ڪتاب جو نالو: آمريڪا جو نئون پنڌ
مصنف: فريد ڀٽو
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 09 جنوري 2019 ع
پڙهيو ويو: 474 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 201 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
فريد ڀُٽو بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي، پر زندگيءَ جي خَفن کيس لکڻ جي لاڳيتي عمل کان پري ڪري ڇڏيو. هِنَ وقت جڏهن هُو پنهنجي ڪٽنب سميت آمريڪا ۾ رهي ٿو، تڏهن مصروف ترين وقت مان گهڙيون ڪڍي آمريڪا جي سياست، ويجھڙائيءَ واري اليڪشن ۽ ٻين گهڻن موضوعن تي هي ڪالم/مضمون لکي ورتا اٿائين. هي سڀئي لکڻيون تحقيق، ترتيبَ ۽ تجزيي جو مرڪب آهن ۽ نهايت سؤلڙي ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. ان ڪري نهايت اهم آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪَ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ
  • پنهنجي پاران
  • مضمون

  • آمريڪا ۾ هلندڙ صدارتي چونڊون
  • آمريڪا ۾ صدارتي اميدوارن وچ ۾ تقريري مقابلا
  • آمريڪا جي صدارتي چونڊ ۽ آخري تقريري مقابلو
  • آمريڪي چونڊن ۾ رياستن جي ووٽن جي اهميت
  • آمريڪا جون سڀاڻي ٿيندڙ صدارتي چونڊون
  • سياستدانن مان تنگ آمريڪي ووٽرن واپاريءَ کي صدر چونڊي ورتو
  • چونڊن کانپوءِ آمريڪا جو منظر نامو
  • آمريڪا جي تڪراري صدر جي تڪراري ڪابينا
  • آمريڪي چونڊن ۾ روسي مداخلت: حقيقت يا افسانو
  • صدر ڊونالڊ ٽرمپ خلاف سڄي دنيا ۾ احتجاج
  • تاريخ توساڻ آ، الوداع اوباما....!!
  • ڊونالڊ ٽرمپ تڪراري اعلانن کان اڳ ۽ پوءِ....!!
  • واپاري صدر کي سياسي جهٽڪا...!
  • ٽرمپ سرڪار جا 100 ڏينهنَ
  •   صدر ٽرمپ سگهاري اداري جي ڊائريڪٽر ڪوميءَ کي ڇو هٽايو؟
  • آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت بابت جاچ
  • نوان چنڊ ستارا ٻيهر اُڀرن ٿا
  • ڊاڪٽر آصف محمود سان ملاقات
  • آمريڪا جي اڪيلائي
  • آمريڪا ۾ نسلي تعصب جو تاريخي پس منظر
  • آمريڪا، قدرتي آفتن جي گهيري ۾.....!!
  • آمريڪا، ڊونالڊ ٽرمپ ۽ انساني حقن جو سوال .....!!
  • لاس ويگاس ۾ خونريزي.....!!
  • ڊونالڊ ٽرمپ کي ساٿين جي گرفتاريءَ سبب آيل وڏو سياسي جھٽڪو !
  • صدارتي چونڊن ۾ مداخلت بابت جاچ ۾ اڳڀرائي
  • اڄ جي آمريڪا ـــ تاريخي پسمنظر ۾
  • ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا ليکڪَ وٽ محفوظ

    POPAT BOOK NO: 112

    آمريڪا جو نئون پنڌ
    (مضمونَ)
    ليکڪ: فريد ڀٽو
    ڇاپو پهريون: 2017ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ــ سنڌ.
    ملهه: 300/- روپيه


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر





    AMERICA JO NAOON PANDH
    (Articles)

    By: Fareed Bhutto
    First Edition: 2017
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay ‘out: Asif Nizamani
    Composing: Irfan Bhutto
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 300/-


    ارپنا

    سنڌ ڌرتيءَ نالي، جتي جنم ورتم ۽ جنهن کي
    سڪ منجھان هر هلندڙ ساھ سان ساريان سنڀاريان ٿو.
    ۽
    آمريڪا نالي، جنهن جي ڌرتيءَ ڪشادي دل ۽
    کليل ٻانهن سان مونکي ۽ منهنجي
    سموري ڪُٽنب کي هنجِ ورتو

    ــ فريد ڀٽو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”آمريڪا جو نئون پنڌ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت ليکڪ فريد ڀٽو صاحب جي آمريڪا بابت لکيل مضمونن جو مجموعو آهي.
    فريد ڀُٽو بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي، پر زندگيءَ جي خَفن کيس لکڻ جي لاڳيتي عمل کان پري ڪري ڇڏيو. هِنَ وقت جڏهن هُو پنهنجي ڪٽنب سميت آمريڪا ۾ رهي ٿو، تڏهن مصروف ترين وقت مان گهڙيون ڪڍي آمريڪا جي سياست، ويجھڙائيءَ واري اليڪشن ۽ ٻين گهڻن موضوعن تي هي ڪالم/مضمون لکي ورتا اٿائين. هي سڀئي لکڻيون تحقيق، ترتيبَ ۽ تجزيي جو مرڪب آهن ۽ نهايت سؤلڙي ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. ان ڪري نهايت اهم آهن.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي. مهربانيون فريد ڀٽو صاحب جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    فريد ڀُٽو منهنجو دل گهريو دوست آهي. جنهن سان دوستي، سِڪَ ۽ محبت جو ناتو گهڻو پراڻو آهي. اسان ننڍي وهيءَ کان علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ گڏ رهيا آهيون. سنڌ ٻالڪ سنگت ۽ پوپٽ پبلشنگ هائوس انهيءَ ساٿ جو هڪ سبب رهيا آهن.
    فريد ڀُٽو بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي، پر زندگيءَ جي خَفن کيس لکڻ جي لاڳيتي عمل کان پري ڪري ڇڏيو. هِنَ وقت جڏهن هُو پنهنجي ڪٽنب سميت آمريڪا ۾ رهي ٿو، تڏهن مصروف ترين وقت مان الائي ڪيئن گهڙيون چورائي آمريڪا جي سياست، ويجھڙائيءَ واري اليڪشن ۽ ٻين گهڻن موضوعن تي هي ڪالم/مضمون لکي ورتا اٿائين. هي سڀئي لکڻيون تحقيق، ترتيبَ ۽ تجزيي جو مرڪب آهن ۽ نهايت سؤلڙي ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. ان ڪري نهايت اهم آهن.
    هنن لکڻين کي ڪتابي صورت ۾ ڇاپيندي نهايت خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان. پَڪَ سان هي ڪتابُ پڙهندڙن ۾ به گهڻو مانُ حاصل ڪندو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    مهاڳ

    آمريڪا ۾ رهندڙ اسانجي دوست فريد ڀُٽي سان منهنجي ذاتي دوستيءَ جو تعلق گهڻو پراڻو نه آهي. اسانجو لاڳاپو سانا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ٿيو پر گذريل ڪجهه سالن کان اهو ذاتي تعلق ۾ تبديل ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ به هر قسم جا سنڌي رهن ٿا، پر فريد ڀُٽي جو تعلق انهن سنجيده دوستن مان آهي، جيڪي نه رڳو بيحد سنجيده آهن، پر هو پنهنجي قوم، وطن ۽ عوام لاءِ پرڏيهه ۾ ويهي به، نه رڳو سوچين ٿا، هتي جي اهنجن کي محسوس ڪن ٿا، پر ان لاءِ وَسَ آهر هٿ پير پڻ هڻندا رهن ٿا. فريد کي مون سدائين سانا ۾ بيحد سرگرم ڏٺو آهي ۽ هن جي سرگرمي هميشه مقصد ڀري ۽ ڪارائتي هوندي آهي.
    هر پڙهندڙ، سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ماڻهو پنهنجي خيالن، مشاهدن، خوابن ۽ احساسن جو اظهار ڪرڻ چاهيندو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪا به سوچ، احساس، مشاهدو يا خيال صرف انفرادي ۽ داخلي نه ٿيندا آهن، انهن جو لاڳاپو سماج سان اڻٽٽ هوندو آهي. اهڙين وارتائن اسانجي دوست فريد ڀُٽي کي به مجبور پئي ڪيو آهي ته هو پنهنجا ويچار، مشاهدا ۽ حالتن بابت پنهنجا سنجيده تجزيا سنڌ جي پڙهندڙن تائين پڄائي ۽ ان محرڪ تحت گذريل ڪجهه سالن کان هو مسلسل لکي رهيو آهي. ظاهر آهي ته جيڪو ماڻهو جنهن سماج ۾ رهي ٿو، هن جي سوچ ان جي ماحول، مسئلن توڙي محرڪن چوڌاري پڻ ڦري ئي. فريد ڀُٽو گذريل ڪجهه سالن کان آمريڪا جي سياسي حالتن جي حوالي سان مسلسل لکندو رهيو آهي ۽ سندس اُهي ليک ”عوامي آواز“ اخبار ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. ان ڪري هن پنهنجي ڪتاب جو نالو ”آمريڪا جو نئون پنڌ“ رکيو آهي، جيڪو هن جي انهن ڪالمن جو مجموعو آهي.
    فريد ڀٽو بنيادي طور هڪ روشن خيال، عوام دوست، کليل ذهن جو مالڪ ۽ سنڌ سان پيار ڪندڙ سنڌي آهي. مونکي هن کي سدائين سنجيده سوالن تي سوچ ويچار ڪندي، پنهنجا اصلوڪا خيال پيش ڪندي ۽ مهل جوڳا مثبت خيال جوڙيندي ڏٺو آهي، پوءِ چاهي اُها سندس ذاتي زندگي هجي يا آمريڪا ۾ سنڌين جي تنظيم ”سانا“ جو پليٽ فارم هجي يا سنڌي ادب ۽ سماج سان لاڳاپيل معاملا هجن. جيتوڻيڪ پرڏيهه ۾ تمام گهڻا سنڌي رهن ٿا پر اهڙي سوچ ۽ سڀاءَ وارا دوست مونکي گهٽ نظر آيا آهن، ان ڪري مون وٽ هن جو ڳاڻيٽو پرڏيهه ۽ خاص طور آمريڪا ۾ رهندڙ سنجيده روشن خيال دوستن ۾ آهي. اسانجي دوست فريد ڀُٽي ۾ هڪ خاص ڳالهه اها به آهي، جو هو نه رڳو پنهنجي اباڻي وطن سنڌ بابت سوچيندو رهي ٿو پر هو جنهن آمريڪي سماج ۾ رهي ٿو، ان کان به لا تعلق نه آهي. عام طور ماڻهو پنهنجي اباڻي وطن کي ته ياد ڪندا رهندا آهن پر جنهن نئين سماج جا هو شهري بڻجن ٿا ان جي سياست، ثقافت، ٻولين، مسئلن، تمدن يا محرڪن ۾ گهٽ دلچسپي وٺندا آهن. فريد ڀُٽي جو هيءُ ڪتاب ثابت ڪري ٿو ته هو جنهن آمريڪي سماج ۾ رهي ٿو، ان جي سياست ۽ سموري وهنوار کان لا تعلق نه آهي، هو نه رڳو، ان لاءِ فڪر مند هوندو آهي ۽ پنهنجي الڳ راءِ رکندو آهي پر هو ڏيهي ويچار سنڌي ٻوليءَ ذريعي پنهنجي هم وطن سنڌين سان به ونڊڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو.
    مان سمجھان ٿو ته اهو هڪ بيحد ذميوار رويو آهي. جيڪو اسان جهڙن ثقافتي سماجن جي ماڻهن ۾ گهٽ ٿئي ٿو. هر ماڻهوءَ جون نسبتون انيڪ ٿين ٿيون. اُهي قومي به ٿين ٿيون، طبقاتي ۽ ثقافتي به ٿين ٿيون، سماجي ۽ معاشي به ٿين ٿيون ته ٻوليائي، علائقائي يا فڪري ۽ نظرياتي پڻ. پر دنيا ۾ هڪ نسبت عالمي طور گڏيل صورت ۾ اُڀري رهي آهي ۽ اُها آهي هڪ ذميوار شهريءَ جي نسبت. ماڻهو جي ذميوار شهري نه آهي ۽ ٻيو سڀ ڪجهه به آهي ته پوءِ ڪهڙو فرق پوندو؟ جديد سياسي نظامن ۽ خاص طور جمهوريت جي تصور دنيا ۾ شهريت جي تصور کي سگھارو ڪيو آهي ۽ ڪو به ماڻهو ڪنهن به سماج يا ملڪ جو شهري تيستائين سڏائڻ ته پري رهيو پر ٺلهو ٿي به نه ٿو سگهي، جيستائين اهو پنهنجي سماج بابت سوچي نه ٿو يا ان تي نظر نه ٿو رکي ۽ ان جي وسيع تر سياسي وهنوار جو سرگرم حصو نه ٿو بڻجي. سوچڻ، راءِ رکڻ يا ڪجهه لکت يا زباني طور اظهار ڪرڻ پڻ هڪ ذميوار شهري هجڻ جون نشانيون آهن. اسانجي پياري دوست فريد ڀُٽي جو هيءُ ڪتاب سندس اهڙي ڪردار ۽ وَڙَ جو ثبوت آهي ته هو رڳو سنڌ لاءِ نه پر ان سماج لاءِ به سوچي ٿو. ان تي گهري نظر رکي ٿو ۽ ان جو لکت ۾ اظهار ڪري ٿو، جيڪو هتي هن جو ٻيو وطن پڻ آهي. آمريڪا جي عالمي طور سامراجي حيثيت پنهنجي جاءِ تي ۽ ان نظام جون سياسي ۽ نظرياتي سرمائيدارانه پاليسيون ۽ پيچيدگيون پنهنجي جاءِ تي، پر جيڪو ماڻهو اتي رهي ٿو، ان کي ڪنهن طور به پنهنجي نئين سماج کان لاتعلق نه رهڻ گهرجي. هن ڪتاب ذريعي فريد ڀُٽي آمريڪا ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن کي عملي طور هڪ سگهارو نياپو ڏنو آهي ته سموري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهائش پذير سنڌين کي نه رڳو سنڌ لاءِ پر پنهنجي پنهنجي نئين ملڪ ۽ سماج لاءِ به ساڳيءَ طرح ذميواريءَ سان سوچڻ ۽ ان ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ڪتاب جي ارپنا پڻ ليکڪ پاران ٻنهي وطنن ۽ سماجن کي ڪيل آهي.
    آمريڪا جي گذريل صدارتي چونڊن، ان سموري سياسي عمل ۽ نتيجن نه رڳو دنيا کي حيران ڪيو، پر آمريڪي سماج جي پيچيدگين کي پڻ وائکو ڪيو، فريد ڀُٽي پڻ هنن ڪالمن لکڻ جي شروعات ان عمل کان ڪئي آهي. آمريڪا دنيا جو واحد ملڪ ۽ معاشرو آهي، جيڪو سمورو ٻاهران آيل پناهه گيرن تي مشتمل آهي، ان جو تاريخي پس منظر کڻي ڪيترو به اڻ وڻندڙ ۽ ظالماڻو ۽ ڦورو ڇو نه هجي پر ماضيءَ ۾ واپس نه ٿو وڃي سگهجي ۽ هاڻي اها گهڻ نسلي، گهڻ مذهبي، گهڻ ثقافتي، بيهڪ ان سماج جي سگهه به ٿي سگهي پئي پر ساڳي وقت ان جون پيچيدگيون اڄ سوڌو ان سماج ۾ موجود آهن. جن کي آمريڪا جي گذريل صدارتي چونڊن بي نقاب ڪيو ۽ فريد ڀٽي هن ڪتاب ۾ شامل پنهنجي ڪيترن ڪالمن ۾ ان معاشري تي هڪ شهريءَ جي اک سان روشني وڌي آهي. گذريل چوندن ۾ جيئن ته نسلي برتريءَ جي احساس جو ٽرمپ کي کٽائڻ ۾ وڏو هٿ هو، ان ڪري فريد ڀٽي جي هن ڪتاب ۾ جتي آمريڪي چونڊن جي اندروني بين الاقوامي پاسن تي مختلف ڪالمن ۾ تفصيل سان روشني وڌي آهي، اتي هن جو هڪ اهم معلوماتي ۽ تجزياتي ليک ”آمريڪا ۾ نسلي تعصب جو تاريخي پس منظر“ هڪ اهم ڪالم جنهن ۾ هن سفيد يورپي نسل جي آباديءَ ۾ نسلي برتريءَ جي احساس ۽ ڪارن توڙي ٻين ايشيائي ۽ آفريڪي نسلن جي ماڻهن خلاف تعصب جي تاريخ ڏني آهي.
    مجموعي طور هن ڪتاب جا ڪجهه پاسا اهڙا آهن، جيڪي ڪتاب ۾ پڙهندڙن جي دلچسپي وڌائن ٿا. هڪ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙن موضوعن تي ڪتاب تمام گهٽ آهن ۽هن ڪتاب جي صورت ۾ اهڙن ڪتابن توڙي لکڻين جو لاڙو تيز ٿيندو. ٻيو ته ڪتاب جي ٻولي تمام سادي، سٺي ۽ عام فهم آهي، نه ته عام طور بين الاقوامي سياست جي موضوع تي اسان وٽ لکڻ توڙي پڙهڻ جو لاڙو تمام گهٽ آهي. هن قسم جي عام فهم ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪالم لکجڻ جو لاڙو تيز ٿيندو ته يقيني طور اهو رجحان وڌيڪَ سگهارو ٿيندو. ٽيون ته ڪتاب معلوماتي آهي، رڳو راين تي مُبني ناهي ڪتاب ۾ جيڪڏهن راين ۽ ڄاڻ جو اهو توازن نه رکيو وڃي ها ته شايد پڙهندڙ گهربل دلچسپي نه وٺي سگهي ها. ڄاڻ جي پاسي ڪتاب کي ڪرنٽ افيئرس سان گڏ گڏ ڊگهي مُدي واري اهميت ڏئي ڇڏي آهي.
    مان پنهنجي دوست فريد ڀُٽي کي هن ڪتاب جي صورت ۾ ”صاحب ڪتاب“ ٿيڻ تي واڌايون ڏيندي کانئس اميد ٿو ڪريان ته هن جو قلم آمريڪي سياست ۽ سماج يا رياست سان لاڳاپيل موضوعن سان گڏ ٻين علمي، ادبي ۽ فڪري موضوعن تي پڻ طبع آزمائي ڪندو رهندو.
    مان آخر ۾ ليکڪ ۽ پبلشر دوست قربان منگيءَ کان دلي طور معافيءَ جو طلبگار آهيان جو بيحد مصروفيتن ۽ ڪجهه سُستيءَ سبب هن ڪتاب تي هي ٻه اکر لکڻ ۾ حد کان وڌيڪَ دير ٿي وئي ۽ ڪتاب رڳو منهنجي هنن ٻن اکرن سبب دير سان شايع ٿي سگهيو.

