ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

اندر جو آواز

ھي ڪتاب علي حسن ”احسن“ چڍڙ جي لکيل نثري ٽُڪرن ۽ نظمن جو مجموعو آھي. ھو لکي ٿو:
”اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو.“
Title Cover of book اندر جو آواز

مالڪ!

مالڪ!

ڪنهنجو محتاج نه ڪر
ڪنهن کي به تون،
پنهنجي خزاني مان عطا ڪر.
مالڪ!
هي دنيا ڏاڍي اوکي آهي
ڪنهن کي ڪنهن جو به فڪر ناهي،
هر ڪو پنهنجي لاءِ ئي جيئي ٿو.
امير کي ڪنهن غريب جي
بک جي پرواھ ناهي،
هن وٽ پلجندڙ جانور
عاليشان جڳائن ۾ رهن.
تنهنجي ايڏي ساري ڌرتي تي
غريب کي جھوپڙي جي
جگهه به نه ٿي ملي.
امير جا جانور به
طرح طرح جا طعام کائين ٿا
مگر غريب جو ٻچڙو
ماء جي سڪل ٿڄ جي ڪري،
بک سبب مري ٿو.
مالڪ!
ڪو به ناهي جو
ان ماءُ کي ٽڪر ڳڀو ڏي
ته تون پيٽ ۾ ٻرندڙ
باه کي اوجھائي سگھين.
مالڪ!
تون ئي رحيم آهين
پنهنجو ڪرم، ۽ رحم ڪر،
اي ٻاجھ وارا رب ڪا ٻاجھ ڪر،
نه ته هي زمانو زنده
کائڻ ٿو اچي.
مالڪ!
هي ڇا ٿي رهيو آهي
تنهنجي نانءُ کي
ماڻهو،
بت ڪده ۾ ڳولين ٿا،
جڏهن ته
هر ڪنهن کي اها به ڄاڻ آهي
ته تون
شاه رڳ کان به ويجھو آهين.
پوء به ڪنهن سحرا
۾ ڀٽڪي
تنهنجي وجود کي ڳولن ٿا
توکي
ڪڏهن مورتين ۾،
ته وري ڪڏهن
فرقي جي ور چڙهي وڃن ٿا
تون ته هرجاءِ تي موجود آهين
پوءِ ڇا جي تلاش ۾ آهيان؟
پنهنجي اندر کي ڇڏي در در پيو رلان.
مالڪ
انسان، انسان جو
ويري ٿي ويو آهي
چور به هاڻي
انسان کي چورائي پيو.
ماڻهو
بي ضمير ٿي ويو آهي،
وحشي ٿي ويو آهي ،
هو ماري ٿو انسان کي
پر پنهنجي اندر پلجندڙ
وحشي کي نه ٿو ماري.
هي نفس جو غلام ٿي ويو آهي
اندڙ رهندڙ وحشي
کي پالي پيو
ڪڏهن به هن سان جھيڙو
نه ٿو ڪري.
مالڪ!
اسان جسم کي صاف ڪري
تنهنجي در اچون ٿا
اندر گندلو پيو هوندو آهي
جي صابڻ خار جا مڻ هجن
ته به اسان جو اندر
ڌوپجي ڪونه سگھندو.
مالڪ!
ڪو اهڙو ڪرم ڪر
سا محبت موٽي اچي
هتي هر پاسي
نفرت ئي نفرت آهي
سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته
ڇا پيو ٿي هي.
مالڪ!
تو اسان کي
اشرف المخلوقات ڪري موڪليو آهي، عقل ۽ سمجھ به ڏني آهي
پوءِ به اهو ٿا ڪري ويهون
جيڪو جانور به نه ڪري.
مالڪ!
فرقن مُسايو آ
ڪنهن کي ٻڌون،
ڪنهن کي نه.
ڪير سچو آهي
ڪير ڪوڙو.
اها ڄاڻ توکي ئي آهي
