مُھاڳ
مانجھي زرداري سنڌي ٻولي جو خوبصورت، سلڇڻو شاعر آھي، جيڪو پورھيت طبقي سان واسطو رکي ٿو،ھي فقير صفت جو ماڻھو سنڌي ٻولي جو اھو خوش نصيب شاعر آھي، جنھن کي پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي مانائتي موٽ ملي آھي، ھن جي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب
ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آھن جن ۾ ”جوڀن رت جون سوکڙيون“ ”قرار نيڻن جو“”دل جي صلاح “ جن علمي ادبي توڙي عوامي حلقن ۾ ڀرپور موٽ ماڻي آھي، مانھجي زرداري جي شاعري ۾ جمالياتي حُسن، سماجي بغاوت ۽ مزاحمت جا سمورا احساس سمايل آھن، مانجھي زرداري بنيادي طور رومانوي شاعر آھي، پر ھن غم جانان سان گڏ غمِ دوران کي گڏوگڏ کنيو آھي مانجھي زرداري جي شاعري ۾ ھڪ خوبي اھا به آھي ته ھن پنھنجي داخلي توڙي خارجي فڪر کي نھايتي سادگي سان اظھاريو آھي .سادگي ۾ پنھنجو حُسن سمايل ھوندوآھي، اھو خوبصورت ڏانءُ مانجھي وٽ موجود آھي، حساس شاعر جي دل مان نڪتل درد جي صدا به اسان کان ڌيان طلبي رھي آھي.
اڄ ايئن ھن اسان جي شھر جون اکيون،
ڄڻ ته آھن ڪي ڪاري ڪڪرجون اکيون،
ڪنھن به جيجل جو ڪڏھين نه ڪٽجي جگر
جاڳي انسان کولي اندر جون اکيون
جيڪي اکيون نه آليون ٿيون سوڳ ۾،
سي ته پڪ ساڻ آھن پٿر جون اکيون.
مٿي بيان ڪيل سٽن ۾ شاعر انساني بي حسين ۽ بي رحمين جو حقيقي نقشو چٽيو آھي جنھن جو حق ھڪ ساڃاھ وند ڏات ڌڻي ئي ادا ڪري سگھي ٿو مانجھي زرداري پنھنجي شاعري ۾ تخليقي آرٽ جا موتي وڏي نفاست سان ٽاڪيا آھن، ھن جي غزل جي ھن چونڊ سٽن ۾ سمايل ھي من موھيندڙ احساس
رات آڪاش کي چيو ڪڪرن،
توکان ڌرتي ڪنوار سُھڻي آ،
فڪر دنيا جا ٻيا سڀئي ڪوجھا،
ھڪ محبت جي تار سھڻي آ.
سماج ۾ مروج طبقاتي ويڇن ۽ اڻ برابرين سبب پنھنجي پيار کي نه ماڻي سگھڻ ڪري جيڪا جوان دلين مان بغاوت ڪَر موڙي اٿي آھي جنھن جي پڄاڻي ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم تي ٿئي، اھڙي صورتحال تي شاعر انسان جي فطري حق لئه آواز اٿاريندي چوي ٿو ته:
ھن جي نيڻن ۾ پئي ٿي بغاوت بَکي،
ڪيئن جذبن کي ڏيندي اَجل ڇوڪري،
انگ ميرا مٽي وار وکريل اٿس،
ڪاپريميءَ کان آھي ڇڳل ڇوڪري.
مانجھي زرداري جو شاعري ۾ انداز بيان بيحد وڻندڙ آھي، پنھنجي پرينءَ سان سندس ھمڪلامي جو ھي نمونو پڻ ساھ ۾ سانڍڻ جھڙوآھي ،
اوھان جا اڱڻ ۽ دليون ڀي پٿر جون،
اچو ڪيئن اسان جا اڱڻ ھا مِٽيءَ جا،
مفادن جون لھرون ويون نيٺ لوڙھي،
اوھان جا وچن ڀي سڄڻ ھا مِٽيءَ جا.
يا ھن غزل جا چونڊ بند ،
گرم ڳل مٿان چَپَ ،سيڪيا، چيو مون،
کلي ڳالھه منھنجي نٽائي ھليو ويو،
ادائن سان گھوري ڪو گھائي ھليو ويو،
سندم من کي پاڳل بڻائي ھليو ويو.
مانجھي زرداري سنڌي ٻولي جو ٻھڳڻ قلمڪار آھي جنھن پنھنجي شاعري ۾ ھميشه پيار، امن جي پرچار ڪئي آھي نفرت جو سدائين انڪاري رھيو آھي تڏھين ته وڏي بيباڪي سان چئي رھيو آھي ته:
نفرت جو انڪاري آھيان،
پيار، امن پوڄاري آھيان،
سچ چوڻ کان ڪونه رھان ٿو،
آءُ تڏھن ڏوھاري آھيان.
مانجھي زرداري جي شاعري ۾ خوبصورت ڪلاسيڪل توڙي جدت جو حُسن سمايل آھي مانجھي زرداري پنھنجي ھن پيار جي پورھيئي کي مسلسل سچائي سان ڪري رھيو آھي، پوري ويساھ سان چئي سگھي ٿو ته مانجھي زرداري جو ھي چوٿون آيل ڪتاب ”بي رخي ٽانڊا ڏنا“ پڙھندڙن وٽان تمام گھڻي موٽ ماڻيندو مانجھي زرداري کي ھن ادبي ڪيل پورھي جو مٺو ڦل ضرور ملندو منھنجي مانجھي زرداري جي لاءِ دعا آھي ته ھو علمي ادبي سفر جو اڻ ٿڪ مسافر رھي. (آمين ثم آمين)
گوھر گل
ڳورڙ ڳوٺ ولئيوکوسو ميھڙ
03023277756