مرڪندي ٿو ملين، ٿڪ لھي ٿا پون،
پيار مان ٿو ڏسين، ٿڪ لھي ٿا پون.
يار محفل ۾ منھنجو وڌي مانُ ٿو،
مون سان گڏ ٿو ويھين، ٿڪ لھي ٿا پون.
مون کي ڀاڪر ڀري دل جون ڳالھيون ڪندي،
ڪنڌ ڪُلھي تي رکين، ٿڪ لھي ٿا پون.
تون نه آھين ته پوءِ مان بيچين ھان،
تون ٿو سامھون ھجين، ٿڪ لھي ٿا پون.
”مانجھي“ زرداري تنھنجا ڪھڙا حال ھن،
ٿو پيارا پڇين، ٿڪ لھي ٿا پون.