    جامي چانڊيو
    08 ڊسمبر 2017ع
    حيدرآباد ـــ سنڌ


    پنهنجي پاران

    مونکي صحيح معنى ۾ ياد ناهي ته ادب سان چاهه ڇو ۽ ڇا لاءِ ٿيو، بس ايترو ضرور ياد اٿم ته ڇهين درجي کان ”گل ڦل“ رسالو ۽ ”گلن جهڙا ٻارڙا“ پڙهڻ شروع ڪيم ۽ ستين درجي کان سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي. اٺين درجي ۾ پهرين ڪهاڻي ”گل ڦل“ ۾ شايع ٿي. گھڻو ڪري نائين درجي ۾ هوس ته پنهنجي وقت جي مشهور ۽ يادگار اخبار ”هلال پاڪستان“ جي ٻارن واري صفحي ۾ پهرين ڪهاڻي ڇپي ۽ پوءِ ادبي صفحي ۾ ڪجھ ڪهاڻيون ڇپيون. ستين درجي ۾ ئي هوس ته ”پوپٽ“ رسالو نه صرف پڙهڻ شروع ڪيم پر ”پوپٽ“ جي سٿ جو ساٿاري به ٿي پيس. انهيءَ سٿ جي ساٿ سبب، منهنجي اها خوشنصيبي هئي جو ٽالپر پريس تي اڪثر استاد خادم سنڌيءَ سان ملاقات ٿيندي هئي، جيڪو ان وقت خيرپور جي بهترين شاعرن مان هڪ هو. سندس شاعري پڙهڻ جو انداز اعلى ۽ بلڪل نرالو هو. استاد پاڻ به ”اسٽائلش ماڻهو“ هو ۽ مونکي ته ڪنهن روسي ناول جو پرتجسس ڪردار لڳندو هو.
    مونکي ڪهاڻيون پڙهڻ ۽ لکڻ سان ڪافي دلچسپي رهي آهي، باقي مون شاعري ڪرڻ کي ڪڏهن به پنهنجي وس جي ڳالھه ناهي سمجھيو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪا ڪوشش ڪئي اٿم. نه ئي وري ڪڏهن ڪو ڪالم لکڻ جو خيال آيو هو يا تجربو هو. ها البته جامي چانڊيو، اعجاز منگي، عمر قاضي، جاويد قاضي، ارباب نيڪ محمد، حسن مجتبى، ڊاڪٽر مجيد چانڊيو ۽ امر اقبال جَن جا سماجي، سياسي ۽ ادبي پيرائي ۾ لکيل ڪالم مسلسل پڙهندو ۽ لطف اندوز ٿيندو رهيو آهيان.
    پوءِ هڪڙو اهڙو وقت آيو جو خيرپور جي ادبي، سياسي ۽ سماجي سرگرمين کي خيرباد چئي، پيشيواراڻي تعليم لاءِ ڄامشوري جا وڃي وڻ وسايا. توڙي جو مان مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيس، پر اڪثر سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل ڪينٽين تي شام جي چانھ دوستن يارن سان گڏجي پيئڻ ويندو هيس. اهو ساڳيو دور هو جڏهن حليم باغي به سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو ۽ اڪثر هن سان سينٽرل ڪينٽين تي شام جي چانھ تي ملاقات ٿيندي هئي. ڄامشوري ۾ چار پنج سال ڇا رهياسون، ڄڻ ته سموري زندگيءَ جا حسين پَلَ ۽ يادگار لمحا اُتي ئي گذاريا هُجن. مون هميشه سهڻو سٺو وقت گذاريندي زندگيءَ جي هر لمحي مان لطف اندوز ٿيڻ چاهيو آهي ۽ ڪنهن حد تائين ان ۾ ڪامياب ويو آهيان. توڙي جو سٺو وقت ڪراچيءَ ۾ به گذاريم، ۽ شڪاگو ۾ يادگار وقت کانپوءِ اچي لوئيوِل جا وڻ وسايا اٿم، پر ڄامشوري جو جڏهن به ذڪر نڪري ٿو يا ڪا يادگيري اچي ٿي ته ڄڻ پيارو پيارو سور محسوس ٿئي ٿو ۽ هڪ عجيب پيار ڀري ڪيفيت طاري ٿيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن حليم باغيءَ جو شاندار نظم، شفيع فقير جي آواز ۾ ڳايل ”اڙي شهر جانان ڪي توکي سنڀارون.....“ لڳاتار ٻڌندو رهندو آهيان...!! حليم باغيءَ جو ڄامشوري تي لکيل هيٺيون شعر ته دل جي ڌڙڪن بند ڪريو ڇڏي:

    سنڌ ورسٽيءَ مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي
    ڄام شوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي

    هن کي ڀيٽيون ته ڪنهن سان ڀلا ڀيٽيون
    جي ٿا ڀيٽيون خدا سان ته ڪفر ٿيو وڃي


    هن ڳالھ کي تقريبن ٽيهارو کن سال ٿيندا، مونکي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪالھ جي ڳالھ هجي! مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران هڪ ڀيري خيرپور آيل هيس، سِوِڪ سينٽر ڀرسان هڪڙي دوست جو دوست گڏيو، خير عافيت کانپوءِ پڇيائين ته تو ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهين جو ڪنهن ادبي محفل ۾ نظر ئي ڪونه ٿو اچين؟ ٻڌايومانس ته مان پڙهائيءَ سبب هاڻي ڄامشوري ۾ رهندو آهيان. تعجب کائيندي چيائين ته، ”وڃ.....!! اديب پڙهندا به آهن ڇا...!؟ مون سمجھيو هو سڀ مون وانگر واندا هوندا آهن...!“ ۽ پوءِ اها اتفاق جي ڳالھ آهي ته انجينئرنگ پاس ڪرڻ کانپوءِ جڏهن مون ڪراچي جي ”چائنا ٽائون ريسٽورينٽ“ تي پنهنجي ڪلاس جي دوستن جي ماني ڪئي هئي، تنهن ۾ اهو همراهه به موجود هو، جنهن کي چائنيز کاڌو ٺپ نه وڻيو، ۽ ٻيهر وڃي جناح اسپتال جي ڀر ۾ ”ڪيفي سنڌ“ تي دال ماني کارائي مانس.
    آمريڪا ۾ مصروفيت واري زندگي گذاريندي ڪڏهن سوچيو به نه هو ته اوچتو ئي اوچتو ڪو ڪالم لکندس، ۽ لڳاتار لکندس. پڙهڻ پنهنجي جاءِ تي، لکڻ ٻي ڳالهه آهي. خبر ناهي اهو اتساهه ڪيئن ۽ ڪٿان مليو...!؟ ها هڪ ڳالھ جو اقرار ڪريان ٿو ته لڳاتار پڙهڻ ۽ برقي رابطن جي ادارن تي مسلسل سامهون ايندڙ ڊونالڊ ٽرمپ جي صدارتي چونڊ مهم دوران عجيب و غريب خبرن، ضرور لکڻ لاءِ اتساهيو هو!
    روزاني ”عوامي آواز“ ۾ هڪ اڌ مضمون شايع ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڀيري فون تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر قاسم راڄپر چيو ته: ”اسان توکي ”عوامي آواز“ لاءِ دريافت ڪيو آهي. تو ۾ ڪو ليکڪ لڪيل هو، جنهن کي عوام آڏو آندو آهي“. چيومانس ته: ”ليکڪ لڪيل ڪونه، ستل هو، پر جاڳائڻ ۾ ”عوامي آواز“ نه پر اَنڪل ٽرمپ جو هٿ وڌيڪ آهي“.
    منهنجو ان ڳالھ ۾ پختو ۽ پڪو يقين آهي ته ادارا انسان جي پرورش ۽ رهنمائيءَ ۾ تمام وڏو ۽ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جڏهن مان ڪنڌ پوئتي ورائي پنهنجي ادبي اوسر لاءِ ڪنهن اداري جي تلاش ڪريان ٿو ته سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ ٻالڪ سنگت ڏسان ٿو. پيشيواراڻي زندگيءَ لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ دل جي نهايت ئي قريب آءِ بي اي (IBA) سکر نظر اچن ٿا. پيشيواراڻي زندگيءَ لاءِ جي جاچيان ٿو ته ”پيٽرومين“ جھڙو ادارو هو، جنهن منهنجي خالي جھوليءَ ۾ اهو سڀ ڪجھ ڏنو، جنهن سان آمريڪا جھڙي ملڪ ۾ به اچي ڪا تڪليف ڪانه ڏٺم. ادبي ۽ سماجي حوالي سان، توڻي ذاتي زندگيءَ ۾ قربان منگيءَ جي قربت منڍ کان تمام عزيز رهي اٿم. ادبي ۽ سماجي حوالي سان اسان ٻنهي جي سفر جي شروعات تقريبن ساڳي وقت ۾ ٿئي ٿي، اها ٻي ڳالھ آهي ته قربان منگي پنهنجي لڳاتار محنت، دلچسپي ۽ سچائيءَ سبب ادبي ۽ سماجي شعبن ۾ مونکان زمانا اڳتي نڪري ويو آهي، جنهن جي بيحد خوشي به اٿم.
    مونکي خبر ناهي ته منهنجا لکيل ڪالم ڪيتري اهميت يا ڪم جا آهن، اهو فيصلو پڙهندڙن تي ٿو ڇڏيان خاص طور تي انهن پڙهندڙن تي جيڪي عالمي سياست ۽ سماجي ترقي ۽ اٿل پٿل ۾ دلچسپي رکن ٿا. مون ته بس اها ڪوشش ڪئي آهي ته دنيا جي وڏي طاقت آمريڪا ۾ هلندڙ سياسي ۽ سماجي تبديلين کان سنڌيءَ ۾ لکي پڙهندڙن کي آگاهي ڏجي. اها ڪوشش شل قبول پوي..!
    لک لائق پروفيسر ڊاڪٽر مجيد چانڊيو جا جنهن منهنجن ڪچن ڦڪن مضمونن لکڻ تي منهنجي همت افزائي ڪئي آهي ۽ مضمونن کي ساراهيو آهي. مان سائين مجيد چانڊيو جي عالمي سياست، روس جي سياسي ۽ معاشي ڪردار ۽ خاص طور تي اُن جي خطي ۾ اڀرندڙ قوت بابت لکيل مضمونن کي هميشه وڏي دلچسپيءَ سان پڙهيو آهي ۽ انهن مضمونن مان رهنمائي حاصل ڪئي اٿم.
    وڏا وڙ سائين ادل سومري جا جيڪو نه فقط منهنجا مضمون پڙهندو رهيو آهي پر وقت بوقت سهڻن سيبتن مشورن سان گڏ همٿائيندو به رهيو آهي.
    ايازگل سان دوستي پنهنجي جاءِ تي، مان هن جي شاعريءَ جو هميشه پرستار رهيو آهيان. هن کي مون سدائين هڪ سهڻي سيبتي سچي دوست سان گڏ هڪ بيحد وڻندڙ شاعر طور ڏٺو آهي. مونکي 1978ع جو اهو ڏينهن ڪالھ جيان ياد آهي، جنهن ڏينهن غلام عباس ڀنڀري جي جڳھ تي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ اياز گل هڪ غزل پڙهيو هو جنهن تي خوب داد حاصل ڪيو هيائين، غزل جو هيٺيون بند اڃا به ياد اٿم:

    چور آهن وري اُٿيا تَرَ جا
    در بند رکجو سڀئي گھر جا

    اياز گل سان مون جڏهن پنهنجي مضمونن جي ڪتاب جي باري ۾ ذڪر ڪيو ته هن هڪدم مشورو ڏنو ته ان ڪتاب جو مهاڳ جامي چانڊيي کان لکائجي!
    جاميءَ جا قرب، هن پنهنجي بي پناهه مصروفيتن مان وقت ڪڍي منهنجن مضمونن کي پڙهيو ۽ مهاڳ لکيو. مان سندس ٿورائتو آهيان جو مون لاءِ اهو ڪنهن اعزاز کان گھٽ ناهي ته موجودھ زماني ۽ وقت جو هڪ بهترين لکاري، دانشور ۽ سماجي سائنس جو ڄاڻو منهنجي ڪتاب جو مهاڳ لکي..!
    ”عوامي آواز“ جي سٿ، ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر جن جون مهربانيون جن هر لمحي پئي همٿايو آهي ۽ هن ڪتاب آڻڻ لاءِ تمام گھڻي همت افزائي ڪئي.
    پنهنجي شاعر دوست امراقبال جون خاص مهربانيون جو هن وقت سيڙائي ڪتاب جا پروف پڙهي درستگيون ڪيون. پياري سعيد منگيءَ جا به لک ٿورا جنهن پڻ گهڻين مصروفيتن مان وقت ڪڍي، منهنجي ڪتابَ جو ٽائيٽل گهڻي پيارَ سان ٺاهيو. پوپٽ پبلشنگ هائوس جي انتهائي باصلاحيت نوجوان آصف نظاماڻي به جس لهڻي جو سندس ڪوشش ۽ ڪاوش سبب ڪتاب وقت سر ڇپجي سگھيو. آخر ۾ عرفان ڀُٽي جا به ٿورا مڃيندو هلان جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪئي آهي.

