مُهاڳ
(باغي نسل جو شاعر)
سنڌ جي جاگرافي جي محافظ شاعر شيخ اياز ڪٿي لکيو آهي ته شاعري سڄي عمر جي رياضت جو نالو آهي جيڪا شاعر جي گهري مشاهدي ۽ وسيع مطالعي جو نچوڙ هوندي آهي، باذوق ۽ حَسين شاعر مشتاق سعيد جوڪتاب
”ڪينرو ڪيسين وڄايان“ بلڪل ان ڳالهه جو چٽو اهڃاڻ آهي. هي ڪتاب ۽ ان ۾ موجود شاعري نه رڳو حسناڪين ۽ دلڪشين جو ڪاڪ ٽيل آهي پر سماجي شعور، سياسي آگاهي ، امپريلزم ۽ نيشنل ازم، غربت، پسماندگي جهڙن عالمگير خيالن سان ڀرپور ٽين دنيا جي هڪ حساس فرد طرفان ڳوڙهن سان ڀريل هڪ طاقتور ۽ باغياڻي طنز آهي. سامراجيت ۽ ملٽي نيشنل ڊاريڪشنز تي دنيا کي مُٺ ۾ قيد رکڻ جي تمنا ڪندڙ عالمي ۽ ملڪي سفاڪن ۽ رهزنن لاءِ مشتاق وٽ اهڙي زبان ۽ اهڙا لفظ آهن جيڪي فلسطين ۾ محمود درويش وٽ هئا، جيڪي ترڪي ۾ ناظم حڪمت وٽ هئا.
غلام ملڪن ۾ شاعري هڪ اهڙي تلوار بڻجي پوي ٿي جنهن کي رُڪ جو پاڻي مليل هوندوآهي، جيڪا پنهنجي قوم کي پنهنجي ديس جي درياهن، ڍنڍن، پهاڙن، کيٽن ۽ ٻنين سان محبت جا درس ڏيندي ڏيندي دٻيل لفظن ۾ رسول حمزا توف وانگر اهو چوندي ويندي آهي ته جاڳو ديس تي ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي ... سچ ته اهڙي شاعري حقيقي طور دنيا جي محڪومن ۽ مظلومن لاءِ ڏڍ ۽ اتساھ جو ازلي آڌار بڻجي پوندي آهي. هن ڪتاب جي ليکڪ جو تعلق ٽين دنيا جي غلام، پيڙهيل قوم سان آهي ان ڪري وٽس جماليات ۾ به مزاحمت آهي.
جيڪو گوتم وانگر ڪڏهن گيان ۾ ويهي آڪاشن ڏانهن تڪي پوءِ سوچي ٿو پر پو هي هيڏو انياءُ ڇو ..؟ وک وک تي راوڻ جهڙي رات، بي مهلا وڇوڙا، پري تائين سناٽو ئي سناٽو ۽ وجود هستي يسوع وانگر ڪيستائين رت ڳاڙيندي رهندي ؟ منهنجي آڱرين ۾ ڪيڏو نه ٿڪ آهي ۽ درد جي پکيڙ ڪيڏي نه وڏي آهي ڇو نه ڪو شور اڀري ، ڪو آواز اٿي؟ ڇو نه ڪو نيرو سمنڊ اٿلي پئي؟ ڇو نه گهٽا جا گهنگهرو ڇنن ڇنن ٿي ڇڻڪن؟ ڇو نه رات جي روح ۾ خنجر ٿي لهي پئجي؟ ڇو نه ديس جي مک تان دز لاهجي، ڇو نه آزادي جا سرڪش پرچم اڀ تائين جهولائجن، ڇو، ڇو هي جمود نه ٽٽي سگهي؟ ڇو هي چمڙن ۽ چٻرن جو راڄ نٿو ختم ٿي سگهي؟ تاريخ کي آفريڪي ٻيلن جهڙي ڏائڻ قرار ڏيندڙ ڇو نه ٿا سمجهن ته تاريخ ڪنهن دور ديس جي پهاڙي حسينا به ٿي سگهي ٿي .وهندڙ درياھ روڪي سگهجن ٿا ته وحشتن جو ڇُريون ڇو نه ٿيون ڀڃي سگهجن؟ شايد اهوئي ڪرڀ هڪ حساس ماڻهو ۽ سچيت تخليقڪار جي من کي ايئن سٽي ٿو جيئن ڪا ڌوٻڻ گهاٽ تي ڪپڙن کي سٽيندي آهي، پوءِ اهو ڏات ڌڻي اڳتي وڌي ٿو وسعتون لتاڙي ٿو، نظرين جا نيئر، فتوائن جا ڦندا،ذهني عذاب، ڀوڳنائون، روحاني قيد، کاٻين ۽ ساڄين ڌرين جا دهمان، دين جون پوتيون پستڪ آئون تون، ڇا ڇو، ڪيئن؟ جا ڪڙول، ٽڙڻ جي مند ۾ ڇاڻڻ جون ڇڙٻون، بيوسي جا برپٽ، رڻ جون راتيون، اڪيلائپ جي اڀ هيٺان هڪ شاعر دلين جو ڌوٻي، پوءِ رنگ هارڻ لاءِ آتو ... رنگن جي دنيا ... حُسن جا رنگ، چاهت جا رنگ، پوپٽ جي پرن جا رنگ، مئي جا رنگ، ڪنڀارن جي آويءَ جهڙا رنگ ، درد جا رنگ ، خوشي جا رنگ،روشني جا رنگ، پوءِ هو روحن جو رنگريز ٿي پوي ٿو. رنگن جي ان دلڪش دنيا ۾ هن لاءِ سڄي ڪائنات پرينءَ جي پازيب جي وڄت جهڙي ٿي پئي ٿي، جنهن جي هر ڪنڊ ماڪ جي ڦڙن جهڙن لڙڪن سان آلي هوندي آهي، اهي سڀ سانوڻي جا رنگ گلن جي خوشبو، مينهن وساڙن جي مهڪ، بادلن جي بي پرواهي، حسناڪين جا منظر، لاڙ جي صبحن جهڙي ارڏائي، درياهه جي وهڪ، باک جو بدن ، سانجهه جا ڏيئا، سامونڊي بندر تي لنگر ٿيل ٻيڙا، اڏامندڙ پکي، باغي جوان، يتيم ٻار، نڌڻڪا نسل، درد دل ديس عاشقي جون اهي سڀ ڪفيتيون سانئن مرنا جي اداس ڌَنين جون روپ ڌاري مشتاق سعيد جي ڪتاب ڪينرو ڪيسين وڄايان ۾ نمايان ٿي بيٺيون آهن. مشتاق سعيد جي شاعري ۾ لاڙ جي نرمل صبحن ۾ لَيَن تي پوندڙ ماڪ جي ڌيمي خوشبو آهي، وطنجي سرحد تي شهيد ٿيندڙ سپاهي جي رت هاڻي اجرڪ جو تقدس بچائڻ کان وٺي ٻاگهل جي پوتي جا ٽڪر ميڙڻ تائين، دودي جي تلوار جي چمڪاٽن کان وٺي باکوڙي جي مقتل ۽ خوشبو ٿيل خون جي مهڪار تائين لاوارثي جي رڻ ۾ بيٺل اداس نسل جي ريزه ريزه ٿيل خوابن جي ماتم کان وٺي ٿر جي قتل ٿيل مورن تائين، ڀٽائي جو قسم سمورن ڳوڙهن، وڇوڙن، سوڳوارين، ماتمن ۽ اوسارن کي مشتاق سعيد ڪمال سان ميڙي هڪ اهڙي رڙ بڻائي ڇڏيو آهي جيڪا هڪ ڏينهن ثوراسرافيل بڻجي ويندي ۽ سڄي سنڌ قبرن ۾ ستل مُردن جيان جاڳي پوندي ، غلامي جا ڳٽ ڇيهون ڇيهون ٿي ويندا. سندس شاعري اهڙي برسات جي ڦڙي آهي جيڪا جنهن به سپ جي وات ۾ ويندي ته موتي ٿي نڪرندي ، هن جنهن جي صوفي جهڙي دل ۾ سڄو ديس ٽڪي ٿو،” هم اوست“ جي هوڪي کي ازل جي ناد سمجهي، هو تاريخ جي سدا مرڪندڙ انهن ڪردارن جي پيرن تي پير رکي سفر ۾ آهي جن جي ڏاٽ سڄي ڏيھ کي ست رنگي سانجھين ۾ بدلائي ڇڏيو.
