ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

اندر جو آواز

ھي ڪتاب علي حسن ”احسن“ چڍڙ جي لکيل نثري ٽُڪرن ۽ نظمن جو مجموعو آھي. ھو لکي ٿو:
”اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو.“
Title Cover of book اندر جو آواز

ارشاد

ارشاد

ارشاد
اسان شرمنده آهيون
توکي رت جي وهندڙ
دريا ۾ ڦٿڪندو ڏسي
بيوس هيس نه بچائي سگھيس
ان وحشي هٿان
ڪو ارغون، ترخان
ظالم تنهنجي رت سان
پنهنجا هٿ رنڱي ويو
ايڏي شهر ۾
هڪڙو به نه هو
جيڪو توکي اسپتال پهچائي ها
هن ظالم کي پڪڙي ها
هزارن جي ڀيڙ ۾
اڪيلو ظالم
سڀ تي ڀاوي هو
مون کي پنهنجي بزدلي تي
شرم ٿو اچي
ته ڪنهن به هن جو
گريبان نه پڪڙيو
هاڻي جاڳو
هاڻ ڌارين کي
تڙي ڪڍو
نه ته سڀاڻي ٻيو ارشاد
رحيم هٿان شهيد ٿيندو