جنھن دم تنھنجي تات ٿئي ٿي ،
سوچن جي سڪرات ٿئي ٿي.
تنھنجي سار اچڻ سان ساٿي،
اڻ تڻ ۽ فڪرات ٿئي ٿي.
لڇ پڇ ۽ بي چيني ۾ ھا،
فرڪت واري رات ٿئي ٿي.
پر جي پيارا اک ٽپڪي ٿي،
سپنن جي پوءِ جھات ٿئي ٿي.
توبن دل جي آڳرڙي تي،
وھمن جي پنچائت ٿئي ٿي.
غم جا بادل ڀرجي اچن پيا،
لڙڪن جي برسات ٿئي ٿي.
پاڻ کي ماري ڇڏيان ”مانجھي“
ڪڏھن اھڙي جذبات ٿئي ٿي.