ڪتاب جو نالو: رُوح جُون روُلاڪِيون
مصنف: صالح عباسي
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 30 مارچ 2019 ع
پڙهيو ويو: 427 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 139 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب صالح عباسي جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. صالح عباسي غزل جو خوبصورت شاعر آهي. سندس ڪتاب ”روح جون رولاڪيون“ ۾ شامل غزل، وايون، نظم ۽گيت سندس احساساتي ڪيفتين جو اهڙو نچوڙ آهن، جنهن ۾ سندس اظهار جو انداز پڻ سادو، سلوڻو ۽ منفرد آهي، اهوئي سبب آهي جو سندس ڪوتائن ۾ پيار جي پهرين چميءَ وانگر روحاني رولاڪين جو ذڪر بجانب نظر اچي ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • پبلشر نوٽ
  • ليکڪ پاران
  • مهاڳ
  • هير ۾ هڳاءُ
  • حرف حرف هڳاءُ
  • پاپ ننگر ۾ صالح هڪ ويڳاڻو ماڻهو
  • تاثر : رولاڪي ڪنهن جي روح جي!
  • دل وچان چند لفظن جي ڀيٽا
  • شاعري جو ماهقابُ، خوبصورت انتخاب
  • سمبارا جو شاعر
  • غزل نه گم ٿيڻ جهڙا
  • هو جيڪو مسلسل تحرڪ ۾ رهي ٿو
  • مبارڪون
  • التجا
  • غزل

  • سنڌ سڄيءَ جا سارا ماڻهون،
  • هيڪلي زندگي ڪو سهارو نه آ،
  • منظر سهڻا سارا مرڪيا،
  • باهه اندر ۾ ڀڙڪي پئي آ،
  • خاڪ ٿي وئي هر خوشي ڄاڻي نه ٿو،
  • ڌرتي هي ديوانا ماڻهو،
  • اسان کان اجايو ڪنارا نه ڪر!
  • سار جي ڪنهن شام ۾ سڏڪا ڀري،
  • تعبير بنا سپنا،
  • منهنجي نگاه ۾ تون،
  • لڳئي شل نه ڪنهنجي نظر لاڙڪاڻا،
  • وفائون لاڙڪاڻي جون، جفائون لاڙڪاڻي جون،
  • گُهري مون زندگي جنهن کان ڪري منهن موڙ ماري ٿو،
  • مارن مک تي مرڪون گهرجن،
  • اچو اورتي اور اوريو اسان سان،
  • ڪنهن جي ڳُڻَ ۾ ڳڻجي ويندينءَ،
  • خوابن جي تعبير ٿي گهرجي،
  • تون زهر پيالو پياريو جي،
  • اڇا ٿي وار ويا سڪ ۾ سڄڻ ڏاڍو سڪايو تو،
  • ڀيانڪ موت جو منظر! اوهان جي موڪلاڻي آ،
  • ڪڏهن حال ڪنهن کي ٻڌائي نه سگهندين،
  • ماحول کان ٿي باغي دنيا ٿو نئين چاهيان،
  • چاهه تنهنجي ڪيو چريو آهي،
  • تو سوا اُجڙي ويا سينگار منهنجي ڳوٺ جا،
  • چور آ پيري ٿيو مان ڇا ڪيان؟
  • کلڻ تنهنجو غضب جو آ،
  • تو لئه مون محلات سجائي سپنن جي،
  • سڀ سهي سرتي ويس،
  • سوچ منهنجي کي سدا سرهاڻ بخشيندي وئي،
  • روح کي راحت ملي جي تون اچين!
  • تنهائي ٿي ماري آ!
  • ملائي تو نظر آهي،
  • سکن جا او ساٿي ڏکن ۾ هلي آ،
  • من ئي من ۾ تڙپان ٿو،
  • هڪ ته اسان کي رسمن ماريو،
  • قيمتي آ زندگي سانڍي رکو،
  • محفل لٽي هليو وئين،
  • ڇڏيون ڏيهه سارو هي سنسار ويندم،
  • ويندي عذاب ارپي،
  • رات سموري هت سار پئي جاڳي؟
  • هوءَ اسان کان رات رُسي وئي،
  • آ هلي تون روح راڻا!
  • آدمي وانگي ڀُري ٿو وقت ڀي،
  • جدا يار ٿي تون ڪنارا نه ڪر!
  • سدا عشق پنهنجي عبادت بڻايو،
  • دل جون دعائون تو لئه دلبر،
  • مان مٺا آيس هلي مهمان تنهنجي ڳوٺ ۾،
  • “اگهاڙا پير ٽانڊن تي” مٺا ماتام جاري آ،
  • اڃان نوخيز نظرن جو مٺا منظر نه ٿو وسري،
  • ڀيانڪ موت جو منظر اوهان جي موڪلاڻي آ،
  • اڄ رات نئين جانان،
  • تو بن نراس آهيان،
  • اسان لئه ته ڪعبو پرين گهر اوهانجو،
  • جڏهن کان رکي ٿي صنم بي رُخي،
  • لڙڪن لارون لاڙي ويٺو،
  • جلدي ڪر تون موٽ ڀٽائي!
  • شيطان ٿو لڄي ٿئي انسان کي ڏسي،
  • مٺا تون جي روئندي سوين جيءَ جهرندا،
  • تو بنان زندگي آ اڌوري صنم،
  • تو بن منهنجون ڪهڙيون عيدون،
  • خوابن جي تعبير کڻي آ،
  • پهريان پيار ڪري اظهار ڪري،
  • ڪڏهن ڀي اسان کي وساري نه سگهندين،
  • اڇا ٿي وار ويا سڪ ۾ سڄڻ ڏاڍو سڪايو ٿي،
  • خوشبو خوشبو آ تر منهنجو،
  • دلبر تنهنجي پاسي آيس،
  • ڪجهه ڪرڻ جي جستجو رهجي وئي،
  • تڙپ وئي آ وڌي آءُ جلدي سَکي،
  • جيون هيڪل گذري ڪيسين،
  • خوبصورت سار جهڙي ڇوڪري،
  • عمر ساري هُنَ ڪئي آ بندگي،
  • وايون

  • هوءَ ڪير اچي بيٺي،
  • برساتون برسيون،
  • رات سموري پئي،
  • ويٺو نيڻ جلائي،
  • اکڙيون بند ڪري،
  • نيڻن ۾ وکريل،
  • اوندهه سارو تر،
  • تنهنجي ڳل جو سانوري،
  • ڪيترو ويا هن وڻي،
  • بارش برسي منظر مرڪيا،
  • هو راڻو ٿو ڳائي،
  • نظم

  • رولاڪ
  • رات دڙي تي چانڊوڪيءَ ۾،
  • آءُ اسان لئه او ساجن تون،
  • موهن جي دڙي ڀرسان،
  • مَنَ جي آڳُرَ تي اڄ مرڪي،
  • نه ڪائي روشني ڪاٿي،
  • بچپن
  • گيت

  • رات رنو ڪو نماڻو ماڻهو،
  • پرين باغ دل جو اجاڙيون هليو وئين،
  • سنڌڙيءَ جو نقشو نروار آ ٽوپي،
  • منهنجو تون منٺار آن سائين!
  • جيڪو سانگين سورَ گهٽائي،
  • چڱو يار جاني اٿي موڪلاڻي،

  • ارپنا

    پنهنجي ڀوڳنائن، رولاڪين جي هن ادبي، تخليقي پهرين شاعري جي ڪتاب “روح جون رولاڪيون” کي نالي ڪيان ٿو پنهنجي عاشقانه ۽ فقيراڻي طبيعت رکندڙ پنهنجي بابا سائين غلام سرور عباسي جنهن جي پالنا ۽ دوستيءَ جي ماحول مون باغي کي عاشق بڻايو ۽ ٻيو سندس وڏي ڀاءُ سگهڙن جي سرتاج پنهنجي بابا وڏي فقير محمد ملوڪ عباسي جي جنهن مون سرڪشي رکندڙ ڇوڪري کي فقير منش بڻايو ۽ سنڌي ادب ۾ روشناس ڪرايو.


    صالح عباسي
    لاڙڪاڻو


    پبلشر نوٽ

    سنڌي شاعريءَ جي جهولي اڻ ملهه موتين سان مالامال آهي ۽ هر موتيءَ جي چمڪ پنهنجي اندر هڪ الڳ مقناطيسي ڪشش رکي ٿي.”موتين مٺ ملڪ جي“ جي خالق ۽ مشهور سگهڙ سائين ملوڪ عباسي جي ڇانو ۾ رهندي صالح عباسيءَ جي ”روح جون رولاڪيون“ ۾ شامل گوهر موتي پڻ اهڙي ڪشش جا حامل آهن، جنهن تي پاڻمرادو پيار اچڻ فطري هجي ٿو.صالح عباسيءَ پنهنجي چاچي سگهڙ ملوڪ عباسيءَ جو شاعريءَ جو سڌو سنئون اثر قبولڻ بدران پنهنجو هڪ الڳ رستو ۽ اسلوب جوڙيو آهي ۽ ان ۾ هو ڪامياب پڻ ٿيو آهي، جنهن لاءِ هو يقينن داد جو مستحق آهي.
    صالح عباسيءَ جي هن پهرين شعري مجموعي ”روح جون رولاڪيون“ ۾ شامل غزل، وايون، نظم ۽گيت سندس احساساتي ڪيفتين جو اهڙو نچوڙ آهن، جنهن ۾ سندس اظهار جو انداز پڻ سادو، سلوڻو ۽ منفرد آهي، اهوئي سبب آهي جو سندس ڪوتائن ۾ پيار جي پهرين چميءَ وانگر روحاني رولاڪين جو ذڪر بجانب نظر اچي ٿو. اکين ۾ انيڪ سپانا سجائي صالح پنهنجي ڏات ۽ ڏانو آڌار پنهنجي ڪيفيتن کي جيئن محسوس ڪيو آهي تيئن ئي پنن تي پٿارڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي، ان ۾ هو ڪيترو ڪامياب ويو آهي، ان کي سهي پرکڻ مطالعاتي اک جو ڪمال آهي، صالح پنهنجي سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان پنهنجي ڪوتائن کي الجهيل لفظن کان آجو ڪري تشبيهن ۽ استعارن جو سهڻو سنگم جوڙيو آهي، جنهن کي پڙهندڙ ضرور ڀليڪار جي لفظن سان نوازيندا.