    فريد ڀٽو
    17 نومبر 2017ع
    لوئيول ــــ آمريڪا


    مضمون

    آمريڪا ۾ هلندڙ صدارتي چونڊون

    گهڻن سياسي، برقي ۽ ڇاپي جي ادارن جي پنڊتن جو خيال آهي ته هن سال آمريڪا ۾ 8 نومبر 2016ع تي ٿيندڙ صدارتي اليڪشن لاءِ هلندڙ چونڊ مهم تاريخ جي خراب، ۽ گار گند ۽ بي ايمانيءَ سان ڀرپور مهم آهي. اڪثر صدارتي اميدوار سٺا ڄاڻو، صابر، اشراف ۽ ايماندار هجن ٿا، پر هن ڀيري ڊونلڊ ٽرمپ اهڙي ڪنهن به پيماني تي پورو نه ٿو لهي ۽ سندس مقابلي ۾ وري هيلري ڪلنٽن تي ماڻهن جي ڀروسي ٽوڙڻ جو الزام آهي يا ائين کڻي چئجي ته هوءَ گهڻي اعتبار جوڳي نه رهي آهي.
    آمريڪي معاشري جي ٻين گهڻين سٺين ڳالهين مان هڪ اها به آهي ته هتي هر ماڻهوءَ کي پنهنجا خواب ساڀيان ڪرڻ لاءِ برابر جو موقعو ملي ٿو ۽ ان جو زندهه مثال موجوده آمريڪي صدر باراڪ حسين اُباما جو آهي، جنهن ڦوهه جوانيءَ کان آمريڪي صدر ٿيڻ جو خواب ڏٺو ۽ پنهنجي مسلسل محنت سان پنهنجو خواب ساڀيان ڪري ڏيکاريو. توڙي جو هن جو پيءُ ڪينيا جو رهاڪو هو ۽ هو هت پڙهڻ بهاني آيو هو ۽ شاديءَ کانپوءِ پٽ کي هت ڇڏي واپس هليو ويو هو. اُباما جو هيٺين وچولي طبقي سان تعلق هيو، هو پنهنجي محنت ۽ ڏاهپ سان اڳتي وڌيو ۽ ٻه ڀيرا آمريڪا جو صدر چونڊيو، جيڪا ڳالهه بنياد پرست اڇن آمريڪين کان هضم ڪونه ٿي آهي. منهنجي خيال ۾ ٻين گهڻن سببن سان گڏ اهو به هڪ سبب آهي جو ٽرمپ جهڙو بيوقوف، بي ايمان، ڇڙواڳ ۽ عورت کي گهٽ سمجهندڙ ماڻهو، پارٽيءَ جون پرائمري چونڊون کٽي هينئر صدارتي چونڊ پيو وڙهي.
    عام طور تي سياست ۾ اچڻ لاءِ هتان جا ٻار ۽ نوجوان، ننڍپڻ ۽ نوجوانيءَ کان گهربل تعليم ۽ تجربو حاصل ڪرڻ بعد؛ سچائي ۽ لڳاتار محنت سان اڳتي اچي ڪانگريس، سينيٽ يا وري رياستن جي ايوانن ۾ پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪن ٿا. صدارتي مهم دوران اميدوار پنهنجي تجربي، صلاحيتن، سياسي سوجهه ٻوجهه کان علاوه صحت، تعليم، معاشي ۽ اقتصادي منصوبن تي تفصيل سان ڳالهائيندي، پنهنجا پنهنجا عمل جوڳا منصوبا پيش ڪن ٿا، جنهن جي بنياد تي عوام پرک ڪري پنهنجي ووٽ ڏيڻ لاءِ راءِ جوڙي ٿو.
    تاريخي روايتن جي ابتڙ، هن ڀيري ريپبلڪن پارٽيءَ جي صدارتي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ سڀ سياسي، سماجي ۽ اخلاقي ماپا ٽوڙي، پنهنجو راڳ آلاپڻ لڳو آهي، هن عجيب و غريب نعرن سان چونڊ مهم شروع ڪئي جنهن تي گهڻن ئي سياستدانن، پروفيسرن ۽ تجربيڪار صحافين منهن مٿو پٽيو ته هي ماڻهو آمريڪي معاشري کي مضبوط نموني اڳتي وڌڻ بجاءِ ڪيئي صديون پوئتي پيو ڌڪي. جيئن هتان جي صدارتي چونڊ مهم دوران ڪنهن جي عقيدي يا مذهب، رنگ ۽ نسل تي نه ڳالهايو ويندو هو؛ ٽرمپ نه فقط مسلمانن کي پر هسپانوي ڳالهائيندڙ آباديءَ سان گڏ هتان جي ڪاري نسل جي ماڻهن کي به گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو آهي، خاص طور تي هن جي هيٺين چڙ ڏياريندڙ ڳالهين ۽ بيانن، هن جي ساڙيلي ۽ بنياد پرست طبيعت کي وائکو ڪيو آهي.
    1. مسلمانن کي مڪمل طور تي آمريڪا ۾ اچڻ نه ڏجي.
    2. هسپانوي جيڪي ميڪسيڪو ملڪ مان هت چوري اچن ٿا، سي ڏوهاري، زاني ۽ نشي جا ڪاروباري آهن.
    3. هسپانوي جج سٺو فيصلو نه ٿو ڏئي سگهي، ڇاڪاڻ ته هن جا پيءُ ماءُ ميڪسيڪو ملڪ جا آهن.
    4. اڳوڻو صدارتي اميدوار جان مڪين فقط گرفتار ٿيڻ سان ويٽنام جنگ جو هيرو بڻيو.
    5. هُو (ٽرمپ) جي ڪنهن ماڻهو کي گولي سان اڏائي ڇڏي ته به عوام هن کي ووٽ ڏيندو.
    6. اسلام (مسلمان) اسان کان نفرت ڪري ٿو.
    7. شهيد ڪيپٽن همايون خان جي والده غزالا کي ڊيمو ڪريٽڪ ڪنوينشن ۾ هن جي مڙس نه ڳالهائڻ ڏنو ڇاڪاڻ جو هو مسلمان آهن.
    8. آمريڪي آئين جي ٻي ترميم جي عزت ڪندڙ ماڻهو، هيلري ڪلنٽن کي روڪي سگهن ٿا. (ڪن صحافين ان جو مطلب ڪڍيو ته هٿيارن جي زور تي هيلري جو رستو روڪيو وڃي)
    9. روسي صدر پيوٽن آمريڪي صدر باراڪ اُباما کان بهتر اڳواڻ آهي.
    صدارتي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ مٿيون ۽ اهڙي قسم جون اڪيچار ڳالهيون ڪري نه فقط پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل ماڻهن جي وڏي تعداد جي ناراضگي کنئين، پر هن پنهنجي ريپبلڪن پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن جي لاءِ اهڙي صورتحال پيدا ڪئي جو هو پنهنجي لاءِ ٽرمپ جو دفاع ڪرڻ ۽ چونڊ مهم هلائڻ نامناسب ۽ ڏکيو ٿا سمجهن. هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هڪ صدارتي اميدوار اهڙي راهه ڇو ورتي ۽ اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿو ڪري، يا ورجائي جو سندس پارٽي جا اڳواڻ به هن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن؟ ان ڳالهه جو سڌو ۽ سادو جواب اهو آهي ته واپاري ڊونالڊ ٽرمپ هيو ئي اهڙو! نه هو اعليٰ تعليم يافته آهي ۽ نه وري هن کي ڪو سياست يا سرڪار جو تجربو آهي! ڊونالڊ ٽرمپ اهڙيون ئي ڳالهيون ڪيون ۽ ڪري ٿو پيو، جيڪي هن جا خاص بنياد پرست حامي ٻڌڻ چاهين ٿا ۽ جن هن کي اهڙين ڳالهين ڪرڻ جي ڪري اڳتي آندو آهي. اميد ٿي ڪجي ته آمريڪا ۾ اهڙن بنياد پرستن جي اڪثريت نه هوندي جيڪي ٽرمپ جهڙي صدارتي اميدوار کي صدارتي چونڊن ۾ چونڊي آمريڪا جهڙي ملڪ جو صدر بڻائي سگهن.
    ايندڙ ڪالم ۾ راءِ عامه جي انگن اکرن جي پرک ڪندي صدارتي اميدوار جي کٽڻ جي اڳڪٿي تي ڄاڻ ڏيندس.

    (18 آڪٽوبر 2016ع)


    آمريڪا ۾ صدارتي اميدوارن وچ ۾ تقريري مقابلا

    ان ڳالهه ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش ناهي رهي ته آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ ڇاپي ۽ برقي رابطي جا ادارا (print and electronic media) تمام اهم ۽ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا، جو اهي ٻئي رابطي جا ذريعا راءِ عامه جوڙڻ/ ٺاهڻ يا بدلائڻ لاءِ تمام گهڻو اثر رکن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ريپبلڪن پارٽيءَ جو صدارتي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ ۽ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي اميدوار هيلري ڪلنٽن لکين ڊالر خرچ ڪندي، پنهنجي پنهنجي حق ۾ راءِ عامه جوڙڻ جي جستجوءَ ۾ مصروف عمل آهن. راءِ عامه جا اندازا ۽ انگ اکر ڏسڻ لاءِ اخبارون، برقي رابطن جا ادارا ۽ ڪي انگ اکر گڏ ڪندڙ ادارا ڪم ڪندي ووٽرن جي راءِ جي بنياد تي اڳڪٿي ڪن ٿا ته هن ڀيري اندازن موجب ڪهڙو صدارتي اميدوار چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندو. گهڻو ڪري اهي اندازا صحيح ثابت ٿين ٿا، جو انهن اندازن جو بنياد، سائنسي طريقي سان انگ اکر گڏ ڪري، جاکوڙي نموني ڇنڊڇاڻ ڪري پوءِ اڳڪٿي ڪرڻ تي آهي.
    اهي اندازا ۽ اڳڪٿيون آمريڪا ۾ 2016ع جي صدارتي چونڊ مهم دوران ڏاڍيون دلچسپ رهيون آهن، ته وري اهي اندازا وقت بوقت تبديل به ٿيندا رهيا آهن. انهن اندازن موجب، ڪڏهن هيلري ته وري ڪڏهن ٽرمپ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻي اڳتي رهيا آهن. مان اڄ جي ليک ۾ انهن چئن واقعن جو خاص طور تي ذڪر ڪندس، جنهن کانپوءِ ٽرمپ اٿي ڪو نه سگهيو آهي ۽ سمورن اندازن ۽ اڳڪٿين موجب هو هيلري ڪلنٽن کان صدارتي چونڊ مهم ۾ پوئتي آهي.

    ڊيموڪريٽڪ نيشنل ڪنوينشن (ڊي اين سي) پارٽي ميڙاڪو 2016ع:
    آمريڪي رياست پينسلوانيا جي شهر فليڊيلفيا ۾، ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو هڪ وڏو ميڙاڪو جولاءِ مهيني جي 25 کان 28 تاريخ تائين ٿي گذريو، ڪنهن به صدارتي اميدوار لاءِ هي پارٽيءَ جو وڏي ۾ وڏو ميڙاڪو هر چوٿين سال چونڊن کان پهرئين ٿئي ٿو، جنهن ۾ سڄي ملڪ جا پارٽي اڳواڻ ۽ ميمبر شريڪ ٿين ٿا. ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي هن چئن ڏينهن واري ميڙاڪي ۾ صدارتي اميدوار هيلريءَ، سندس مڙس اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن ۽ مشل اوباما جو تقريرون تمام اهم ۽ دلچسپ ته هيون ئي پر ٻن تقريرن تتل لوهه کي ڪاپاري ڌڪ هڻڻ جو ڪم ڪيو. هڪ آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي تقرير، جيڪو توري تڪي ۽ ماهراڻي انداز سان ڳالهائي ٿو ۽ هو ٻڌندڙن تي تمام گهڻو اثر ڇڏي ٿو؛ ۽ ٻي تقرير هئي پاڪستان ڄائي آمريڪي وڪيل خضر خان جي، جيڪو عراقي جنگ ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن همايون خان جو پيءُ آهي، ٻنهي تقريرن راءِ عامه کي تبديل ڪري هيلريءَ جي حق ۾ آندو ۽ هوءَ اندازن موجب ٽرمپ کان اڳتي نڪري وئي آهي.

    صدارتي اميدوارن وچ ۾ پهريون تقريري مقابلو:
    جولاءِ جي ميڙاڪي کانپوءِ راءِ عامه جي اندازن مطابق اڳتي نڪتل هيلري ڪلنٽن کي ڊونالڊ ٽرمپ ڏاڍو ڏکيو وقت ڏنو ۽ آگسٽ تائين هو راءِ عامه کي پنهنجي حق ۾ بدلائڻ ۾ ڪامياب ويو، ٻيهر هيلريءَ جي ويجهو پهتو ۽ ڪجهه رياستن ۾ هن کان اڳتي نڪري ويو. پهريون صدارتي تقريري مقابلو جيڪو 25 سيپٽمبر تي هافسٽرا يونيورسٽي نيويارڪ ۾ ٿيو، هيلري ڪلنٽن پنهنجي تجربي، سياسي ڄاڻ ۽ صبر سان تمام سهڻي نموني صحافيءَ جي پڇيل سوالن جا جواب ڏنا، ٻئي پاسي ٽرمپ دانهون ڪوڪون ڪندو رهيو. ڇاڪاڻ ته هو نه گهڻو پڙهيل لکيل آهي نه وري ڪو معاشي، اقتصادي، سياسي، ۽ سرڪاري ڪم جو تجربو اٿس، جنهنڪري سندس پت وائکي ٿي وئي ۽ هيلري ڪلنٽن وري اندازن موجب ووٽرن جي راءِ کي پنهنجي حق ۾ بدلائڻ ۾ ڪامياب وئي.