معاشي بدحالي ۽ سياسي بي رحمي واري دور ۾ به شاعري ۽ ادب جي ميدان ۾ زرخيز هي منهنجو پرين ديس جنهن جي مٽي جي ذري ذري کي نپوڙيو وڃي ته يا شهيدن جو رت ڦوهارا ڪري نڪرندو يا شاعري جا ٿڌا چشما ڦٽي نڪرندا، ان کي ڏات جي ديوار چين ڏيندڙن جو وڏو ڊگهو قافلو آهي، قاضي قادن ۽ مِيون عنايت کان وٺي، لطيف کان اياز تائين ڪي شاعر آڪاش جيڏا آهن، ڪي ڪارونجهر آهن ڪي سنڌو درياھ جيان آهن ته ڪي ڏات جا وڻجهارا آهن ڪي جوڳي آهن يا سامي آهن ڪي رومانوي شاعري جا بادشاھ ڪي انقلابي گيتن جا جرنيل شاعر ڪي روحاني رمزون ڏيندڙ صوفي سنڌ آهن ڪي ڪلاسيڪل شاعري جا مهندار آهن پر سڄو ڏيھ ڳاڙهو کهنبو آهي ان قافلي ۾ لاڙ جي سانوري سيم سجاول پنهنجو حَسين حصو رکندي آئي آهي. آپا مريم مجيدي ۽ اياز امر شيخ جهڙن شاعرن جي وچ ۾ نروار ٿي پنهنجو پاڻ کي الڳ بيهارڻ تي آئون مشتاق سعيد کي لفظن جي لوئي اوڍائيندي ٿو چپان ته جيئن لطيف ۽ سچل جي وچ مان اياز تاريخي اڀار کاڌو تيئن تون به اياز امر ۽ مريم مجيدي جي وچ مان نئين شبيھ ۽ نئين روپ سان نروار ٿيون آهين. اها نواڻ جي خوشبو اجري رکڻي آهي.
انساني احساسن سان ٿيل ناحق جي تاريخ ته ڪائنات جيتري پراڻي آهي پر جڏهن کان سرحدن جي نئين ورهاڱي جو شڪار ٿيا آهيون تڏهن کان مشتاق جو ديس دلدل ۾ ڦاٿل آهي، مذهبن جي نالي تي لتاڙ، سياست جي نالي تي سوديبازيون، غربت جو گهاڻو، محبت جون محروميون، چاڪي جي ڏاند وانگر گهلبا رهيا آهيون. مشتاق وٽ جتي ڌرتيءَ جي ڌاڙيلن لاءِ ڌڪار وارو ارڏو اظهار آهي اتي سندس شاعري ۾ رومانس جو ندي جي لهرن جهڙو رقص به موجود آهي آڙين جي اُڏار جهڙا ريشمي احساس به نمايان آهن. مشتاق وٽ اظهار جو سرويچ ، مجيدي، مريم،۽ اياز امر، ارشاد ساگر ۽ سانگي وانگي البيلو انداز آهي ، مون سندس جيڪي نظم هن ڪتاب مان چونڊيا اهي سڀ نقل ڪرڻ جهڙا آهن پر ڊيگهه کان بچڻ ۽ پڙهندڙن جي مزاج جي مانوسيت کي نظر ۾ رکي مون اهي هتي ڏيڻ مناسب ناهين سمجهيا، اهو پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي ته اهي مشتاق جا هن ڪتاب ۾ موجود نظم ڪيئن ٿا روح ۾ لاهين پر سچ ته سندس نظمن ۾ بهار جهڙي رنگت آهي، وڄ جا وراڪا آهن، ڪنهن نوخيز نهار جا تجلا آهن، باک ڦٽي جو چڙن جي چونگار آهي، يڪتاري جا آلاپ آهن ۽ هن نطمن جو رنگ مشتاق جي بلڪل اداس مرڪ جهڙو آهي. مشتاق سڀني صنفن سان انصاف ڪري ٿو اهو انڪشاف مونتي سندس پهريون ڪتاب ڌيمي وِهڪ درياھ جي پڙهڻ وقت ئي ٿيو هو. مشتاق