    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    ليکڪ پاران

    اسڪول جي رڪارڊ موجب 77-7-20 تي دنيا جي عظيم تهذيب مهين جي دڙي جي ڪُک ۾ پنهنجي پڙڏاڏي جي نالي سان قائم ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو ۾ سگهڙن جي سرتاج لوڪ ادب جي حافظ محافظ استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي ننڍي ڀاءُ غلام سرور عباسيءَ جي گهر ۾ جنم ورتم پر منهنجي امڙ جيجل بادشاهه زادي جي چوڻ موجب منهنجو جنم تهه سياري ۾ 12 ربيع الاول تي ٿيو هيو. ڇٺيءَ تي منهنجو نالو ڳوٺ جي پڳدار منهنجي ڏاڏي سائين محمد صالح عباسي جي نالي پويان محمد صالح رکيو ويو، ان ڏينهن تي ئي منهنجي طهر سنت به ڪرائي وئي هئي. سگهڙن جي هڪ نهايت شاندار ڪچهريءَ جو بندوبست ڪيو ويو هيو، ان وقت جي تمام وڏن عالم دين مولوي دوست محمد “بلبل سنڌ” ۽ مولوي سائين خدا بخش بروهي ۽ ٻين واعظ ڪيو هيو، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ شهرت رکندڙ تمام وڏن مولودائن ليمون فقير ۽ جانڻ فقير جي جوڙيءَ مولود شريف پڻ ڳايا هئا.
    اهڙي طرح منهنجي ڪنن ۾ پهرين ڏينهن عذان ۾ الله اڪبر، الله اڪبر، اشهد ان محمد رسول الله جي لفظن کانپوءِ بس سنڌي لوڪ ادب جي سنوار ۽ سڌار جا لفظ پئي ٻڌا، مون کي ياد ٿو اچي ته مون پهريون شعر 83-1982 ڌاري منهنجي رهبر استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي ميزباني هيٺ منهنجي ئي ڳوٺ ۾ ٿيندڙ “ڪل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ۾ پڙهيو. ان وقت مان تمام گهڻو ننڍڙو هيس، منهنجي استاد سدورو خان عباسي مون کي ٻانهن تي کڻي مائيڪ تائين پهچايو، ۽ مون پنهنجي استاد بابا جا شعر پڙهيا، جنهن کان متاثر ٿي ڏيهه جي ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب تقرير ۾ فرمايو ته مهين جي دڙي جي ڪُک ۾ استاد محمد ملوڪ عباسي سگهڙن جي سردار جيڪو مچ مچايو آ پڪ ٿي وئي اٿم ته لوڪ ادب سگهڙن جو فن و فڪر مضبوط هٿن تائين پهچي چڪو آ. جو پنجن سالن جي معصوم ٻار محمد صالح عباسي کان وٺي 100 سالن جي جُهور ڪراڙن تائين لوڪ ادب جون لاتيون ٻڌايون ويون آهن، اهو سڀ محمد ملوڪ عباسي جي محنت، جاڳ ۽ اڻانگن پنڌن جو نتيجو آهي. ان ڪانفرنس ۾ نامور سگهڙ لقمان کوکر، عزيز چانڊيو، مٺل جهتيال، ڏاڏو ڏتل ابڙو، ممتاز عباسي، مير شبير عباسي ۽ ٻيا پڻ موجود هيا.
    اهڙي طرح شايد ساڳي سال ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ پرائمري مسجد اسڪول کليو، جتي منهنجي پڦاٽ سدورو خان عباسي استاد مقرر ٿيو، پر منهنجو سائين سدورو خان ڇا ته شخص هو، سائين جي ايم سيد جي لفظن جيئان هزار بار گلاب جي پاڻيءَ سان وضو ڪري سندس نالو کڻان ته سندس نالي کڻڻ جو حق ادا ڪري ڪونه سگهندم، اڄ تائين طعه ڪري نه سگهيو آهيان ته سائين سدورو منهنجو وڏو ڀاءُ هيو، دوست هيو يا استاد هيو.
    هن سڀ حق ايمانداريءَ سان نڀايا، ٻاتي ٻولي ا.ب.ٻ جي اکرن کان اڄ جي ڪتاب تائين سڀ مهربانيون سندس آهن، ياد ٿو اچي ٻئي يا ٽئين درجي ۾ پهتس ته هڪ پني جون تقريرون لکي پڪيون ڪرائيندو هو، اوطاق، مسجد توڙي اسڪول جتي به ٽن ماڻهن کان وڌيڪ جو جٿو ڏسندو هو ته چوندو هو بابا صالح تقرير ڪر، پوءِ مان تقرير ڪري گهر وڃين امان جيجل کي دانهون ڏيندو هيس ته امان سائين سدورو جاتي ماڻهو ڏسي ٿو اتي چوي ٿو تقرير ڪر پوءِ امان سائين سدوري کي چوندي هئي ادا سدورا محمد صالح تنهنجون دانهون ٿو ڏئي ته سائين مون کي ماڻهن جي اڳيان تقريرون ٿو ڪرائي، پوءِ سائين سدورو چوندو هيس، مامي منهنجي هن تقريرن ڪرائڻ جو ڦل اڳتي هلي ملندس ته پوءِ ياد ڪندو.
    ها I Love u ۽ I Miss u منهنجا سائين اڄ تنهنجي ڪرايل تقريرن جو ثمر ملي ٿو ته تون ڏاڍو ياد ٿو اچين. ڪاش! هي لکڻ ويلي منهنجي سڏڪن جو آواز تنهنجي آزاد روح جي ٻڌڻ واري سگهه تائين پهچي. ياد اٿم منهنجي سياسي، سماجي ادبي پالنا تو ڪهڙي پريت سان نڀاهي هئي.
    پنهنجي ڳوٺ کان ڪراچي، ڪشمور، ڪارونجهر کان ڪيٽي بندر لاڙڪاڻو کان لاهور تائين جون سماجي رولاڪيون وڏا وڏا بحث، مباحثا، تقريرون ۽ تحريرون، حسين يادون سڀ تو سان تنهنجي ڪري ئي ته نصيب ۾ آيو.
    خير خوبصورت يادن جا ڪيئي ڪتاب ٺهي ٿا سگهن سي ضرور ڪنهن ويلي ڪنهن ڪتاب ۾ شيئر ڪبا.
    پرائمري کانپوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ پنهنجي شهر باڊهه ۾ آيس، باڊهه منهنجي خوبصورت يادن جو شهر، منهنجي بابا جو شهر، منهنجي دوستن جو شهر منهنجي ڊرامن جو شهر منهنجي پڪي پختي ٿيڻ جو شهر، منهنجي استادن جو شهر منهنجي عاشقي معشوقيءَ جو شهر، منهنجي سگهڙن جو شهر، منهنجي پاڪ پوتر سپنن، جذبن جو شهر، باڊهه جي مانائتي مٽيءَ تي منهنجا هزارين جنم قربان، هتي جي درسگاهن ۾ سائين امام بخش ڪنڀر، سائين رسول بخش ڍڪڻ، سائين قربان ساريو، سائين سُکُ ديو، سائين انور کوکر جهڙن مهربان ۽ فرض شناس استادن وٽ تعليم پرائڻ جو موقعو مليو، ڀلا نياز حسين عباسي جاويد سولنگي، پيو شبير انصاري، فدا حسين دڪڻ، مير حسن گاڏهي، ايوب ملاڻو، رفيع رضا شاهاڻي، مظهر ڪنڀر، جيڪي منهنجا محبوب ڪلاسي هئا، انهن جي پيار کي ڪيئن ٿو وساري سگهان، فرسٽ ايئر ۽ انٽر حيدر بخش جتوئي ڪاليج ڏوڪري ۾ پڙهيم جتي ان وقت ساڳين بينچن تي هاڻوڪو ڀوتار پي ٽي آءِ جو ڊويزنل صدر حاجي شفقت حسين انڙ به پڙهندو هيو، جيڪو ان وقت سپاف شهيد ڀٽو جو چيف آرگنائيزر هيو ۽ مان ستاف ڏوڪري ڪاليج جو چيف آرگنائيزر هيس.
    ياد اچي ٿو ته منهنجو ننڍو ڀاءُ نازڪ علي عباسي ان وقت بيمار ٿي پيو، جنهن کي جناح اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو هيوسين، ان وقت سنڌ جو قومي رهبر سائين جي ايم سيد به اسپتال جناح ۾ داخل هيو، جڏهن “آءِ سي يو” ۾ سنڌ جي هن پيغمبر صفت انسان کي ڏٺو ته ان وقت سيد کي شايد مشينن ذريعي ساهه کڻايو پيو وڃي، سيد کي ڏسندي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ مان سڄو ڏڪڻ لڳس، ڇا ته شخص هيو، کيس ڏسندي ئي شيخ اياز چواڻي:
    “توکي ڏسندي ٿيو ويساهه، سنڌ جيئندي سدا”
    اسپتال مان نڪري بس ۾ چڙهي صدر جي علائقي مان نڪرندڙ شايد “پڪار” اخبار هئي، جي دفتر ۾ آيس جتي منهنجو دوست هاڻوڪو پ پ اڳواڻ فدا حسين ڍڪڻ شايد اسسٽنٽ ايڊيٽر هيو، ان سان ملي ڪري اخبار ۾ خبر هلايم ته مون ستاف جي عهدي ۽ ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏيئي تاحيات سائين جي ايم سيد جي نظرئي جي پوئلڳي ڪندس. جنهن سان ناتو ساهه جي تند ٽٽڻ تائين شل قائم رهندو اچي. ڪيترن ئي پارٽين جي مرڪزي عهدن ۽ نوڪرين جي آڇ ٿي، پر ڪنهن ٻئي در واجهائڻ کي به ڪفر سمجهوسين، ان دوران هڪ ٻيو عشق اسٽيج ڊرامن جو به لڳو، حسن مستانه، لالا عبدالحسين ساريو، امداد عباسي، جاويد شيخ، حيدر قادري ۽ ٻيا رفيق ويجها دوست رهيا، انهن ئي رولاڪين ۾ حاجي سراج ساريو، قلندر ساريو، غني ساريو، رحمت الله لاشاري، گل حسن سومرو، صحافي ياسين مشوري، وڪيل امداد مشوري ۽ وڪيل علي بخش مشوري فني سفر ۾ گڏ رهيا، جيترو پاڻ وٽ علم هيو انهن ۾ ورهايوسين، انهن دوستن مان ڪيترائي اڄ به احترامن استاد چئي ملندا آهن، ڪيترا ته منهنجا به استاد نڪتا، ڪچهري ڪندي پيو مولا کان پناهه گهرندو آهيان ته مالڪ سائين عزت جي رکجائين ته ڪٿي منهنجا ڪلهوڪا ٻالڪا اڄ جي جديد دور جا استاد ۽ سياڻا ڪجهه ڳالهائي نه وجهن، ڇو ته ٻار جي جيڪا پالنا ٿئي ٿي، اها ئي کين پنهنجن وڏن ابي امڙ ۽ استادن جي عزت ڪرڻ نه ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي. خير هي دور به ڪجهه عجيب گذريو، سائين زبير جکرو، سائين غلام قادر ساريو، انعام پيرزادو، شمس پنهور، علي گوهر ابڙو، حسين شاهه، منظور سوهو، اسلام جوڻيجو، محمد علي خشڪ، محبوب ڏهوٽ، جڙيل شاهه، ڊاڪٽر واحد سولنگي، ابراهيم انصاري، عزيز مسڻ، ستار مغيري، غلام علي چنا، شبير خشڪ، صوبدار کوسو سان ٿيل رولاڪيون به روح جي راحت ۽ آٿت هيون، منهنجا ڀائر نازڪ علي، حبيب الرحمٰن، اويس علي، علي دوست ۽ لکمير خان ته ڄڻ منهنجا عاشق ۽ محبوب آهن. اسان ڀائر گهٽ دوست وڌيڪ لڳندا آهيون. 1991ع ٻالڪپڻ ۾ ان وقت شايد عمر 14 سالن جي لڳ ڀڳ هئي ته منهنجي شادي استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي ننڍي نياڻيءَ سان ٿي وئي، الله سائين جي مهرباني سان 7 ٻارڙن شاهه عنايت، مهراڻ خان، سالار خان، حبيب الرحمٰن، سنڌو، ڌرتي ۽ آزادي اولاد آهن، جيڪي الله ڪندو سرها رهندا.
    1997ع ۾ رهبر استاد محمد ملوڪ عباسيءَ جي سفارش تي ايم پي اي حاجي الطاف حسين انڙ صاحب جي ڪوٽا تي سپاهي ڀرتي ٿيس، جنهن سبب ڳوٺ کان لاڙڪاڻي شفٽ ٿيڻو پيو. نادر انڙ، ديدار کوسو، نظير ڪوري، اقبال ڪلهوڙو، ڀائو صدر الدين بجاراڻي، اياز ميمڻ به ساڳي سال جي ڀرتي ۽ ٽريننگ گڏ ڪرڻ دوران دوست بڻيا. پي ٽي ايس ۾ ڊرامه ڊپارٽمينٽ ۾ هجڻ ڪري مون کي تمام ڀلو ڪوآپريٽو ماحول مليو، علي روشن شيخ، مرحوم علي حسن ڀٽي، ارشاد پنهور جهڙا لائق استاد دوست بڻيا، پي ٽي ايس ۾ مون تي ڪا به سختي نه هئي، البته “لا” جا ڪلاس ضرور اٽينڊ ڪندو هيس. ٽريننگ دوران 2 جون 1997ع، 7 صفر تي منهنجي رهبر استاد محمد ملوڪ عباسي جناح اسپتال ڪراچي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، استاد جي وڇوڙي چيلهه چٻي ڪري وڌي، ائين لڳو ڄڻ مهين جي دڙي جي اسٽوپا جهري پئي، ڄڻ سنڌو درياءُ وهڻ بند ڪري ڇڏيو، خوشيون موڪلائي ويون، چئوطرف رڻ ئي رڻ، ڄڻ ڪارا ڪڪر آسمان تي احتجاج ڪري رهيا هجن. هڪ شخص ڇا ويو ڄڻ سنسار ختم ٿي ويو، ڪائنات جون روشنيون اسان لاءِ ڌنڌليون ٿي ويون، لوڪ ادب تاراج ٿي ويو، اوطاقون ويران ٿي ويون، دوستين دم ڏئي ڇڏيو، اسان جي لاءِ هڪ دور جي پڄاڻي ٿي وئي، هڪ نه وسرندڙ باب ختم ٿي ويو.
    2002ع ۾ پي ٽي وي تي هڪ بد ڪردار پروڊيوسر نعيم بلوچ لاڙڪاڻي جي ماڻهن کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ لاڙڪاڻي واسين کي گگرو چيائين. منهنجي گرم ۽ غيرتمند رت ڀلا ايڏي وڏي گار ڪيئن برداشت ڪري لاڙڪاڻي واسين لاءِ.... ڳلي کان وٺي ٻه ٽي چماٽون وهائي ڪڍيون مانس، جنهن سبب سرڪاري نوڪريءَ مان بنان ڪنهن شوڪاز نوٽيس يا اردلي روم جي ڊسمس فرام سروس ڪيو ويم، هڪ نه کٽندڙ ڏکن جي پهاڙ جو سلسلو شروع ٿي ويو.
    عام سياسي وڏيري کان ايم ڪيو ايم جي 90 تائين، ڊپارٽمينٽ جي ننڍڙي کان وڏي پوليس آفيسر تائين ويم، پر مايوسي کان سواءِ ڪجهه پلئه ڪونه پيم، 2003ع جي پهرين جنوري تي سائين سدورو خان عباسي اوچتو لاڏاڻو ڪري ويو، مٿان وري منهنجو محبوب چاچو محمد خان ۽ بعد ۾ نوجوان ڀاءُ حبيب الرحمٰن الله سائين کي پيارو ٿي ويو. ڄڻ قيامت برپا ٿي وئي، حوصلو همت جواب ڏئي ٿا ويهن. پنهنجن جو وڇوڙو ڇا ٿيندو آ، ڪاش! ڪنهن جا ڪونڌر ڀائر نه وڇڙن، همتون جواب ڏئي ٿيون ويهن، هماليه جبل کان اڏول انسان ڀڄي ڀورا ٿي ٿو پوي. مٿان وري ڊرامه فيلڊ جي استاد امداد عباسيءَ جو وڇوڙو به خواب کسي ٿو وٺي. 7 سالن جي بيروزگاري، رولاڪيون ۽ هي هيڏا حادثه ڄڻ ته منهنجي زندگيءَ جا استاد بڻيا. لکي نه سگهندم مليل درد ۽ گهاون جي ڪهاڻي 2009ع جي ڊسمبر ۾ ڪامريڊ محبوب عباسي ڪراچي واري ۽ ڊاڪٽر شفقت عباسيءَ جي مهرباني سان نوڪري بحال ٿي جن کي وري ڪامريڊ پنهل قريشي، فتاح جانوري ۽ نعيم پٺاڻ جي سفارش ٿيل هئي. 2012ع ۾ منهنجي بابا سائين غلام سرور خان عباسي جي رضا الاهي سان ڊيٿ ٿي وئي، بابا جي وڇوڙي سان خبر پئي ته يتيمي ڇا ٿيندي آ. يتيم ٿيڻ سان انسان اڌورو ٿي وڃي ٿو. ڄڻ ته منهنجو بخت ئي ٽٽي پيو، دعا جو هڪ در مون تي بند ٿي ويو. ڪجهه به نه ڪرڻ باوجود ٽارچر سيلن، ٿاڻن ۽ جيلن جون سختيون سهڻيون پيون. پنهنجن هوندي ڄڻ پرائو ٿي ويس، ڏک، درد ۽ مايوسيون پلئه پيون، دردن، ڏکن، سورن، صدمن کي پنن تي اتاري “روح جون رولاڪيون” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ آڻڻ چاهيم ته دوست ديوار بڻجي پيا. نالا ڪونه کڻبا، سڪندر شيخ، بدرانصاري، منير مصور، فياض سومرو جو ٿورائتو آهيان، عارف مظهر جيڪڏهن ساٿ نه ڏئي ها ته هي ڪتاب اوهان جي هٿن تائين نه پهچي ها. سندس قرب، وڏاوڙ وشال ۽ شيخ فرازيءَ جا ٿورائتو آهيان، ڏيهه جي ڏاهي سائين سرمد چانڊيو جو جنهن “روح جون رولاڪيون” جو مهاڳ لکيو.
    صالح عباسي
    مرڪزي جنرل سيڪريٽري
    سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم
    03337541526
    03443886035


    مهاڳ

    پنهنجو سڄو جنم، سَروَم دُکَم دُکَم!

    انسان جي سڄي حياتي دک آهي، علم، ادب، غم، خوشي، راڳ، رقص، رهڻ، سهڻ، روئڻ، کلڻ، سڀ ڪجهه دک جي پيداوار آهن، “صالح عباسي”، به ان ڏک جو شاعر آهي. علم جو شاعر آهي، حسن جو شاعر آهي، سماج جو شاعر آهي، وقت جو شاعر آهي، مدرڪ شهر، موهن جي دڙي جو شاعر آهي، مدرا رقص ۽ ناچ جو شاعر آهي، جيڪو ناچ سمبارا ناچڻي مڌم سُرن جي چؤتار واري ستار تي نچندي هئي، صالح عباسي ان خطي جي خاڪ جو سانورو سلوڻو تلسيءَ جي گل جو نيم البدل شاعر آهي، “سانول” جو سهج ڀريو سُخن ڇا چئي ڇا چوان؟ منهنجو هي سانول سائين غزل، نظم، وائي ۽ گيت جو نثاگر يا سڻڀيرو شاعر آهي، مون کي صالح جي مُک جي سنجيدگي ٻڌائيندي آهي ته هن جي من ساگر ۾ جيڪا موج مچڻ گهرجي اها سَروَم دُکَم دُکَم جي ساحل سان ٽڪرائي ٽڪرائي ماٺي ٿي ويندي ويندي آهي، هي شخص ديبل جي قلعي جهڙو اڏول انسان آهي، جنهن کي محبت جي مجنيڪن سان پرزا پرز ڪري فتح ڪيو ويو آهي.
    صالح عباسي جي ان هار ۾ به جيت جو جلوو آهي، محبت جي ماٺي مرڪ آهي، جيڪا هن جي سنجيدا سڀاءَ ۾ سمايل آهي، غزل جو خوبصورت شاعر آهي، سنڌي ٻوليءَ جي غزل جو تاڃي پيٽو جدارو آهي، جيڪو فارسي ۽ اردو غزل کان منفرد آهي، ڏسو هي غزل:

    بحر متقارب اثلم مثمن/اثلم، اثرم مثمن
    وزن: فعلن فعلن فعلن فعلن
    منظر سهڻا سارا مرڪيا،
    اولهه، اوڀر وارا مرڪيا.

    رات سکي جئن مون سان مُرڪي،
    چنڊ ڪتي ۽ تارا مرڪيا!
    رم جهم رم جهم موسم مهڪي،
    بارش پئي نيسارا مرڪيا!

    “سن” جي ويجهو جيئن پڳاسين،
    ڌرتي تنهنجا نعرا مرڪيا!

    ڪتاب “روح جون رولاڪيون”
    هن وزن وارا غزل جڏهن منهنجي نظر مان گذرندا آهن ته شيخ اياز جا ڪلهي پاتم ڪينرو وارا غزل اکين اڳيان تري ايندا آهن، هونئن غزل جي رچنا ۾ تخيل جي پرواز جو ذڪر اُتم آهي، پر پنهنجي مٽيءَ ۾ چوپائي پد جو جيڪو ردم ڀريل آهي، اهو ڦاٽ کائي ٻاهر نڪري ايندو آهي، پوءِ اسان جو غزل منظر ئي منظر بڻجي ويندو آهي، اها اسان جي غزل جي انفرادي حيثيت آهي، جنهن ۾ مٽيءَ جو مهڪاءُ ڳوهي ڳوهي، ڳُتي ڳُتي ڀريل نظر ايندو آهي، اهو اسان جي ضمير ۽ خمير جو رچاءُ آهي، هن غزل جا ٺيٺ سنڌي قافيا ۽ رديف ٻڌائن ٿا ته اسان جي غزل جي سر زمين جداري آهي، مون کي پنهنجي سانوري سرجڻهار تي فخر آهي، جنهن فن سان جبر ناهي اختيار ڪيو علم عروض کي غزل کان جدا نه ٿو ڪري سگهجي.
    غزل
    بحر متقارب مثمن سالم،
    وزن فعولن فعولن فعولن فعولن
    اسان لئه ته ڪعبو پرين! گهر اوهان جو،
    ڇڏيون ڪيئن سهڻا! سڄڻ! در اوهان جو،

    اسان جون نمازون ۽ سجدا اوهان لئه،
    اسان لاءِ قبلو سڄو تر اوهان جو،

    ذهن ۾ ۽ دل ۾ رهين ٿو سدا تون،
    رهي ٿو سڄو ڏينهن تصور اوهان جو.

    ڏني آهي فتويٰ زماني ڪفر جي،
    سڏي لوڪ صالح ٿو ڪافر اوهان جو.

    صالح جا غزل محفل جا غنائي غزل آهن، جن جي گائڪي جو وقت صرف پنج منٽ آهي، جهڙوڪر ڪي ٽي اين جي ڪارخاني مان نڪتل آهن، حالانڪ ايئن بلڪل ناهي، پر مختصر غزل جو دور دورو آهي، ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ نوجوان دوستن تي اهو خيال حاوي ٿيل آهي، ان کي پري ڪجي ته بهتر آهي.

    غزل
    بحر مضارع اخرب مربع
    وزن مفعول فاععلاتن
    توبن نراس آهيان،
    ڏاڍو اداس آهيان!

    رُخ روشني آ منهنجو،
    من ۾ اماس آهيان.

    بازر ۾ بي ملهو ڄڻ،
    سَوءُ ڪو ڪراس آهيان.

    نيڻن ۾ آهي صحرا!
    ٿر جي پياس آهيان!

    ڀل عام مون کي سمجهو،
    ڪنهن لئه ته خاص آهيان!

    ڏي درد سوچي جانان!
    ٿورو حساس آهيان.

    مٿين غزل ۾ توڻي هن غزل ۾ قافيا مڪس ٿيل آهن ۽ رديف سنڌي ٻوليءَ جا خوبصورت لفظن جو ضميري پد ظاهر ڪن ٿا، توڻي جو محبت جي نظام ۾ اشارو ئي ڪافي آهي.

    غزل
    بحر هزج مثمن سالم
    وزن مفاعيلن مفاعيلن، مفاعيلن مفاعيلن.

    ڀيانڪ موت جو منظر! اوهان جي موڪلاڻي آ!
    اسان جي مرڪ جي هاڻي، ڏکي ٿي پئي ڪهاڻي آ.

    جدا جاني ٿيو آهي، خوشي پنهنجي رهي ناهي،
    انهن دردن ۾ دل پنهنجي، چري ٿي پئي ته ساڻي آ.

    رٺي آ پيار جي منزل، ٿيو جيئڻ به آ مشڪل!
    هتي بدنام رب ڄاڻي، ڪيو ڪنهن ڄاڻي واڻي آ.

    خوشي ڪهڙي ڪيان “صالح” عباسي ڪو مزو ناهي،
    اڄوڪو حال هي سنڌ جو، وري بڻيو مياڻي آ.
    صالح عباسي جي غزل جي سرزمين پنهنجي انفراديت رکي ٿي، جنهن ۾ ڪو به تصنع نظر نه ٿو اچي، روماني غزل آهن، جن ۾ من مستي گهٽ ۽ مسئلا بيان ڪيل آهن، ان دليل مان اوهان ضرور صحي ڪاٿو ڪري سگهندا ته “صالح” جو تخيل سنجيدا ۽ سڀاويڪ نيم جو آهي، بندي جي ڪوشش اها آهي ته دوست جا گهڻي کان گهڻا وزن سامعين اوهان جي اڳيان اچن، ته جيئن نوجوان شاعرن کي سٺو موقعو ملي سگهي.

    غزل
    بحر هزج اخرب مربع
    هي غزل به صدر ۽ عروض، ابتدا ۽ ضرب تي آڌاريل آهي، هن غزل ۾ حشو وارا رڪن موجود ناهن.

    اڄ رات نئين جانان!
    ٿي بات نئين جانان!

    نيڻن مان پئي برسي،
    برسات نئين جانان!

    ٿي روز اچي مون وٽ،
    ڪا ڏات نئين جانان!

    چانڊوڪي وئي ارپي،
    جذبات نئين جانان!

    “صالح” کي ته مارڻ لئه!
    ڏي مات نئين جانان!
    پهريون رڪن مقفا ۽ ٻيو رڪن مردف، نئين دور جي نئين سونهن ۽ سوڀيا کي جماليات ۾ اوتيو ويو آهي، سنڌي قافين سان فارسي رديف جو اعليٰ شان ميل آهي، ان جو انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ۽ مڇتا ۾ اهو چئجي ته “صالح” عباسي پنهنجي دور ۽ طور جو ڄاڻو فنڪار شاعر آهي.
    غزل
    بحر هزج مربع سالم
    وزن مفاعيلن مفاعيلن
    کِلڻ تنهنجو غصب جو آ!
    ملڻ تنهنجو غضب جو آ!

    تماچي تڙ ڌڻي تون آن،
    وڻڻ تنهنجو غصب جو آ!

    ڀٽائي تو لکيو دفتر،
    لِکڻ تنهنجو غضب جو آ!