    بس ٽيپ اسڪينڊل:
    ڪجهه حلقن ۾ اها ڳالهه عام هئي ته صدارتي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ هڪ چالاڪ، بي ايمان واپاري ۽ جنسي حوس جو شڪاري ماڻهو رهيو آهي؛ تنهن ڪري هن جون کوڙ ساريون بيهودين ڳالهين واريون شاهديون هونديون ۽ ٿيو به ائين ئي....! بس وقت جو انتظار هو! 7 آڪٽوبر تي، مشهور آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ، ڊونالڊ ٽرمپ جي هڪ وڊيو شاهدي جاري ڪئي، جنهن ۾ هو صحافي بلي بش سان ڳالهائيندي، تمام فحش، جنسي ۽ عورتن لاءِ گٿا لفظ ڳالهائي ٿو. اخبار جي ان رپورٽ ممڻ مچائي ڇڏيو ۽ پڙهيل لکيل عورتن ٽرمپ جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. انهيءَ سبب جي ڪري عورت ووٽرن وڏي پيماني تي پنهنجي راءِ بدلائي ۽ اندازن موجب 85 سيڪڙو عورتون ووٽر هيلري جي حق ۾ آهن. اها هڪ حقيقت آهي ته سدائين عورت ووٽرن، ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار کي کٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

    صدارتي اميدوارن ۾ ٻيون تقريري مقابلو:
    هي تقريري مقابلو، 9 آڪٽوبر تي، واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪي رياست مضوري جي شهر سينٽ لوئس ۾ ٿي گذريو. هن مقابلي دوران ٽرمپ هڪ وڏي ذهني ڪرب ۽ پريشاني ۾ نظر آيو ڇاڪاڻ ته ٻه ڏينهن پهرين بس وڊيو شاهدي اچي چڪي هئي ۽ هو پاڻ کي ان کان آجو ڪري ڪين سگهيو هو. بس ٽرمپ جي هاءِ گهوڙا هئي. هن تقريري مقابلي جي خاص ڳالهه اها هئي ته تقرير دوران ٽرمپ چيو ته، ”جي مان صدر ٿيس ته تون (هيلري) جيل ۾ هوندينءَ.“ هن ڳالهه ٽرمپ کي فائدي بجاءِ نقصان رسايو. جو هڪ ته صدر کي آئيني طور اهڙا اختيار مليل ئي ڪونهن جو هو ڪنهن کي جيل اُماڻي سگهي ۽ ٻيو هتان جي ماڻهن، خاص طور تي پڙهيل لکيل عوام اهو سمجهيو ته ڊونالڊ ٽرمپ اسان کي ٽئين دنيا جي سياست ۽ سماج ڏانهن گهلي پيو. تقرير کانپوءِ اندازن موجب راءِ عامه هيلريءَ جي حق ۾ وڌي وئي ۽ هوءَ آمريڪا جي پنجيتالهين ۽ پهرئين عورت صدر ٿيڻ جي ويجهو پهتي آهي.

    (25 آڪٽوبر 2016ع)


    آمريڪا جي صدارتي چونڊ ۽ آخري تقريري مقابلو

    صدارتي چونڊ مهم هلندي، صدارتي اميدوارن جي وچ ۾ ٿيندڙ تقريري مقابلا تمام گهڻي اهميت ماڻين ٿا. اڪثر ووٽر، صدارتي اميدوارن جي پيش ڪيل اقتصادي، معاشي، طِبي ۽ تعليمي منصوبن جي بنياد تي پنهنجي راءِ جوڙين يا تبديل ڪن ٿا. آمريڪا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صدارتي اميدوارن جان ايف ڪينيڊي ۽ رچرڊ نڪسن وچ ۾ تقريري مقابلو 26 سيپٽمبر 1960ع تي شڪاگو شهر مان ٽيليويزن تي سڌو سنئون نشر ڪيو ويو هئو. ڪميشن آف پزيڊيشنل ڊبيٽ 1858ع کان صدارتي اميدوارن وچ ۾ تقريري مقابلن جو بندوبست ڪندي اچي ۽ تاريخي طور تي پهريون صدارتي تقريري مقابلو ابراهيم لنڪن ۽ اسٽيفن ڊگلس وچ ۾ ”غلامي ۽ يونين“ جي موضوع تي ٿيو هو.
    هينئر اچون پيا ٽئين ۽ آخري صدارتي تقريري مقابلي تي. جيڪو صدارتي اميدوارن هيلري ڪلنٽن ۽ ڊونالڊ ٽرمپ جي وچ ۾ 19 آڪٽوبر 2016ع تي، نواڊا يونيورسٽي، شهر لاس ويگاس، رياست نواڊا ۾ ٿي گذريو. پهرين ٻن تقريري مقابلن جيان هن ڀيري به مقابلي کانپوءِ، ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته هُن هيءُ تقريري مقابلو واضح سرسي سان کٽي ورتو آهي. جڏهن ته حقيقت ان جي بلڪل ابتڙ آهي ڇاڪاڻ ته ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن پاران ڪرايل راءِ عامه جي اندازن ۽ ماپن موجب هيلري ڪلنٽن هي مقابلو کٽي ورتو آهي.
    سي اين اين جي رپورٽ مطابق صدارتي تقريري مقابلو ڏسندڙن مان 52 سيڪڙو ماڻهن هيلريءَ کي پسند ڪيو ۽ 39 سيڪڙو ٽرمپ جي پاسي رهيا. ساڳي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 61 سيڪڙو ڏسندڙ سمجهن ٿا ته هيلري ڪلنٽن کي ملڪي مسئلن جي بهتر ڄاڻ آهي، جڏهن ته ٽرمپ جي پاسي 31 سيڪڙو رهيا. 59 سيڪڙو ڏسندڙ سمجهن پيا ته هيلري صدارت لاءِ بلڪل تيار آهي، جڏهن ته 35 سيڪڙو ڏسندڙن ٽرمپ جي حق ۾ راءِ ڏني. ساڳي نموني هتان جي مشهور ٽيليويزن ادارن سي بي ايس اين، اي بي سي ۽ اخبارن نيويارڪ ٽائيمس، وال اسٽريٽ جنرل ۽ يو ايس ٽو ڊي جي ڪرايل راءِ عامه جي اندازن موجب هيلري ڪلنٽن ٽيون ۽ آخري صدارتي تقريري مقابلو کٽي ورتو آهي جيڪو يقينن هن لاءِ ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هي صدارتي تقريري مقابلو ڏيڍ ڪلاڪ جاري رهيو ۽ فاڪس ٽيليويزن جي مشهور صحافي ڪرس والس ميزبانيءَ جا فرض نڀائيندي ٻنهي صدارتي اميدوارن کان ڏکيا ۽ چڀندڙ سوال پڇيا.
    وسڪانسن رياست جي شهر ڪنوشا ۾ رهندڙ منهنجي دوست منير سومري چواڻي، ”جي اهي مقابلا صرف پندرنهن ويهن منٽن جا هجن ها ته ٽئي مقابلا ٽرمپ کٽي وڃي ها.“ لڳي ٿو اها ڄڻ حقيقت هجي! منهنجي خيال ۾ ”آخري ۽ ٽئين تقريري مقابلي جا پهريان ويهه منٽ ٽرمپ جو پلڙو ڀاري رهيو ۽ آخر ۾ تقريبن مقابلو برابر پئي هليو، جنهن دوران صحافيءَ جي پڇيل هڪ سوال ٽرمپ جي پيرن هيٺان زمين ڪڍي ڇڏي. ڏوهه صحافيءَ جي پڇيل سوال جو نه هو پر ٽرمپ جي ڏنل جواب ريپبلڪ پارٽي وارن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ۽ مخالفن جي محفلن ۾ مزو مچائي ڇڏيو. دراصل صحافي ڪرس والس صدارتي اميدوار ٽرمپ کان سوال پڇيو ته ڇا هو چونڊن جو نتيجو قبول ڪندو؟ ٽرمپ وراڻيو ته، ”مان ان ڳالهه جو جواب چونڊن جي نتيجي اچڻ بعد ڏيندس“ صحافيءَ جي وري وري ورجائڻ باوجود ٽرمپ سڌو جواب نه ڏنو. عام آمريڪي پنهنجي سياسي سماجي قدرن ۽ خاص طور تي جمهوريت تي تمام گهڻو فخر محسوس ڪن ٿا ۽ ان کي عزت ۽ احترام جوڳي ڳالهه سمجهن ٿا. هوڏانهن ڊونالڊ ٽرمپ جا بنياد پرست حامي ڪا ٻي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهن جو هنن کيِ سڀ روايتون ۽ جمهوري قدر اوباما سرڪار جيان بيڪار نظر اچن ٿا.
    هاڻي هلندڙ صدارتي چونڊ مهم دوران صدارتي اميدوار ٽرمپ اها ڳالهه ڪيئي ڀيرا ورجائي چڪو آهي ته جي هن هارايو ته معنيٰ چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هو نتيجا قبول نه ڪري. اها ڳالهه نه فقط هن جي مخالف ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اڳواڻن پر هن جي پنهنجي ريپبلڪن پارٽيءَ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کان هضم ڪونه ٿي ٿئي ۽ کوڙ اڳواڻن بيان ڏئي ان ڳالهه کي ننديو آهي. هتان جا پڙهيل لکيل ماڻهو سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ، ڇاپي ۽ برقي رابطن جا ادارا سمجهن ٿا ته ايڪويهين صديءَ جي آمريڪا ۾، هڪ صدارتي اميدوار هلندڙ چونڊن ۾ ايندڙ فيصلي تي ڌانڌلي جو الزام هڻي ۽ نتيجا نه قبولڻ جي ڌمڪي ڏئي نه فقط آمريڪا جي سياسي ۽ جمهوري نظام تي سواليا نشان ڇڏيو آهي، پر اهو عمل هن سڄي نظام کي صديون پوئتي ڌڪڻ جي سازش ۽ ڪوشش آهي. صدارتي تقريري مقابلي جي ٻئي ڏهاڙي، ڊونالڊ ٽرمپ رياست اوهايو جي شهر ڊيلروز ۾ هڪ جلسي دوران تقرير ڪندي چيو ته ”مان توهان سڀني سان واعدو ٿو ڪيان ته مان هن تاريخي چونڊن جا نتيجا قبول ڪندس جي مون کٽيو!“ ڏيو منهن ۽ اندازو لڳايو ته ايڪويهين صديءَ ۾ پهرين دنيا جي آمريڪي عوام جو ڪنهن سان واسطو پيو آهي!
    هن تقريري مقابلي ۾ مختلف موضوعن تي ٻنهي صدارتي اميدوارن پنهنجن پنهنجن خيالن ۽ منصوبن تي تفصيلي نموني ڳالهايو، جن مان هيٺيان ڪجهه اهم موضوع آهن، جيڪي يقينن ووٽرن جي راءِ جوڙڻ يا ٺاهڻ ۽ بدلائڻ ۾ اهم ثابت ٿيندا:

    1. سپريم ڪورٽ:
    آمريڪي صدر کي اهو آئيني اختيار مليل آهي ته هو خالي ٿيل جاءِ تي تجربي، ڏاهپ، اعليٰ تعليم ۽ مثالي ايمانداريءَ جي بنياد ۽ پئمانن تي سپريم ڪورٽ جو جج نامزد ڪري، جنهن کي بعد ۾ ڪانگريس ڪميٽي پڪو ڪري ٿي. صدارتي تقريري مقابلي دوران ٽرمپ، آمريڪي عوام کي اهو ڊپ ڏياريو ته جي عوام هن کي چونڊي نه ٿو ته هيلري ڪلنٽن پنهنجي مرضيءَ سان اهڙا جج ڳولهي آڻيندي، جيڪي روشن خيال (Liberal) هوندا ۽ ريپبلڪن پارٽيءَ جي گهربل معيارن، جن جو بنياد قدامت پسنديءَ تي آهي، تي پورا نه لهندا ۽ پارٽيءَ جي معيارن کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيندا.

    2. غيرقانوني هجرت:
    هميشه جيان هن ڀيري به، صدارتي چونڊن جي مهم دوران غير قانوني طور هجرت ڪري آيل، غير قانوني طور ترسيل ٻارنهن ملين ماڻهن جو مسئلو تمام بنيادي اهميت جوڳو رهيو آهي. صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن بيان ڪيو ته هنن آيل ماڻهن کي ٻيڙن ۽ هوائي جهازن ۾ چاڙهي واپس ڪونه ٿو موڪلي سگهجي ۽ هو هتي ڄاول اولاد کي غير قانوني طور آيل مائٽن کان ڌار ڪرڻ جي حق ۾ ناهي. جڏهن ته ٽرمپ جو زور ان ڳالهه تي هو ته ميڪسيڪو ۽ ڀرپاسي جي ملڪن مان آيل غيرقانوني ماڻهن کي واپس ڪري، ميڪسيڪو ملڪ جي سرحد سان تمام وڏي ۽ ڊگهي ڀت اڏبي جنهن جي اڏاوت جا پئسا به ميڪسيڪو ملڪ ڀريندو. جيڪا ڳالهه اڻ ٿيڻي ٿي لڳي! هي تمام ڏکيو مسئلو آهي ۽ هجرت ڪري آيل اڪثر ماڻهن جو تعلق ميڪسيڪو ملڪ سان آهي. آمريڪا ۾ هسپانوي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت (جيڪي قانوني طور هت رهن ٿا) چاهي ٿي ته غير قانوني طور آيل ماڻهن کي قانوني حق ڏنا وڃن. هسپانوي ڳالهائيندڙ آباديءَ جي ووٽ جي تمام گهڻي اهميت آهي ۽ ڪوبه صدارتي اميدوار هنن جي حمايت وڃائڻ جو جوکم نه ٿو کڻي سگهي.

    3. روسي صدر پيوٽن ۽ اي ميل واري (Email Scandal):
    وڪي ليڪس ذريعي هيلري ڪلنٽن ۽ سندس چونڊ مهم جي باري ۾ هزارين اي ميل روزانو جي بنياد تي ظاهر ٿين ٿيون، جن جو مقصد آهي ته هيلريءَ جي ڪردار ۽ سندس چونڊ مهم کي نقصان پهچايو وڃي. تقرير دوران هيلريءَ الزام هنيو ته وڪي ليڪس ايميل جي خواريءَ پويان روسي صدر پيوٽن جو هٿ آهي، جنهن جي تصديق آمريڪا جا سترنهن ڳجها ادارا ڪري چڪا آهن. هُن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ روسي صدر پيوٽن جو چمچو (Puppet) آهي. ظاهر آهي ته صدارتي اميدوار ٽرمپ کي اها ڳالهه ڏکي لڳي، جوابن هُن هيلريءَ مٿان گهڻي ئي هلان ڪئي پر ڪوبه اطمينان جوڳو جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن جو عوام تي ڪو مثبت اثر ٿئي ها ۽ هو هن جي حق ۾ راءِ جوڙين ها.