تنهنجا اهي راز ڪير ٿو ڄاڻي
جيڪي الم.، يٰسن
۽ پوري قرآن ۾ آهن.
مالڪ!
سوچان ٿو
توکي ڪيئن ريجھايان
گل ڳراٽي پائي
تو در اچان
توکي پرچايان
من تون پرچي پوين.
مالڪ!
مان ته عيبدارا آهيان
گنهگار آهيان
مون ۾ هزارين عيب آهن.
مالڪ!
مان خوف مان ڪنبان ٿو پيو
ته متان تون
پڪڙ ڪرين
مون گنهگار کي
توکان مان ڪٿي لڪندس
هر جاء تي تون آهين،
هرجاء تي موجود آهين.
مالڪ!
ڇو ڀلا
ڪنهن کي خوف ئي ڪونهين
جڏهن ته هر روز ڪو نه ڪو
جنازو به کڻون ٿا
هر روز
توڏي ايندي ڪنهن کي نه ڪنهن کي
ڏسون ٿا
پر مان ايڏو مغرور ٿي ويو آهيان
دولت جي پويان لڳل آهيان
چاهي ڪنهن غريب جو
حق مارجي ته ڀل مارجي
مون وٽ سڀ ڪجھ هجي.
مالڪ!
مان لالچ واري دلدل ۾
ڦاسندو وڃان ٿو
ڄڻ هر پاسي ڄار وڇايل آهي
منهجو روح ان ۾ ڦاسندو وڃي ٿو
جيئن ڪو پکي
ڪنهن ماري وٽ ڦاٿل هوندو آهي
مان سمجھ وارو نا سمجھ آهيان.
مالڪ!
ڪا تيز هوا يا سردي
منهنجي جسم مان
رانڀا ٿي ڪڍي وڃي
پر منهنجي ملڪ جا حڪمران
مون کي ڏسي هليا ٿا وڃن
پنهنجي مطلب لاء
ڪجھ وقت مونسان هيٺ به ويهن ٿا
پر پوءِ ڪم نڪرڻ تي
مون کي وساري ٿا ويهن.
مالڪ!
تون انهن جي محتاجي کان بچاءَ
پنهنجي در جو ئي محتاج ڪر.
مالڪ!
منهنجي خيالن جي اڏام
آسمان جيڏي آهي
۽ سوچن جو سمنڊ
دماغ ۾ ڇوليون هڻي ٿو
ڪجھ ڪري وڃان
جي تنهنجي رحمت ٿي پوي
ته سڀ سجايو ٿي پوي.
مالڪ!
تنهنجي ذات قهار آهي
جي بخشين ته مڻ عيبن جا
صاف ڪري ڇڏين
جي ڏمرين ته زاهد کي به نه بخشين.
مالڪ!
تنهنجي رازن جي ڪنهن کي به
ڄاڻ ناهي
عزازيل نه مڃي
ته شيطان ڪري ٿو ڇڏين.
مالڪ!
جڏهن اهو سوچان ٿو
جسم ڪنبي ٿو وڃي
رون رون مان ڳوڙها وهن ٿا.
مالڪ!
تنهنجي ڪرم جو
طلبگار آهيان
تون ڪريم آهين
تون قهار آهين.
مالڪ!
تنهنجو پيار ته ماءُ جي پيار کان
ستر ڀيرا وڌيڪ آهي
پر ماء جڏهن ٻار حرڪت ڪندو آهي
ان کي سزا به ڏيندي آهي.
مالڪ!
خوف آهي متان
مان پنهنجي ماءُ جي
دل نه ڏکائي هجي
ماءُ مون تي ڪاوڙيل ته ناهي
مالڪ!
مون کي قبر جي انڌيري کان خوف ٿو ٿي
جي تنهنجو ڪرم ٿي پوي ته
ته روشني ٿي ويندي.
مالڪ!
سفر وڏو آهي پر
ثمر ڪوئي به ناهي
عالم برزخ ۾
ڪير ساٿ ڏيندو
هر ڪو ڇڏي ويندو
مان پنهنجي جسم تي
مکي به نه ٿو ويهڻ ڏيان
مڻ مٽين جا برداشت ڪرڻا پوندا
جيڪي منهنجي سهاري آهن
