلاڪ کي اوچتو ان وقت سگهه ۽ وڏي حمايت ملي وئي، جڏهن ماسڪو جي طاقتور ميئر يوري لزڪوف سندس حمايت ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. چرنو ميڊرن اعلان ڪيو آهي ته سندن بلاڪ انتهاپسندن خلاف ويڙهه ڪندو، ڇاڪاڻ ته انتهاپسند ڌريون روس ۾ جمهوري عمل ۽ سڌارن کي نقصان رسائڻ گهرن ٿيون.
روس ۾ 17 ڊسمبر تي ٿيندڙ چونڊن ۾ سوڀ ڪير ماڻيندو، ان بابت ڪو به ماهر اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ تيار نظر نه ٿو اچي. پر يلتسن جي خواهش هيٺ ٺهندڙ بلاڪ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ وڏي مقابلي جا امڪان نظر اچي رهيا آهن. جڏهن ته گريٽ رشيا جو خواب ڏسندڙ رتسڪوئي صرف خوابن جي دنيا جو ئي شهزادو رهجي ويندو. ڇاڪاڻ ته روس جو عوام ”عظيم تر روس“ بدران بک، بدحاليءَ، ۽ بدامنيءَ جي خاتمي جو خواهشمند آهي.
(ڇپيل، روزاني عوامي آواز ڪراچي، 10 سيپٽمبر 1995ع)