3
هل ڪوڙي شهرت لاءِ ماڻهپي مان به نڪري ويا سين.
گھاءُ نظرن جا ڀل ڏي جيترا، هي حياتي به ناءُ تنهنجي پرين.
منهنجي بي وسي تي هي سال به روئندو ويو پر توکي ڪو قياس ڪونه ٿيو.
سنڌ سڄي سوڳوار لال تنهنجي ڌرتي کي رت ۾ ڏسي.
مون درد کي چيو ڪا مهلت ڏي هن چيو مان هر ديواني جو مقدر آهيان.
لڳي ٿو هي حياتي جا پل هن ٿورا بچيا او پرين ڪا ملڻ جي ڪريو.
ڳوٺ جي ڏينهن ۾ فقير جي صدا سا وسري ناهي هو گھوڙي سوار اسر ويل ان جي صدا جا الفاظ هي عجيب لفظن جو فن امڙ وڏي پيٽي کي پٽ ڦٽين وارا پيسا ڪڍ اي امڙ شال تنهنجا ويڙها وسين اٺ پٽ اٺارهن پوٽا نئون نوحان تي تيرهن ڏوهٽا هڪ پٽ کي هڪ زال پر ٻه الائي ڪنهنجي نصيب ۾ ۽ وڌيڪ ٻه پٽ به ڪمال جي صدا هي تجويز نه سمجھي سگھيا سين.
اڄ آ سردي وڌي وئي اڄو هٿ سيڪيون نفرتن جي ڪاٺي کي ڏئي باھ گڏجي.
مون لکي الفت ۽ تو سمجھي نفرت ڇو؟
نه گھر برسات جي دعا منهنجو آ ڪکائون گھر.
هي موسم به هر دم محبوب جيئان ڪري ٿي ماڻا.
نشو بوتلن جو ڪو چڙهي ئي نه ٿو جام اکڙين جو پيار ڪو نشو چڙهي.
پنهنجي مک کان ڪر زلف پري مان به ڏسان چنڊ نئين سال جو.
تنهنجو يادون ٿيون پل پل ستائين ڏس ته ڪيئن وڃان مان نئين سال ۾؟
هر ماڻهو ڪو نه ڪو سهارو ڳوليندو آهي ڪو اسان لاء خاص هوندي آهي ۽ ڪنهن لاءِ اسان خاص
وڃون ٿا زمانا اسان هاڻ توکان پري نه هڪ ٻئي سوا پل ٿي اسان جي سري.
ساهدار جانور به آهي، جنهن کي ڪنهن جو احساس ناهي سو به جانور مثل آهي.
منهنجي جسم تي لڳل گھاءَ ته آهسته آهسته ڀرجي ويا پر تنهنجي نظرن جا لڳل گھاءَ اڃا تائين دل تي تازه آهن.
هڪ پاسي ڳالھ انساني حقن جي هئي ٻئي پاسي مون لاش کنيو پنهنجي حق جو.
جيڪا توکي ياد نه ڪري سا دل ڪٿان آڻيان.
منهنجي حسرتن جو جڏهن نڪتو جنازو ته ڪو ڪانڌي نه هيو پنهنجي حسرتن جو ڪانڌي به پاڻ هيس ٻئي پاسي طنز جا تير ها ۽ هو سينو منهنجو.
اي ڊسمبر! تون ايڏو ڇو خطرناڪ آهين سرد هوا جي جھونڪي سان، سي درد وري جاڳن ٿا.
مان توکي ڪيئان آزاد ڪريان، مان به اهو چاهيان ٿو ته مرد ۽ عورت کي برابر جا حق ملن. پر جڏهن ڪنهن ڪنواري ماءُ جي ٻار جو لاش گند جي ڍير تي ڏسان ٿو ته انسانيت روئي پوي ٿي.
رات هرڪو ڏسڻ چنڊ آيو مان چنڊ جي چنڊ کي ڏسندو رهيس.
مرڻ ڪو مسئلو ناهي ڏکيو آهي ته هن دنيا ۾ جيئڻ.
ڪهڙي خوشي جون ٿي ڳالهيون ڪرين هزارين اندر ۾ هن ڏک سانوري.
اسان جي ذهنن تي جهالت جو انڌيرو ڇانيل آهي اچو لائبرري هلون علم جي ڏيئي سان پنهنجي ذهنن کي روشن ڪريون.