    اکين جو ٺارو تون “صالح”!
    ڏسڻ تنهنجو غصب جو آ!
    عام حالتن ۾ ڪو نقاد “صالح” عباسي جي هن غزل کي قافيا پيمائي چوي ته چئي سگهي ٿو، پر غزل بنا قافئي واري صنف ٿورو ئي آهي، لفظ اول قافيو ۽ ٻيو سڀ ڪجهه رديف ۾ شامل آهي، سنڌي غزل ۾ اهو نمونو سعيد ميمڻ اختيار ڪيو هو، جيڪو چڱو وقت سنڌي غزل ۾ هلندو آيو، سنڌي اڄوڪي دور جي غزل کان ته حافظ شيرازي جا قطعا به طويل آهن، شيخ اياز جا “ڀونر ڀري آڪاس” وارا قطعا به ڊگها آهن، اسان کي علم ۽ ادب جي ميدان ۾ اُڇا ترائي کان ڪم نه وٺڻ کپي.
    غزل
    بحر رمل مثمن محذوف
    وزن فاعلاتن فاعلاتن، فاعلاتن فاعلن
    سوچ منهنجي کي سدا سرهاڻ بخشيندي وئي،
    ڄڻ اماوس رات کي چانڊاڻ بخشيندي وئي!

    روپ هن جو ڪنهن ڪتابي ڄاڻ جو هو سلسلو،
    ذهن منهنجي کي چمي ڪا ڄاڻ بخشيندي وئي!

    هٿ وٺي هن پنهنجي وارن ۾ جڏهن منهنجو رکيو،
    مون کي ڄڻ انمول ڪا هوءَ کاڻ بخشيندي وئي!

    ڌرتتيءَ ۾ جيئن هن جي گهر پڳس “صالح” وڃي!
    ٻُڪَ پاڻيءَ جي ۾ ڄڻ مهراڻ بخشيندي وئي.

    حقيقت اها آهي ته قافئي جي طوالت جي ڪري فاعلاتن فاعلاتن جي ٻن رڪنن پڄاڻا هن غزل جي مصراعن کي اڌ دم واري نشاني نه ٿي ڏيئي سگهجي، سُرهاڻ، چانڊاڻ، مهراڻ جهڙا طويل لفظ بيهڪن واري نشانين ۾ دخل انداز ٿيل آهن، “صالح” عباسي جي شاعريءَ ۾ زحاف نه جي برابر آهن، اها ان جي ڪاميابي آهي.

    غزل
    بحر رمل مسدس محذوف
    وزن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن
    خوبصورت سار جهڙي ڇوڪري!
    ۽ گلن جي هار جهڙي ڇوڪري!

    مارئيءَ جي سونهن مون کي ٿي لڳي،
    ڪنهن اَمل ڪردار جهڙي ڇوڪري!

    پيار هن جو ويجهڙو آهي گهڻو،
    پر پراهين پار جهڙي ڇوڪري!

    قيمتي آ ايتري “صالح” سَکي،
    سُرمئي سنسار جهڙي ڇوڪري!
    صالح عباسي جا رومانوي دور جا رومانوي غزل، علامتن جي آڌار سان وسيع تر ڦهلاءَ وارا غزل آهن، جن ۾ آر پار ۽ سچي سنسار جو احاطو ٿيل آهي، اهو سمجهڻ گهرجي ته فني وسعت جو مرڪز ڇوڪري آهي ته محور سڄو سنسار آهي.
    غزل
    بحر رمل مربع سالم
    وزن فاعلاتن فاعلاتن
    آ هلي تون روح راڻا!
    ڇڏ کڻي محبوب ماڻا!

    آسماني سوچ پنهنجي،
    ڪيترا آهيون اياڻا!

    سڀ هتي آهن چريا بس،
    پاڻ جي ناهيون سياڻا!

    شهر پنهنجي موڪلاڻي،
    اڄ سڏن ٿا ڪک اباڻا!

    پاڻ هُون رولاڪ “صالح”،
    ڪين پنهنجا ڪٿ ٺڪاڻا!
    هي غير مردف غزل آهي، جنهن ۾ رديف استعمال ٿيل ناهي، پر مقفا غزل آهي، هي قافيا مردف ضرور آهن، ڇو ته مروي قافيا حرف روي تي پورا ٿيندا آهن، حرف علت تي پورا ٿيل قافيا مروي قافيا ناهن، مروي قافيا حرف صحي تي آڌاريل هوندا اهن.
    بحر مضارع مثمن اخرب محذوف
    وزن مفعول فاعلاتن مفعول فاعلن
    شيطان ٿو لڄي ٿئي، انسان کي ڏسي،
    حيوان ٿو لڄي ٿئي، انسان کي ڏسي.

    ظالم جو روپ ڌاري، ماڻهو پيا ڦرن،
    ڀڳوان ٿو لڄي ٿئي، انسان کي ڏسي.

    بيڏوهه ڪيترا ٿا، منصف هٿان مرن،
    زندان ٿو لڄي ٿئي، انسان کي ڏسي.

    ها! ڪوڙ جو وڏو هت، وهنوار ٿو هلي،
    ايمان ٿو لڄي ٿئي، انسان کي ڏسي.
    “صالح” عباسي وٽ بي مقطعا غزل ته آهن، ليڪن بي مطلعا ڪوئي غزل ناهي، اها “صالح” جي خاص سڃاڻپ آهي، انسان به فطرت جي تخليق آهن، ان تي به فطرت جا نشان اڪريل آهن.
    غزل
    بحر متدارڪ مثمن سالم
    وزن فاعلن فاعلن فاعلن فاعلن
    تو بنا زندگي آ اڌوري صنم!
    ايئن مون کان نه ڪر تون ته دوري صنم!

    تو سوا ڏينهن هڪڙو به گذري نه ٿو،
    ڪيئن گذري حياتي هيءَ پوري صنم!

    يار! ڪيئن ڀي ڪري مون سان جلدي ملو،
    ڇو ته هاڻي ملڻ آ ضروري صنم!

    آخري التجا ٿو هي “صالح” ڪري،
    ياد من ۾ مچائي آ کوري صنم!

    محمد صالح عباسي جو غزل پنهنجي فني ۽ فڪري لحاظ کان هڪ واضح ۽ پڌرو پيغام کڻي آيو اهي، سندس شاعري ۾ فني جماليات سان گڏ رومانوي جماليات جو مهراڻ موجزن آهي، ٻهراڙيءَ جي پنن ۽ پڊن کان وٺي، انتظاري جمال جو جهان به جوڙيل نظر اچي ٿو. فني جماليات جي ڪري هي غزل گائڪي ۽ موسيقي جي مختلف سُرن جي سنگم سان سنواريل آهي، وزن جي بدلائڻ سان ڌُن ۽ تال به نئين صورت وٺي من موهي ٿا وٺن.
    عباسي صاحب جي نظم ۾ به نوان نوان ندرت ۽ نواڻ جا واهڙ وهي رهيا آهن، اسين دريائي ديس جا رهواسي آهيون، فطرت اسان جي اڳواڻ آهي، تاريخي نظمن کان وٺي پابند ۽ معرا نظم به هن ڪتاب “روح جون رولاڪيون” جي زينت آهن، نظم جي تسلسل جو خاص خيال رکيو ويو آهي، جنهن ۾ ابتدا، حشو ۽ اختتام ڪنهن مصور جي آرٽ سان سنواريل آهن، سڀ کان پهريان هڪ پابند نظم جا ڪجهه اشعار: عنوان ساجن
    آءُ اسان لئه او! ساجن!تون
    ڌرتيءَ جيڏو پيار کڻي آ،
    سونهن سندو سنسار کڻي آ،
    نينهن ڪري نروار کڻي آ،
    خوشبو جان اظهار کڻي آ،
    آءُ اسان لئه او! ساجن! تون.

    جيون منجهه بهار کڻي آ،
    آڳ ڪري گلزار کڻي آ،
    جوڀن باغ بهار کڻي آ،
    مستيءَ جي مهڪار کڻي آ،
    آءُ اسان لئه او! ساجن! تون.


    خوشبو ٿي جيئن منهنجو تن من،
    هر دي جي هٻڪار کڻي آ،
    ڪجهه ته مٺا منٺار کڻي آ،
    آءُ اسان لئه او! ساجن! تون،
    ڌرتيءَ جيڏو پيار کڻي آ،
    آءُ اسان لئه او! ساجن! تون.
    پيار کي ڌرتيءَ سان تشبيهه ڏيڻ، اظهار کي خوشبو سان تشبيهه ڏيڻ، آڳ کي گلزار جو استعارو بڻائڻ، علم بيان جا اهڙا مثال آهن، جيڪي هن نظم جي جان آهن، اهو اجتماعي گروهه جو ساجن ضرور ڪوئي اڳواڻ آهي، يا ته اها اجتماعي پردي دار پدمڻي پنهنجي ڪٽنب واري ڪائي وينگس پنهنجي ساجن کي ياد پيئي ڪري، اهو ساجن ڪنائي جو ڪونڌر آخر ڪير آهي؟ مٿيان سڀ دليل جماليات جي جان ۽ جگر آهن، استعا تشبيهون، ڪنايا علم بيان جي جماليات کي اظهار ٿا ڪن، سٽاءَ جي لحاظ کان هي مخمس نظم پابند نظم جو هڪ شهڪار آهي.

    صالح عباسي جون وايون:
    هوءَ ڪير اچي بيٺي،
    رولاڪ جي رستن ۾.
    12+13=25 ماترا، روپ ڪانت ڇند.
    برساتون برسيون،
    چورين ڇال ڏنا!
    10+10=20 ماترا، اَرُن ڇند.
    رات سموري پئي،
    ٽانڊاڻو ٽمڪيو!
    زيتونن جي باغ ۾.
    10+10+13=33 ماترا، منجري سَوَيا.
    ويٺو نيڻ جلائي،
    خالي ڪمري ۾.
    10+10=20 ماترا، ارن ڇند.
    اکڙيون بند ڪري،
    چاههُ چُمائي ٿي وڃي!
    10+13=23 ماترا، راڌا ڇند.
    نيڻن ۾ وکريل،
    ويٺو آدمي،
    سپنا ميڙي ٿو.
    10+9+10=29 ماترا، مرسٽا ماڌو ڇند.
    اوندهه سارو تَرُ،
    روشن تنهنجو گهر!
    10+10=20 ماترا، شاستر ڇند.
    تنهنجي ڳل جو سانوري،
    موهيڙو من موهي ويو.
    13+14=27 ماترا، سرسي ڇند.
    ڪيترو وياهن وڻي،
    پير تنهنجا پدمڻي!
    12+12=24 ماترا، دڪپال ورنڪ ڇند.
    بارش برسي، منظر مُرڪيا!
    7+7=14 ماترا، چوپاڻي ڇند.
    هوراڻو ٿوڳائي،
    سينڌوءَ جي ڪپ تي.
    12+10=22 ماترا، راس ڇند.
    صالح جون وايون پنهنجي بيهڪ ۽ گائڪي پدن جو پيڪر آهن، سندن تُڪوارا پد ۽ اولاڻڪ پد فڪري توڻي فني گهرجن موجب مُنڊيءَ تي ٽِڪ جيان سجايل آهن، سندس صفحي نمبر 75 واري وائي ڏيڍوڻي آهي.
    رات سموري پئي،
    ٽانڊاڻو ٽمڪيو،
    زيتونن جي باغ ۾.
    پهريون اساسي پد اهي، ٻيو تڪ وارو پد آهي ۽ ٽيون اولاڻي وارو پد اٿس، ايئن ئي ص نمبر 78 واري وائي به ڏيڍوڻي وائي آهي.
    نيڻن ۾ وکريل،
    ويٺو آدمي،
    سپنا ميڙي ٿو.
    پهريون اساسي پد، ٻيو تڪ وارو پد، ٽيون اولاڻڪ پد اٿس، صفحي نمبر 81 واري وائي ورنڪ ڇند ۾ رچيل آهي، باقي سڀ وايون ماترڪ ڇندن ۾ آهن، مجموعي طور تي عباسي جون وايون خوبصورت آهن، ٻن واين کان سواءِ ساريون وايون هيڪوٽي سٽاءَ واريون آهن.
    منهنجي سانوري ساجن جا گيت به ماترڪ ۽ ورنڪ ٻنهي ڇند ۾ رچيل آهن، پهريان ماترڪ ڇند وارو گيت
    جيڪو سانگين سور گهٽائي،
    ڌرتي لئه جو ننڊ ڦٽائي،
    سوئي قومي هيرو آهي.
    16+16+16=48 ماترا سُڌا ننڌي دنڊڪ، هي ماترڪ ڇند آهي، تثليثي ماترائن جي جماليا تي بيهڪ جو پيڪر آهي، هيءَ وائي، اعليٰ فني مهارت جو شهڪار به آهي.
    چڱو يار! جاني! اٿي موڪلاڻي،
    لڳي ٿو اسان جي هتي آ پڄاڻي.
    20+20=40 ماترا، وجيا ماترائي ورنڪ ڇند.
    هن گيت جو سرو سم پد ۽ تڪيارن پدن جو مجموعو آهي يا دوهي نما خوبصورت سرو آهي، مٿين وائي جا مٿيان ٻئي پد اساسي ۽ تڪيارا سم پد آهن، جڏهن ته اولاڻڪ پد مقفانه آهي، مجموعي طرح “صالح” عباسي صاحب جو ڪتاب روح جون رولاڪيون” فني ۽ فڪري جماليات جو پيڪر آهي، هن ڪتاب آڻڻ تي اسين کيس دلي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.

    سرمد چانڊيو


    هير ۾ هڳاءُ

    صالح عباسي جيڪو هڪ سگهڙ، جيڪو سنڌ جي بهترين سگهڙن مان ڪالهه تائين اسان سڃاتو پئي تنهن کي اڄ شاعر جي روپ ۾ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي.
    خوشي هڪ شاعر جي واڌاري ٿيڻ تي نه پر ان ڳالهه تي ٿي رهي اهي ته هو جيترو بهترين سگهڙ آهي اوترو ئي سندر سندس شاعري جو روپ آهي، مان صالح عباسي کي ڪجهه سالن کان ئي پڙهيو آهي، صالح عباسي جيڪا محنت سگهڙ ٿيڻ ۾ ڪئي ۽ پنهنجي استاد محمد ملوڪ عباسي جي صحبت ۾ رهي جيڪي ڪشالا ڪڍيا سي کيس اڄ سٺي شاعري لکڻ ۾ ڪم اچي رهيا آهن. صالح عباسيءَ جي زندگيءَ جون سڀئي تلخ حقيقتون سندس شاعريءَ جي سونهن آهن، ماڻهو کي ڄمڻ کان مرڻ تائين زندگي گهڻو ڪجهه ڏيندي، سيکاريندي ٿي اچي. ماڻهو به زندگيءَ کي گهڻو ڪجهه ڏيندو ٿو رهي. هي ڏيڻ وٺڻ جي ڳالهه آهي، تون مون کي ياد ڪر ته مان توکي ياد ڪيان واري ڳالهه.
    ڏات به ائين ئي آهي هر وقت ائين ٿي چوي ته تون مون کي رت پيار، مان توکي ست ڏيان. اصلي سڄي ڳالهه آهي. ادب، اخلاق احترام ۽ قدر جي فن سان سچائيءَ جي جيڪي فن سان سچا نه ٿيندا اُهي سچا فنڪار تخليقڪار به نه ٿيندا. اهو فن شاعري هجي يا ڪو ٻيو، سٺي شاعري ڪرڻ لاءِ فن، موضوع خيالن ۾ وشالتا ٻوليءَ جو يا لفظن جو صحيح استعمال هجڻ ضروري آهي، صالح عباسي جي شاعريءَ ۾ اُهي سڀئي گهر جون موجود آهن.
    صالح عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ فن و فڪر جو سهڻو سنگم موجود آهي. هن جي شاعريءَ ۾ آس ۽ نراس جي پئمانن جو جلترنگ پنهنجو آهي، مون کي ياد آهي ته صالح عباسيءَ فيس بوڪ تي هڪ غزل رکيوهيو،جنهن تي منهنجي هم اثر سينيئر شاعر سائين وشال روئي ڏنو هيو. ان کان وڌيڪ مون وٽ ڪو به اعزاز ناهي، صالح عباسي کي ڏيڻ لاءِ بس اها دعا ڪيان ٿي ته هيءُ صالح عباسي سچائيءَ جي راهه تي هلندي محبت جو مسافر هڪ ڏينهن پنهنجي مقصد جي مومل ضرور ماڻيندو. جنهن جي بنديا ۾ هڪ نئين صبح جو ستارو هوندو ۽ پرهه هن جي خيالن تي کير ضرور هاريندي ۽ هن جا خيالن جا کيت هير ۾ هڳاءُ بڻبا!


    شاهده کوکر/لاڙڪاڻو


    حرف حرف هڳاءُ

    منهنجي فيس بوڪ ادبي سٿ جو حصو ۽ ساٿي صالح عباسيءَ سگهڙ ادب ۽ جديد ادب جو هڪ تمام وڏو ۽ بهترين نالو آهي. سندس شاعري فيس بوڪ تي شيئر ٿئي ٿي ته تمام گهڻو پڙهندڙن جو انگ کيس لائيڪ ڪري ٿو. عبدالغفار تبسم کان حسن پنهيار، وشال کان عارف مظهر، بيدل مسرور کان درد هوش محمد ۽ سڪندر تائين عالم اديب، دانشور، ڏاها استاد صالح عباسي جي شاعري تي پنهنجا ڪمينٽس ڏين ٿا.
    شاعراڻي ناتي ادا صالح عباسي مون کي چيو ته اوهين منهنجي ايندڙ ڪتاب لاءِ تاثر لکو. سچ ته مان پيار ۽ پاٻوهه مان چيل انهن لفظن کان ڪنڌ ڪڍائي ڪونه سگهيس. توڙي جو مصروفيتون به تمام گهڻيون آهن. صالح عباسي جي شاعري سگهڙ لوڪ ادب ۽ جديد ادب جو حسين ميلاپ آهن، صالح عباسيءَ جي احساسن ۾ پنهنجائپ آهي. ديس پرستي آهي، حُسن پرستي آهي، قُرب جون ڪٿائون آهن. ويڙهچن لاءِ وفائون آهن، ڏکن منجهه دلاسا آهن. دعائون آهن.
    صالح عباسيءَ جو هي شعري مجموعو سنڌي ادب ۾ ڪٿائي ڪتاب جو اضافو آهي. کيس ڪتاب آڻڻ تي کوڙ ساريون دعائون ۽ مبارڪون پيش ڪيانٿي.