اهي ئي مون کي منزل ڏانهن
کڻي ويندا
وري موٽڻ جو آسرو پلي.
مالڪ!
جن پاڻ کي دنيا ۾ سڀ ڪجھ
سمجھو هو
انهن تي مڻ مٽين جا پيل آهن.
مالڪ!
جن جي هيبت کان ماڻهو
کنڀجي ويندا ها
جن ڪوڙي شهرت خاطر
هزارين ماڻهو
شمشيرن جي منهن ڏئي ڇڏيا
وقت جي آرسي
انهن جا چهرا به ڌنڌلا ڪري ڇڏيا
جن کوپڙين جا محل جوڙايا ها
اڄ انهن جي قبرن تي
ڪک ڄميل آهن
مالڪ!
مان اهو ڇو ٿو وساري ويهان
ته مان جيترو به تيز ڊروڙان
مگر منهنجي منزل مڻ مٽي
هيٺيان آهي
کوڙ ساٿي ڇڏي هن پار وڃن پيا
پر مون ڪابه تياري نه ڪئي آهي
جي اچانڪ سڏ ڪيئي ته
منهنجو ڇا ٿيندو.
مالڪ!
منهنجو وجود ڪنڊيدار
تارن ۾ ڦاٿل آهي
جي ڇڪان ٿو ته جسم
چيٿڙا ٿي پوي ٿو
مان انهن جاين کي ڏسي به
حيرت نه ٿو ڪيان
جن جو ڪالھ عروج هيو
۽ جڏهن زوال آيو ته
صرف دڙا وڃي بچيا آهن.
مالڪ!
توکي تنهنجي حبيب جي شان اقدس جو قسم
مون تي رحم ڪجان
مالڪ!
ان ڪريم جي صدقي
مون کي معاف فرمائجان
مان ڪيڏو به عيب دار آهيان
پر تنهنجي حبيب جو غلام آهيان
مالڪ!
تنهنجو واعدو آهي ته جيڪو
منهنجي حبيب جو اُمتي آهي
مان ان جون محبوب جي صدقي
سڀ خطائون
معاف ڪري ڇڏيندس.
مالڪ!
ان حبيب جي صدقي
مون عيب دار جو خطائون به
معاف ڪجان
جنهن کي تو سدرت المنتها تي
گھرائي ديدار ڪرايو
جنهن جي امتي ٿيڻ لاءِ
هر نبي سڪندا ويا
ته اسان امتي هجون.
مالڪ!
مان به ان حبيب جو اُمتي آهيان
منهنجو اقرار ئي ان جو
سرٽيفيڪيٽ آهي
ٻيو ته مون وٽ ڪجھ ناهي
ته توتي تنهنجي حبيب تي مون
اڻ ڏٺي ايمان آندو.
مالڪ!
اسان کي اهو شرف حاصل فرماٰءِ ته
تنهنجا ئي ٿي رهون
تنهنجي در بنا
ٻئي ڪنهن در نه وڃون.
مالڪ!
تو توبه جو در
ڪڏهن نه ٻيڪڙيو آهي
توڙي جو گناه ڪري، ڪري
ٿڪجي پئون ٿا
۽ تو در اچان ٿو
ته تون پنهنجي ڪرم جي تجلي
ڪرين ٿو.
مالڪ!
جڏهن به مون سڏ ڪيو
ته تو جيءُ منهنجا ٻانها چيو
توڙي جو نوح وارو طوفان آيو
مگر وجود رهجي ويو
تو سلسلو رکيو
جيڪو جاري او ساري آهي.
نور کي عرش کان فرش
تائين سير ڪرايو
آدمي کي هڪ داڻي جو
عذر ڏيئي
جنت جي لذت کان
زمين ڏانهن موڪيلو
ڇو ته هن دنيا تي
انسانيت جو وجود رکڻو هيو
نه ته آدم ڪٿ جنت جي مزن کان
زمين ڏانهن متوجح ٿي ها.
مالڪ!
اهي راز تون ئي ڄاڻين
منهنجي ناقص عقل ۾ ڪٿي
ايترو دم آهي
بس ٻاجھ ٿي پوي.