جڏهن تنهنجي جلون جا نقش منهنجي دل تي ٺهيا ته لفظ شاعري جو ويس اوتيندا ويا ۽ مان غزل لکندو ويس.
مان چپ جو روزو ڪيئين رکان درد اندر ۾ چيڪن پيا.
منهنجي جيون جي اداس لمحن ۾ او پرين ڪجھ ته مرڪن جي مهڪار ڀري وڃ.
درسگاهن سان دل منهنجي ڪتب خانو وطن منهنجو ڪتابن ۾ دفن ٿيندس ورق ٿيندا ڪفن منهنجو.
زندھ قوم پنهنجي مڪتبن جي حفاظت پاڻ ڪندي آهي اها مڙدھ قوم سڏبي جنهنجا مڪتب تباهي جي ڪنڌي تي هجن.
جڏهن دورِ يزيدي آيو تڏهن ڪربلا ۾ معصومن جو قتل عام ٿيو پر حق کي هميشه بقا آهي جنهن صبر ڪيو سو حسين عليه السلام هيو.
ڪيو بند پاڻي جڏهن ظالمن اهو ڏينهن نائين محرم جو هيو.
تو ڇا سمجھو يزيد ته امام پياسا هيا آب ڪوثر ٿي مليو ڪربلا ۾.
دردن ڪيو ايڏو ويل آ هي جسم ڀُرندو ٿو وڃي ڪي بچيا چند لمحا حياتي جا او پرين او پرين هاڻي ته اچ پنهنجي احسن ڏي.
منهنجي زندگي ڪچي وانگر آهي جڏهن به دردن جو ٽوڙي بند .ٽٽو ته منهجي اندر کي فنا ڪري ويو.
جنهن ڪربلا جي تتل واري تي سڄو ساٿ ڪهايو ۽ صبر ڪيو اهو حسين آ.
جنهن کي جام وحدت پيئڻو آهي اهي ڀٽ ڌڻي جي نگري تي وڃي تنبوري جي تار سان ڀٽائي جون وايون ٻڌي جتي عشق ٽروھ جواني وانگر جوش ۾ هوندو آهي.
جسم ڀل معذور ٿي پر ذهن معذور نه ٿي معذور ذهن معاشري لاءِ هاڃيڪار هوندو آهي
انسان ڀل مري پر انسانيت نه مري.
حسن جي حرارت سان ڪا هلچل مچي ڪو ته پاگل ڪو ديوانو ٿيو.
ڏينهن چار ٿي هي زندگي نه تون ڪنهن جي دل ڏکاءِ اهڙو پيار پيدا ڪر جو صدين تائين ماڻهن جي دلين ۾ زندھ رهين.
مون کي موت ڇا ماريندو مان مرڻو ناهيان مونکي زندھ رهڻو آهي ياد بڻجي وئي کان پو وسري نه سگھان اوهان کان، مان شيشي وانگر ڀڄي به ٽٽڻ وارو آواز ڇڏي ويندس.
اکڙين ۾ ٿي سنڌ جو نقشو ٿر ڪاڇو تون ڏيکارين ٿي مرڪي مون کي مارين ٿي.
جيڪڏهن ڏاڍن جي هٿ ۾ ڏنڊا هجن ته ڏسيو غريب ڪاڏي وڃي؟
مٺا تنهنجو مرڪڻ پيو موکي ماري سڄڻ تنهنجو هي “احسن” پيو توکي ساري.
جيڪا دير هوٽلن ۽ فلمن ڏسڻ ۾ گذاريون ٿا ان جو اگر چوٿون حصو لائبرري کي ڏيون ته اسان ترقي ڪري سگھون ٿا.
ڇا فضيله سرڪي به ڪڏهن آزاد ٿيندي؟ يا سنڌ جي تاريخ مٿان نياڻي اغوا ڪرڻ وارو ڪارو نه مٽجندڙ داغ هميشه لاءِ رهجي ويندو؟
چنڊ حيران آ سونهن تنهنجي ڏسي مرڪ تنهنجي مٺا کوڙ مستان ڪيا.
عقل جي جنگ ۾ سوچ پريشان آ. منهنجي سوچن جي پکي کي قيد نه ڪر منهنجي خيالن جي اڏام کي تون اڏرڻ ڏي.
