ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

اندر جو آواز

ھي ڪتاب علي حسن ”احسن“ چڍڙ جي لکيل نثري ٽُڪرن ۽ نظمن جو مجموعو آھي. ھو لکي ٿو:
”اندر جو آواز، منهنجون اهي تخليقي لکڻيون آهن جيڪي مون نثري ٽڪڙن، نثري نظمن جي صورت ۾ روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪنهن واقعي کي ڏسي يا فيس بڪ يا پنن تي لکي رکندو هيس انهن کي گڏ ڪري، مان ڪتابي شڪل ڏني آهي، جن ۾ هر هڪ حرف منهنجي اندر جو آواز آهي جيڪو اوهان تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ايئن به ناهي ته صرف منهنجي اندر جو درد آهي پر هي هر درد مند جي دل جو آواز آهي. عام ماڻهو درد مان دانهون ڪندو آهي پر شاعر پنهنجي درد کي پني تي اڪري ان درد جي حقيقي منظر ڪشي ڪري ٿو.“
Title Cover of book اندر جو آواز

دردن جا جبل

دردن جا جبل

منهنجي من اندر ۾
ليئو ته پائي ڏس.
آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ
دردن جا جبل نظر ايندا،
جتي خوشيون چڙهي
نه ٿيون سگھن.
اگر ڪڏهن ڪا خوشي
ان مٿان چڙهڻ جي
ڪوشش ڪندي آهي ته،
هو پل ۾ ڪري پوي ٿي
۽ اندر ۾ درد
آتش فشان جيئان
ڦاٽي پون ٿا،
۽ سور وري جاڳي پون ٿا.


قلم کي سوچي هلايو!
هن جو وار
تلوار کان به تيز آهي،
اگر هي بي ضمير جي
هٿ لڳي وڃي ٿي
ته ڪئي گھر تباه ٿي وڃن ٿا،
۽ اگر قدر واري جي هٿ
اچي ته
هي ظلم جو خاتمو آڻي ٿي.