    4. عورت جي عزت:
    صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن ڪنهن حد تائين آمريڪي عوام ۽ خصوصن پڙهيل لکيل عورتن کي اهو محسوس ڪرائڻ ۾ ڪامياب وئي ته سندس مخالف اميدوار ٽرمپ ڪنهن به عورت جي عزت نه ٿو ڪري ۽ هو عورت کي نيچ ۽ ڪمزور سمجهي ٿو. پنهنجي مرد هئڻ تي فخر ڪري ٿو ۽ هن ٽرمپ طرفان مختلف عورتن سان جنسي ڏاڍايون ڳڻايون، جنهن تي هو ڇتو ٿي پيو ۽ هيلريءَ تي زباني ڪلامي حملو ڪندي چيو ته ”تون بدڪردار ۽ واهيات عورت آهين؟“ اها ڳالهه صدارتي تقرير ڏسندڙن لاءِ حيرت جوڳي ۽ پريشانيءَ جو سبب بڻي جو هڪ صدارتي اميدوار ڪنهن عورت لاءِ اهڙا گٿا لفظ ڪيئن ٿو ڳالهائي سگهي. ڪيڏانهن ويو صدارتي اميدوار جو هڪ مثالي ۽ اعليٰ ڪردار.!؟
    ٻنهي صدارتي اميدوارن اوڳاڙين ۽ محصول، اقتصادي ۽ معاشي، تعليم ۽ صحت، ملڪي حفاظت ۽ دهشتگردي روڪڻ کان علاوه ڪيئي ٻين اهم موضوعن تي پنهنجا پنهنجا خيال ۽ تفصيلي منصوبا ٻڌايا. هاڻي ڏسون ته آمريڪي عوام 8 نومبر 2016ع تي ووٽ ڏئي ڪنهن کي ٿو ڪامياب ڪري. جي آمريڪي عوام هيلري ڪلنٽن جي حق ۾ ووٽ ڏيئي کيس صدر بڻائي ٿو ته ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي شڪست سولي ڪونه مڃيندو، جنهن جو مثال ويجهي آمريڪي تاريخ ۾ نه ٿو ملي ۽ وري اهو به مثال نه ٿو ملي ته آمريڪي عوام ڪنهن عورت کي ووٽ ڏيئي صدارت جي اعلى منصب تي ويهاريو هجي...!

    (01 نومبر 2016ع)


    آمريڪي چونڊن ۾ رياستن جي ووٽن جي اهميت

    آمريڪا ۾ صدارتي چونڊ مهم اچي پنهنجي آخري پساهن تي پهتي آهي. ٺيڪ هڪ هفتي بعد يعنيٰ اڱاري ڏينهن 8 نومبر تي، آمريڪي عوام پنهنجي پسنديده صدارتي اميدوار کي ووٽ ڏئي دنيا جي هن طاقتور ملڪ جو صدر چونڊيندو. ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن ۽ ريپبلڪن پارٽيءَ جو صدارتي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ، ايندڙ اڱاري تي سک جو ساهه کڻي پنهنجن ويجهن ساٿين ۽ ڪجهه ووٽرن سان، شام کان مختلف برقي رابطن جي ادارن (ٽيليويزن ۽ ڪيبل نيٽورڪ) پاران نشر ٿيندڙ نتيجا ٻڌندا هوندا. سندن چونڊ مهم تقريبن ٻن سالن کان هلندي پئي اچي، جيڪا هن سال جي اپريل/ مئي مهيني کان لڳاتار جاري آهي. جيئن پهرين مضمونن ۾ بيان ڪري آيو آهيان ته ٻنهي پارٽين جا صدارتي اميدوار پنهنجي چونڊ مهم دوران بين الاقوامي سياست، دهشتگرديءَ جي روڪٿام، تعليم، صحت، محصول، اقتصادي ۽ معاشي مسئلن تي پنهنجا پنهنجا منصوبا پيش ڪن ٿا، جن جي بنياد تي عوام پنهنجي راءِ جوڙي ٿو ۽ مقبول ۽ مظبوط اميدوار ڪاميابي حاصل ڪري ٿو.
    ريپبلڪن پارٽيءَ جو صدارتي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ پارٽي اندر ۽ عوامي حلقن ۾ منڍ کان تڪراري رهيو آهي. سندس مقبوليت ڪڏهن وڌ ته ڪڏهن گهٽ رهي آهي. کيس وڏو جهٽڪو ۽ پارٽيءَ جي مخالفت تڏهن مِلي جڏهن هُنَ جولاءِ ۾ پارٽي ڪنوينشن ۾ اهو اعلان ڪيو ته ”مان اڪيلو سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري سگهان ٿو“. تڪبر ۽ فخر سان ڀرپور ان اعلان، جهونن ۽ تجربيڪار پارٽي اڳواڻن کي حيران ڪري ڇڏيو، جو اها سندن خلاف کلي بغاوت هئي. ريپبلڪن پارٽيءَ جي اهم اڳواڻن کان اها ڳالهه هضم نه ٿي ۽ کين اڃان تائين پيٽ ۾ وٽ پوندا رهن ٿا، جو هو ٽرمپ کي هڪ ڌاريو ماڻهو سمجهندي پارٽيءَ جي روايتي اڳواڻي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. پر ڇا ڪن جو عوامي حمايت سبب ڪڇي به ڪونه ٿا سگهن. انهن اڳواڻن ۾ اڳوڻو صدارتي اميدوار جان مڪين ۽ موجوده اسپيڪر پال رائن اڳيان اڳيان آهن. ڊونالڊ ٽرمپ جا ڀاڳ ڀلا جو اڃان تائين 41 سيڪڙو اهل ووٽر سندس حق ۾ آهن. پڙهيل لکيل عوامي حلقا، ڇاپي ۽ برقي رابطي جا ادارا ته ڊونالڊ ٽرمپ کي بدنام ترين صدارتي اميدار قرار ڏئي چڪا آهن، جنهن کي نه ڳالهائڻ ٿو اچي ۽ نه وري مسئلن جي اونهي ڄاڻ اٿس. پوءِ ڇا سبب آهي جو هو پارٽيءَ جون پرائمري چونڊون کٽي هينئر صدارتي چونڊ وڙهي پيو. منهنجي نظر ۾ ڪجهه ٻين سببن کان علاوه هيٺيان اهم سبب آهن:

    1. آمريڪا جي وڏن ۽ وچولن شهرن ۾ وقت سان گڏ وچولي طبقي جي ماڻهن جي سراسري ڪمائي گهٽي آهي ۽ مجموعي طور عام خاندانن يا ماڻهن مٿان معاشي دٻاءُ ۽ بار وڌندو ٿو رهي.
    2. آمريڪا جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ رهندڙ اسڪول پاس ووٽر خاص طور تي مرد ووٽر ته قدامت پرست مان بنياد پرست ٿيندو نظر پيو اچي ۽ مٿان وري ڊونالڊ ٽرمپ جهڙي چالاڪ واپاريءَ بنياد پرستي ۽ نسل پرستيءَ جون ڳالهيون ڪري، نعرا هڻي، هنن اسڪول پاس ٻهراڙيءَ جي اڇن آمريڪين ۽ قدامت پرست ماڻهن کي ورغلائي ورتو آهي.
    3. مونکي چڱي طرح ياد آهي ته اڳوڻي صدر جارج بش پنهنجي ٻي صدارتي چونڊ مهم دوران، آمريڪي عوام کي اهڙو ته خوف ۽ ڊپ ڏياريو هو ڄڻ ته القاعده جا دهشتگرد ۽ اسامه بن لادن سندن گهرن تي بندوق کنيو ڄاڻ پهتا هجن. انهيءَ ڊپ ۽ خوف ڏيارڻ جي ساڳي ڪوشش ڊونالڊ ٽرمپ پيو ڪري ۽ عام ماڻهن کي اهو يقين ڏيارڻ جي جستجوءَ ۾ آهي ته صرف هو ئي انهن دهشتگردن کي روڪي ۽ منهن ڏئي سگهي ٿو، نه ڪي موجوده صدر اوباما يا سندس مد مقابل هيلري ڪلنٽن!

    آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ رياستن جو ڪردار ڏاڍو اهم آهي، جو رياستن جا چونڊ ووٽ (Electoral Votes) ئي صدارتي اميدوار کي کٽرائين يا هارائين ٿا. صدارتي چونڊ مهم دوران، انهن رياستن جا چونڊ ووٽ ڏاڍي دلچسپي ۽ اهميت وارا هجن ٿا. دراصل آباديءَ جي بنياد تي، سڀني رياستن کي چونڊ ووٽ مليل آهن، جيڪي هر ڏهن سالن ۾ ٿيندڙ آباديءَ جي ڳڻپ جي بنياد تي وڌي يا گهٽجي سگهن ٿا. مثال طور الاسڪا، ورمانٽ ۽ مونٽانا رياست کي ٽي ٽي چونڊ ووٽ مليل آهن، هوڏانهن ڪيليفورنيا کي ٽيونجاهه، ٽيڪساس کي چوٽيهه، فلوريڊا ۽ نيويارڪ رياست کي اڻٽيهه اڻٽيهه چونڊ ووٽ مليل آهن. هاڻي جيڪڏهن ڪو صدارتي اميدوار فلوريڊا رياست اڪثريت سان کٽي ٿو ته معنيٰ هن جا اڻٽيهه چونڊ ووٽ ٿيا. آمريڪا جي پنجاهه رياستن جا ڪل ملائي 538 چونڊ ووٽ ٿين ٿا ۽ صدارتي اميدوار کي کٽڻ لاءِ 270 چونڊ ووٽ گهربل آهن، يعني صدارتي اميدوار کي صدارت ماڻڻ لاءِ ايترين رياستن مان چونڊ کٽڻي آهي، جو هن جا چونڊ ووٽ ڪل ملائي گهٽ ۾ گهٽ 270 ٿين.
    تاريخي طور تي ڪجهه رياستون ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جون سڏجن ٿيون. جن کي نيريون (Blue) رياستون به سڏجي ٿو، جو ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو رنگ نيرو آهي. انهن نيرين رياستن مان، سدائين ۽ گهڻو ڪري ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار کٽي ٿو ته وري ڳاڙهيون (Red) رياستون ريپبلڪ پارٽيءَ جون حامي سڏجن ٿيون ۽ ان پارٽيءَ جي اميدوار کي کٽائين ٿيون. دلچسپي جي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه رياستون وچ تي رهن ٿيون. ڪڏهن نيريون ته ڪڏهن ڳاڙهيون. يعني انهن رياستن مان ڪڏهن ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار ته ڪڏهن ريپبلڪ پارٽيءَ جو صدارتي اميدوار کٽي ٿو. دراصل صدارتي چونڊ مهم جي دلچسپي ۽ جهيڙو رهي ئي انهن وچ وارين رياستن ۾ ٿو، جو ٻنهي اميدوارن جو ننهن چوٽيءَ جو زور هوندو آهي ته انهن رياستن کي ڪيئن به ڪري کٽجي.
    هن ڀيري هلندڙ صدارتي چونڊن ۾، فلوريڊا (Florida) ، نواڊا (Nevada)، اوهائيو (Ohio)، يوٽا (Utah) ۽ اتر ڪيرولائينا (N.Carolina) رياستون تقريبن وچ تي آهن. جنهن سبب ٻنهي اميدوارن پنهنجي چونڊ مهم جو پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ وقت انهن پنجن رياستن کي ڏنو آهي، جو کين پڪ آهي ته جي انهن رياستن جو عوام سندن ڳالهه ٻڌي ۽ مڃي هنن جي حق ۾ ووٽ ڏئي ٿو ته معنيٰ صدارتي چونڊ کٽي. انهن رياستن ۾ فلوريڊا ۽ اوهائيو ڏاڍيون اهم رياستون آهن، جو انهن جا ترتيبوار اڻٽيهه ۽ ارڙنهن چونڊ ووٽ آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ٻنهي رياستن ۾ ڪوبه صدارتي اميدوار واضح اڪثريت سان اڳتي ناهي ۽ پڪ سان چئي نه ٿو سگهجي ته انهن ٻن رياستن جو عوام ڪهڙي صدارتي اميدوار کي وڌيڪ چاهي ٿو.
    صدارتي چونڊ مهم دوران ڊونالڊ ٽرمپ جو زور ان ڳالهه تي آهي ته سندس مد مقابل هيلري ڪوڙي ۽ ڪمزور آهي، سندس صحت ۽ تعليم بابت منصوبا عوام جي ڀلائيءَ ۾ ناهن، هينئر جيڪا دنيا ۾ دهشتگردي هلي پئي سا هيلريءَ جي ڪرتوتن سبب آهي، جو هوءَ ان قابل ئي نه هئي ته پنهنجي پوين حڪومتن دوران ان کي ختم ڪري سگهي ها. ٽرمپ جو هر جلسي جلوس ۾ ان ڳالهه تي به زور آهي ته هيلري چاهي ٿي ته آمريڪا ملڪ جون سرحدون کليل رهن جنهن سبب غيرقانوني طور لکين ماڻهو لڏي هن ملڪ ۾ اچي اوهان کي بيروزگار ڪندا، جڏهن ته هو چاهي ٿو ته ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جي سرحد وچ ۾ تمام وڏي ڊگهي ڀت اڏجي جنهن جا پئسا به ميڪسيڪو ملڪ ڀري! هوڏانهن وري هيلري ڪلنٽن پنهنجن جلسن جلوسن ۾ منصوبن پيش ڪرڻ سان گڏ ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿي ته،” ٽرمپ هڪ ناڪام واپاري ۽ بيڪار ماڻهو آهي، جنهن 1998ع کانپوءِ حڪومت کي ڪوبه محصول (Tax) ادا ناهي ڪيو. هو عورت کي گهٽ، ڪمزور ۽ نيچ سمجهي ٿو. سندس خلاف ڪيئي عورتون ميدان ۾ اچي پاڻ سان ٿيل جنسي ڏاڍاين جو ذڪر ڪري چڪيون آهن. ٽرمپ وٽ تعليم، صحت، اقتصاديات ۽ دفاع لاءِ ڪا به منصوبابندي ناهي.“
    هاڻي ڏسون پيا ته ڪا اهڙي صورتحال آهي، يا ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ ڊونالڊ ٽرمپ 270 چونڊ ووٽ کڻي آمريڪا جو صدر بڻجي سگهجي. سياست ۾ ڪڏهن ڪڏهن معجزا به ٿين ٿا ۽ ٽرمپ اهڙي ئي ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ آهي، ساڳي وقت هو عام آمريڪي ماڻهن جي مذهبي ۽ قومي مفادن جون ڳالهيون ڪري چونڊ مهم ۾ اڳتي نڪرڻ چاهي ٿو. موجوده صورتحال ۾ هيٺيون ڪجهه ڳالهيون جي ٿي پون، ته ٽرمپ صدارتي منصب ماڻي سگهي ٿو.