اسان سڀ بيوس آهيون اسان جي زبان تي تالا آهن ڪو ڳالهائڻ چاهي ٿو ته هن کي چريو چريو چون ٿا.مون کي ڳالهائڻو آهي پر ڪو ٻڌڻ وارو ناهي.
خدا را انتها پسندي کي هٿي نه ڏيو سزا قصور وار کي ڏبي آهي ايئن ڪنهن ٻئي جو قتل ڪنهن جي مٿان مڙهڻ ڪهڙي ڪتاب ۾ آهي. اسلام ته امن سيکاري ٿو هي نفرت ڇو امن جي ديس ۾ هي بي واجبيون.
منهنجوجسم جھور ۽ هڏا ڪمزور ٿي رهيا آهن پوءِ به منهنجي دل تنهنجي جلون جي تاب سان اڃان به جوان آهي.
عجب تنهنجو آهي انداز پيارا مرڪين ته موهي ڇڏين ٿو او سهڻا.
چنڊ به ٿڪجي رات جي آخري لمحن ۾ سمهي پيو آهي پر يادون مون کي سمهڻ نه ٿيون ڏين.
جيڪي منهنجي حسرتن جا قاتل هئا ۽ اڄ سي ئي ڪانڌي آهن.
تنهنجي وئي کان پوءِ ڪٿي نڪري نه وڃي دم منهنجو هي رساما تون ڇڏ او پرين آ حياتي ڪل چار ڏينهن .
مون لاءِ اهو سولو ناهي ته مان توکي وساري جيون جا بچيل پل تو بن گذاريان.
اگر جي ايڏا ڪشالا ڪري توڏانهن اچان ته اجرت ڏيندو ڪر تنهنجي مرڪ ئي منهنجي ساري دولت آهي.
تنهنجي جلون ڪيو بيتاب آ وار واسينگن جيان ڏنگڙا ٿا هڻن.
جي مرڪين، ته وڃن ڏک سارا عجب آ مزو تنهنجي گفتار ۾.
اي زندگي چند لمحا ڏي تون ساٿ آخري ڀيرو ڪيان ديدار ان جو.
اي ياد توکي به ڪنهن جي ياد اچي توکان پڇان ته ڪيئن تڙپائيندي آ ياد.
هو منهنجي زندگي ۾ آئي هوا جي جھونڪي جيان ۽ منهنجون سڀ خوشيون وکيري وئي زلفن جيان.
توکان سواءِ سهڻا رهڻ آ ڏکيو جيئڻ آ ڏکيو ۽ مرڻ به آ ڏکيو....
بيوسي جي عالم ۾ جيئڻ آ ڏکيو ڏور توکان او پرين رهڻ آ ڏکيو.
اسان کان ويا اهي ڏينهن پيارا ڪچن گھرن ۾ هئي وڏي محبت.
اسان پنهنجي لاءِ تمنا جي سيج ته سينگاريون ٿا پر ڇو اسان ٻين جي حسرتن کي قبر ۾ وجھون ٿا.
هتي هرجاءِ تي بي قدرا ٿا گھمن لڳي وک، وک تي ٺوڪر ٿي. منهنجي وڃڻ کان پوءِ ساريندؤ هُيو “احسن“ته ڀلو ماڻهو.
جيڪڏن پنهنجي عزت ۽ شهرت قائم رکڻ چاهين ٿو ته غرور کي ختم ڪر، ڇو ته سخت شيءِ ٿوري ٺوڪر سان ٽٽي ٿي پوي.
جيڪڏهن اڳتي وڌڻ چاهين ٿو ته تون ٿوري ڪاميابي تي غرور ڪرڻ ڇڏي ڏي ڇو ته ٻج زمين ۾ ملي وڻ ٿيندو آهي جيڪو ٻج زمين ۾ ناهي ملندو اهو سڙي ويندو آهي.
عجب آ ڪشش تنهنجي اکڙين ۾ پيارا کڻين جي نگاهون ڪرين قيد ڪئي.
نسلي ماڻهو کي ڪيڏي به شهرت ملي اهو غرور ناهي ڪندو بد نسل ماڻهو کي ٿوري به شهرت ملي هو ماڻهو کي ماڻهو به ناهي سمجھندو
ڇڏيو فرقيواريت کي اچو ويهي ڪيون ياد الله کي
او چنڊ پرين کي چئجان سوا تو پل ستو ناهيان منهنجي سڏڪن تي سڀ رنا.
