ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

اندر جو آواز

ھي ڪتاب علي حسن ”احسن“ چڍڙ جي لکيل نثري ٽُڪرن ۽ نظمن جو مجموعو آھي. ھو لکي ٿو:
”اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو.“
Title Cover of book اندر جو آواز

غلام  

غلام

هن پڇيو غلامي ڇا آهي؟
مون وراڻيو
غلامي اها شيءِ آهي
جي اسان حاڪم
يا ڪنهن وٽ قيد ٿي وڃون،
هن جو ئي ٿي رهڻو پوي ٿو.
اهو ماڻهو جيل کان ٻاهر هوندي به،
ڄڻ قيد ۾ هوندو آهي.
هن چيو ته پوءِ اسان به قيد ۾ آهيون.
مون وراڻيو توبه ڪر
اسان آزاد آهيون آزاد ملڪ ۾ رهون ٿا.
هن چيو ( جيڪا ڳاله منهنجي دل کي ڇُهي وئي)
غلامي ان کي ناهي چئبو
ته ڪو جيل ۾
يا ڪنهن حاڪم وٽ قيد هجي.
غلام ته اهو آهي جنهن جا
ارمان قيد هجن،
جنهن جون سوچون قيد هجن،
اظهار جي آزادي تي پابندي هجي،
هي سڀ هٿڪڙيون اسان کي
لڳل آهن
ته پوءِ ڪهڙا آزاد آهيون.
منهنجي چپن تي چپ جا
تالا لڳي ويا
مون وٽ ڪوبه
جواب نه هيو
جو هن کي
ڏئي سگھان ها.