شاعري

ڪينرو ڪيسين وڄايان

ڪتاب ڪينرو ڪيسين وڄايان اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر مشتاق سعيد جي نظمن، وائين ۽ بيتن تي مشتمل آهي.

  • 4.5/5.0
  • 3867
  • 648
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • مشتاق سعيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Keenro Kesen Wajayaan

باک ٿي مونکان پُڇي

صدين کان شاعري ئي اهڙو واحد ذريعو رهي آهي، جنهن نه صرف ڪائنات کي رنگين ۽ خوشبودار بڻايو آهي پر غلاميءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل انسانن کي اُتساهي آزاديءَ جي در تي آڻي بيهاريو آهي. سنڌ ڌرتي شروع کان ئي خوشقسمت رهي آهي ، جنهن ۾ شاعريءَ هميشه رهبري ۽ رهنمائي جو ڪم ڏنو آهي. هتي شاعريءَ جا کيت سدائين سرسبز ۽ شاداب رهيا آهن.
اهڙي سرسبز کيتر جو هڪ شاعر مشتاق سعيد پڻ آهي، جنهن پنهنجي شاعريءَ وسيلي ادب جي جهول ۾ ڪيترائي موتي پلٽيا آهن. سندس شاعراڻي ڏات جي اها موتين مالها، ڏينهون ڏينهن واڌاري ڏانهن وڌي رهي آهي. هينئر هي سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”ڪينرو ڪيسين وڄايان“ اسان جي هٿن ۾ آهي. هن کان پهرين سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”ڌيمي وهڪ درياھ جي“ ۽ ” ڀرپور سمندر گرجي ٿو“ آيل آهن. هي ڪتاب سٺي شاعريءَ جو مجموعو چئي سگهجي ٿو.
مشتاق شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ ڪاميابي ماڻي اٿس. شاعر جي تخليقي ڏات تي هميشه هنن شين جو گهرو اثر ٿئي ٿو ماحول، مطالعو، مشاهدو ۽ طبيعت. ماحول، مطالعو ۽ مشاهدو ته هميشه حالتن جي پيداوار پئي رهيا آهن، جڏهن ته طبيعت صرف ۽ صرف قدرت جي عطا رهي آهي، ڏسڻ ۾ آيو آهي ته فرد جي طبيعت جو لاڙو جنهن طرف هوندو، تخليق ۾ به اهو ئي رنگ جهلڪندو نظر ايندو، شاعريءَ جو نمونو، پاڻ ڪڏهن به چونڊبو ناهي پر شاعر جي سوچ ۽ فڪر جو انداز ئي کيس ان رستي تي وٺي ويندو آهي.
مشتاق جي شاعريءَ ۾ سندس مشاهدو، ۽ سوچ فڪر نمايان نظر اچي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ اندر جا احساس، اُڌما ڏيئي ٻاهر اچن ٿا جيئن هن نظم ۾ چوي ٿو ته،
ٽين دنيا جا بکيا ماڻهو،
خوابن جا ڀي لاش کڻن ٿا،
ماني جي هڪ ڳڀري لاءِ،
پنهنجو رت ۽ ماس ڏين ٿا.
هن نظم ۾ سندس احساس جو درد پسي سگهجي ٿو. هڪ سچو شاعر، خوشيءَ ۾ پنهنجو اظهار جهڙيءَ ريت ڪري ٿو ان کان ٻيڻو اظهار هو ڏک مهل ڪندو آهي، جڏهن سماج ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافيون ڏسي، سندس اندر اڌ ٿي پوندو آهي ته هو اظهار قلم ذريعي ڪندو ۽ پنهنجي احساسن ۽ جذبن جي وارتا، نثر يا نظم ۾ ظاهر ڪندو.
مشتاق پنهنجي احساسن کي هن نظم ۾ ڪيترو خوبصورت طريقي سان چٽيو آهي
جنهن وقت سمندر لهرن سان،
اڌ رات اُٿي ٿو چنڊ ڏس،
۽ تارن جو هي منڊ ڏسي،
ٿي منهنجي جيءَ کي ڇڪ اچي،
ڄڻ آڪاسن تان ڪا دنيا،
ٿي منهنجي ڌرتيءَ ڏي نهاري،
مان نيل گگن تي واجھ وجهي،
ڄڻ ڪائي پرولي سوچيان ٿو،
۽ لوچيان ٿو.
ڪيڏي گهرائي آهي هن نظم ۾، پڙهندڙ کي محسوس ڪرائي ٿو ته، هن سڄي ڪائنات ۾، هر انسان جي دل کي پنهنجي پنهنجي سوچ مطابق ڇڪ اچي ٿي ۽ هر انسان فطرت مطابق آزادي سان سوچي ٿو.
هن ڪتاب ۾ نظم ،وايون، ۽ بيت، شامل آهن، جيڪي سندس شاعراڻي ڏات کي ظاهر ڪن ٿا. سندس قلم جي نوڪ مان جتي سماج جي چُڀندڙ رشتن ناتن لاءِ شاعري لکجي ٿي اُتي دل کي ڇهندڙ حَسين لفظن جي جوڙ جڪ پڻ ملي ٿي جيئن هنن چئن سٽن ۾ اسين بخوبي پسي سگهون ٿا،
جا جوت ملي آ، جيءَ اندر،
ڪائي ته شمع سا ٻاريندي،
اڌ رات اَڪن جي پَنڙن تي،
ڪا چانڊوڪي سا هاريندي.
شاعر امن ۽ محبت جا پيامبر ٿيندا آهن. سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي هو رت جا ڳوڙها ڳاڙين ٿا. مشتاق به امن پسند انسان آهي جيئن هن نظم ۾ خدا سان شڪايتي انداز ۾ فرياد ڪري ٿو ته ،
اي خدا، تون ڊاهي پَٽِ ڪر،
مسجدون هي سڀ ڪليسا ۽ مندر،
تون به هڪڙو جوڙ گهر.
يعني سماج ۾ جيڪا فرقيواريت جي گرم هوا گُهلي رهي آهي، اُها نه هئڻ گهرجي هرجاءِ تي، هر مذهب ۾ خدا تعاليٰ هڪ آهي، ته پوءِ هي نفرتون ڇو آهن ؟ سڀني کي ملي هڪ ٿيڻ گهرجي ۽ پُرامن ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. هر دور جو شاعر، ماحول ۽ معاشري جو ترجمان هوندو آهي. هن جي پارکو نظر سماج اندر ٿيندڙ ٽوڙ ڦوڙ کي ڏسي برداشت نه ٿي ڪري پوءِ هو قلم جو سهارو وٺي انهن تفريقن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي . مشتاق جا به هن ڪتاب جي سڄي شاعريءَ ۾ اهڙا ئي ميٺ محبت وارا ۽ پُرامن جذبا نظر اچن ٿا. هو ڌرتيءَ سان ٿيندڙ زيادتين تي به قلم کڻي ٿو ته طبقاتي نظام تي به اهنج محسوس ڪري ٿو. مشتاق سعيد ۾ اهي سڀ احساس موجود آهن جيڪي هن باشعور انسان ۾ هوندا آهن. دعا آهي ته ڌڻي تعاليٰ سندس قلم کي اڃان به وڌيڪ سگھه عطا ڪري.

پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