ڪاش تون جي اچين ها او صنم ته منهنجا صدين جا ٿڪ لهي پون ها.
صراحي لکي مون سڄڻ تنهنجي سونهن تي نظرن جي مئي سان هي ڀرجي وئي آ.
بهار جي پهرين برسات جي ڦڙي او پرين تو سوا ڄڻ ته مون لاءِ ٽانڊا کڻي آئي آهي.
عشق ۾ شهادت جو مزو محبوب جي نيڻن تي ڪسجي وڃڻ ۾ آهي.
الاءِ ڇو جن سان جيترو پيار هوندو آهي اُهي اوترو گھرو درد ڏيئي ويندو آهي ڇا زندھ رهڻ لاءِ وھ جو پيالو پيڻ لازمي آهي.
ها اهو سچ آهي گلن جي لامن ۾ ڪنڊا به هوندا آهن ڪي ماڻهو گل آساني سان پٽي ويندا آهن پر مان هر ڀيري پئي ڪنڊن مان زخمي ٿيو آهيان.
پوپٽ جا پٽي پر ٿا هي ڪن قيد عجب دستور آ زماني جو.
او پرين !
يادن جي جھولي تي جھولين پيو اکيون آب هارڻ کان به نه ٿيون بس ڪن.
سوچن جي سمنڊ ۾ تنهنجي يادن جا گل ڦٽڻ ٿا اڄوڪي سج ڪئي موڪلاڻي پرين پر نه مون ڏانهن آئين اڃان تون.
آهيان مفتون تنهنجي زلفن تي ڇڏيان مسڪن کي گھوري مان.
ماڻهن تلوارن جو ڇريون ٺهرائي ڇڏيون آهن ڇو ته انسان جي زبان تلوارن کان به تيز ٿي وئي آهي.
جتي به جنهن به ديس ۾ ڌارين جي اڪثريت اچي وڃي ٿي ته اتي ديس واسي هر دم پريشان رهن ٿا.
ويندي ويندي هو چئي ويو جي رب کان دعائن ۾ ڪجھ گھرين ته پنهنجي ملڻ جي دعا ضرور گھرجان من قبوليت واريون گھڙيون هجن ۽ پنهنجو ملن ٿي پوي.
تون ڪهڙي تلاش ۾ آهين راهن تي نفرتن جا انبار رکيا اٿئي جي سڪون چاهين ٿو ته محبتون تلاش ڪر.
مون سان جيڪو جيتري نفرت ڪندو آهي مان ان ۾ اوتري ئي محبت ڳوليندو آهيان.
نفرت هجي يا محبت ان کي قائم رکڻ ڪا معمولي ڳالھ ناهي.
تنقيد جي سگھ رکندڙ آسمان جي بلندين تائين پهچي ويندو آهي.
مان کي ڇڏيو جو آهين تون ئي آهين.
تنقيد ڪرڻ وارا ڀل ڪن پر اخلاق جي دائري ۾.
اسان رهڻي ڪهڻي ۾ جيتري ترقي ڪريون پيا اوترو ئي اسان جي دلين مان محبت نڪري ٿي پئي.
جڏهن اسان ڪچن گھرن ۾ رهندا ها سين تڏهن اسان جي دلين ۾ محبت جو رشتو پڪو هو.
اوحسن جا شاعر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن غريب جي ڏکڙن تي به لکندو ڪر.
جي تون راز کي راز ۾ رکندين ته توکي تنهنجو هم راز ملي ويندو.
او صبح جي ٿڌڙي هير منهنجي پرين کي چئجان ته “احسن” اڄ به تنهنجي انتظار ۾ ٿو رهي.
او صنم! ها تنهنجي ياد اڄ به منهنجي دل جي دروازي تي دستڪ ڏيندي آهي ڇا اڪيلائي ۾ تون به ڪڏهن موکي ياد ڪندو آهين.
صدين جا پنڌ تنهنجي اکڙين ۾ آهن ڏوريندي سفر ويتر ٿو وڌندو وڃي.
