ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

اندر جو آواز

ھي ڪتاب علي حسن ”احسن“ چڍڙ جي لکيل نثري ٽُڪرن ۽ نظمن جو مجموعو آھي. ھو لکي ٿو:
”اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو.“
Title Cover of book اندر جو آواز

پيش لفظ

ٻاجھاري رب ڪريم جل جلاله جي نالي سان شروع ڪريان ٿو، جنهن اسان کي اشرف المخلوقات بڻايو ۽ علم جي ڏات سان نوازيو. جتي رب پاڪ اسان کي ٻيون نعمتون عطا ڪيون آهن. ان سڀني مان مٿاهين نعمت علم، عقل۽ فهم آهي جنهن سان اسان دنيا اڳيان پنهنجو لکڻيون پيش ڪريون ٿا. علم بنا انسان جانور مثل آهي، ۽ علم انسان جي ٽين شعور واري اک آهي، جنهن سان انسان نيون تخليقون ڪري ٿو شاعري به هڪ تخليق آهي، جيڪا انسان جي اندر جو آواز هوندي آهي. مان ڪو وڏو شاعر، اديب ته ناهيان پر ايترو ضرور آهي ته علم، شعور مان مون کي به رب تعاليٰ جل جلاله ڪجھ حصو عطا ڪيو آهي.
اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگي ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو. زندگي ۾ کوڙ اهڙا واقعا ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، جن مان محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ اهي مون سان ٿيا آهن. شاعر، اديب، قلمڪار جي طبيعت ايتري حساس هوندي آهي جنهن کي ٻيا مزاق سمجھي ٽاري ڇڏيندا آهن پر هي انهن کي باريڪ نظر سان ڏسندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي زندگي ۾ به اهڙا مرحلا ايندا آهن جن کي مان سيريس وٺندو ۽ سوچيندو آهيان جڏهن ته ٻيا ماڻهو انهن ڳالهين تي ڪن لاٽار ڪري ڇڏيندا آهن مهنجي طبيعت ۾ ان مالڪ ڪريم جل جلاله ايڏي ته حساسيت رکي آهي جو ڪا به اڻ وڻندڙ ڳالهه برداشت نه ٿيندي آهي جيڏو به پاڻ کي روڪيان قلم پنهنجو ڪم ڪري ويندي آهي. پني تي اڪريل اهي سڀ اکر ان ڪڙي جو حصو آهن، جيڪي مون محسوس ڪيو.
انسان جي زندگي جا ڪي پل آهن اسان هڪ سفر تي نڪتل آهيون ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي پهچي اهو سفر ضرور ختم ٿي ويندو ۽ اسان مان هر ڪو پنهنجو پنهنجو سفر پورو ڪري هليو ويندو، پر هن جهان جو چرخو پيو ائين هلندو. اسان هر روز اهڙا هزارين واقعا ڏسون ٿا ڪي اچن پيا ته ڪي وري وڃن پيا، پر اسان ان مان ڪهڙو سبق پرايو آهي؟ دنيا جي گردش ۾ اهڙا ته غرق آهيون جو اسان کي ان پاسي ڪو خيال ناهي ته اڄ هي ٿو وڃي سڀاڻي لاء تون به تيار ٿي. مون به اهو ڪجھ لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي رب ڪريم جل جلاله اسان سڀني تي پنهنجو فضل ۽ ڪرم ڪري.
لکڻ به ڪنهنجي وس ۾ ناهي هي هڪ قدرت جي ڏات آهي ڪڏهن ڪڏهن مهينن تائين مون کان هڪ اکر به ناهي لکي سگھبو، پوءِ کڻِي ڪيڏي به ڪوشش ڪريان ۽ مون کي محسوس اهو ٿيندو اهي ته جيڪا رب ڪريم جل جلاله طرفان ڏات ملي هئي سا الاءِ ڪيڏانهن وئي. پر جڏهن دل کي اڻ وڻندڙ واقعو ڇُهي ٿو ته ان جي رڙ پني تي اڪري وڃي ٿي. مان انهن پرين پيارن دوستن جو شڪر گذار آهيان جن منهنجو حوصلو وڌايو ته منهنجي قلم ۾ جان پئجي وئي، جنهن ۾ منهنجو مامو ايڊوڪيٽ نور احمد چڍڙ جيڪو پاڻ به هڪ سٺو شاعر آهي جنهن جو مون سان هميشه ساٿ رهيو آهي ڊاڪٽر لعل بخش نائچ جيڪو ڪتابن جا تحفا ڏيندو رهي ٿو ۽ هر وقت مون کي لکڻ تي اتساهيندو رهي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جي مون سان محبت به منهنجي هن علمي پورهي جي ڪري آهي شفيع محمد چڍڙ جيڪو منهنجي علم ۽ ادب سان لاڳاپي جي ڪري ئي منهنجي عزت ڪري ٿو. اهي منهنجي بابا محترم ۽ پياري امڙ جون ئي دعائون آهن جنهن ڪري مان ڪجھ لکي سگھان ٿو. منهنجا محسن ۽ مهربان دوست پروفيسر غلام رسول اڪرم سومرو صاحب، ڪريم بخش چنا ۽ شبير پيراهين جن جي محبتن ۽ صحبتن جو اهو ڪمال آهي جو منهنجو سمورو وقت مطالعي ۾ گذري ٿو. جي مان هنن کان ٿورو پري رهان ٿو ته پاڻ کي اڌورو ٿو محسوس ڪيان، سندن مفيد مشورا هميشه گڏ رهيا آهن. رب تعاليٰ جل جلاله کان دعا ته اهي ڪچهريون هميشه قائم رهن. علي اڪبر سيال جو به شڪر گزار آهيان جنهن سان رهي مون ڪمپوزنگ جي مرحلي کي بهتر نموني پورو ڪيو. جنهنڪري مان پنهنجي ڪتاب کي با آساني پورو ڪري سگھيو آهيان .


علم جو ادنا خادم

[b]علي حسن ”احسن“ چڍڙ
[/b]چڍڙ ڪالوني ميرپور ماٿيلو
03013838412