    شبانا عالماڻي
    مورو
    2016-10-19


    پاپ ننگر ۾ صالح هڪ ويڳاڻو ماڻهو

    جتي زندگيءَ جا سڀ رنگ ڌنڌلا ٿي وڃن ۽ انسان حد بندين ۾ ورهائجي وڃي ۽ هي پاڪ پوتر ڌرتي غاصبن، غورن، عربن، ترخانن جي چنبن ۾ آئي هجي يا مدد خان جي گهوڙن جي سنبن هيٺ پوءِ اهو دور ون يونٽ جو هجي، ايم آر ڊي تحريڪ جو آمر ضيا جي بربريت جي هجي يا سندس نمڪ حلال پٽ نواز جو هجي توڙي جمهوريت تي راتاهو هڻندڙ مشرف جو مگر تاريخ شاهد آهي ته هن ڀوئنه تي اهڙن آدرشي انسانن جنم پئي ورتو آهي، جن هميشه پنهنجي ڏات ۽ ڏانو وسيلي سنڌ امڙ جي سيڌ سنوارڻ لاءِ ڪنڌ جهڪائڻ کان ڪنڌ ڪپائڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي، تن ۾ سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، استاد بخاري، حيدر بخش جتوئي، ابراهيم منشي، ڪامريڊ سوڀو، راشد مورائي، حليم باعي، محمد خان مجيدي، سرڪش سنڌيءَ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، تن آدرشي انسانن جي تسلسل جي ڪڙي محمد صالح عباسي به هڪ آهي، جيڪو عوام ۾ ساک وڃائي ويٺل محڪمي پوليس ۾ هوندي به خون مان ڪلپون ٻوڙي به ادب جي آبياري ڪندي سنڌ امڙ جي فرض لاهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي، جيئن هڪ جاءِ تي پير پساري ويهڻ بدران منزل طرف وڌڻ جو حوصلو ٿو ڏئي ته:

    هر منزل کٽڻ جي آهي،
    جي همت وڌڻ جي آهي،
    هر ڪم سولو آ صفا،
    جي قوت ڪرڻ جي آهي.

    جيئن سنڌ ۽ سنڌين جا چار عباسي ڊاڪٽر تنوير عباسي، شهيد نذير عباسي، ظهور عباسي ۽ محمد ملوڪ عباسي قرض لاهي ويا آهن، ائين پڪ اٿم ته محمد صالح عباسي پنهنجي ڌرتي ماءُ جو قرض لاهيندو، جنهن جي ترجماني هي شعر ڪري ٿو ته:

    ڪير چوي ٿو ته صالح مرندو،
    ور ور ڏيئي واپس ورندو،
    شعر اسان جا سورهيه ساٿي
    جيڪو پڙهندو سنڌ لئه لڙندو.

    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نڪش قدم تي هلندي هارين جو هڏڏوکي بڻجي صالح عباسي چئي ٿو ڏئي

    ڳالهه انهيءَ جو ٿئي ٿو ڏک،
    ڏٺو نه ڪو ئي سانگن سک،
    صالح سينگاريا جن ٻنيون ٻارا،
    سوئي مري ٿو هاري بک.

    صالح عباسي چيلهه تي پوليس جي پٽي ٻڌڻ مهل انهن جي اصولن کان پڙڪنڍندي پنهنجي سانگين سان ڪمينٽمينٽ ٿيندي لکي ٿو
    توکي کپي ڪارو ناڻو، منهنجو آهي ديس اباڻو،
    مان ڪيئن صالح سانگي ساڙيان، تو ته پنهنجو ايمان وڪاڻو.
    صالح عباسي اتي بس نه ٿو ڪري سندس ڌرتيءَ جي نيهن ايترو ته نهوڙي وڌو آهي جو آزاديءَ جو جهنڊو کڻي باڊهه ۽ بگيءَ جي ماڻهن کي صلاح ٿو ڏئي ته

    سنڌ سڄيءَ جا سارا ماڻهون،
    مون کي آهن پيارا ماڻهون،
    پنهنجي حق لئه حڪلان ڏيئي،
    نڪري هڻندا نعرا ماڻهو،
    جيئي سنڌ جو جهنڊو کڻدا،
    جانب جيءَ جيارا ماڻهون،
    سنڌ جي خاطر سوليءَ چڙهندا،
    باڊهه بگيءَ وارا ماڻهو،
    صالح سنڌو ديس ٺاهي شل،
    سنڌي ٿين سوڀارا ماڻهو.

    جتي صالح عباسي کي ڌرتيءَ سان پيار آهي اتي سرتيءَ ۽ سندس اندر اڌ واڌ ڪري ڇڏيو آهي، محبوب کي مهانتا بخشندي چئي ٿو ڏئي ته

    ڀڙڇون تولئه ڀالا سهبا،
    نيڻ نه تنهنجا آلا سهبا،
    سڄڻ خاطر سوليءَ چڙهبو،
    صالح سور سلالا سهبا.
    يا
    سر تي سور به سهبو سائين،
    اُف نه توکي چئبو سائين،
    سوليءَ سڏي ڏس صالح کي تون،
    پوئتي پير نه هڻبو سائين.

    مون هڪ جاءِ تي پڙهيو هو ته: شاعري انسان جي سموري ڄاڻ ۾ سڀ کان پهرين ۽ آخري حيثيت رکي ٿي.
    اُها اهڙي امر اهي جهڙي انسان جي دل، سندس هي شعر پنهنجي ئي ويڪائو دلالن جي مُنهن تي اگهاڙي چماٽ ناهي ته ٻيو ڇاهي، ڀنگ لئه نه سانگي کڻو، ها جنگ لئه جهانگي کڻو، صالح استاد جو اعلان آ، غدار لئه بس دانگي کڻو.
    صالح عباسي شاعري ۾ ڪٿي ڪٿي وزن بحر جي کوٽ ضرور محسوس ٿئي ٿي پوءِ به صالح عباسي جي خصوصن قومي شاعري سنڌ جي ڌارائن جهڙي آهي، جنهن ۾ جماليات جون جهلڪيون به آهن، مٽيءَ جي خوشبوءَ جي ڪومل جذبن واري سوچ ۽ لوچ به آهي، ته خيالن جي وسعت پڻ اچو ته سندس سندر ڪوتائن مان جدائي جو هڪ روپ وٺون.

    رات رنو ڪو نماڻو ماڻهو،
    سياڻو سياڻو ويڳاڻو ماڻهو.

    سڏڪي سڏڪي لڙڪ لڙي پس،
    روئندي روئندي لفظ اڙي پس،
    موتين جهڙو داڻو ماڻهو.

    ڪنهن جي جدائي جهوريو هوندس،
    ماس هڏن تان ڪوريو هوندس،
    ڄڻ ته سورن لئه ساماڻو ماڻهو.

    صالح دور سهارا ٿي ويا،
    ڏور اکين کان پيارا ٿي ويا،
    دلبر در نه اگهاڻو ماڻهو.


    زخمي چانڊيو
    5 اپريل 2000ع/تي رهاڻ جي موقعي تي تقرير
    جيڪا وڊيو جي صورت ۾ موجود آهي


    تاثر : رولاڪي ڪنهن جي روح جي!

    لکاري جيڪڏهن دردوند آهي ۽ پوءِ اهو شاعر يا اسٽوري ڪار، ڪهاڻيون بڻائي لکي ٿو پر ڳالهه اندر جي اوساٽ جي آهي! اڌما، جيڪي آهون ٿي ليکڪ اوڳاڇي ٿو، جڳ وارن آڏو ڪورن ڪاڳرن تي اوتي ٿو ته لوڪ پڙهي پُڙجهي، سمجهي!
    سو پنهنجي ڌرتيءَ ديس ۽ قوم جو اصل ۾ انوا دڪ ٿئي ٿو. عالمي ادب جي هڪ پارکو عالمه اديب جي سولزي نٽشن چيو هو ته ڪهاڻي ڪاڳر تي پَنڌُ ڪندي ايندي آهي، مسافتون طئي ڪندي ساهه پٽيندي وڌندي آهي پر شاعري نچندي ڪڏندي هلندي اهي، جنهن ۾ صدين جا سور پور ۽ خوشين سرهاين جا بيان سموئجي وڃن ٿا! سو شاعر شاعري اهڙا پيغمبر آهن جيڪي ماضيءَ، حال ۽ ايندڙ وقتن جا گس پيشنگويون ڏين ٿا!
    شاعري هڪ جنون آهي ۽ تخليقڪار مجنون ڪوتا ڪار لاءِ ڏات هن جي محبوبه جو درجو رکي ٿي، اهڙو ئي هڪڙو ڏات ڌڻي، جيڪو پنهنجي روح جي صحرا جو سيلاني آهي.
    جنهن جي ذات ۾ خلقڻهار اهڙا هنر پوکيا جيڪي وڌي وڻ ٿيا، جن جو فني پورهيو لوڪ تائين رسي انهن جي روح جي خوراڪ بڻيو اهي، يگاني طبيعت توڪل جا ترها تاڻي رکندڙ محمد صالح عباسي ادب جي کيتر ۾ صالح عباسي جي نالي فني ڪِرتِ ۾ رڌل آهي.
    صالح عباسي، جيڪو هر ڌاتيو ماڻهو آهي، جنهن جي زندگيءَ جو پس منظر به شانائتو آهي، جو هن کي فن وارثت به مليو سنڌ جي هن سهڻي خطي ۾ سگهڙي سخنوريءَ جو بي تاج بادشاهه سگهڙن جو منهندار محمد ملوڪ عباسي مرحوم پنهنجي فن جا ڏيئا اهڙا ٻاري ويو جنهن جي روشنيءَ مان ڪيئي ٻيا سخنور سر جي نڪتا، تن منجهان صالح عباسي هن جو ڀائيٽيو به آهي ۽ پڻ سريلو شاگرد آهي، اهڙي وارثت ۽ خون خمير مان جڙيل صالح عباسي مٿي لکيم ته هر ڌاتيو فنڪار آهي، جنهن ڊرامه آرٽ، جي فن ۾ فني اداڪاري کان وٺي ڊائريڪٽر، هدايتڪار، لوڪ ادب جي ڪلاسيڪل فن سگهڙ شاعري ۾ سگهڙائپ جي هر صنف تي سگهارو لکيو ۽ هاڻي ٿوري عرصي کان جديد سنڌي شاعريءَ ۾ پير پاتو ۽ سنڌي شاعريءَ جي موبي صنف غزل تي طبع آزمائي ڪئي ۽ هن بيحد خوبصورت غزل سرجيا جيڪي پرنٽ ميڊيا تي لوڪ آڏو عام ٿيا ۽ اڄ جي جديد ۽ نرالي دنيا فيس بوڪ تي به خوب هليا ۽ هلن پيا، صالح عباسي هونءَ ته رڳو غزل تي ئي پنهنجي ڏات ۽ قلم کي محدود ڪونه رکيو پر هن جديد ۽ پرسَليس سادي ٻولي ۽ پنهنجي لهجي ۽ انداز ۾ نثراڻا نظم، آزاد نظم، نظم ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي سٻاجهڙي ٻوليءَ ۾ لوڪ رنگ ۽ ڪجهه سگهڙي رنگ ڍهنگ به ندرت ڀرين خيالن سان هم آهنگ ۽ ٻنهين امترزاجن ۾ خوب وايون به لکيون! صالح عباسي جي شاعري نه فقط عشق پيار ۽ ڪنهن جي حسناڪيءَ تي موهجي ساراهي سٽيون ئي ڪونه لکيون هن، پر هي سڀائن ئي ڌرتيءَ جو درد به سيني سانڍيو وتي ٿو! هن پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي محبت ۾ به پاڻ موکيو آهي، جن جون ڪيئي هن جون شاعراڻيون سٽون ساکي آهن.
    صالح عباسي نه فقط هڪ سڌو سنئون ڪوتا ڌڻي ۽ ٻٽي فن جو فنڪار آهي پر هي يارن جو يار دلبري نڀائيندڙ يار ويس کرو ماڻهو ۽ دوست پڻ آهي، تعريف ۽ توضيع ڪرڻ ڪان ته ججهي ڪري سگهجي ٿي، پر اصل هن جي ڏات ۾ جا فني فڪري شعوري لاشعوري شاعراڻي سگهه ۽ ڏانءَ ڏات وارو راڪ آهي، سو هن کي ادب ۾ هڪ اڇوتي جاءِ آڇي ٿو.
    مُهڙ ۾ مون ذڪر ڪيو ته شاعري هڪ عشق آهي، جنون آهي ۽ ڏات ڌڻي عاشق مجنون آهي، ته اهو ڪو غلط نه آهي، پر سچ اهو آهي ته ان ڏس ۾ آءُ صالح کي هر وقت پنهنجي فن ۾ محومگن ڏٺو آهي! جو ملندي ئي ڪجهه نه ڪجهه سٽون ٻڌائي وٺندو آهي، هون به منهنجي ذاتي اها راءِ رهي آهي جيڪا اڪثر دوستن سان ونڊ ڪندو آهيان ته شاعري وقتي ۽ وقت جي شئي ناهي يا هو شاعر آهي، يا ناهي، صالح جذ وقتي شاعر نه پر مون کي ڪل وقتي شاعر ڀاسندو آهي، هو ذاتي پنهنجي پيٽ پالڻ واري ڪرت ڪاريءَ سان هوندي به مون کي سدائين اتي شاعري جون سٽون سلجهائيندي نظر آيو آهي، هڪ ٻي ڳالهه ته صالح جيتري سٺي شاعري تخليق ڪري ٿو اوترو ڀلو نثر به لکي ڄاڻي ٿو. سٺيون ادبي ڊائريون، تاثر ۽ ڪهاڻيون به هن جي ڪريڊٽ تي پيل آهن، مون هن کي هر ڌاتيو غلط ڪونه چيو جو هو فن جي کيتر ۾ مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري سڀ سان سُٺو انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري چڪو آهي، هن پورهيو هي ڪيتري سڦلتا ماڻي آهي، اهو دوستن جي هٿ ۾ سندس تازو هي ڪتاب جيڪو هن جي روح جي رولاڪي ته آهي پر هن ۾ هي شاعري ديس، جي دکن ڏوجهرن مسڪين مارن جي حال ڪٿا ۽ پيغام سان پر به آهي ته حَسنَين جي دل لڳڻ جو داستان ۽ ان سونهن وارن لاءِ سڏڪا به آهن، جن هن جي روح کي رولاڪيون بخشيون ته اندر جي آهن کي هي شاعراڻو حُسن به ڏنو، ڇو ته هِن دل دکيءَ جي روح کي ڪائي رهڙ نٿي اچي ته اندر منجهان قيمتي ڪيميا شاعري جو روپ نٿي وٺي سگهي، صالح جي هن پهرين مجموعي ۾ اهو سڀ ڪجهه آهي جنهن کي هڪ شاعر جي پختي اک پڙهي ۽ پرجهي صالح جي هن ذهني پورهيو جو تدارڪ هڪ فن ڌڻيءَ جو داد پڙهڻ واري جي قدر داني آهي ۽ اهو ئي وڏو هڪ لکاريءَ لاءِ انعام آهي، ان جي سهي سڦلتا ئي آهي، سائين سرمد مهاڳ عنوان سروم دکم دکم به ڏنو آهي، جيڪو صالح جي من جي ٺيڪ ترجماني، صالح جو هي پهريون شعري مجموعو سکن، دکن، المين ۽ جيون جي ڀٽڪندڙ ساهن جو حسين سنگم آهي، اميد ته پڙهندڙ قدر شناسي جو ثبوت اوس ڏيندا ۽ پنهنجي دعا آهي، صالح سرنيون سٽون پنهنجي ساهن سان سرجيندو رهي.

    سڪندر شيخ
    2016-11-12
    لاهوري محلو لاڙڪاڻو


    دل وچان چند لفظن جي ڀيٽا

    ادبي دنيا سان منهنجي وابستگي زندگي جو بهتر عمل هيو، جو آئون اهڙي سگهڙ سٿ ۾ شامل ٿي هڪ وڏي جهان سان روشناس ٿيس ۽ پاڻ ۾ سڀاويڪ تبديليون محسوس ڪيم، منهنجو دوست، ڀاءُ سڀ ڪجهه محمد صالح عباسي مون کي ادبي جهان ۾ آڻي وڏو وڙ ڪيو، محمد صالح عباسي تي لکڻ منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي، جو سندس گوناگون شخصيت جا سڀئي پهلو وزندار آهن، شايد آئون انصاف نه ڪري سگهان، پنهنجي حال آڌار سندس حڪم اکين تي رکي عرض ڪندس ته ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، سندن سڀاءُ اهڙو ته خوشبودار هجي ٿو جنهن سان ماحول معطر ٿئي ٿو، سگهڙن جي جهان جو وڏو نالو محمد صالح عباسي مڪمل آرٽ ورڪ جو ماهر، وسيع سوچ، قوم پرستي جو اهڃاڻ، سچي ديش ڀڳت، دوستي ۾ وڙ ڪرڻ وارو پنهنجي ذات ۾ انجمن آهي، سندس شاعري ۾ محبت ۽ ديس لاءِ اڪير سان گڏ هڪ ارڏائپ آهي جا ڪونڌر سنڌين جو شان هوندي آهي، سائين سڪندر شيخ چواڻي ته: محمد صالح عباسي سگهڙن جو نڪ آهي، سندس قلمي پورهيئي تي مون کي دلي خوشي سان گڏ فخر محسوس ٿي رهيو آهي جو آئون اهڙي مور انسان جو پاڇو رهندو آيو آهيان.


