ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

اندر جو آواز

ھي ڪتاب علي حسن ”احسن“ چڍڙ جي لکيل نثري ٽُڪرن ۽ نظمن جو مجموعو آھي. ھو لکي ٿو:
”اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو.“
Title Cover of book اندر جو آواز

ڳوڙها

ڳوڙها

نظم مون لکيوپنهنجي درد تي
تنهنجا ڳوڙها ڇو وهي پيا؟
هي لالاڻ جو اکين ۾ آ
ڪو شرابي مان ناهيان.
سنڌ جي سورمن جي
لاشن کي ڏسي،
نيڻ جي آلاڻ جي سرخي آهي.
ڪي سڙندا رهيا زنده
ته ڪي گولين جو کاڄ،
ته ڪي ٿر جي واري تي سڙي
ماني ڳڀي لاءِ بکيا،
ڪنهن ڪنهن تي لکان
ڪنهن ڪنهن تي روئان.
سوچ ۾ ٿو رهان
هي درد به نا سور ٿيو.
ناهي علاج ڪنهن
حاذق وٽ.
بس درد جو ئي درد آ
هي درد ئي مارن پيا.
هاءِ ٿيندو الاءِ ڇا
منهنجي روئڻ تي
نه تون رو،
هي منهنجو ئي بس مقدر آ.