جي شفقت ۾ مونکي هن جا ٽهڪ ڏاڍا وڻندا آهن ڇو ته ٽهڪ زندگي جي علامت هوندا آهن ٽهڪ جن ۾ ڪنهن ڍولڪ نواز جي ٿاپ جو پراڏو هوندو آهي، ڪنهن وش ڪنيا جي مرڪ جي مهڪ هوندي آهي، سنجها ويلي جڏهن سج لٿي ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن حسينا جي هٿ مان سون جو ٿالھ ڪِري پيو هجي ان دلنواز منظر کي فقط مشتاق جهڙو ڪو ڪوي ئي حيات جاوداني بخشي سگهي ٿو. مشتاق محرومين، مفلسين، ڌڪار، بک، اڻ برابري، غلامي، جمود، ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف تلوار جي ڌار جهڙا گيت ٿو سرجي، سندس شاعري پڙهندي پڙهندي مونکي وري به اياز جي ڪا آيت ٿي ياد اچي ته هر شاعرِ انقلاب، شاعر محبت نٿو ٿي سگهي پر هر شاعرِ محبت، شاعرِ انقلاب هوندو آهي. مشتاق جي شاعري کي کهنبو اوڍيل آهي سندس نظمن، واين ۽ بيتن کي ايترو حُسن آهي جيترو حُسن ايلورا ۽ اجنتا جي غارن ۾ ٻرندڙ ڏيئن کي آهي، جيترو حُسن ڪارونجهر جي شام کي آهي، جيترو حُسن مٺي جي سانجھ کي آهي، جيترو حُسن ڇاڇري جي باک کي آهي، جيترو حُسن سجاول جي گوناگين گهٽين ۾ آهي جيڪي مونکي اڻ سليل اسرارن جيان ڀاسنديون آهن، مونکي لڳندو آهي ته سجاول ۾ ڪي زمانا اڳ ڪي بادشاهن جون پَٽ راڻيون، ڪي ڪامڻيون رهنديون ۽ پولڪا پائي رقص ڪنديون هيون، مندر هئا، ڏيئا هئا ڄڻ هڪ اڻ ڏٺي تاريخ جي منهنجي ڪنن ۾ سرگوشيون ڪندي آهي، آئون سندس سونهن ۾ ايترو گهيرجي ويندو آهيان جو مونکان بي ساختا رڙ نڪري ويندي آهي ته مار سنڌ ڪيڏي خوبصورت آهي...!
هي ڪتاب محبت جي پرستارن لاءِ اوجاڳن، اوسيئڙن، انتظارن، بيقرارين جي اڻ ڇهيل خيالن جي ورق گرداني سان ڀرپور آهي، جنهن ۾ آڌين جون محبت جي اڪيلي ڪيل پنڌ ۽ رات جي رهزنن جون بي راهه رويون به آهن. مونکي يقين آهي ته اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪائنات جي نئين تاريخ شاعر لکندا، شاعر صدين جون صدائون هوندا آهن جن کي وقت جي دز ميرو نٿي ڪري سگهي. کٽندڙ ۽ هارائيندڙ سياستدان ۽ جرنل ايندا ويندا آهن پر شاعرن جا مسڪن دليون هونديون آهن، روح هوندا آهن، اهي سدا حيات رهندا آهن، انهن جي ٻولي، انهن جو فڪر، انهن جو گس ،انسانيت جي عظيم ڳانڍاپي جو اهڃاڻ هوندو آهي.ڀلا برصغير جو ورهاڱو ڪبير، تلسي ، لطيف ۽ سچل کي جدا ڪري سگهيو؟ منهنجي رُوح ۾ جيترو پيار اياز ۽ مشتاق لاءِ آهي اوترو نذار قاباني ۽ ناظم حڪمت لاءِ آهي، اها ڳالهه درست آهي ته هر شاعر جي زمين پنهنجي هوندي آهي سنڌ ۾ رهي اکيون پوئي فلسطين جي بيواه ٿيل ناري جي ڳوڙهن تي لکجي پر سنڌ جي ڪنهن ڀوتار هٿان عزت ۽ اپمان وڃائيندڙ هارياڻي کي نظرانداز ڪجي ته اها ڪا بين القواميت پسندي ناهي. ٽين دنيا جو اصطلاح ئي بک، ڏڪار، ذلت، آپيشاهي، محرومي، درد، ۽ ماتم جو آهي. مشتاق سعيد قومي جياپي لاءِ وڙهندڙ هر جنگ کي روحاني تناظر ۾ ڏسي ٿو، تڏهن هن جون اکيون هر شام غريبان تي نمرود جي آتش جيان پچي پون ٿيون، هو شبنم کي شعلو بنائي وڌي ٿو، ڏونگر ڏورڻ وارو، ٽَڪر ٽوڙڻ وارو، تاريخي ۽ لطيفي پنڌ سندس لاءِ مڪي ۽ هنگلاج جي پنڌ کان به وڌيڪ مقدس ٿي ٿو پئي. مون قومي درد، آزادي جي تانگهه، بقا جو رستو سندس شاعري ۾ ارزان ڏٺو آهي هو ذميوار ۽ ڪميٽيڊ تخليقڪار آهي.
آئون چاهيان ها ته ڪنهن نقاد جي نڪ مٿان لٽڪيل وڏن ڪاون واري چشمي مان مشتاق جي شاعري جو ”وڍ ڪٽ“ ٿيل وجود ڏسي پوءِ لکي پئي سگهيس پر آئون پيار جي پورهئي کي پيار جي اک سان ڏسڻ کي گلابي حقيقت ٿو سمجهان، ندين، گلن ۽ پرين تي ته رڳو گيڙو رتيون ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، سنڌور جهڙيون سِٽون لکي سگهجن ٿيون. شاعري جي اپسرا جي ڊگهن ذلفن ۾ نرملتا سان آڱريون ڦيرائي ماڻهو آڪاس جيڏو آنند ماڻي سگهي ٿو. اها روايت هاڻ اڪارج ٿيڻ کپي ته تنقيد ۽ مهاڳ جي نالي ۾ ڪتاب ۽ شاعري جو مهانڊو ئي بدلائي ڇڏجي ،ڪلارڪن ۽ ڪامورن وانگر ادب لکڻ کان بهتر آهي ته وڃي ڪو ٻني ٻارو ڪجي،هاڻ نئين ڳالهه ٿيڻ کپي، نوان گل ڦٽڻ کپن، تازي مهڪ ڀري هوا گهلڻ کپي، شاعرن کي آزادي سان لکڻ ڏجي، ٻارن کي رانديون رهڻ ڏجن، عورتن کي کلڻ کان نه روڪجي نئين دور سان سنڌ کي انساني ماڻهپي، رواداري، سيڪيولرازم، شاعري ،ادب کي انسان دوستي طور متعارف ڪرائڻ سياستدانن کان وڌيڪ اديبن جي ذميواري آهي. اها ڳاڙهي سج اڀرڻ جي ڳالهه جيڪا لطيف ڪئي ان کي تازگي باکوڙي تي شيهد وطن قربان کهاوڙ ڏني ان ۾ جيڪا نئين نرالي دلڪش رعنائي اپريل جي گونگي ان رات ۾ ڌرتيءَ جي پٽ بشير قريشي ارپي، ان جهنڊي کي جهم جي پاڻي ۾ ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ شاعري کي جي ايم سيد جهڙي دل ڏيڻي پوندي. تاريخ جي اها للڪار مشتاق سعيد ورنائي آهي سندس شاعري ۾ اهي سڀ رنگ آهن جيڪي عظيم سنڌ جي ساک ڀرين ٿا آئون سمجهان ٿو ته سنڌ سهي سمورا ڳڻ ۽مثبت قدر ميڙي رهي آهي جن سان هو موجوده ۽ ايندڙ زمانن تائين دنيا جي نقشي تي اثر انداز ٿي سگهندي ...
نواز شاھ ڀاڏائي ٺٽو
7 آڪٽوبر 2012