    فياض الرحمان سومرو
    جنرل سيڪريٽري
    آواز گروپ لاڙڪاڻو


    شاعري جو ماهقابُ، خوبصورت انتخاب

    سنڌ سونهاري جي سرسبز خطي هميشه غير معمولي انسانن کي پئي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي فن و فڪر، بلند ڪردار سان قوم جي ذهنن تي چڙهيل ورهين جي ڪٽ لاهي کين نئون جيئدان بخشيو آهي.
    لوڪ ادب ۾ عالمي سطح جي قدآور شخصيت، سگهڙ دنيا جي ڏاهي اُستاد محمد ملوڪ عباسي جي گهراڻي جو چشم و چراغ محمد صال عباسي جو هڪ مايه ناز سگهڙ، شاعر، ڊرامه آرٽسٽ، شارٽ اسٽوري رائيٽر، ڪمپيئر جهڙا زبردست اعزاز رکڻ پٺيان سندس محترم اُستاد جي رت ولوڙ، محبت، سکيا جو عمل دخل آهي، سندس اهڙين ڀال ڀلاين جا ڳڻ هو هردم ڳائيندو ٿو رهي، اُستاد محمد ملوڪ عباسي کانپوءِ هي واحد شخص آهي، جنهن ان عظيم ورثي جي پاسداريءَ خاطر پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي آهي، لوڪ ادب ۽ سگهڙ سٿ لاءِ سندس ڪليدي ڪردار رهندو پيو اچي، مختلف فورمن تي اهڙو مچ مچائڻ لاءِ هن دوست بي انتها تڪليفون سٺيون آهن.
    سندس شاعري جو هي ڪتاب ورهين جي ولوڙ آهي، جا ماٽي مان ڀلوڙ مکڻ ٿي نڪتي آهي، جا سهڻي انداز ۾ اوتجي اسان تائين پهتي آهي، محمد صالح عباسي جي شاعري ۾ سونهن کان قومي درد تائين خيالن جي پختگي فني فڪري صلاحيتن جي چٽي شاهدي ڏئي ٿي، هو محبت ۾ بلڪل اتاولو ناهي پر ڌيرج سان حسين پينٽنگ ڪندڙ آهي، سندس بولي نج عوامي، سليس، سٺي سوڀاءَ واري آهي، قوم جي اهنجن تي سندس قلم سوايو وهيو آهي، سنڌ، سنڌي قوم ۽ محبوب واري ٽيمورتي جي گرد سندس شاعري رقصان آهي، شاعري جي آسمان تي هي ڪتاب چوڏهين جو چنڊ ٿي ضرور اڀرندو، جنهن جي روشني سان محبوبي گهٽيون منور ٿينديون، “روح جون رولاڪيون” مڃتا جو عروج ماڻي اسان جون اکيون ٿڌيون ڪندو.
    منير مصور ٻگهيو
    لاڙڪاڻو


    سمبارا جو شاعر

    جديد سنڌي شاعريءَ جي روحاني رستي تي الائي ڪيڏا مجذوب ۽ محبوب شاعر پنڌ پيا، انهن سان گڏ صالح عباسي به سفر تي نڪتل آهي، ان سفر جي پهرين منزل هن جو پهريون ڪتاب “روح جون رولاڪيون” آهي، سهڻن غزلن، واين، نظمن ۽ گيتن سان سينگاريل سهڻو ڪتاب آهي.
    صالح عباسي منهنجو پراڻو دوست هن سان پهرين ملاقات به ڪافي سال اڳ ڪنهن سنڌي فلم جي رڪارڊنگ دوران ٿي. ان دؤر ۾ ڊرامن ۽ فلمن جو ڀوت سوار هوندو هيو.
    بعد ۾ ملاقاتون دوستيءَ ۾ تبديل ٿي ويون. هن پنهنجي مفلسيءَ واري دؤر ۾ به زندگيءَ کي انجواءِ ڪيو آهي، هي ڏاڍو بهادر شاعر آهي، جيڪو حالاتن سان مخلسيءَ جي سختين سان مُنهن ڏيندو رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ هن جي زندگيءَ جي بقا ۾ شاعريءَ جو وڏو هٿ رهيو آهي.
    صالح عباسيءَ جي شاعريءَ ۾ هڪ پاسي ڌرتيءَ جو درد ٿو ملي ته ٻئي پاسي سمبارا جو سور ۽ سونهن جي چترڪاري به ملي ٿي، هڪ غزل ۾ لکي ٿو ته
    “صالح کي آ طاقت ڪهڙي،
    دشمن کي آ نارن ماريو.”
    ڌرتيءَ لاءِ لڳندڙ نارا واقعي گهٽ ڪونه آهن، هڪ ٻئي نظم ۾ لکي ٿو ته:
    ڄڻ موهن ۾ آءُ رهان ٿو،
    ۽ موهن آ منهنجي مَنَ ۾.
    اهڙن سٽن مان محسوس ٿو ٿئي ته موهن جي دڙي جي ڀرسان جنم وٺڻ جو به ڪافي اثر آهي هن تي.
    موهن جي دڙي جي مٽيءَ جي خوشبو ئي پنهنجي من کي موهي وجهي ٿي ۽ ياد ڏياري ٿي ته سنڌ هزارين سال پهريان به سنڌ آهي.
    صالح جو سمورو ڪتاب خوبصورت آهي، دعا اهي ته سدائين اهڙي شاعري سرجيندو رهي. اياز جي هن شعر سان موڪلاڻي.
    عشق تنهنجو اياز آ انسان سان،
    هُو چون ٿا ته تون نانهه ايمان ۾.
    عارف مظهر-لاڙڪاڻو


    غزل نه گم ٿيڻ جهڙا

    جنهن شاعر جي شاعريءَ جون پارون پنهنجي ڌرتيءَ ۾ کُتل هونديون آهن ۽ جنهن شاعر جون سوچون ديس واسي پنهنجون سوچون سمجهندا آهن. ان شاعر ۽ انهن سوچن کي ڪنهن اعليٰ اديب جي سند “سرٽيفڪيٽ” جي ضرورت ناهي هوندي، ڇو جو ان شاعر ۽ ان سوچن جا نقاد اُهي ديس واسي ئي هوندا اهن، اُها ئي سندَ ان شاعر ۽ ان سوچن لئه اعليٰ هجڻ واري سندَ هوندي آهي.
    صالح عباسيءَ جي هي ڪتاب روح جون رولاڪيون” انهن ٻنهين خوبين سان مالا مال آهي، هنن خوبين کان علاوه جيڪا مون کي اڃان به اتم ۽ اعليٰ خوبي نظر آئي آ صالح ۾ سا آهي لوڪ ادب وارو پاسو، يا لوڪ شاعري4 جو پاسو، صالح عباسي هڪ ته سنڌ جي هڪ وڏي سگهڙ گهراڻي سان واسطو رکي ٿو ۽ پڻ پاڻ به هڪ بهترين سگهڙ شاعر آهي.
    سگهڙائپ کان سواءِ جديد ادب ڏانهن لاڙي جو شاهد سندس هي ڪتاب “روح جون رولاڪيون” آهي.
    جيڪڏهن ساڳي محنت ۽ پروڙ جاري رکيائين ته اُهو ڏينهن ۽ اُها منزل ضرور کيس ڀاڪر پائيندا، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن هي ادب جا ٻه پاسا ورتا آهن. صائب چيو ته: شاعري لئه ٻه شيون هاڃيڪار آهن، هڪ ناشناس جي واهه واهه ٻيو پارکوءَ جي خاموشي، مون صالح عباسيءَ جي شاعري سهڻا سادڙا ۽ منٽن ۾ پنهنجو ڪندڙ ڪردار ڏٺا آهن ۽ اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته صالح عباسي جي اُها شاعري آهي جيڪا ڳليءَ ڳليءَ ۾ ڳائبي ۽ واکاڻ بي آهي.
    اسڪاٽ پيپ چيو ته: روحاني اعتبار کان سڀ کان وڌيڪ ترقي حاصل ڪرڻ وارا اُهي ئي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي زندگيءَ کي سمجهڻ جا ماهر هوندا آهن، صالح عباسي زندگيءَ کي سمجهڻ سان گڏوگڏ ادبي سفر ۾ تخليقي طرقي پڻ ڪئي آهي.
    تڏهن ته هي خوبصورت ڪوتائي محل ڏئي ڪري صاحب ڪتاب شاعر بڻجي ويو آهي، هاڻي جيڪي هن ڪوتائي محل مٿان جائز ۽ ناجائز حملا ٿيندا، انهن کي مُنهن لئه ادب جي پارکن ۽ مطالعي سان پنهنجو ادبي پاند اڃان به مضبوط ڪرڻ جي ضرورت پوندس.
    آئون صالح عباسي کي چوندس ته پيارا شاعر “زندگي جو هر وقت هر ڪنهن سان سهڻو گذاريو. ڇو ته زندگي ختم ٿي ويندي آهي، سهڻيون يادون هميشه رهنديون آهن. “مولا علي عليه السلام”


    شيخ فرازي
    لاڙڪاڻو
    2016-12-07


    هو جيڪو مسلسل تحرڪ ۾ رهي ٿو

    صالح عباسي سان منهنجي محبت ۽ نياز منڊيء جو رشتو هڪ ڏهاڪي کان وٺي رهيو آهي جنهن ۾ هن کي مون سدائين تحرڪ ۾ ڏٺو آهي. هن سماج کان وٺڻ بجاءِ هميشه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هو جڏهن قومي سياست ۾ متحرڪ هو تڏھن به هن پنهنجي محبتن جو مرڪز ڪنهن اقتدار اعليٰ جي ڌر کي بڻائڻ بجاءِ سن کي بڻايو هو جنهن مرڪز سان هن بي لوث ۽ بي پناهه محبت ڪئي هئي. هن جڏهن سنڌ جي لوڪ ادب ۾ پنهنجي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن تڏھن به هن جو رشتو عوام سان، پورهيتن سان ۽ مظلومن سان رهيو آهي. هن جي شاعريءَ جو سفر به روايتي هئڻ بجاءِ ڪيترن ئي نئين روايتن جو ساکي سفر آهي. صالح عباسي ڪنهن سان به نفرت ڪرڻ، تاريخ جو سڀ کان وڏو ڏوهه سمجهي ٿو ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي عام زندگيءَ کان وٺي قلمي سفر تائين صرف محبتون ئي ورهايون آهن. اهي هن جون محبتون سنڌ جي گيڙو رنگ جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور دليل آهن ڇو ته سنڌ صوفين جي جي سرزمين آهي جنهن تاريخ جي هر دور ۾ محبتون ورهائڻ سکي آهي جيتوڻيڪ انهنن محبتن جي عيوض نفرتن جي سنگ باري به ٿي آهي تنهن باوجود به سنڌ محبت جي دامن کي پنهنجو مقدر بڻائي ڇڏيو آهي صالح عباسي انهنن محبتن جو امين آهي. هن سان ڪيترن ڳالهين سان اختلاف به رکي سگهجي ٿو پر هن جي خلوص ۽ پنهنجائپ کان انڪاري نه ٿو ٿي سگهجي. هن جي شاعري سماج جي ڪيترن ئي رخن جا نوان نوان رنگ ۽ روپ کڻي اچي ٿي. سندس شاعريءَ جو مجموعو "روح جون رولاڪيون" ، اصل ۾ هن جون رولاڪيون آهن جنهن زندگيءَ جي وک وک تي سفر دوران نه صرف ڏٺيون آهن پر ان جو ھن کي تلخ تجربو به آهي . هن جون هي رولاڪيون سماج جي بي زبان، روحن جو آواز بڻجي، ڪتابي صورت ۾، تاريخ جو رڪارڊ بڻجي ويون آهن.مان پر اميد آهيان ته صالح عباسي جو هي ڪتاب "روح جون رولاڪيون " سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت اضافو آهي

    عيسيٰ ميمڻ لاڙڪاڻو


    مبارڪون

    سرڪشي ۽ باغيانا طبيعت رکندڙ صالح عباسي جنهن کي منهنجي رهبر بابا فقير محمد ملوڪ عباسي پنهنجي محبت ۽ شاگرديءَ ۾ هڪ فقير ۽ صوفيانه طبيعت رکندڙ بڻائي ڇڏيو. اڄ تخليقڪار جي روپ ۾ هڪ ڪتاب ڏيئي سنڌي ادب ۾ منهنجي خاندان ۾ استاد کانپوءِ ٻيو صاهب ڪتاب هجڻ جو شرف حاصل ڪري ويو، کيس مبارڪن سان گڏ وڌيڪ تخليق ڪرڻ جي دعا ٿو ڏيان.

    شبير ملوڪ عباسي
    ضلعي صدر
    سنڌ سگهڙ سنگت ڀلائي تنظيم
    لاڙڪاڻو


    مبارڪون

    صالح عباسي جو ڪتاب “روح جون رولاڪيون” هٿن ۾ ڏسي منهنجي اکين جو ڪنهن تائين اوجاڳو لٿو، هي سچن جذبن جو تخليقڪار آهي، ساڻس منهنجي دوستي مون لاءِ فخر جي لائق آهي، اُهي ڳالهيون جيڪي سڳن ڀائرن سان نه سَلي سگهان، اُهي هن سان سلي دل جو بار هلڪو ڪندو آهيان، جيڪڏهن واقعي ٻيو جنم هجي ته مالڪ مون کي صالح عباسي جو سڳو ڀاءُ ڪري اٿاريندو. خوشيءَ منجهان اکين جا پانڌ پسائي کيس ڪتاب جي مبارڪباد ڏيان ٿو.

    گل حسن سومرو
    وائيس چيئرمين
    آواز گروپ لاڙڪاڻو


    التجا

    يا خدا! او يا خدا عاصي ڪيان ٿو التجا،
    منهنجون خطائون معاف ڪر صدقي شهيد ڪربلا.

    مان بندو آهيان گندو مان آهيان واعدي خلاف،
    تون ڍڪج منهنجون ڍلايون منهنجي آ ڏاڍي ندا.

    ڪوڙ ڪوڙايون ڪيون مون ڪوڙي شهرت واسطي،
    هيرا ڦيريون هَٺ وڏائي ڪوڙي منهنجي هر ادا.

    مون آ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي نظر ڪيري ڇڏيو،
    رحم ڪر رازق تون مون تي منهنجا آهن ڪم ڪُڌا.

    تون ئي مالڪ تون ئي خالق تون ئي آهين رب رحيم،
    مون تان مصيبت معاف ڪر ڏاڍا اهن ڏکڙا ڏٺا.

    مشڪلاتن ۾ ڀلا ڪنهن در وڃي دانهون ڪيان،
    نظر ڪرم سرڪار ڪر تون ڪر سخي پنهنجي سخا.

    سوالي آ صالح عباسي اُمتي عربيءَ سندو،
    پاڪ پنجتن جو ثناگر ٿو گُهري شافي شفا.
    *


    غزل

    سنڌ سڄيءَ جا سارا ماڻهون،

    سنڌ سڄيءَ جا سارا ماڻهون،
    مونکي آهن پيارا ماڻهون.

    حق پنهنجي لئه هڪلون ڏئي،
    نڪري هڻندا نعرا ماڻهون.

    ڌرتيءَ جي لئه وڙهندا مرندا،
    جانب جيءَ جيارا ماڻهون.

    سنڌ جي خاطر سوليءَ چڙهندا،
    “صالح” ٿي سوڀارا ماڻهون.


    هيڪلي زندگي ڪو سهارو نه آ،

    هيڪلي زندگي ڪو سهارو نه آ،
    دور تو کان سکي ڪو سهارو نه آ.

    زندگيءَ کان خفا ٿي ويو آدمي،
    آ بچي خودڪشي ڪو سهارو نه آ.

    بي رخي ايتري ٺيڪ ناهي مٺي!
    تو سوا او چري! ڪو سهارو نه آ.

    ساٿ تنهنجو کپي مون کي مرڪڻ جي لئه،
    پيار ڏي ڇوڪري ڪو سهارو نه آ.


    منظر سهڻا سارا مرڪيا،

    منظر سهڻا سارا مرڪيا،
    اولهه اوڀر وارا مرڪيا.

    رات سکي جيئن مون سان مرڪي!
    چنڊ ڪَتي ۽ تارا مرڪيا.

    رم جهم رم جهم، موسم مهڪي،
    بارش پئي نيسارا مرڪيا.

    سن جي ويجهو جيئن پڳاسين،
    ڌرتي تنهنجا نعرا مرڪيا.
    *


    باهه اندر ۾ ڀڙڪي پئي آ،

    باهه اندر ۾ ڀڙڪي پئي آ،
    يار قيامت ڪڙڪي پئي آ.

    تو بن منهنجو جيون جاني،
    خالي چاڏي کڙڪي پئي آ.

    دل جو منهنجو جهيڙو اهڙو،
    ڪڪڙن جوڙي ڦڙڪي پئي آ.

    حيرت آهي مُردي جي اڄ،
    صالح دلڙي ڌڙڪي پئي آ.


    خاڪ ٿي وئي هر خوشي ڄاڻي نه ٿو،

    خاڪ ٿي وئي هر خوشي ڄاڻي نه ٿو،
    هو اسان جي عاشقي ڄاڻي نه ٿو.

    پاڻ کي ٿو پاڻ ئي ڪُهندو وتي،
    هاءِ پاڳل آدمي ڄاڻي نه ٿو.

    خوبصورت زندگيءَ مان آ خفا،
    ڇا هي آخر زندگي ڄاڻي نه ٿو؟

    غير جي آهي چوڻ ۾ اُن ڪري،
    هو اسان جي دوستي ڄاڻي نه ٿو.


    ڌرتي هي ديوانا ماڻهو،

    ڌرتي هي ديوانا ماڻهو،
    آهين ڄڻ افسانا ماڻهون.

    دنيا جا دستور دورنگي،
    مارن ٿا مستانه ماڻهون.

    اڄ ڀي جا ٿي مچ مچي ٿو،
    پهچن ٿا پروانه ماڻهون.

    تنهنجي نظرن ڏي گهوريندي،
    ٽوڙن ٿا پيمانا ماڻهون.

    گيت ته ڇيڙيو صالح جو ڪو،
    ايندا سڀ مستانه ماڻهون.
    *


    اسان کان اجايو ڪنارا نه ڪر!

    اسان کان اجايو ڪنارا نه ڪر!
    رقيبن کي جاني اشارا نه ڪر!

    نقابن کي مُکَ تان هٽائي نه ڏس،
    شرمسار سهڻا نظارا نه ڪر.

    اکين سان ڪرڻ حرڪتون ڏي ڇڏي،
    ڪري يار پوندا ستارا نه ڪر.

    حسابن ڪتابن کي ڏي تون ڇڏي،
    اجايو پرين يار پيارا نه ڪر.


    سار جي ڪنهن شام ۾ سڏڪا ڀري،

    سار جي ڪنهن شام ۾ سڏڪا ڀري،
    ڪير ٿو انجام ۾ سڏڪا ڀري.

    ڪو ته هن کان دوست آ وڇڙي ويو،
    ڪير ٿو نه ته عام ۾ سڏڪا ڀري.

    پيٽ سان پٿر ٻڌي هو آ سُتي،
    دل پئي ڪنهن دام ۾ سڏڪا ڀري.

    اڄ به مون آهي ڏٺو تنهنجي سميع،
    سنڌ ٿي قتلام ۾ سڏڪا ڀري.

    خوبصورت ويو پکي اڏري جڏهن،
    لام پئي تنهن شام ۾ سڏڪا ڀري.
    ------------------------------------------------------
    سميع: سميع الله ڪلهوڙو سنڌ جو شهيد


    تعبير بنا سپنا،

    تعبير بنا سپنا،
    ڄڻ سرد هجن لاشا.

    پوڙهي ٿي حياتي آ،
    پر يار جوان جذبا.

    هوءَ ڄاڻ اجهو آئي،
    دل ۾ آهي آشا.

    هي ڪير سنڌوءَ ڪپ تي،
    ٿو روئي چئي نغما.

    هي ڪير وڇائي ويو،
    رستن ۾ سوَ شيشا.

    صالح کي ڪمي تنهنجي،
    تڙپائي ٿي بابا.


    منهنجي نگاه ۾ تون،

    منهنجي نگاه ۾ تون،
    دل جي پناهه ۾ تون.

    هاڻي سمائجي وڃ،
    منهنجي ته ساهه ۾ تون.

    محفل ۾ روشنيءَ ۾،
    ۽ واهه واهه ۾ تون.

    چئو ڌار تون نظر ۾،
    هر يار راهه ۾ تون.
    *


    لڳئي شل نه ڪنهنجي نظر لاڙڪاڻا،

    لڳئي شل نه ڪنهنجي نظر لاڙڪاڻا،
    اسان جي پرينءَ جا شهر لاڙڪاڻا.

    ڪٿي ڀي هجون پر پيل پيٽ ۾ هن،
    هي تنهنجا اسان کي ٽڪر لاڙڪاڻا.

    رهيو آهي تنهنجو سدا يار ساٿي،
    هي موهن جو سهڻو ننگر لاڙڪاڻا.

    سدا روڊ رستا پيا تنهنجا مهڪن،
    هجن شاد تنهنجا پڌر لاڙڪاڻا.


    وفائون لاڙڪاڻي جون، جفائون لاڙڪاڻي جون،

    وفائون لاڙڪاڻي جون، جفائون لاڙڪاڻي جون،
    اسان کان ڪونه ٿيون وسرن ادائون لاڙڪاڻي جون.