دل کي وئين هاف فرائي ڪري پرين، ڪنهن سنڌ جي صوبيدا وانگر. منهنجي حال تي تون ڪو ويچار ڪر منهنجو ساھ اٽڪيل آهي تو ۾.
منهنجي چپن تي اڄ به اها چاشني آهي ڏنو تو پرين بوسو هيو.
اميرن جي ردي جي ٽوڪري مان به ڪو نه ڪو ضرورت جو اوهان کي سامان ملي ويندو
غريب جي پوري گھر مان به ڪجھ ملي نه سگھندو.
هوش م ڪير ٿو رهي جي تون اچين سامهون، جيون ٿا ارپي ڇڏين, ڪئي تنهنجي مرڪڻ تي.
جا مون وٽ صدمان، سُڏڪا سور آهن هي منهنجي ڪُل ملڪيت آهن. هر چهرو تنهنجو عڪس هر رنگ ۾ تنهنجو رنگ او صنم منهنجي وجود ۾ صرف تون ئي تون.
هو باغ ڏسيو ڇو روئي ٿو. ڇا مالهي گل چورائي ويا.
هن جي جفا ۾ وفا ياد آئي ڪڏهن پرچڻ ڪڏهن خفا ياد آئي.
ڇو ڀٽڪين ٿو تون در در ڪنهن کي ڳولين ٿو هو تو ۾ آ تون پاڻ کي ڇو رولين ٿو.
مان جيڏو به ان کي وسارڻ چاهيان ٿو هو ويتر مون کي ياد ٿو اچي ٿو، هن کي ڪو چوي جي تون نه ٿو اچين ته يادن کي به روڪي ڇڏ مون کي تنهنجي ياد نه ايندي ڪري.
دل جي درد جي دوا حاذق وٽ ويس پر ڪونه ڪو فرق پيو.
هي چنڊ ڇو اڪيلو آهي ڇا تارن بيوفائي ڪئي اٿس.
هن جي درد جو درد وري اڀري پيو چولو هي لڙڪن سان سڄو پسيو آهي.
مان اڪيلو ٿي ويو آهيان هن جيون جي رستن تي مون کي وفادار جي تلاش آهي جيڪو منهنجي ڏکن جو ساٿي ٿي پوي.
هي امير ڪنهن پکي يا جانور سان ته حد کان وڌ پيار ڪن ٿا پر ڪنهن انسان کي درد ڏيندي دير نه ٿا ڪن.
اوهان تي ڪوئي دوش ناهي منهنجي قسمت ۾ لکيل هئي جدائي.
خدا جي بندي جو خدا جي بندن سان نفرت روا ناهي ٻه ڏينهن جي زندگي آ پيار ڏيو پيار وٺو.
تنهنجي نيڻن جي جام پيئڻ کان پوءِ بوتل جو نشو چڙهيو ئي ناهي.
ڏک ٿيندو آهي ان ٻارڙن جي مقدر تي جيڪي والدين هوندي به يتيم آهن ۽ در در ڀٽڪن ٿا پيا.
منهجي خيالن جي قبر کوٽي منهنجا سڀ ارمان دفن ڪيا ويا آهن.
خدا جو ڏوهي استغفار کان پوءِ بچي وڃي ٿو مگر انسان جو ڏوهي هن جي وار کان ڪڏهن به نه ٿو بچي.
اي عشق تنهنجي ڏنل ڏکن جو مون وٽ وڏو داستان آ اي عشق توکي به ڪو ڪڏهن عشق لڳي ۽ تنهنجو به ڪو لکي درد ڀريو داستان.
غم اڳي به کوڙ آهن اي عشق تون ته نه ڏي ڏک مون کي
هن اداس اکڙين کي تنهنجو انتظار آهي او پرين ڏس تون ڪڏهن ايندين هي “احسن” تو بنا اڌورو آهي.
اسان کي گھرجي ته اسان اهڙا ڀلائي جا ڪم ڪريون جيئن اسان جي جسم کي ڀلين موت اچي پر اسان جو ڪردار هميشه زندھ رهي.
مون اهڙا به ماڻهو ڏٺا آهن جيڪي گڏ کائي ۽ پويان وار ڪندا آهن اهڙن بي ضميرن کان ڪوئي به بچي نه ٿو سگھي.
ڪو هجي جيون ساٿي جنهن سان پنهنجي ڏک ڀريل لمحن جا سور سليان.