    1. انهن چئن پنهنجن رياستن ۾ جن جي اهميت جو ذڪر مان مٿي ڪري آيو آهيان، نوجوان ووٽر ووٽ ڪرڻ لاءِ نه نڪرن جو هو موجوده صدر اوباما ۽ پارٽيءَ جي پرائمري چونڊ هارائيندڙ برني سيندرس جي مقابلي ۾ هيلري کان گهٽ متاثر آهن ۽ گهڻو تحرڪ ۾ نه آهن.
    2. انهن خاص رياستن ۾ هتان جا ڪارا، هسپانوي ۽ مسلمان ووٽر گهٽ دلچسپي وٺندي ووٽ ڏيڻ نه نڪرن.
    3. آمريڪا يا يورپ ۾ ڪو وڏو دهشتگرديءَ جو واقعو ٿئي ۽ ممڻ مچائي ڇڏي.
    4. تاريخي طور تي، آمريڪا جا گهٽ پڙهيل لکيل پوڙها ۽ پڪا 40 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ووٽ ڪن ٿا. جي انهن چئن پنجن اهم رياستن ۾ هتان جا سڀ نه ته اڪثر پوڙها پڪا مرد ۽ عورتون نڪري پون ۽ ڊونالڊ ٽرمپ جي حق ۾ ووٽ ڪن.

    عام طور تي ايئن ٿيندي نظر ڪونه ٿو اچي ۽ تقريبن سڀئي ڇاپي توڙي برقي رابطي جا ادارا، عوام جي راءِ عامه جي اندازن ۽ ماپن مطابق هيلري ڪلنٽن کي سوڀارو سمجهن ٿا ۽ اها اڳڪٿي ڪن ٿا ته هوءَ ٽي سئو کان مٿي چونڊ ووٽ کڻي صدارتي منصب ماڻيندي. ساڳي وقت ڪجهه روشن خيال حلقن کي اها اڻ تڻ رهي ٿي ته جي انهن اهم رياستن ۾ مذهبي ۽ بنياد پرستيءَ جي هليل هوا پنهنجو رنگ ڏيکاريو ته نتيجو ڪجهه ٻيو به ٿي سگهي ٿو!

    (1 نومبر 2016ع)


    آمريڪا جون سڀاڻي ٿيندڙ صدارتي چونڊون

    آمريڪا ۾ سڀاڻي ٿيندڙ صدارتي چونڊون، ڏاڍيون دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، جو سڀئي اندازا ۽ اڳڪٿيون عوام جي تبديل ٿيندڙ راءِ عامه جي ڪري پهرين کان مختلف نظر اچن ٿا. آڪٽوبر جي آڳاٽن ڏينهن ۾ صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن پنهنجي مد مقابل ڊونالڊ ٽرمپ کان 9 سيڪڙو اڳتي هئي، جيڪو فرق هاڻي يا ته ختم ٿي چڪو آ، يا تمام ٿورڙو وڃي بچيو آهي.
    راءِ عامه جي اندازن موجب صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن 46 سيڪڙو ته وري ڊونالڊ ٽرمپ 39 سيڪڙو تي هو. دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته هيلري ڪلنٽن گذريل ٻن سالن کان هلندڙ صدارتي مهم ۾ ڪڏهن به ٽرمپ کان پوئتي ناهي رهي، سواءِ هلندڙ هفتي ۾، سو به ڪجهه ادارن جي ڪرايل اندازن ۽ ماپن موجب. جنهن ۾ هنن ڏيکاريو آهي ته ٽرمپ معمولي فرق سان هيلري کان اڳتي آهي! باقي عام طور تي ڪرايل اندازن ۽ ماپن موجب هيلري ۽ ٽرمپ جي وچ ۾ فرق وڃي 2 سيڪڙو جو رهيو آهي، اڄ جي ڪالم ۾ ان ڳالهه جو تجزيو ڪريون پيا ته آخر ٽرمپ ڪهڙين ڳالهين ڪري اڳتي پيو اچي ۽ ان جو نتيجو ڇا نڪرندو....!؟
    مون پنهنجي گذريل هفتي واري ڪالم ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو هو ته ڪهڙن سببن ۽ حالتن ڪري ڊونالڊ ٽرمپ اڳتي اچي سگهي ٿو، جن مان ٻين کان علاوه هڪ اهم سبب اهو به هو ته خاص اهميت واري رياستن ۾ گهٽ پڙهيل لکيل مرد توڙي عورتون (جي عمومن 40 سيڪڙو کان گهٽ ووٽ ڪندا آهن) هن ڀيري صدارتي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ جي بنياد پرستيءَ واري پيغام ۽ نعرن کان متاثر ٿي، هيلري ڪلنٽن خلاف (جنهن کي هو موجوده صدر اباما جي حڪومت جو تسلسل سمجهن ٿا) نڪري پون ۽ 90 سيڪڙو کان مٿي ڊونالڊ ٽرمپ جي حق ۾ ووٽ ڪن ته يقينن ڊونالڊ ٽرمپ کي صدارت لاءِ گهربل 270 چونڊ ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻو فائدو ٿيندو. وري ورجائيندو هلان ته انهن خاص رياستن ۾ فلوريڊا، اوهائيو، اتر ڪيرولينا، پينسلوانيا، وسڪانس، جارجيا ۽ مشينگ وغيره اچي وڃن ٿيون. 23 ملين ووٽرن، انهن مان ڪجهه رياستن ۾ آڳاٽا ووٽ ڪري ڇڏيا آهن ۽ راءِ عامه جي اندازن موجب انهن آڳاٽن ووٽن جو فائدو يقينن هيلريءَ کي ٿيندو، جو هڪ ته هوءَ انهن ڏينهن ۾ ٽرمپ کان گهڻو اڳتي هئي ۽ ٻيو ته هيلريءَ جي چونڊ مهم وٽ سٺا تنظيمي بندوبست آهن.

    برقي ٽپال واري خواري (Email Scandal)
    جيمس ڪومي ڊائريڪٽر فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن (FBI) 28 آڪٽوبر تي ڪانگريس ڪميٽيءَ کي خط لکي آگاهه ڪيو ته هن جو ادارو هيلري ڪلنٽن خلاف ٻيهر برقي ٽپال واري معاملي جي جاچ شروع ڪرڻ چاهي ٿو، جو هو اهو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته هُما عابدين جي اڳوڻي مڙس انٿوني وائنر جي ڪمپيوٽر ۾ سرڪار جي معاملن جون ڳجهيون ٽپالون ته ناهن! ٻڌائيندو هلان ته ڀارتي نزاد هُما عابدين گذريل ڪيترن سالن کان هيلري جي نهايت بااعتماد سيڪريٽري آهي.
    جيمس ڪومي ڊائريڪٽر ايف بي آءِ جو خط روشن خيال حلقن، برقي ۽ ڇاپي جي رابطي وارن ادارن تي ڄڻ بم گولو ٿي ڪريو، جو ان هڪڙي خط هيلري ڪلنٽن جي چونڊ مهم کي ايترو ته ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي جيترو ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجن ٻن سالن جي چونڊ مهم دوران نه هڻي سگهيو. هوڏانهن وري ڊونالڊ ٽرمپ ۽ سندس بنياد پرست ساٿين جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي ڄڻ نئون سهارو ملي ويو آهي. انهيءَ خط کان پوءِ ٽرمپ گهڻن ماڻهن کي اهو احساس ڏيارڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب ويو آهي ته هيلري اعتبار جوڳي ناهي، هوءَ جيل ويندي ۽ هوءَ ساڳي اوباما حڪومت جو تسلسل آهي؛ جڏهن ته هو ”آمريڪا کي وري ٻيهر عظيم بڻائيندو.“
    دراصل هيلري ڪلنٽن جي خلاف برقي ٽپال واري خواري (email scandal) گهڻي وقت کان هلندڙ آهي. هيلري کان اڻ ڄاڻائيءَ ۾ اها غلطي ٿي جو هن پنهنجي پرڏيهي سيڪريٽري واري دور ۾ (صدر باراڪ اوباما جي پهرئين حڪومتي دور ۾) هڪ ذاتي ڪمپيوٽر(Server) گهر تي رکي ان هٿان سرڪاري برقي ٽپالون (Emails) وٺندي ۽ موڪليندي رهي. هيلري ڪلنٽن جي مخالفن ان عمل کي ڏوهه قرار ڏيندي چيو ته هوءَ سرڪاري ڪاروهنوار لاءِ ذاتي ڪمپيوٽر ڪيئن ٿي استعمال ڪري سگهي، ۽ هن پنهنجي وزارت کان اڳواٽ جنهن جي اجازت نه ورتي هئي. هيلري ڪلنٽن خلاف برقي ٽپال بابت اوقات نامي (Email Scandal Timeline) جون ڪجهه اهم ڳالهيون هيٺ بيان ڪجن ٿيون:

    2 مارچ 2015ع
    مشهور آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائميس خبر شايع ڪئي ته هيلري ڪلنٽن پنهنجي پرڏيهي وزارت واري عرصي دوران، پنهنجي ذاتي ڪمپيوٽر تي سرڪاري ڪم لاءِ ڳجهيون برقي ٽپالون (classified/confidential emails) استعمال ڪندي رهي آهي.

    10 مارچ 2015ع
    هيلري ڪلنٽن پنهنجو بچاءُ ڪندي بيان جاري ڪيو ته هن پنهنجي سهولت خاطر هڪ ئي ڪمپيوٽر ذاتي ۽ سرڪاري ڪاروهنوار ڪاڻ استعمال ڪيو هو، جيڪو ڪو ڏوهه ڪونهي ۽ هن ائين اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪيو.

    24 جولاءِ 2015ع
    انصاف واري وفاقي وزارت هڪ اهم حڪم نامو جاري ڪيو ته وفاقي تحقيقاتي کاتو (FBI) جاچ ڪري ٻڌائي ته اهم ۽ ڳجهيون برقي ٽپالون ڪٿي ٻاهر ته ناهن نڪتيون يا غلط هٿن ۾ ته ناهن پهتيون.

    11 آگسٽ 2015ع
    وفاقي تحقيقاتي کاتي (FBI) اعلان ڪيو ته هنن جو کاتو هيلريءَ جي ذاتي ڪمپيوٽر جي برقي ٽپال واري ڏي وٺ جي جاچ ڪري رهيو آهي ۽ هيلري ڪلنٽن هڪ چونڊ جلسي دوران اعلان ڪيو ته هن پنهنجو ذاتي ڪمپيوٽر کاتي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

    5 جولاءِ 2016ع
    وفاقي تحقيقاتي کاتي (FBI) جي ڊائريڪٽر جيمس ڪوميءَ بيان ڏنو ته جاچ جي نتيجي ۾ هيلري ڪلنٽن خلاف ڪا به قانوني چاره جوئي نه ڪئي ويندي، جو هنن کي ڪم به اهڙو ثبوت نه مليو آهي، جنهن سان سرڪاري ڳجهيون ٽپالون (classified/confidential emails) غلط استعمال هيٺ آيون هجن.

