مٺا ماڻھو مون کان جدائي ڪري ويا،
ڏئي سور مون کي سودائي ڪري ويا.
رنو مان ته ھس پر رنا ھو به ھوندا،
مگر منھن تي مون سان پڪائي ڪري ويا.
سڄڻ پنھنجا ساري رڳو پئي ٿي تڙپي،
منھنجي دل ديواني اجائي ڪري ويا.
جدائي ۾ جيئڻ ڏکيو آھي ڏاڍو،
سڃي مون لئه ساري خدائي ڪري ويا.
ڏسي حال منھنجو فقيراڻو ”مانجهي“
لڳي ٿو ته شايد وڏائي ڪري ويا.