هي حياتي چار ڏينهن آهي اچو ته نفرتون وساري پيار جا گل پوکيون.
جي اچين منهنجي دل جي ميڪدي ۾ ته توکي الفت جو جام پياريان.
جن گھٽين تي گھمندو هيم تن تي وکريل اڄ ڪنڊا ڏٺم.
جنهن کي ماڻهو سڄو جيون ارپي ٿو ۽ اهو ئي درد جو ڪارڻ ٿئي ٿو.
پيار ڏيڻ سان جانور به پنهنجا ٿي وڃن ٿا افسوس مون هڪ انسان کي پاڻ ڀلائي حد کان وڌ پيار ڏنو پر هو انسان منهنجو ٿي نه سگھيو لڳي ٿو وفا اسان مان موڪلائي وئي آهي.
هن جي نظرن ۾ اهڙو ڪو نشو هو بنا پيئڻ جي خمار آهي.
ڪو اعتبار ڪري ته ڪنهن تي ڪري سڀ هتي اعتبار گھات ڪن ٿا مون سوچيو ڪنهن تي ڀروسو ڪري هن کي دل جو راز ڏجي پر هن ئي راز دان سڀ راز فاش ڪيا.
تنهنجي هٿڙن ۾ ايتري طاقت نه هئي جو تون منهنجو هٿ ڇڏائي سگھين ها پر مان تنهنجو ڀرم رکندي متان تون بدنامين جي ور چڙهي وڃين کلندي توکي مون غيرن جي حوالي ڪري ڇڏيو منهنجي جيئڻ جو ڪارڻ بس هاڻ تنهنجون يادون آهن.
انسان جي سيرت سهڻي هجڻ گھرجي ڇو ته صورت کي مون بازار ۾ وڪامندي ڏٺو آهي.
هن جي اکڙين ۾ اهڙو ڪو جادو هيو ڏسڻ سان دليڙي ڦري ويو.
هر روز محبتن جو درس ڏيندا ڪريو هي زمانو نفرت جي ور چڙهيل آهي.
جي ڪنهن کي ڪجھ ڏيڻ چاهين ٿو ته ڪجھ محبتن جا گل ڏيندو ڪر.
گھر هڪ تربيت گاھ هوندو آهي ٻار اهو ڪندو جيڪو ڏسندو، گھر جو ماحول پيار وارو ڪريون جيئن اوهان جا ٻار سٺو اخلاق سکي اڳتي وڌي سگھن.
انسان ۾ ايڏو حرص ۽ هوس آهي. اگر ڪنهن دريا کي ڪنهن پيالي ۾ وجھو ته به پورو نه پوندو.
عشق جو جنون منزلون هموار ٿو ڪري ۽ منزل تائين ٿو پهچائي.
پاڻ کي وساري ان کي ياد ڪر ته منزل آسان ٿي پوندي.
جنهن کان دوست پري هجن اهو بي سهارا هوندو آهي. خزان جي موسم ۾ بلبل جي فراق جي دانهن محبوب جي وڇوڙي جهڙي دردناڪ هوندي آهي.
زنگ دل تي به لڳي ويندو آهي هن کي هو هو جي ضرب سان صاف ڪندا ڪيو.
هر دم ذهن جي صفائي ڪندو ڪر جي ذهن صاف هوندو عبادت ۾ مزو ايندئي.
تو سوا هن ايڏي شهر جي ڀيڙ ۾ به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهيان
هر دم پنهنجي گھر کي علم جي روشني سان روشن ڪندو ڪر
ڪڏهن شمع کي غور سان ڏٺو اٿئي، ته ڪيئن پروانه اچي ان تي پنهنجي جان جو نظرانو ڏيندا آهن
منهنجو ديس ته امن وارو هو اڄ هي نفرتن ڪٿان ڪر کنيو آهي ۽ اسان ۾ فرقو اچي ويو آهي.
اي چنڊ ڪر نه ماڻا ٿيو هئين ٻه ٽڪر جڏهن کنئي يار منهنجي آڱر.
رت جي رشتن جا ڏنل زخم ڪنهن ڌاري جي ڏنل زخمن کان گهرا هوندا آهن.
تو مٿان ايندڙ مصيبت تنهنجو امتحان آهي جن صبر جو دامن پڪڙيو ان کي منزل ملي.