    لهن دل تان نه ٿيون لعلڻ! ڀٽائيءَ جو قسم آهي،
    لڳيون جي روح منهنجي کي حنائون لاڙڪاڻي جون.

    سخائون لاڙڪاڻي جون صدائون لاڙڪاڻي جون،
    اسان جي ذهن تي اُڪريل عطائون لاڙڪاڻي جون.

    سدا صالح صبح سانجهي چوان ايمان سان ٿو مان،
    عباسي ڪو نه ٿيون وسرن فضائون لاڙڪاڻي جون.


    گُهري مون زندگي جنهن کان ڪري منهن موڙ ماري ٿو،

    گُهري مون زندگي جنهن کان ڪري منهن موڙ ماري ٿو،
    وڏو هو آسرو جنهن ۾ ڇني سو جوڙ ماري ٿو.

    شرارت ڪين ڪا ڄاڻون اسان سادا سِڌا ماڻهو،
    زمانو پوءِ ڀي ظالم ڪري بي جوڙ ماري ٿو.

    لٽائي دل جي مون جاگير آ جنهنجي ادائن تي،
    فنائن جو وٺائي ٿو اهو ئي موڙ ماري ٿو.

    سوين صالح ڇڏيا ناتا اسان جنهن جي ڪري هتڙي،
    عباسي سو وفائن جي ڪري اڄ ٽوڙ ماري ٿو.


    مارن مک تي مرڪون گهرجن،

    وحشت جي واکاڻ نه گهرجي،
    خون ٻڏل سرهاڻ نه گهرجي.

    مارن مک تي مرڪون گهرجن،
    اکڙين ۾ آلاڻ نه گهرجي.

    ڊيم جا حامي ڪل حرامي،
    اندر جي ڪاراڻ نه گهرجي.

    مير وڏيرا خان بهادر،
    هاڻي ڪا گدلاڻ نه گهرجي.

    سنڌو منهنجو مست وهي شل،
    کيتن ۾ پيلاڻ نه گهرجي.

    اجرڪ رکجو منهنجي سِرَ تي،
    رسمن جي ڇڪتاڻ نه گهرجي.
    *


    اچو اورتي اور اوريو اسان سان،

    اچو اورتي اور اوريو اسان سان،
    قدم پيار جا ڪي ته سوريو اسان سان.

    ٽٽن ڪين پنهنجا ڪڏهن ساٿ جاني،
    ڏکن ۽ سکن ۾ پيا ڏوريو اسان سان.

    ڀلي جان زمانو سڙي ساڙ ۾ هي،
    اچو چاهه جو چنگ چوريو اسان سان.

    گلن هي چيو آهي صالح عباسي،
    اسان جي ڪنڊن کي به توريو اسان سان.


    ڪنهن جي ڳُڻَ ۾ ڳڻجي ويندينءَ،

    ڪنهن جي ڳُڻَ ۾ ڳڻجي ويندينءَ،
    رانديڪي جان بڻجي ويندينءَ.

    روئندا رهندئي نيڻ نشيلا،
    ماضيءَ ڏي جي لڙجي ويندينءَ.

    رنگ سمورا رنگ نه رهندئي،
    اهڙي هنڌ ڇا اڙجي ويندينءَ.

    فوٽو منهنجا ڦاڙي ڇڏجان،
    ڀوري ڪاري بڻجي ويندينءَ.

    “صالح” ڀُلجي ناءُ نه کڻ جان،
    پنهنجن مان ڀي تڙجي ويندينءَ.


    خوابن جي تعبير ٿي گهرجي،

    خوابن جي تعبير ٿي گهرجي،
    ساڀيان جي تصوير ٿي گهرجي.

    ظلم جو نقشو ڦاڙي ڇڏجي،
    ڪا اهڙي تحرير ٿي گهرجي.

    عمر سموري ڳنڍي ڇڏي جا،
    سا اهڙي زنجير ٿي گهرجي.

    مان ڀي رانجهو دل جو آهيان،
    مون کي ڀي ڪا هير ٿي گهرجي.

    صالح سان گڏ پوڙهي ٿئين شل،
    ها اهڙي تقدير ٿي گهرجي.


    تون زهر پيالو پياريو جي،

    تون زهر پيالو پياريو جي،
    مان مرڪي مرڪي پي ويندس.

    تون دور اسان کان گهار ڀلي،
    مان تڙپي تڙپي جي ويندس.

    تون شعر اسان جا جي پڙهندين،
    مان اعليٰ شاعر ٿي ويندس.

    تون صالح تي ڪروار ڀلي،
    پر راهه مٽائي نه ٻي ويندس.


    اڇا ٿي وار ويا سڪ ۾ سڄڻ ڏاڍو سڪايو تو،

    اڇا ٿي وار ويا سڪ ۾ سڄڻ ڏاڍو سڪايو تو،
    ڪڏهن ايندين اڱڻ موٽي نه هي آهي ٻڌايو تو.

    اسان کي پيار سان ناتو نڀائڻ ايندو آ جاني،
    اهو ڪنهن کي نه چونداسين گهڻو آهي ڏکايو تو.

    مٺا تنهنجي سخائن جا پيو مان گيت ڳائيندس،
    نوازش اڄ ڪري ڪيڏي مون ڏي هٿڙو وڌايو تو.

    سڄڻ توکي سنڀاريندي عمر گذري پئي منهنجي،
    خطا ڪهڙي ڪئي آ مون جو منهنڙو هي مٽايو تو.

    خوشي صالح ڪري ڪهڙي عباسي کي ته سمجهايو؟
    زماني کان نه پردو ڪئي مون کان ڇو منهن لڪايو تو.


    ڀيانڪ موت جو منظر! اوهان جي موڪلاڻي آ،

    ڀيانڪ موت جو منظر! اوهان جي موڪلاڻي آ،
    اسان جي مرڪ جي هاڻي ڏکي ٿي پئي ڪهاڻي آ.

    جدا جاني ٿيو آهي، خوشي پنهنجي رهي ناهي،
    انهن دردن ۾ دل پنهنجي چري ٿي پئي ته ساڻي آ.

    رُٺي آ پيار جي منزل ٿيو جيئڻ آهي مشڪل،
    هتي بدنام رب ڄاڻي ڪيو ڪنهن ڄاڻي واڻي آ.

    خوشي ڪهڙي ڪيان صالح عباسي ڪو مزو ناهي،
    اڄوڪو حال هي سنڌ جو وري بڻيو مياڻي آ.


    ڪڏهن حال ڪنهن کي ٻڌائي نه سگهندين،

    ڪڏهن حال ڪنهن کي ٻڌائي نه سگهندين،
    لڳل باهه دل جي وسائي نه سگهندين.

    اسان ساهه ڏئي آهي ويساهه ورتو،
    زمانا اسان کي مٽائي نه سگهندين.

    نه ڪي هار رهندئي نه سينگار رهندئي،
    ٽٽي دل ته ٽاڪو لڳائي نه سگهندين.

    ڪڏهن عشق ظاهر ته ٿيڻو آ ٿيندو،
    اهو عشق شعلو لڪائي نه سگهندين.

    وڇوڙو وڃائي ڇڏيندو آ صالح،
    ويل وقت واپس ورائي نه سگهندين.


    ماحول کان ٿي باغي دنيا ٿو نئين چاهيان،

    ماحول کان ٿي باغي دنيا ٿو نئين چاهيان،
    زنجير غلاميءَ جا جيئن يار سگهو لاهيان.

    نه ئي ٽوڪ هجي هتڙي نه ئي روڪ هجي ڪائي،
    محبوب هجي سامهون مان گيت پيو ڳايان.

    ڪرديد هيڏي دلبر! پو عيد هوندي دلبر!
    مان رقص ڪري جانان، پيو ڇير کي ڇمڪايان.

    مئڪش نه ٿين صالح! خاموش رڳو پيارا!
    مان نانءُ وٺي تنهنجو، ماحول کي جهومايان.


    چاهه تنهنجي ڪيو چريو آهي،

    چاهه تنهنجي ڪيو چريو آهي،
    درد هن دل ۾ تو ڀريو آهي.

    رنگ تنهنجي ۾ مان ويس رنگجي،
    ماڻهو چوندا رهيا کريو آهي.

    اچ پرين پاڻ وڃ وسائي تون،
    درد تنهنجو وري ٻريو آهي.

    آ تصور سدا رهيو جنهن جو،
    سو نه صدما ڏسي وريو آهي.

    کوڙ سيني ۾ غم رکي صالح!
    تارِ سورن سندي تريو آهي.


    تو سوا اُجڙي ويا سينگار منهنجي ڳوٺ جا،

    تو سوا اُجڙي ويا سينگار منهنجي ڳوٺ جا،
    ڪونه ٿو ڪوئي اُگهي اڄ نار منهنجي ڳوٺ جا.

    تون پڙها ئي پيار مان مون کي وئين پيارا پٽيون،
    محبتي بڻجي ويا وهنوار منهنجي ڳوٺ جا.

    دل سدورا سائين تو کي ياد ٿي ڏاڍو ڪري،
    تون امر آهين سدا ڪردار منهنجي ڳوٺ جا.

    واهه جو تقرير تنهنجيءَ جو اثر ظاهر ٿيو،
    وئين ڪري هاري سڀئي بيدار منهنجي ڳوٺ جا.

    تو علم جي لاٽ ٻاري ڳوٺ کي روشن ڪيو،
    روشني اڄ ٿي ويا آثار منهنجي ڳوٺ جا.

    ٿو چوي صالح عباسي ياد تنهنجيءَ ۾ ملوڪ،
    سڀ اُداسي ٿي ويا وهنوار منهنجي ڳوٺ جا.
    --------------------------------------------------------------------
    سدورا= سدورو عباسي منهنجو پرائمريءَ جو استاد جيڪو منهنجي ڳوٺ جو پهريون استاد هو.
    ملوڪ= سگهڙن جو استاد منهنجو رهبر استاد محمد ملوڪ عباسي


    چور آ پيري ٿيو مان ڇا ڪيان؟

    چور آ پيري ٿيو مان ڇا ڪيان؟
    دوست آ ويري ٿيو مان ڇا ڪيان؟

    حال دل جا اورجن ڪنهن سان ڀلا،
    ها نه ڪو خيري ٿيو مان ڇا ڪيان؟

    مون ته سُڳداسي هيو جنهن کي چيو،
    سو ته آهي ايري ٿيو مان ڇا ڪيان؟

    دوست جي در کان ڏکارو ٿي ويم،
    درد آ ڍيري ٿيو مان ڇا ڪيان؟

    ڳالهه آهي وقت جي صالح ادا،
    باز آ ڳيري ٿيو مان ڇا ڪيان؟


    کلڻ تنهنجو غضب جو آ،

    کلڻ تنهنجو غضب جو آ،
    ملڻ تنهنجو عضب جو آ.

    تماچي تڙ ڌڻي تون آن،
    وڻڻ تنهنجو غضب جو آ.

    ڀٽائي تو لکيو دفتر!
    لکڻ تنهنجو غضب جو آ.

    اکين جو ٺار تون صالح!
    ڏسڻ تنهنجو غضب جو آ.


    تو لئه مون محلات سجائي سپنن جي،

    تو لئه مون محلات سجائي سپنن جي،
    تو سان آهي ساري سچائي سپنن جي.

    تون جي ايندين مون ۾ رنگ اچي ويندا،
    ۽ پڻ ٿيندي رنگ رچائي سپنن جي.

    منهنجو وڃ تون ويڙهو واسي جانيئڙا!
    تو لئه آ مون سيج سجائي سپنن جي.

    روئي روئي حال وڃايو آ صالح،
    توکي سمجهه ۾ ڳالهه نه آئي سپنن جي.


    سڀ سهي سرتي ويس،

    سڀ سهي سرتي ويس،
    درد تنهنجا بي وفا.

    ڪين ڪئي ڪنهن موڙ تي،
    تو ڪڏهن مونسان وفا.

    سڀ فنا آهي هتي،
    عشق کي بس آ بقا.

    درد ڪو آئي کڻي،
    ڳوٺ تنهنجي کان هوا.

    مئڪدي ۾ ماٺ آ،
    مئڪشي آهي خفا.

    هر گهٽي هر چوڪ تي،
    ٿي رهي هن جي صدا.

    ڪيئن صالح توکي چئي!؟
    ڇو ته آ منهنجي خطا.


    سوچ منهنجي کي سدا سرهاڻ بخشيندي وئي،

    سوچ منهنجي کي سدا سرهاڻ بخشيندي وئي،
    ڄڻ اُماوس رات کي چانڊاڻ بخشيندي وئي.

    روپ هن جو ڪنهن ڪتابي ڄاڻ جو هو سلسلو،
    ذهن منهنجي کي چُمي ڪا ڄاڻ بخشيندي وئي.

    هٿ وٺي هن پنهنجي وارن ۾ جڏهن منهنجو رکيو،
    مون کي ڄڻ انمول ڪا هوءَ کاڻ بخشيندي وئي.

    ڌرتيءَ ۾ جيئن هن جي گهر پڳس صالح وڃي،
    ٻُڪ پاڻيءَ جي ۾ ڄڻ مهراڻ بخشيندي وئي.


    روح کي راحت ملي جي تون اچين!

    روح کي راحت ملي جي تون اچين!
    ساهه کي آٿت ملي جي تون اچين!

    زندگي مرڪي ۽ مهڪي هر ڪلي،
    سڪ ڀري ساعت ملي جي تون اچين!

    گل ٽڙن ۽ سنڌ سرهي ٿي پئي،
    پوپٽي چاهت ملي جي تون اچين!

    آءُ صالح جي اُداسي ڪر ختم،
    مرڪ جي نعمت ملي جي تون اچين.
    *


    تنهائي ٿي ماري آ!

    تنهائي ٿي ماري آ!
    سپني جي ئي سهاري آ!

    پوڙهي جيجل پرديسي،
    لڙڪ پئي ٿي هاري آ!

    سرتي تنهنجي ويڳاڻي.
    ديپ پئي ٿي ٻاري آ!

    جي چاهين مونساڻ هلڻ،
    جوڳي جيءُ اجاري آ!

    صالح وانگر صوفي ٿي،
    مَن جوگند ٻهاري آ!


    ملائي تو نظر آهي،

    ملائي تو نظر آهي،
    تڏهن کان ڪا خبر ناهي.

    لکان ٿو پيو پتو ناهي،
    نظم ڇاهي نثر ڇاهي.

    نه ٿو ڄاڻي سگهان سائين!
    ته تو ۾ هي اثر ڇاهي.

    ڏٺوسين گهر جڏهن تنهنجو،
    ته مسجد ڇا مندر ڇاهي؟


    سکن جا او ساٿي ڏکن ۾ هلي آ،

    سکن جا او ساٿي ڏکن ۾ هلي آ،
    وڃي ٿي حياتي ڏکن ۾ هلي آ.

    وڏي وقت کان آن ڏسي يار لڪندو،
    اچي پاءِ جهاتي، ڏکن ۾ هلي آ!

    اوهان سان ملڻ لئه اسان جي پئي ٿي،
    سڪي يار ڇاتي ڏکن ۾ هلي آ.

    اوهان کي ڏسڻ جي رڳو آرزو ۾،
    رهي دل ٿي آتي ڏکن ۾ هلي آ.


    من ئي من ۾ تڙپان ٿو،

    من ئي من ۾ تڙپان ٿو،
    پيو جيون ۾ تڙپان ٿو.

    پنڌ وڌي ٿو پوڙهي ڏي،
    مان جوڀن ۾ تڙپان ٿو.

    جونِ مهينو مان هيڪل،
    صحرا بن ۾ تڙپان ٿو.

    دنيا پئسي پويان ۽،
    مان ساجن ۾ تڙپان ٿو.

    ڄار ۾ صالح جيئن مڇي!
    مان درپن ۾ تڙپان ٿو.


    هڪ ته اسان کي رسمن ماريو،

    هڪ ته اسان کي رسمن ماريو،
    ٻيو ته اوهان جي قسمن ماريو.

    منهنجا رهبر تنهنجي پوئلڳ،
    کي ظالم جي حڪمن ماريو.

    هڪ ڌرتيءَ جو درد ٿو ماري،
    ٻيو ڏئي سور غدارن ماريو.

    صالح کي آ طاقت ڪهڙي،
    دشمن کي آ نعرن ماريو.


    قيمتي آ زندگي سانڍي رکو،

    قيمتي آ زندگي سانڍي رکو،
    هر قدم تي دوستي سانڍي رکو.

    سوچ شيطاني رکي ذهنن اندر،
    زاهدو! هي بندگي سانڍي رکو.

    بم هڻي خودڪش ڌماڪا ٿا ڪيو،
    ساهه م سڀ آدمي سانڍي رکو.

    درد ڪيڏا ڀي رکو مون لئه مگر،
    پاڻ لئه پر ڪجهه خوشي سانڍي رکو.

    ڀل ڪراڙپ ۾ ئي صالح کي ڏجو،
    پر اسان لئه عاشقي سانڍي رکو.


    محفل لٽي هليو وئين،

    محفل لٽي هليو وئين،
    هر دل کَٽي هليو وئين.

    ڏئي باز وانگي چوري،
    جهٽ مَنُ جهٽي هليو وئين.

    مطلب ڪڍي سمورا،
    رستا ڪٽي هليو وئين.

    مالهي تون مهڪندڙ سڀ،
    گلڙا پٽي هليو وئين.

    صالح کي سور ارپي،
    منهڙو مٽي هليو وئين.


    ڇڏيون ڏيهه سارو هي سنسار ويندم،

    ڇڏيون ڏيهه سارو هي سنسار ويندم،
    ڏکن جا سمورا کنيون بار ويندم.

    ڪري ياد مون کي ڪڏهن تون به روئندين،
    ڪيون يار اهڙي ته گفتار ويندم.

    اوهان کي اوهان جو ڏئي شهر سارو،
    ڪري خالي هٿڙا هليو يار ويندم.

    جتان موٽي صالح عباسي نه ايندو،
    هليو هاڻ اهڙي پرين پار ويندم.


    ويندي عذاب ارپي،

    ويندي عذاب ارپي،
    پرلا جواب ارپي.

    چوڌاري ڀيڙ ۾ هوءَ،
    وئي گلاب ارپي.

    هوءَ نيڻ وئي چُمائي،
    مون کي ثواب اَرپي.

    صالح اکيون جهڪائي،
    ويئي حساب ارپي.


    رات سموري هت سار پئي جاڳي؟

    رات سموري هت سار پئي جاڳي؟
    ۽ هوءَ هتڙي ڌار پئي جاڳي.

    مون کي جيت ڪڏهن شايد يار ملي،
    ڇو ته اسان جي لئه هار پئي جاڳي.

    پاڙي ۾ جهيڙو آءُ ڪري آيس،
    گهر ۾ منهنجي لئه مار پئي جاڳي.

    آڌيءَ اڄ صالح هڏڪي آئي آ،
    ها شايد سرتِي يار پئي جاڳي.


    هوءَ اسان کان رات رُسي وئي،

    هوءَ اسان کان رات رُسي وئي،
    ڄڻ ته سموري ڏات رُسي وئي.