    28 آڪٽوبر 2016ع
    وفاقي تحقيقاتي کاتي (FBI) جي ڊائريڪٽر جيمس ڪومي خط لکي اعلان ڪيو ته هن جو کاتو هيلري ڪلنٽن خلاف ٻيهر برقي ٽپال وارو معاملو جاچيندو.
    مٿين اعلان، صدارتي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ جي سياسي ۽ اخلاقي طور تباهه ٿيل چونڊ مهم واري مئل گهوڙي ۾ نئون ساهه ڦوڪي ڇڏيو؛ جڏهن ته اهو اعلان هتان جي روشن خيال حلقن، ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن تي بم گولي جيان ڪريو ۽ هو سڀ اڃان تائين حيران ۽ پريشان آهن ته صدارتي چونڊن کان صرف ۽ صرف يارنهن ڏينهن پهرين ڊائريڪٽر ايف بي آءِ اهڙو خط ڇو لکيو، جنهن جو فائدو صرف ۽ صرف ڊونالڊ ٽرمپ کي ٿيندو ۽ ڇا اها هڪ طاقتور وفاقي ملازم جي چونڊ مهم ۾ مداخلت ناهي!؟ ٻنهي پارٽين جي سڄاڻ سياسي اڳواڻن جيمس ڪومي ڊائريڪٽر ايف بي آءِ تي سخت تنقيد ڪندي ڇوهه ڇنڊيا آهن ته هن 1938ع ۾ پاس ڪيل هيچ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جيڪو قانون وفاقي ملازمن جي چونڊ مهم تي اثرانداز ٿيڻ واري سگهه کي روڪي ٿو.
    هيلري ڪلنٽن خلاف برقي ٽپال واري خواريءَ تي ڪانگريس ڏانهن جيمس ڪوميءَ جي لکيل خط ۾ آهي ڪجهه به ڪو نه، پر ان سان ڊونالڊ ٽرمپ ۽ سندس چونڊ مهم کي نئين سگهه ۽ طاقت ملي آهي؛ جو هو راءِ عامه جي اندازن ۽ ماپن موجب آڪٽوبر جي شروعاتي ڏينهن ۾ هيلريءَ کان 9 سيڪڙو پوئتي هيو، ڇاپي ۽ برقي ادارن پاران راءِ عامه جي ڪرايل نون ۽ تازن اندازن ۽ ماپن موجب اهو فرق وڃي هڪ يا ٻه سيڪڙو رهيو آهي، بلڪ ڪجهه ادارن ته ٽرمپ کي هڪ سيڪڙو اڳتي ڏيکاريو آهي.
    موجوده آمريڪي صدر باراڪ اوباما نيٺ پنهنجي صبر جو روزو ٽوڙيو ۽ اربع ڏينهن هڪ انٽرويو ڏيندي چيائين ته ”اسين اڻپوري معلومات جي بنياد تي عمل ناهيون ڪندا، اسين چغلين تي عمل ناهيون ڪندا. بلڪ اسين پڪن ۽ پختن فيصلن جي بنياد تي عمل ڪندا آهيون“، صدر اوباما جو اهو بيان سڌو سنئون جيمس ڪوميءَ جي لکيل خط جي نفي ٿو ڪري ۽ ٿي سگهي ٿو ته هن خلاف مچندڙ واويلا سبب ڪا جاچ شروع ٿئي يا هو پاڻ استعيفيٰ ڏئي گهر ڀيڙو ٿئي.
    مون گذريل هفتي واري ڪالم ۾ رياست جي چونڊ، ووٽ جي اهميت ۽ ڪجهه وچ تي رهندڙ رياستن جو ذڪر ڪيو هو، اڄ انهن رياستن جي اهميت تيهان وڌي وئي آهي، ۽ خاص ڪري ڊائريڪٽر ايف بي آءِ جي ڪانگريس ڪميٽي ڏانهن لکيل خط کانپوءِ ! گذريل هفتي کان پهرين چار پنج رياستون غير واضح هيون يعني عوامي راءِ جي بنيادن تي ڪيل اندازن موجب اهي رياستون واضح طور تي ٻنهي صدارتي اميدوارن مان ڪنهن هڪ جي پاسي نه هنيون، هينئر انهن غير واضح رياستن جو تعداد چئن پنجن مان وڌي، نون ڏهن تي پهتو آهي، يعني خط واري معاملي کانپوءِ، ڪجهه رياستون جيڪي يقيني طور تي هيلري ڪلنٽن ڏانهن هيون سي هينئر وچ تي بيٺيون آهن ۽ ٻنهي صدارتي اميدوارن، چونڊ مهم جي آخري هفتي ۾ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳايو آهي. ٻئي صدارتي اميدوار انهن ڪوششن ۾ آهن ته ووٽرن کي ڪيئن به ڪري پنهنجي پاسي ڪرڻ سان گڏ هنن ۾ جوش ۽ خروش به آڻجي ته جيئن هو چونڊ واري ڏهاڙي پاڻ، پنهنجي ڪٽنب ۽ دوستن سان گڏ ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪرن، اهو ئي سبب آهي جو ٻنهي صدارتي اميدوارن ڪروڙين ڊالر خرچ ڪري، برقي رابطن (Television) ذريعي ووٽرن تائين پهچي پنهنجي پنهنجي حق ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    صدارتي چونڊ مهم دوران عجيب ڳالهه اها ٿي آهي ته ٻنهي صدارتي اميدوارن پنهنجا پنهنجا منصوبا پيش ڪرڻ ۽ انهن تي ڳالهائڻ بدران هڪٻئي کي ذاتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي ۽ عوام آڏو هڪٻئي کي گهڻو خوار ۽ خراب ڪيو آهي جيڪو عمومن آمريڪا جي ويجهي تاريخ ۾ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ٿيندي نظر ناهي آيو.
    هتان جا ڇاپي ۽ برقي رابطي جا ادارا اڃان به هيلري ڪلنٽن کي سوڀارو سمجهن ٿا. خاص طور تي هتان جي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ. بقول اسان جي دوست صديق ملڪ جي (جيڪو رياست ڪينٽڪي (Kentuckey) ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي اڳواڻ، ليکڪ ۽ ڪالم نويس آهي) هيلري ڪلنٽن وڏي اڪثريت سان سوڀ ماڻيندي. آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن ۾ رياستي چونڊ ووٽن جي جوڙجڪ ائين آهي جو ڪو صدارتي اميدوار ڀل ملڪي طور تي حاصل ڪيل ووٽن جي اڪثريت حاصل نه ڪري پر کنيل رياستن جي چونڊ ووٽ جي بنياد تي صدارتي منصب ماڻي سگهي ٿو. منهنجو دوست ڊاڪٽر غفار بليدي وڏي اعتماد سان چوي ٿو ته هيلري ڪلنٽن آمريڪا جي پهرئين عورت صدر ٿيندي ڇاڪاڻ ته کيس آمريڪي جمهوري نظام ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي تنظيمي جوڙجڪ جي سگهه تي وڏو ڀروسو آهي. ڊاڪٽر بليدي پنهنجي دعويٰ جي حق ۾ اهو به دليل ڏئي ٿو ته جي هتان جون روشن خيال قوتون ۽ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي ايتري ڪمزور هجي ها ته بارڪ اوباما ٻه ڀيرا صدارتي چونڊون کٽي آمريڪا جو صدر نه چونڊجي ها!
    هتان جي ترقي پسند ۽ روشن خيال قوتن جي سمجهه کان اها ڳالهه بالاتر آهي ته آمريڪا جي سڀ کان سگهاري اداري جو هيلري ڪلنٽن لاءِ برقي ٽپال واري خواريءَ تي لکيل خط ۽ وري چونڊن کان صرف چار ڏينهن پهرين اداري طرفان ٻين نين برقي ٽپالن جي ملڻ جو اعلان، چونڊن تي اثرانداز ٿي ڪٿي ڊونالڊ ٽرمپ کي کٽائي نه وجهي...!؟
    ۽ مان وري سوچيان پيو ته دنيا جي هن ايڏي وڏي جمهوري ۽ ترقي يافته ملڪ ۾ ڇا اسٽيبلشمينٽ به ڪا پنهنجي طرفان اڳرائي ڪري پنهنجي مرضيءَ جا نتيجا حاصل ڪرڻ چاهيندي!؟ ساڳي وقت منهنجي نظر ۾ سڀاڻي واريون صدارتي چونڊون ٻن مختلف نظرين يعني قدامت پرستن مان ڦري بنياد پرستن ۽ روشن خيال قوتن جي وچ ۾ آهن. ڏسون ته هتان جو عوام هيلري ڪلنٽن کي کٽائي، آمريڪا جهڙي عظيم ملڪ جي پهرئين عورت صدر جي منصب تي پهچائي روشن خياليءَ جو ثبوت ٿو ڏئي يا ان جي ابتڙ!

    (07 نومبر 2016ع)


    سياستدانن مان تنگ آمريڪي ووٽرن واپاريءَ کي صدر چونڊي ورتو

    آمريڪا ۾ 8 نومبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊون ڊونالڊ ٽرمپ کٽي هتان جو پنجيتاليهون صدر چونڊجي چڪو آهي. نومبر 2016ع جي هنن صدارتي چونڊن کي تاريخي تصور ڪيو وڃي ٿو، جو ڊونالڊٽرمپ پنهنجي ڪيل دعويٰ مطابق سمورن ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن پاران ڪرايل راءِ عامه جي اندازن ۽ ماپن جي بنياد تي ٿيل اڳڪٿين کي مڪمل طور ۽ وڏي پئماني تي غلط ثابت ڪيو آهي. صدارت ماڻڻ لاءِ 270 چونڊ ووٽ گهربل هجن ٿا، جڏهن ته صدارتي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ 306 چونڊ ووٽ کڻي پنهنجي مدِ مقابل هيلري ڪلنٽن کي تاريخي شڪشت ڏني، جنهن فقط 232 ووٽ کنيا. . يقيناً ڊونالڊ ٽرمپ جو کٽڻ هتان جي روشن خيال حلقن ۽ قوتن لاءِ ڪاپاري ڌڪ آهي ۽ خاص طور انهن سڀني کاٻي ڌر ۽ روشن خيال ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن لاءِ جن سوين سڌيان (Algorithms )گهڙي عوام کي اهو باور ڪرايو هو ته ڪنهن به جوڙيل مساوات مطابق ٽرمپ ڪو نه ٿو کٽي سگهي ! هن ڀيري هليل هوا سڀني مساواتن کي ميساري نئين تاريخ لکي آهي.
    واپاري ڊونالڊ ٽرمپ منڍ کان هڪ تڪراري ماڻهو رهيو آهي، سڀني سياسي ماڻهن ۽ ساڃاهه وندن هن کي هلڪي نموني ورتو ۽ اهو سمجهيو ته ريپبلڪن پارٽيءَ جون ٽڪيٽ لاءِ ٿيندڙ پرائمري چونڊون هارائي هو گهر ڀيڙو ٿيندو، پر ائين ڪينَ ٿيو.ان جي ابتڙ ٿيو ائين ته ڊونالڊ ٽرمپ پارٽيءَ جي 17 صدارتي اميدوارن مان پرائمري چونڊ کٽي پارٽي ٽڪيٽ حاصل ڪري سڀني کي حيران ڪري وڌو. هو نه فقط وڏو چالاڪ واپاري آهي، پر هن پرائمري چونڊ کٽي ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو وڏو سياستدان به آهي، جنهن ڳالهه جهونن پارٽي اڳواڻن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن.
    تاريخي طور تي آمريڪا جون صدارتي چونڊون اميدوارن طرفان پنهنجن پنهنجن پيش ڪيل سياسي ۽ سماجي، طبي ۽ تعليمي، معاشي ۽ واپاري منصوبن جي بنياد تي وڙهيون وينديون آهن. جڏهن ته هي چونڊون ڊونالڊ ٽرمپ سکڻن نعرن ۽ آسرن جي بنياد تي کٽيون آهن. هن چالاڪ واپاريءَ، جنهن 1998 ۾ پنهنجي ڪاروبار ۾ اٽڪل هڪ ارب ڊالر جو نقصان ڏيکاري گذريل ارڙهن سالن کان حڪومت کي هڪ ٽڪو به محصولَ جي مد ۾ ناهي ڏنو. هن ڄاڻي ورتو ته عام اڇو آمريڪي ڇا ٿو چاهي؟ هن سڀ فضول ۽ بيڪار ڳالهيون ڪيون، جيڪي اڪثر صدارتي اميدوار پنهنجي چونڊ مهم ۾ ناهن ڪندا، ڇاڪاڻ ته هن ڄاڻي ورتو ته عام آمريڪي ڳوٺاڻو اهو ئي ٻڌڻ ٿو چاهي. ”عوامي آواز“ اخبار ۾ شايع ٿيل مون پنهنجن گذريل ڪالمن ۾ بيان ڪيو هو ته ڪهڙن سبب ڪري هتان جو ڳوٺاڻو اڇو آمريڪي عوام ڊونالڊ ٽرمپ جي حق ۾ ووٽ ڏئي کيس ڪامياب ڪرائڻ چاهي ٿو. گهڻو تفصيل ۾ ڪو نه وڃون جو ورجاءُ ٿيندو، ڪجهه اهم نقطا هيٺ بيان ڪجن ٿا:

    1. ڊونالڊ ٽرمپ هتان جي ماڻهن کي اهو خوف ڏياريو ته دهشتگرد هنن جي در تي اچي پهتا آهن ۽ صرف هو ئي هنن کي شڪست ڏئي سگهي ٿو نه ڪي موجوده صدار باراڪ اوباما يا هيلري ڪلنٽن.
    2. هو ئي ڌاري آباد ڪاري روڪڻ لاءِ ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ هن وٽ ئي منصوبا آهن، جو هو ميڪسيڪو ملڪ جي سرحد سان تمام وڏي مضبوط ڀت اڏيندو جنهن جي اڏاوت جا پيسا به ميڪسيڪو ملڪ ڀريندو.
    3. هو تمام وڏو ۽ ڪامياب واپاري آهي، هو ڌارين کي ڌڪي هتان جي آمريڪي عوام لاءِ نوڪرين جا بي انتهائي موقعا مهيا ڪندو.
    4. هُن جي مدِ مقابل هيلري ڪلنٽن هلندڙ حڪومت جو تسلسل آهي، جنهن آمريڪي عوام لاءِ گذريل اٺن سالن ۾ ڪجهه ناهي ڪيو. خاص طور تي روزگار لاءِ .
    5. هو هڪ هفتي اندر داعش کي نيست و نابود ڪندو ، جڏهن ته هيلري ڪلنٽن جي حمايت يافته موجوده حڪومت ڪجهه ڪري ناهي سگهي.
    6. موجوده صدر اباما ۽ هيلري ڪلنٽن ڇاڪاڻ ته قدامت پسند (Conservative) ناهن، تنهنڪري عوام جي اعتقاد ۽ ايمان لاءِ خطرو آهن.
    7. ڊونالڊ ٽرمپ خاص طور تي اهو نعرو هنيو ته ”اچو ته آمريڪا کي وري عظيم بڻايون.“
    8. هيلري ڪلنٽن عورت هئڻ جي ناتي ڪمزور آهي ۽ سندس گذريل ڪارڪردگي ڀروسي جوڳي ناهي رهي.

    ڊونالڊ ٽرمپ مٿيون ۽ اهڙي قسم جون ڪيئي ڳالهيون ڪري، آمريڪي عوام جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو ۽ خاص طور تي سفيد فام آمريڪي ڳوٺاڻن ۾ هڪ اهڙي نه ختم ٿيندڙ لهر اڀري آئي، جنهن هن کي ڪامياب ڪرايو. بلڪل ائين ئي جيئن هندوستان ۾ نريندر مودي هندوستان ۽ پاڪستان دشمني ۽ هندتوا جا نعرا هڻي وزير اعظم ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويو. سو بقول حيدرآباد ۾ رهندڙ منهنجي دوست اندر ڪمار جي، انسان، انساني شعور ۽ انساني معاشرو تاريخي طور تي اڳتي وڌڻ بجاءِ پوئتي ڌڪبا ٿا رهن. ڊونالڊ ٽرمپ هتان جي هسپانوي رهواسين، مسلمانن، ڪارن جي آباديءَ کي هميشه پنهنجي غصي ۽ غضب جو نشانو بڻايو ۽ خاص طور تي عورت کي ڪمزور ۽ نيچ ڪر ي پيش ڪيو، جو سندس مقابلو هڪ عورت سان هو پر تڏهن به ماڻهو هن جي حق ۾ نڪتا.
    ڊونالڊ ٽرمپ کي نه سرڪار ۾ رهڻ ۽ حڪومت هلائڻ جو، ۽ نه ئي وري کيس ڪو فوجي تجربو هو، پر تڏهن به ماڻهو هن جي حق ۾ نڪتا. ڊونالڊ ٽرمپ کي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي ۽ هيلري ڪلنٽن جيان صدارتي مهم هلائڻ لاءِ نه تمام گهڻي رقم هئي نه وري تمام وڏي تنظيمي جوڙ جڪ ۽ سگهه، تڏهن به ماڻهو هن جي حق ۾ نڪتا! ڪڏهن ڪڏهن انقلاب جو ردِ انقلاب به ٿئي ٿو يا اچي ٿو. منهنجي نظر ۾ باراڪ اوباما جو آمريڪا جو صدر ٿيڻ هڪ انقلاب هو ته وري اٺن سالن بعد ڊونالڊ ٽرمپ جو صدر چونڊجي اچڻ ، ان جو ردِ انقلاب آهي.
    آمريڪا جي ٻهراڙين ۾ رهندڙ سفيدفام آمريڪي ۽ بنياد پرست آباديءَ کان ڪڏهن به اها ڳالهه هضم نه ٿي، ته هنن جي جوڙيل سفيد يا اڇي گهر (وائيٽ هائوس) ۾ هڪ ڪارو صدر ٿي ڪيئن پهتو!! جنهن 8 سال صدارت جا مزا ماڻيندي، هنن تي حڪومت ڪئي. دراصل پنهنجي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو اظهار هنن پنهنجي ئي ووٽ جي طاقت سان ڪيو ۽ اهو ئي جمهويت جو حسن آهي، جو ٻئي ڏهاڙي صبح جو هيلري ڪلنٽن پنهنجي شڪست مڃيندي پنهنجن سمورن ووٽرن ۽ حامين کي گذارش ڪئي ته ڊونالڊ ٽرمپ هينئر اسان سڀني جو صدر آهي، تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سڀ هن جا هٿ مضبوط ڪريون. ڊونالڊ ٽرمپ به پنهنجي صدارتي مهم جي ڪاميابيءَ تي ڳالهائيندي سڀني ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ نفاق بجاءِ ٻڌيءَ تي زور ڏنو.

