محفلون ۽ خوشيون چھچٽا ڪاڏي ويا؟
زندگي تون ٻڌاءِ سڀ مزا ڪاڏي ويا؟
جن ڏٺي روح راحت رسندي ھئي،
دل گھريا دلربا، لاڏلا ڪاڏي ويا؟
ٿو پري کان کيڪاري ڦڪي کل کلي،
ھن جون مرڪون ۽ ڀاڪر ٻٽا ڪاڏي ويا؟
اڄ ته ھر ماڻھو ٿي پيو آھي مطلبي،
ٻي مطلب جي ھئا، ڀرجھلا ڪاڏي ويا؟
قرب واريون ڪچھريون ڪيوسين جتي،
ڳوٺ واريون گھٽيون ۽ ٿَلھا ڪاڏي ويا؟
اڻ ميو پيار جن ٿي”مانجھي“ ڏنو،
سي ماڻھو مٺا ھا سچا، ڪاڏي ويا؟