ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

اندر جو آواز

ھي ڪتاب علي حسن ”احسن“ چڍڙ جي لکيل نثري ٽُڪرن ۽ نظمن جو مجموعو آھي. ھو لکي ٿو:
”اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو.“
Title Cover of book اندر جو آواز

لفظن جي ٽارچ

لفظن جي ٽارچ

مان بي مقصد موت مرڻ
نه ٿو چاهيان
ڪو ياد ڪرڻ وارو هجي
ڪو ٻول جھونگارڻ وارو هجي
مان پنهنجي مرڻ کانپوءِ
زندھ رهڻ چاهيان ٿو
ان لاءِ لفظن جي ٽارچ
ٻاري ويندس
جيڪا منهنجي نانءُ کي روشن
ڪيون ايندي
ڪنهن نظم ۾
ڪنهن غزل، گيت، وائي جي
صورت ۾
ياد بڻجي
ڪافي يا بيت ٻڌائيندا ته
ڪو وسارڻ به چاهي
نه وساري سگھندو.
شيشي جي ٽٽڻ جي کڙڪ جيئان
هر دل ۾ ڌڙڪن بڻجي
۽ نه مرڻ واري زندگي جيئان
جي ڪو مون کي
وسارڻ به چاهي منهنجي
لفظن جي روشني
وري منهنجي نانءُ کي زندھ
ڪري ڇڏيندي.