    هن جي پويان آءُ لڳي پيس،
    مون کان منهنجي ذات رُسي وئي.

    ٿر جا مولا ڏس تون مون کي،
    ٿر کان ڇو برسات رُسي وئي.

    “صالح” ڪيڏي حيرت آهي،
    رات به مون کان رات رسي وئي.


    آ هلي تون روح راڻا!

    آ هلي تون روح راڻا!
    ڇڏ کڻي محبوب ماڻا!

    آسماني سوچ پنهنجي،
    ڪيترا آهيون اياڻا!

    سڀ هتي آهن چريا بس،
    پاڻ جي ناهيون سياڻا!

    شهر! پنهنجي موڪلاڻي،
    اڄ سڏن ٿا ڪک اباڻا!

    پاڻ هون رولاڪ صالح!
    ڪين پنهنجا ڪٿ ٺڪاڻا.


    آدمي وانگي ڀُري ٿو وقت ڀي،

    آدمي وانگي ڀُري ٿو وقت ڀي،
    ۽ گهڙي ۾ پيو چُري ٿو وقت ڀي.

    وقت سان گڏجي هلي ٿي زندگي،
    زندگيءَ وانگي چُري ٿو وقت ڀي.

    پاڻ سان ساريون خوشيون ويو آن کڻي،
    گهاءُ بڻجي اڄ ڪُري ٿو وقت ڀي.

    ڪنهن وڏي ڦورو جيان ٿو ڦر ڪري،
    زندگي مون کان ڦري ٿو وقت ڀي.


    جدا يار ٿي تون ڪنارا نه ڪر!

    جدا يار ٿي تون ڪنارا نه ڪر!
    اسان کان پري پيار پيارا نه ڪر!

    اڙي وقت ظالم اسان کان ڇني!
    جدا ائين مونکان سهارا نه ڪر!

    اگر عشق چاهين ڪرڻ ٿو ته اچ،
    لڪي يار باقي اشارا نه ڪر!

    اچين ٿو ته اچ تون اکين سامهون،
    پريشان هي خواب سارا نه ڪر!


    سدا عشق پنهنجي عبادت بڻايو،

    سدا عشق پنهنجي عبادت بڻايو،
    نه هن پيار کي من بغاوت بڻايو.

    رکي ڪو به آشا ته پوري ڪيو سا،
    اڙي دوستو هيءَ عادت بڻايو.

    اگر ديش لئه جي پئي جان ڏيڻي،
    ڏئي زندگي هي شهادت بڻايو.

    اڙي سنڌ وارو ختم دشمني ڪيو،
    نه هي پاڻ وچ ۾ عداوت بڻايو.


    دل جون دعائون تو لئه دلبر،

    دل جون دعائون تو لئه دلبر،
    ساريون وفائون تو لئه دلبر.

    مان ڀي تنهنجو جيون تنهنجو،
    هار هي ٻانهون تو لئه دلبر.

    اڄ به دڙي تي تنها توبن،
    سار صدائون تو لئه دلبر.

    ماضي آ محبوب اسان جو،
    موڙ ۽ لائون تو لئه دلبر.

    “صالح” پاڻ سجائي نڪتو،
    ها هي ادائون تو لئه دلبر.


    مان مٺا آيس هلي مهمان تنهنجي ڳوٺ ۾،

    مان مٺا آيس هلي مهمان تنهنجي ڳوٺ ۾،
    سڀ ڏسي مون کي ٿيا حيران تنهنجي ڳوٺ ۾.

    ڳوٺ ڳليون گهر اباڻا سڀ وساري مون ڇڏيا،
    جيئن پوي توکي نه ڪو نقصان تنهنجي ڳوٺ ۾.

    من جو مرڪز يار ڪعبو ڳوٺ تنهنجي کي مڃو!
    ٿو ڏسي سجدو ڪري ايمان تنهنجي ڳوٺ ۾.

    پيار تي فتويٰ ڏني قاضي ته هئي قتلام جي،
    عشق قاضي کي لڳو ٿي ڪانُ تنهنجي ڳوٺ ۾.

    آخري آ وقت “صالح” کي سڏي ڀاڪر ته پاءِ!
    ڪو عباسيءَ تي ٿئي احسان تنهنجي ڳوٺ ۾.


    “اگهاڙا پير ٽانڊن تي” مٺا ماتام جاري آ،

    “اگهاڙا پير ٽانڊن تي” مٺا ماتام جاري آ،
    ڏنو لالاڻ هيو جو سواهو پيغام جاري آ.

    کُٽي ئي ڪونه ٿو مولا ڇو ڌرتيءَ تان ستم هيڏو،
    ويا ڪيڏا ڪُسي جوڌا اڃان قتلام جاري آ.

    ازل کان ئي مليو انسان کي آ موت سچ بدلي،
    اهو ئي سلسلو ساڳيو اهو انجام جاري آ.

    نه ٿي هيءَ رات ئي گذري، نه ٿي مون کان سَکي وسري،
    پيو “صالح” ڀري سُرڪيون هجر جو جام جاري آ.


    اڃان نوخيز نظرن جو مٺا منظر نه ٿو وسري،

    اڃان نوخيز نظرن جو مٺا منظر نه ٿو وسري،
    جهڪائي نيڻ جو ڪيو تو اُهو منتر نه ٿو وسري.

    ڇڏي پل ۾ پرين پيارا وساري مون سڄي دنيا،
    مگر چهرو اڃان تنهنجو پرين سُندر نه ٿو وسري.

    هٿن سان هو بڻائيندو! پنن مان ڪيترا پئسه،
    اهو بچپن سندو اي! يار جادوگر نه ٿو وسري.

    جدا تو کان ٿيڻ ويلي جو گذريو يار “صالح” تي،
    اڃان ڀي ياد آ مون کي اهو محشر نه ٿو وسري.


    ڀيانڪ موت جو منظر اوهان جي موڪلاڻي آ،

    ڀيانڪ موت جو منظر اوهان جي موڪلاڻي آ،
    زبان خاموش نيڻن ۾ ويو ڀرجي ته پاڻي آ.

    وڃي سمجهي پئي سڀ ڪجهه نه ٿي پر پيار هو ارپي،
    نٽائي ٿي وڃي شايد وڏي سرتي سياڻي آ.

    ڪُهين ڇو ٿو ڪري ڪاري ڏيائين سِرُ ڪٽي بابا،
    جهڪائي پيءُ آڏو سِرُ چيو نياڻي نماڻي آ.

    اڪيلي ڪيترو “صالح”! ڀلا ويهي سنڌوءَ ڪپ تي،
    اچانڪ شام ڌاري ڪونج هيڪل هو اڏاڻي آ.


    اڄ رات نئين جانان،

    اڄ رات نئين جانان،
    ڪئي بات نئين جانان.

    نيڻن مان پئي برسي،
    برسات نئين جانان.

    ٿي مون وٽ روز اچي،
    ڪا ڏات نئين جانا.

    چانڊوڪي وئي ارپي،
    جذبات نئين جانا.

    صالح کي مارڻ لئه،
    ڏي مات نئين جانا.


    تو بن نراس آهيان،

    تو بن نراس آهيان،
    ڏاڍو اداس آهيان.

    رُخ روشني آ منهنجو،
    مَنَ ۾ اماس آهيان.

    بازر ۾ بي ملهو ڄڻ،
    سئو ڪو ڪراس آهيان.

    نيڻن ۾ آهي صحرا،
    ٿر جي پياس آهيان.

    ڀل عام مون کي سمجهو،
    ڪنهن لئه ته خاص آهيان.

    ڏي درد سوچي جاني،
    ٿورو حساس آهيان.


    اسان لئه ته ڪعبو پرين گهر اوهانجو،

    اسان لئه ته ڪعبو پرين گهر اوهانجو،
    ڇڏيون ڪيئن سهڻا سڄڻ در اوهانجو.

    اسان جون نمازون ۽ سجدا اوهان لئه،
    اسان لاءِ قبلو سڄو تر اوهانجو.

    ذهن ۾ ۽ دل ۾ رهين ٿو سدا تون،
    رهي ٿو سڄو ڏينهن تصور اوهانجو.

    ڏني آهي فتويٰ زماني ڪفر جي،
    سڏي لوڪ صالح ٿو ڪافر اوهانجو.
    *


    جڏهن کان رکي ٿي صنم بي رُخي،

    جڏهن کان رکي ٿي صنم بي رُخي،
    تڏهن کان وئي آ رُسي زندگي.

    منجهند ويل مرڪي لنگهي باغ مان،
    اچي وئي گلن ۾ سَکي تازگي.

    جڏهن پاڻ سان تو ڪئي گفتگو،
    ڏسي توکي مُرڪي پئي آ رسي.

    جڏهن عشق توکي ڏٺو روبرو،
    تڏهن کان اسان تي لٿي شاعري.

    جڏهن سِرُ عباسي جهڪيو تو اڳيان،
    ته پوري وئي ٿي سڄي بندگي.
    *


    لڙڪن لارون لاڙي ويٺو،

    لڙڪن لارون لاڙي ويٺو،
    توکي ڪوئي ساري ويٺو.

    واريءَ تي هو نالو تنهنجو،
    لکندي دل تي اتاري ويٺو.

    پنهنجو ڳوٺ ڇڏي تو لئه هو،
    آهي تنهنجي پاڙي ويٺو.

    هير نه هاڻي شور ڪجان تون،
    ڏيئا آهيان ٻاري ويٺو.

    صالح ڪاڏي واپس ويندو،
    ساريون ڪشتيون ساڙي ويٺو.
    *


    جلدي ڪر تون موٽ ڀٽائي!

    جلدي ڪر تون موٽ ڀٽائي!
    تو وٽ ناهي کوٽ ڀٽائي!

    ظالم آهن زور وٺي ويا،
    مڙس ڪُهن ٿا گهوٽ ڀٽائي.

    تنبوري جي تار ٽٽي ٿئي،
    ايڏي سَهندين چوٽ ڀٽائي.

    عالم فاصل فرد وڪاڻا،
    دين کسي ويا نوٽ ڀٽائي.

    انڌن ٻوڙن ڏاڍ تي صالح!
    زوري ورتا ووٽ ڀٽائي.
    *


    شيطان ٿو لڄي ٿئي انسان کي ڏسي،

    شيطان ٿو لڄي ٿئي انسان کي ڏسي،
    حيوان ٿو لڄي ٿئي انسان کي ڏسي.

    ظالم جو روپ ڌاري ماڻهون پيا ڦرن،
    ڀڳوان ٿو لڄي ٿئي انسان کي ڏسي.

    بي ڏوهه ڪيترا ٿا منصف هٿان مرن،
    زندان ٿو لڄي ٿئي انسان کي ڏسي.

    ها ڪوڙ جو وڏو هت وهنوار ٿو هلي،
    ايمان ٿو لڄي ٿئي انسان کي ڏسي.
    *


    مٺا تون جي روئندي سوين جيءَ جهرندا،

    مٺا تون جي روئندي سوين جيءَ جهرندا،
    پيا لڙڪ نيڻن منجهان يار ڪرندا.

    اسان کان پري جي ڪندين پاڻ کي تون،
    مري يار ويندس نه هي ساهه رهندا.

    هليو هيڪلو تون ڇڏيون وڃ نه مونکي،
    وڃڻ جو هي ماڻهون سبب مونکان پڇندا.

    سدا سنڌ سُرهئي رهي ساري صالح!
    دعائون خدا در هي مارو پيا گهرندا.
    *


    تو بنان زندگي آ اڌوري صنم،

    تو بنان زندگي آ اڌوري صنم،
    ائين مون کان نه ڪر تون ته دوري صنم.

    تو سوا ڏينهن هڪڙو به گذري نه ٿو،
    ڪيئن گذري حياتي هي پوري صنم.

    يار ڪيئن ڀي ڪري مون سان جلدي ملو،
    ڇو ته هاڻي ملڻ آ ضروري صنم.

    آخري التجا ٿو هي صالح ڪري،
    هڪ گهڙي نانءُ ڪيو آ ضروري صنم.
    *


    تو بن منهنجون ڪهڙيون عيدون،

    تو بن منهنجون ڪهڙيون عيدون،
    ترسي ويون هن تو لئه ديدون.

    تو کان دور ڀلا او! ساجن،
    ڇا جون خوشيون ۽ هي خريدون.

    هر هر ٿي قتلام وڃانٿو،
    يار کڻين ٿو هر هر ديدون.

    صالح پيار حقيقت پنهنجو،
    لوڪ ڪري ڀل جان تنقيدون.
    *


    خوابن جي تعبير کڻي آ،

    خوابن جي تعبير کڻي آ،
    ساڀيان جي تصوير کڻي آ.

    لوڪ چوي جيئن توکي شاعر،
    جذبن جي تصوير کڻي آ.

    هاڻ سڳيءَ سان ويڙهي ڇڏ يا،
    زلفن جي زنجير کڻي آ.

    سارا سپنا ٻوڙي جيڪي،
    اهڙي ڪا به نه سير کڻي آ.

    صالح سان گڏ پوڙهي ٿين شل،
    ها اهڙي تقدير کڻي آ.
    *


    پهريان پيار ڪري اظهار ڪري،

    پهريان پيار ڪري اظهار ڪري،
    هاڻي ڇا لئه ويٺين ڌار ڪري.

    پهريان پيار ڏئي پو ناتو ڇنئي،
    وئين مون لئه تون آزار ڪري.

    هاڻي مِلُ ته اچي وڃان يار بچي،
    متان موت نه مون تي ڪو وار ڪري.

    غلطي ٿي صالح مون کان هيءَ وئي،
    ويٺس تو سان ها پيار ڪري.
    *

    هيءُ غزل ڇند ۽ عروض جي ميل وارو غزل آهي، ڇند ۾ وزن اٿس.
    18+18= 36 ماترا، ڪسمستوڪ ڇند
    عروض ۾ وزن اٿس، فعلن فعلن فعلن فعلن بحر تقارب عشره سالم


    ڪڏهن ڀي اسان کي وساري نه سگهندين،

    ڪڏهن ڀي اسان کي وساري نه سگهندين،
    پرين نانءُ منهنجو پڪاري نه سگهندين.

    ڪڏهن اوچتو جي اچي ويندين سامهون،
    کڻي اک اسان ڏي نهاري نه سگهندين.

    اسان کان پو پيارا پيا هٿ ڏڪندئي،
    ڪڏهن ڪو به ها ديپ ٻاري نه سگهندي.

    وڃان ٿو چئين ٿو مگر ياد رکجان،
    رهي ڌار مون کان گذاري نه سگهندين.
    *


    اڇا ٿي وار ويا سڪ ۾ سڄڻ ڏاڍو سڪايو ٿي،

    اڇا ٿي وار ويا سڪ ۾ سڄڻ ڏاڍو سڪايو ٿي،
    ڪڏهن ايندين الائي تون نه نياپو ڪو منجايو ٿي.

    ويا ويران ٿي پکڙا سڄڻ توکي سنڀاريندي،
    الائي ڳوٺ ڇو پنهنجو پرين پيارا ڀلايو ٿي.

    بندا ڪيڏا گندا آهيون نه مٽ تنهنجي سڄڻ سهڻا،
    نوازش ڪر غريبن تي خدا ڪيڏو وڌايو ٿي.

    پرين صالح جي گهر کان جي گذر تنهنجو ڪڏهن بي ٿئي،
    اسان پنهنجو پرين گهر هي سڄو تو لئه سجايو ٿي.
    *


    خوشبو خوشبو آ تر منهنجو،

    خوشبو خوشبو آ تر منهنجو،
    ڇو ته اچي ٿو دلبر منهنجو.

    تو بن ساجن آ اڻپورو،
    سارو آڳر ۽ گهر منهنجو.

    تنهنجي ياد اچي کڙڪايو،
    دل جي گهر جو آ در منهنجو.

    منهنجو رهبر سن جو سائين،
    آهي سنڌو مقدر منهنجو.

    صالح موهن مڪلي منهنجو،
    ڪوٽ ڏيجي ۽ منڇر منهنجو.
    *


    دلبر تنهنجي پاسي آيس،

    دلبر تنهنجي پاسي آيس،
    خوشبو ساهه ۾ واسي آيس.

    جلدي تون محبوب ملي وڃ،
    لال تي باسون باسي آيس.

    ٿورو ئي پر پيار ته ڏين ها،
    آنءُ مهيني ماسي آيس.

    ڇا تو ڪيو محسوس اسان کي،
    رات اوهان جي پاسي آيس.
    *


    ڪجهه ڪرڻ جي جستجو رهجي وئي،

    ڪجهه ڪرڻ جي جستجو رهجي وئي،
    اوچتو هي زندگي گذري وئي،

    ڪين حاصل پيار تنهنجو ٿي سگهيو،
    آس اڻپوري رهي وکري وئي.

    پيار تي پهرا ڏسي گهر مان تڏهن،
    هوءَ بهادر ڇوڪري نڪري وئي.

    مون اکين سان پيار هن ڏي پئي مُڪو،
    ڳالهه صالح هوءَ ڀي سمجهي وئي.
    *


    تڙپ وئي آ وڌي آءُ جلدي سَکي،

    تڙپ وئي آ وڌي آءُ جلدي سَکي،
    تون نه آئين ته ويندي کٽي زندگي.

    آدمي موسمي گل جينئان ٿا رهن،
    ٿي انهن ۾ رهي عارضي تازگي.

    لوڪ ڀل جان رُسي ڪو اثر ڪونه آ،
    دور مون کان مگر تون نه وڃجان مٺي.

    درد سان گڏ رهو يار صالح سدا،
    ڇو ته رهندي اٿو هيءَ خوشي عارضي.
    *


    جيون هيڪل گذري ڪيسين،

    جيون هيڪل گذري ڪيسين،
    پيار اوهان جو وسري ڪيسين.

    نيٺ ته مالهي مُرڪ کسيندين،
    گلشن ۾ گل نکري ڪيسين.

    ڪيئن چوان مان جلدي ايندس،
    پنڌ اڻانگو نبري ڪيسين.

    پاڻ پيو ٿو روز سجائي،
    تو لئه ڏس تون سنبري ڪيسين.

    جلدي جاني هاڻ هلي آ،
    صالح جو ڀن وکري ڪيسين.
    *


    خوبصورت سار جهڙي ڇوڪري،

    خوبصورت سار جهڙي ڇوڪري،
    ۽ گلن جي هار جهڙي ڇوڪري.

    مارئيءَ جي سونهن مون کي ٿي لڳي،
    اڻ مُلهي ڪردار جهڙي ڇوڪري.

    پيار هن جو ويجهڙو آهي گهڻو،
    پر پراهين پار جهڙي ڇوڪري.

    قيمتي آ ايتري صالح سَکي،
    سُرُ مئي آثار جهڙي ڇوڪري.
    *


    عمر ساري هُنَ ڪئي آ بندگي،

    عمر ساري هُنَ ڪئي آ بندگي،
    آدمي ڳولي ٿڪو آ زندگي.

    درد ئي بس درد آ مون کي مليو،
    بس اِهو ئي ڇا ڏنو ٻيو دوستي.

