ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

اندر جو آواز

ھي ڪتاب علي حسن ”احسن“ چڍڙ جي لکيل نثري ٽُڪرن ۽ نظمن جو مجموعو آھي. ھو لکي ٿو:
”اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو.“
Title Cover of book اندر جو آواز

ڀرم

ڀرم

تنهنجي ڪمزور هٿن ۾
ايتري طاقت نه هئي جو،
منهنجو هٿ ڇڏائي وڃين ها.
پر مان تنهنجو ڀرم رکندي
متان، ڪٿي تون
بدنامين جي ور نه چڙهي وڃين
مون کلندي توکي،
غيرن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
منهنجي جيئڻ جو ڪارڻ،
تنهنجون يادون آهن.
۽ منهنجي دعائن ۾ صرف
اِهي الفاظ هوندا آهن،
ته رب ڪريم جل جلاله توکي
ڏکيا ڏينهن نه ڏيکاري.