ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

اندر جو آواز

ھي ڪتاب علي حسن ”احسن“ چڍڙ جي لکيل نثري ٽُڪرن ۽ نظمن جو مجموعو آھي. ھو لکي ٿو:
”اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو.“
Title Cover of book اندر جو آواز

نئون جنم

نئون جنم

تنهنجا نيڻ آب حيات وانگر آهن
مان جڏهن به هن ۾ ٽٻي هڻان ٿو
ته مون کي
نئين زندگي ٿي ملي
مان زماني جي گردش کان
مايوس ٿي
۽ زندگي کان تنگ ٿي
پنهنجي حياتي جو ڏيئو
وسائڻ لاءِ
تنهنجي نيڻن جي سمنڊ ۾
غوطا هڻان ٿو
ته منهنجو جيون
نئون جنم وٺي ٿو
وادي اي موت به
منهنجي جيون تي
حيران آهي
ڇو ته
مان هر وقت تنهنجي نيڻن مان
نئون جنم ٿو وٺان
***
پنهنجي ملڻ ويلي هي وقت
به دغا ٿو ڪري
سالن جو سفر
چند لمحن ۾ گذريو پوي.