پنھنجو يار درشن اڃان ڏي،
نه ٿا نيڻ ڊاپن اڃان ڏي اڃان ڏي.
ملڻ ساڻ تنھنجي ٺھي زندگي آ،
اھوساٿ ساجن، اڃان ڏي اڃان ڏي.
جيئن گيت منھنجا بلندين تي پھچن،
خدا ڏات ۽ فن اڃان ڏي اڃان ڏي.
لڳي ٿو جواني ڪري ٿي جدائي،
مولا مون کي جوڀن اڃان ڏي اڃان ڏي.
ڏنئي وقت مون کي تنھنجي مھرباني!
پرين پر گھڙي کن اڃان ڏي اڃان ڏي.