    منهنجي جيون جي بقا آهي رهي،
    دوستو بس شاعري ئي شاعري.

    وقت سارو پيار لئه جنهن کي ڏنو،
    تنهن اسان سان ئي ڪئي آ دشمني.

    ڪين صالح ڪنهن سڏي ڀاڪر وڌو،
    مطلبي هر ڪو هتان جو آدمي.
    *


    وايون

    هوءَ ڪير اچي بيٺي،

    هوءَ ڪير اچي بيٺي،
    رولاڪ جي رستن ۾.

    ويندي ويندي سرتي،
    مون کي ته ڏسي بيٺي،
    رولاڪ جي رستن ۾.

    آواز هوائن ۾،
    هوءَ نيٺ ٻڌي بيٺي،
    رولاڪ جي رستن ۾.

    آ پيار يا پاڳل پن،
    گهر مان هوءَ هلي بيٺي،
    رولاڪ جي رستن ۾.
    *


    برساتون برسيون،

    برساتون برسيون،
    ڇورين ڇال ڏنا.

    سارو ڏينهن هتي،
    ڪڪريون ڀي ترسيون،
    ڇورين ڇال ڏنا.

    موٽي آيون هن،
    يادن جون ورسيون،
    ڇورين ڇال ڏنا.

    صالح جيئن ٿيون،
    محبت ۾ سرسيون،
    ڇورين ڇال ڏنا.
    *


    رات سموري پئي،

    رات سموري پئي،
    ٽانڊاڻو ٽمڪيو،
    زيتونن جي باغ ۾.

    سورج جو پهريون،
    ڪرڻو هو چمڪيو،
    زيتونن جي باغ ۾.

    آڌيءَ ويل اچي،
    ڪير پئي ٽهڪيو،
    زيتونن جي باغ ۾.

    منهنجي ويجهو هو،
    نيڻ کڻي مرڪيو،
    زيتونن جي باغ ۾.
    *


    ويٺو نيڻ جلائي،

    ويٺو نيڻ جلائي،
    خالي ڪمري ۾.

    اونداهيءَ جي اندر،
    ويٺو پاڻ جلائي،
    خالي ڪمري ۾.

    آئيني جي ويجهو،
    ويٺو پاڻ سجائي،
    خالي ڪمري ۾.

    صالح يادن آ وڌو،
    ها ڏاڍو الجهائي،
    خالي ڪمري ۾.
    *


    اکڙيون بند ڪري،

    اکڙيون بند ڪري،
    چاهه چمائي ٿي وڃي.

    منهنجي ساهن ۾،
    خوشبو هوءَ ڀري،
    چاهه چمائي ٿي وڃي.

    محفل ۾ مُرڪي،
    مونڏي ڌيان ڌري،
    چاهه چمائي ٿي وڃي.

    پاگل او صالح،
    تو بن ڪيئن سَري،
    چاهه چمائي ٿي وڃي.
    *


    نيڻن ۾ وکريل،

    نيڻن ۾ وکريل،
    ويٺو آدمي،
    سپنا ميڙي ٿو.

    بچپن کان پوڙهپ،
    پوري زندگي،
    سپنا ميڙي ٿو.

    اُلجهن ۾ اڙيل،
    ڪهڙي بندگي،
    سپنا ميڙي ٿو.

    صالح چنڊ ڪري،
    بيٺو چاندني،
    سپنا ميڙي ٿو.
    *


    اوندهه سارو تر،

    اوندهه سارو تر،
    روشن تهنجو گهر.

    ڪينجهر منجهه ڪنول،
    اهڙو ئي سُندر،
    روشن تنهنجو گهر.

    جيڪو مَنُ موهي،
    اهڙو ئي منظر،
    روشن تنهنجو گهر.

    سهڻو آ ايڏو،
    جيڏو اڇڙو ٿر،
    روشن تنهنجو گهر.

    پُوڄاري صالح،
    منهنجي لئه مندر،
    روشن تنهنجو گهر.
    *


    تنهنجي ڳل جو سانوري،

    تنهنجي ڳل جو سانوري،
    موهيڙو منُ موهي ويو.

    تو سان هن جو پيار آ،
    تو سان ئي بس دوستي،
    موهيڙو من موهي ويو.

    جنهن لئه سڪندو هان سدا،
    تنهنجو سوئي ڳل چُمي،
    موهيڙو من موهي ويو.

    صالح سُندر آ گهڻي،
    موهيڙي جي عاشقي،
    موهيڙو من موهي ويو.
    *


    ڪيترو ويا هن وڻي،

    ڪيترو ويا هن وڻي،
    پير تنهنجا پدمڻي.

    ها اسان جي ويجهڙو،
    توکي ايندا هن کڻي،
    پير تنهنجا پدمڻي.

    هن اکين جو ٺار ۽،
    دل اسان جي جا ڌڻي،
    پير تنهنجا پدمڻي.

    واهه جو محبوب هن،
    ڇير کي وياهن وڻي،
    پير تنهنجا پدمڻي.
    *


    بارش برسي منظر مرڪيا،

    بارش برسي منظر مرڪيا،
    رات اسان وٽ هوءَ جو ترسي.
    منظر مرڪيا.

    ٿي جيئن منهنجي قسمت سرسي،
    منظر مرڪيا.

    دل جي ٿر تي پيار پيو برسي،
    منظر مرڪيا.
    *


    هو راڻو ٿو ڳائي،

    هو راڻو ٿو ڳائي،
    سنڌوءَ جي ڪپ تي.

    هي ڪير اچي مونکي،
    اڄ ويو آ جهومائي،
    سنڌوءَ جي ڪپ تي.

    هوءَ پار پراهين کان،
    ڇو ليئا ٿي پائي،
    سنڌوءَ جي ڪپ تي.

    اڄ سهڻي اچڻي آ،
    ميهار ٿو واجهائي،
    سنڌوءَ جي ڪپ تي.

    اڄ اُٿ ته اچون صالح،
    جيون کي مهڪائي،
    سنڌوءَ جي ڪپ تي.
    *


    نظم

    رولاڪ

    ڪهڙو رستو راهه اسانجي،
    ڪاٿي ناهي واهه اسانجي،
    پنهنجو اڻ کٽ پنڌ نه کٽندو،
    هر هڪ واٽ تي پنهنجو پيرو،
    ڪين اسانجو ڪاٿي ديرو،
    رولاڪي تقدير بڻيل آ،
    مونسان گڏ آ رستو رُلندو،
    ڄڻ ڪوئي آ سپنو رُلندو،
    ڇو ته اسان وٽ جاڳ رهي ٿي،
    موهن ۾ ڄڻ آءُ رهان ٿو،
    ۽ موهن آهي منهنجي من ۾،
    مڪليءَ ۾ ڀي منهنجو پيرو،
    ٿر جو گهر گهر منهنجو ديرو،
    ڀٽ جو شاهه اسان جي دل ۾،
    ڪين مزو آ ايندو هُلَ ۾،


    هيڪل هيڪل صحرا جهاڳي،
    ٿڪجي موٽي ايندو آهيان،
    ماڻهو هن رولاڪ سڏيندا،
    منهنجي رولاڪيءَ جو مقصد،
    تون ئي ساجن تون ئي تون بس،
    وستي وستي واهڻ واهڻ،
    تون ئي ساجن تون ئي تون بس،
    رستي رستي تنهنجو پاڇو،
    ٿر ڀي تون ئي تون ئي ڪاڇو،
    منهنجي اندر ٻاهر تون ئي،
    ڪينجهر کان ڪارونجهر تون ئي،
    منهنجي لئه هر منظر تون ئي،
    منهنجي رولاڪيءَ جو مقصد،
    تون ئي ساجن تون ئي تون بس،
    تون ئي ساجن تون ئي تون بس.
    *


    رات دڙي تي چانڊوڪيءَ ۾،

    رات دڙي تي چانڊوڪيءَ ۾،
    وينگس کولي وار نچي ٿي،
    ڄڻ ته سمبارا موٽي آهي،
    پنهنجي موهن ماڳ دڙي تي،
    موهن جي ٿي مٽي مهڪي،
    اسٽوپا ٿو چمڪي چمڪي،
    هن سان گڏ ڄڻ چنڊ نچي ٿو،
    مندر ۾ ڄڻ گهنڊ وڄي ٿو،
    پوڄاري پرساد کڻي ٿو،
    منهنجي هٿ تي جيئن رکي ٿو،
    ڇرڪ ڀري ٿو جاڳي پوان مان،
    ڇرڪ ڀري ٿو جاڳي پوان مان.
    *


    آءُ اسان لئه او ساجن تون،

    آءُ اسان لئه او ساجن تون،
    ڌرتيءَ جيڏو پيار کڻي آ،
    سونهن سندو سنسار کڻي آ،
    نينهن ڪري نروار کڻي آ،
    آءُ اسان لئه او ساجن تون.
    سندر سندر خواب کڻي آ،
    چنڊ ڪتيون ۽ گلاب کڻي آ،
    پَرَ ائين تون نه حجاب کڻي آ،
    ڪجهه ته اسان لئه ثواب کڻي آ،
    آءُ اسان لئه او ساجن تون.
    جيون منجهه بهار کڻي آ،
    آڳ ڪري گلزار کڻي آ،
    جوڀن باغ بهار کڻي آ،
    خوشبو ٿي جيئن منهنجو تن من،
    اهڙي ڪا مهڪار کڻي آ،
    ڪجهه ته مٺا منٺار کڻي آ،
    آءُ اسان لئه او ساجن تون،
    ڌرتي جيڏو پيار کڻي آ.
    *


    موهن جي دڙي ڀرسان،

    موهن جي دڙي ڀرسان،
    هڪ شخص سٻاجهو هو،
    ڄڻ موهن جو ماڻهو،
    موٽي ڪو آيو هو،
    جيئن ناءُ سدورو هيس،
    اهڙو ئي سدورو هو،
    بچپن ۾ يتيميءَ جا،
    هن دور به گهاريا ها،
    پر پيار پڙهائيءَ سان،
    هن جو هو رهيو گهرو،
    هن پنڌ ڪيا ايڏا،
    جو پير ڦٽي پهتو،
    پر پوءِ به ٿڪو نه ڪڏهن،
    هلندو ئي رهيو هيڪل،
    هن عشق الستي هو،
    پاليو پنهنجي من ۾،


    مزدور جو ساٿي هو،
    هاريءَ جو هڏ ڏوکي،
    استاد به نيٺ بڻيو،
    ۽ ساٿ ڪتابن سان
    ٻارن سان رهيو هن جو،
    “سوڀي” سان ساٿ رکي،
    تحريڪ هلائي هُنَ،
    ڄڻ لاٽ جلائي هُنَ،
    اڄ به خوشبو وانگي،
    ساهن ۾ سمايل آ،
    ۽ اڄ به وني هن جي،
    پئي راهه نهاري ٿي،
    ۽ هن کي سنڀاري ٿي،
    پئي روز پڪاري ٿي،
    ۽ لڙڪ به هاري ٿي،
    ۽ لڙڪ به هاري ٿي.
    *


    استاد سدورو عباسي لاءِ جنهن ا.ب.ٻ کان وٺي تحرير تقرير جو فن سيکاريو


    مَنَ جي آڳُرَ تي اڄ مرڪي،

    مَنَ جي آڳُرَ تي اڄ مرڪي،
    سرتي تنهنجي سار لٿي آ،
    مون لئه کڻي اڄ پيار لٿي آ،
    ڏات وري اڄ ڌار لٿي آ،
    منهنجو اندر خوشبو خوشبو،
    مهڪي ٿو ڪنهن مند روانگي،
    آءُ لڳان ٿو سڪندر وانگي،
    دل ۾ ڄڻ ته بهار لٿي آ،
    سرتي تنهنجي سار لٿي آ،
    سرتي تنهنجي سار لٿي آ.
    *


    نه ڪائي روشني ڪاٿي،

    نه ڪائي روشني ڪاٿي،
    انڌيرو چؤ ڏسا منهنجي،
    اُداسي جو سبب بڻجي،
    پيو ٿو روح کي رولي،
    نوان پيو در در ٿو کولي،
    اسان اُنَ درد ۾ ساري،
    ڪٽيون ٿا رات هي ڪاري،
    اُڏائي ننڊ نيڻن مان،
    اکين جي لام ٿي هيڪل،
    اکين کان ننڊ ٿي اوجهل،
    پرينءَ جي ياد آ ڌيءَ جو،
    ڀري ٿي مَنَ اندر سڏڪا،
    پون جاڳي پيا صدما،
    کڻي ٿو نيڻ واجهايان،
    ڏسان آڪاش ڏي ٿو مان،
    ستارن جي چمڪ ڏاڍو،
    ستائي ٿي اسان کي پئي،
    ٿڌي اڄ هير آندي آ،
    اوهانجي ياد سُرمي جان،
    اکين ۾ اوتجي وئي آ،
    چڙهيو آهي خمارن جو،
    نشو جو نيهن آڇو آ،
    اسان جو من ننڊاکو آ،
    اسان جو من ننڊاکو آ.
    *


    بچپن

    بچپن باک جيئان هوندو آ،
    هر ڪو جنهن سان پيار ڪندو آ،
    بچپن باک جيئان هوندو آ،
    سُرندي جي سُرَ وانگي آهي،
    تنبوري جي تار جيئان آ،
    گلڙن جي مهڪار جيئان آ،
    وينگس جي سينگار جيئان آ،
    پوتر پوتر پيار جيئان آ،
    جنهن وٽ نفرت مور نه آهي،
    لالچ کان ڀي دور رهي ٿو،
    اُڃ ۽ بک تي روئي ڏئي ٿو،
    روئڻ سان هو چاهه رکي ٿو،
    خوشبوءَ جهڙا ساهه رکي ٿو،
    اندر ٻاهر هڪجهڙو هو،
    ناهي پر ولي لڪ جهڙو هو،
    آڳر جو سينگار لڳي ٿو،
    ماضيءَ جو ڪردار لڳي ٿو،
    هن سان گڏجي من مرڪي ٿو،
    ڄڻ ته سڄو جيون مرڪي ٿو،
    وقت اُهو سُندر هوندو آ،
    سهڻو هر منظر هوندو آ،
    پوتر ساک جيان هوندو آ،
    بچپن باک جيئان هوندو،
    بچپن باک جيان هوندو آ.


    گيت

    رات رنو ڪو نماڻو ماڻهو،

    رات رنو ڪو نماڻو ماڻهو،
    تنهاهي ويڳاڻو ماڻهو.

    سُڏڪي سُڏڪي لُڙڪ لڙن ٿا،
    تڙپي تڙپي پل گذرن ٿا،
    روئي ٿيو آ ساڻو ماڻهو.

    روز ڪُسي ٿو روز مري ٿو،
    روز اندر ۾ پيو تڙپي ٿو،
    سورن لئه ساماڻو ماڻهو.

    هُن جي آڏو سِرُ به جهڪايو،
    هن کي دل جو حال ٻڌايو،
    صالح پر نه اگهاڻو ماڻهو.
    *


    پرين باغ دل جو اجاڙيون هليو وئين،

    پرين باغ دل جو اجاڙيون هليو وئين،
    اسان کي او مٺڙا تون ماريون هليو وئين.

    سڪي هي صدين کان ڪيئي سال ٿي ويا،
    سواءِ تنهنجي سهڻا هيڻان حال ٿي ويا،
    اسان کي سفا تون وساريون هليو وئين.

    اسان جي ته دل ۾ سدا تون ئي رهندين،
    مگر مون کي تون ڀي وساري نه سگهندين،
    ٻٽي لڙڪ هاري نهاريون هليو

    ڪڏهن تو کي “صالح” وساري نه سگهبو،
    وٺي ناءُ تنهنجو پيو توکي سڏبو،
    مگر يار واعدو وساريون هليو وئين.
    *


    سنڌڙيءَ جو نقشو نروار آ ٽوپي،

    سنڌڙيءَ جو نقشو نروار آ ٽوپي،
    سهڻو هي اجرڪ سينگار آ ٽوپي.

    ساوا ساڳ سدا سهڻيون پيون چاڙهن،
    شاديءَ ايندي ئي ڪنواريون شرمائن،
    گهوٽن جو سهڻو سينگار آ ٽوپي.

    ٽوپيءَ تي ڪيڏا ڪاوا سونهن ٿا،
    ريشم ۽ ساوا ڌاڳا سونهن ٿا،
    ڇو ته سمورو ڄڻ سنسار آ ٽوپي.

    هر هڪ سِرَ تي مان ٽوپي شال ڏسان،
    مُرڪي صالح تن مارن سان ته ملان،
    پيار سندو ڄڻ ڪو اظهار آ ٽوپي.
    *


    منهنجو تون منٺار آن سائين!

    منهنجو تون منٺار آن سائين!
    اکڙين جو تون ٺار آن سائين!

    ٿر جو سهڻو گهر گهر تون آن،
    ڪشمور ۽ ڪارونجهر تون آن،
    سُونهن سندو سنسار آن سائين!

    لاڙ به تون آن پار به تون آن،
    منڇر ۽ جروار به تون آن،
    ڪاڇي جو سينگار آن سائين!

    مسجد تون ئي مندر تون ئي،
    ڪاڇو ۽ المنظر تون ئي،
    گلڙن جو تون هار آن سائين!

    منهنجي ساري ڏات به تون آن،
    ڏينهن به تون ۽ رات به تون آن،
    دوست دلي دلدار آن سائين!
    *


    جيڪو سانگين سورَ گهٽائي،

    جيڪو سانگين سورَ گهٽائي،
    ڌرتيءَلئه جو ننڊ ڦٽائي،
    سوئي قومي هيرو آهي.

    جيڪو ڌرتي ماءُ جو ناهي،
    سوئي منهنجو ڀاءُ به ناهي،
    هوشو وانگي ناءُ ڪمائي،
    سوئي قومي هيرو آهي.

    جيڪو هاري هرڙو هلائي،
    سونا سهڻا سنگ پچائي،
    ڪوڏر جيڪو ڪُلهي سان لائي،
    سوئي قومي هيرو آهي.

    جيڪو قومي گيت لکي ٿو،
    صالح سو ڄڻ جيت لکي ٿو،
    گيت اُهي فنڪار جو ڳائي،
    سوئي قومي هيرو آهي،
    سوئي قومي هيرو آهي.
    *


    چڱو يار جاني اٿي موڪلاڻي،

    چڱو يار جاني اٿي موڪلاڻي،
    لڳي ٿو اسان جي هتي آ پڄاڻي.

    اوهان جي ته در تي وري ڪين ايندس،
    لڪي لوڪ کان آءُ سڏڪا ڀريندس،
    پڪي نيٺ ٿيندي روئي دل اياڻي.

    اسان ڪيترو توکي پائڻ گهريوسي،
    اوهان کي اکين ۾ لڪائڻ گهريوسي،
    مگر هيءَ حسرت اڌوري ڪهاڻي.

    اکين ۾ اچي لڙڪ ويا يار صالح،
    وري ياد تنهنجا پيا پيار صالح،
    پڙهي ڊائري جيئن کولي پراڻي.
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 831
    ڪتابن جو مشاهدو: 2070657
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 539689
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