ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

اندر جو آواز

ھي ڪتاب علي حسن ”احسن“ چڍڙ جي لکيل نثري ٽُڪرن ۽ نظمن جو مجموعو آھي. ھو لکي ٿو:
”اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو.“
Title Cover of book اندر جو آواز

ٿورن لفظن ۾ وڏيون ڳالهيون

آزاد شاعري وسيلي شاعر پنهنجي فڪر ۽ سوچ جو پوري پوري آزادي سان اظهار ڪندو آهي. نئين دور جي شاعرن عروض سان بغاوت ڪندي آزاد شاعري ۾ هر ڳالھ کي برملا بيان ڪيو آهي ۽ پنهنجي فڪر کي وقت ۽ حالتن موجب نئين تشبيهن ۽ جديد استعارن سان سينگاري پيش ڪيو آهي. سنڌ جي قديم شاعرن فارسي شاعرن کان اثر ورتو ۽ سرو ، نرگس، هجر فراق، رقيب، محبوب جي ادائن، گل بلبل ۽ٻين ايراني تشبيھ کي فروغ ڏنو ته پوءِ پنهنجي ئي ديس جي شاعري ديار غير جي علامت بڻجي وئي اهو رواج سنڌ ۾ ايڏو ته پختو ٿي ويو جو ان کان سواءِ شاعري کي نه ته شاعري ۽ نه ئي اهڙي شاعر کي شاعر پئي سمجھيو ويو. سنڌ ۾ شاه لطيف پهريون شاعر آهي جنهن پنهنجي دور جي ادبي روايتن جي نفي ڪئي ۽ پنهنجي ديس جي مٺڙن ماروئڙن، عام پورهيتن جي زندگي کي موضوع بڻائي پنهنجي آفاقي شاعري ۾ بيان فرمايو. انهي کي ئي اڄ اسان عوامي ۽ پنهنجي ڌرتي جي خوشبوءِ ۾ رچيل شاعري ٿا سڏيون. شاه صاحب پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن کي ڳائي نه صرف مان ڏنو پر شاعريءَ ۾ جدت پسندي جو بنياد پڻ رکيو. سنڌ جي جن شاعرن اهڙي فن ۽ جديد موضوع تي تجربا ڪيا سي عوام ۾ مقبول ٿي ويا اڄ اهڙي جديد لاڙن واري شعر کي ئي جديد شاعري سڏيو ويو آهي.
شاعري آزاد هجي يا نثري اها شعور ڏي ٿي ۽ دانائي ٿي سيکاري سنڌ ۾ نثري شاعري انگريز دور کان ترجمو ٿي آئي ۽ اڳتي هلي اها هڪ فن ۽ آزاد فڪر جو بهترين ذريعو بڻجي وئي. علي حسن “احسن” چڍر نثري نظم ۽ نثري ٽڪڙا لکي سنڌي ادب ۾ نوان فڪري لاڙا ۽ جديد خيال آندا آهن. جن سان فن نثري شاعري ۾ جدت ۽ انفراديت پيدا ٿي آهي. ايئن هر گز نه آهي جو “احسن” کي عروضي شاعري تي ڪو عبور ناهي جو هُن نثري شاعري کي ترجيع ڏني آهي. ”احسن” جي عروضي شاعري وايون، غزل ۽ ٻيون صنفون وقت به وقت اخبارن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون جديد شاعري کي نظر ۾ رکندي هن آزاد شاعري نثري نظم لکي اوهان آڏو پيش ڪيا آهن. جيڪو هڪ واکاڻ جوڳو ڪم آهي

1- خوشيءَ دولت سان نه،
پر انسانذات جي خدمت ڪرڻ سان ملندي آهي.

2- هر ڪو اڳتي وڌڻ جي دوڙ ۾ آهي،
پر منزل جي ڪنهن کي به ڪا خبر ناهي.

3- هو ڇا مون سان رٺو. رقيب، رفيق بڻجي،
مهنجي گھر پهچي ويا.

4- غربت رشتن ۾ به، ڏار ٿي، وجھي ڇڏي.

5- سنڌين کي ڦُرڻ جا ٻه آسان طريقا،
هڪ هوٽل ٻيو پرائيوٽ اسڪول.

“احسن” ٿورن لفظن ۾ وڏي عقل واريون ڳالهيون لکي پنهنجا ذاتي تجربا ۽ مشاهدا اثرائتي انداز ۾ بيان ڪيا آهن. سندس اظهار خيال ڏاڍو نرالو ۽ وڻندڙ آهي جنهن ۾ “احسن” سماج جا مسئلا غريب ماڻهن جي جذبات نگاري، مذهبي منافرت، ملڪي امن انصاف، بي روزگاري، غربت گراني ۽ موجوده تعليمي تباهي جي حقيقي ترجماني ڪري نثري ٽڪڙن ۽ نثري نظمن کي نئين فڪري واٽ ڏيکاري آهي علي حسن “احسن” چڍڙ جي نثري ٽڪڙن ۽ نثري نظمن ۾ فڪر ۽ تخيل بلند آهي جنهن ۾ “احسن” ملڪي ۽ آفاقي ترقي جا خواب ڏٺا آهن. يقين آهي ته انشاءَ الله اهي ساڀيان ضرور ماڻيندا. سنڌ ۾ سندس نثري پورهئي کي مان ملندو، ۽ هر ڪو قدر جي نگاه سان ڏسندو ڇوته علي حسن “احسن” جي هن صنف تي طبع آزمائي قابل تحسين آهي.


[b]ڪريم بخش چنا
[/b]عيد گاه ميرپور ماٿيلو