    آمريڪي چونڊ نتيجا

    هيلري ڪلنٽن ڊونالڊ ٽرمپ
    کنيل ووٽ سيڪڙو کنيل ووٽ سيڪڙو
    65.9 ملين 48.2 62.9 ملين 46.1

    مون پنهنجن ڪجهه اڳوڻن ڪالمن ۾ رياستن ۽ انهن جي چونڊ ووٽن جي اهميت تي لکيو هو، اڄ ٻيهر رياستي ۽ انهن جي چونڊ ووٽن تي ڳالهايون ٿا. جو ٻين سببن کان علاوه چونڊ ووٽ جو طريقيڪار به دراصل هيلري ڪلنٽن کي هارائڻ جو هڪ تمام اهم جز آهي. نه ته هوءَ ته ملڪي سطح تي ڊونالڊ ٽرمپ کان 30 لک اڪثريتي ووٽ وڌيڪ کڻي هُن کان اڳتي آهي. اها ٻي ڳالهه آ جو چونڊ ووٽ جو اهو طريقيڪار آئيني آهي جنهن ۾ ڪير ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي جيسين ڪا آئيني ترميم آڻي انهيءَ چونڊ ووٽ جي طريقيڪار (Electrolal Votes ) کي سراسر تبديل ڪجي جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ ته نظر ڪونه ٿو اچي.
    صدارتي اميدوار کي ٽوٽل 538 ووٽن مان کٽڻ لاءِ 270 چونڊ ووٽ گھرجن ٿا. تاريخي طور تي ڪجهه رياستون ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جون (نيريون) ته ڪجهه وري ريپبلڪ پارٽيءَ جون (ڳاڙهيون) هجن ٿيون. ڪجهه رياستون وچ تي رهن ٿيون، هي ڪڏهن ڪهڙي پاسي ته ڪڏهن ڪهڙي پاسي ووٽ ڏين ٿيون. شروعاتي راءِ عامه جي اندازن موجب هن ڀيري جھيڙو وڃي چئن يا پنجن رياستن ۾ ٿيڻو هو، جيڪو وڌندي وڌندي وڃي، يارنهن رياستن تي پهتو. جن کي ويڙهاند واريون رياستون (Battleground States) به سڏجي ٿو. انهن يارنهن رياستن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

    رياست چونڊ ووٽ کٽندڙ اميدوار
    فلوريڊا 29 ڊونالڊ ٽرمپ
    پينسلوانيا 20 ڊونالڊ ٽرمپ
    مشيگن 16 ڊونالڊ ٽرمپ
    اتر ڪيرولينا 15 ڊونالڊ ٽرمپ
    اوهائيو 18 ڊونالڊ ٽرمپ
    وسڪانسن 10 ڊونالڊ ٽرمپ
    آيووا 6 ڊونالڊ ٽرمپ
    ورجينا 13 هيلري ڪلنٽن
    ڪولوراڊو 9 هيلري ڪلنٽن
    نِواڊا 6 هيلري ڪلنٽن
    نيو هيمشائر 4 هيلري ڪلنٽن

    هيلري ڪلنٽن جي رياست فلوريڊا، جنهن جا 29 صدارتي چونڊ ووٽ آهن، هارائڻ کانپوءِ باقي وڃي جھيڙو پينسلوانيا، مشيگن ۽ وسڪانسن تي رهيو. جن مان اميد هئي ته ڪي وڏيون ٻه رياستون، جي هوءَ کٽي ٿي، ته نتيجا هن جي حق ۾ اچي سگھن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ضرورت کان وڌيڪ اعتماد سبب غلط حڪمت عملي جڙيو وڃي ۽ ماڻهو مار کائي وڃي ٿو. هنن ٽن رياستن ۾ به هيلريءَ سان ائين ئي ٿيو. خاص طور تي ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کي وسڪانسن ۽ مشيگن رياستن تي تمام گھڻو ڀروسو هيو، جو راءِ عامه جي اندازن به ڪجهه ائين ئي پئي ٻڌائيو. هيلري ڪلنٽن آخري ڀيرو رياست وسڪانسن ۾ ست مهينا پهرين ويئي هئي ۽ مشيگن رياست تي به ڪو خاص ڌيان نه ڏنو هئائين، جنهن جو نتيجو صدارت وڃائڻ جي شڪل ۾ نڪتو.
    هاڻي ڊونالڊ ٽرمپ 2016ع جون صدارتي چونڊون کٽي آمريڪا جو پنجيتاليهون صدر چونڊجي چڪو آهي ۽ هو 20 جنوري 2017ع تي دنيا جي انتهائي سگهاري ملڪ آمريڪا جو سرڪاري طور تي صدر بڻجي ملڪ جون واڳون سنڀاليندو. ٻنهي پارٽين جي سياستدانن لاءِ جمهوري تقاضا اها آهي ته هو ڊونالڊ ٽرمپ جي صدارتي منصب کي دلي طور مڃي اڳتي وڌندي عام ماڻهوءَ لاءِ ڪي چڱا ڪم ڪن. عام آمريڪي عوام، هڪ غير سياسي ماڻهوءَ کي واشنگٽن جو سڀ کان وڏو منصب ڏياري، سياستدانن کان انتقام وٺندي اهو پيغام به ڏنو آهي ته هو سياستدانن کان ڪيترو بيزار آهن.

    (13 نومبر 2017ع)


    چونڊن کانپوءِ آمريڪا جو منظر نامو

    سنڌيءَ ۾ تمام مشهور چوڻي آهي ته، ” جنهن جي گُنديءَ ۾ داڻا، تنهن جا چريا به سياڻا.“ منهنجي خيال ۾ سنڌي ٻوليءَ جي هن پهاڪي ٻن جملن ۾ انساني تهذيب جي مختلف سماجن ۾ معاشي ۽ اقعصادي بنيادن تي انساني روين جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. انسان ازل کان پنهنجا گهر گهاٽ، وستيون واهڻ ۽ ڏيهه ڏونگر ڇڏي؛ پراون ديسن ڏانهن اٽي، لٽي ۽ اجهي جي تلاش ۾ هجرت ڪندو رهيو آهي. پوءِ جتي کيس سولائيءَ سان چار داڻا مليا آهن ته هو انهيءَ ديس ۽ ڌرتيءَ جو ٿي رهيو آهي. مان هتي جنگ و جدل جي جنوني انسانن جي ڳالهه نه ٿو ڪيان، جيڪي به دراصل اٽي، اجهي ۽ طاقت جا متلاشي هئا. مان انهن زمانن جي ڳالهه ٿو ڪريان جڏهن ديسن وچ ۾ ديوارون نه هيون، انسان کي سڃاپجڻ لاءِ ڪنهن ڪاڳر جي ضرورت نه هئي، بس انسان هئڻ ڪافي هو....! جنهن کي جتي جيڪا ڀونءِ ڀانءِ آئي اُهو اتان جو ٿي رهيو. پوءِ زمانا بدليا، بک بدحالي ۽ لالچ پاڻ سان نوان نوان قانون کڻي؛ انساني تهذيبن ۾ ڪاهي پئي ۽ انسان، انسان هوندي به چند ڪاڳرن عيوض سڃاپجڻ لڳو. دراصل ” گهر ۾ چار داڻا جو کٽا، ته سياڻا به چريا ٿي پيا!“
    8 نومبر 2016ع تي آمريڪا ۾ ٿيل صدارتي چونڊن جي ڳالهه ڪرڻي هئي ۽ ڪٿان جو ڪٿي اچي نڪتاسون! سو ذڪر ڪندو هلان ته 1975ع ۾ اڇن آمريڪين جي سالياني گهرو آمدني 45000$ هئي جيڪا اڄ گهٽجي 37000$ تي پهتي آهي. پاڻ هيءَ ڳالهه خاص طور تي انهن ويڙهاند وارين رياستن جي پيا ڪريون جيڪي گذريل چونڊن ۾ ۽ عام طور تي ڊيموڪريٽڪ پارٽي ئي کٽندي آئي آهي. يعني وسڪانسن، مشيگن، اوهائيو، فليڊيلفيا ۽ پينسلوانيا رياستون! ڊيموڪريٽڪ پارٽي انهن رياستن ۾ وڌندڙ بيروزگاري، ڪارخانن جي بند ٿيڻ، صحت پاليسين جي مهانگو ٿيڻ وغيره کي نظر انداز ڪندي رهي ۽ نتيجي هي نيريون رياستون ڦري ڳاڙهيون ٿي پيون ۽ ڊونالڊ ٽرمپ کي صدارتي چونڊ کٽرائڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيائون. سو ٿيو ائين جڏهن هنن رياستن جي عام اڇن آمريڪين جي گهرن ۾ ان داڻا کُٽا ته هي همراھ ڇتا ٿي پيا ۽ وري نه جڏهن هنن همراهن وٽ مال متاع ايندو ۽ گهرن ۾ چار انَ داڻا وڌندا، تڏهن هي يار به سياڻا ٿيندا. اميد ڪري سگهجي ٿي ته ائين ئي ٿيندو ڇاڪاڻ ته مٿي بيان ڪيل مشهور سنڌي چوڻيءَ ۾ ڏنل ڏاهپ به اهو ئي ڏس ڏيئي ٿي.
    آمريڪا جي چونڊيل پنجيتالهين صدر ڊونالڊ ٽرمپ، وفاق ۾ موجود اهم عهدن ۽ وزارتن لاءِ پنهنجا ساٿي ڳولهڻ شروع ڪيا آهن. ظاهر آهي ته هو انهن ماڻهن کي ئي چونڊيندو يا کڻي ايندو، جيڪي هن جي نظريي ۽ خاص طور تي چونڊ مهم دوران ڪيل واعدن جي حمايت ۾ هوندا، جن جي بنياد تي هو آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو آهي. ظاهري طور تي لڳي ائين ٿو ته صدر ٽرمپ اهڙن ماڻهن کي نامزد ڪري اهم عهدن جون ذميواريون ڏيڻ چاهي ٿو، جن ماڻهن کي روشن خيال ڌريون، ڇاپي ۽ برقي رابطن جا ادارا قبول نه ڪندا، سواءِ هڪ اڌ نامزد يا چونڊيل ماڻهوءَ جي! هتان جي آئيني اصولن مطابق وفاقي وزير (جن کي هت سيڪريٽري ٿو چئجي) ۽ ٻيا اهم عهدا، صدر پنهنجي مرضيءَ سان چونڊي کڻي ٿو؛ جنهن کانپوءِ ڪانگريس ۽ سينيٽ جي ڪميٽي صدر طرفان انهن چونڊيل/ نامزد ڪيل ماڻهن کي پڪو ڪري ٿي. ڪجهه سال اڳ، ڪانگريس ۽ سينيٽ کي واضح اڪثريت سان صدر طرفان چونديل ماڻهن کي پڪو ڪرڻو هوندو هو، جنهن کي ڊيموڪريٽڪ پارٽي آئيني ترميم آڻي سادي اڪثريت ۾ تبديل ڪيو. جيڪا ڳالهه هنن کي هاڻي ڳچيءَ ۾ پئي آهي. ڇاڪاڻ ته هينئرريپبليڪن پارِٽيءَ جي ڪانگريس ۽ سينيٽ ۾ سادي اڪثريت آهي ۽ هنن کي ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو هڪ به ووٽ نه ٿو گهرجي، تنهنڪري ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ وارا چاهن به ، ته به صدر طرفان مقرر ڪيل ڪنهن به سيڪريٽري يا عهديدار جي مقرريءَ کي روڪي يا رد نه ٿا ڪري سگهن!
    چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ، هن وقت تائين جن اهم عهدن تي پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيا آهن تن جو تفصيل ڪجهه هن طرح آهي:

    1. رينس پرائبس White House Chief of Staff : (Reince Priebus)
    هي همراھ، ريپبلڪن پارٽيءَ جي نيشنل ڪميٽيءَ جو چيئرمين آهي ۽ مونکي چڱيءَ طرح ياد آهي ته چونڊ مهم دوران جڏهن ڊونالڊ ٽرمپ عورتن خلاف گٿا لفظ ڳالهايا هئا ۽ هُن خلاف ڪيئي جنسي خواريون سامهون آيون هيون ته گهڻا ريپبلڪن پارٽيءَ جا اڳواڻ يا ته ڊونالڊ ٽرمپ کان پاسو ڪري ويا هئا يا هن جي مذمت ڪئي هيائون، رينس پرائبس اهڙو پارٽي اڳواڻ هو جو منڍ کان آخر تائين ٽرمپ جي پاسي بيٺو رهيو. ياد رهي ته عام طور تي پارٽيءَ جي نيشنل ڪميٽي، صدارتي چونڊ مهم لاءِ چندو گڏ ڪري خرچ ڪري ٿي، جڏهن ته صدارتي اميدوارن جي پنهنجي قائم ڪيل چونڊ مهم ڪميٽي به چندو ۽ خرچ ڪندي آهي. پرائبس جي اها ڪوشش هوندي ته چونڊ مهم دوران ڊونالڊ ٽرمپ جيڪي واعدا ڪيا آهن، سي پورا ڪجن، خاص طور تي انهن ۾ محصول، غيرقانوني هجرت، واپار، صحت، ماحوليات ۽ روزگار وغيره اچي وڃن ٿا.

    2. اسٽيفن بينن Chief Strategist : (Stephan Bannon)
    عام خيال اهو آهي ته ڊونالڊ ٽرمپ کي صدارتي چونڊون کٽائڻ ۾ ساڄي ڌر جي بنياد پرست تنظيم برائيٽبرٽ (Breitbart) جي سربراه اسٽيفن بينن جو تمام وڏو ۽ اهم ڪردار آهي. ڊونالڊ ٽرمپ، بينن کي وائيٽ هائوس جي چيف آف اسٽاف لاءِ به بهتر اميدوار طور اڳتي آندو، پر پوءِ هن کي چيف اسٽريٽيجسٽ جي اهم عهدي لاءِ نامزد ڪيو آهي، جو هن عهدي لاءِ ڪانگريس ۽ سينيٽ ڪميٽي جي منظوريءَ جي ضرورت ڪانهي . اسٽيفن بينن جي نامزدگيءَ کي روشن خيال حلقا، برقي ۽ ڇاپي جي رابطن جا ادارا سٺو ڪو نه ٿا سمجهن. روشن خيال ماڻهن ۽ ادارن طرفان، ان نامزدگي کي تمام گهڻي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي، ڇو ته بينن نظرياتي طور تي نسل ۽ بنياد پرست ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. هي همراھ ئي ڊونالڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جو سربراھ هو، تنهن ڪري اهو خيال عام آهي ته چونڊ مهم دوران جيڪي به نسل پرستي ۽ بنياد پرستيءَ جا نعرا ۽ لاڙا ڏنا ويا، سي حقيقت ۾ بينن جي ئي ذهني پيداوار جو حصو هئا. بينن جي نامزدگيءَ تي ايتري تنقيد ٿي آهي، جو سمجهيو وڃي ٿو ته هي همراھ ٿي سگهي ٿو ته پاڻ ئي انهيءَ عهدي جي مقرريءَ تان هٿ کڻي وڃي. باقي آئيني طور تي ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ وارا هن جو رستو روڪي نه ٿا سگهن.

    3. مائيڪ پومپيو CIA Director : (Mike Pompeo)
    مسٽر مائيڪ، فارغ ٿيل فوجي آفيسر ۽ گهريلو جاسوسي ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي. مائيڪ پومپيو، صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن خلاف تمام سخت بيان بازي ڪئي هئي، خاص طور تي جڏهن 2012ع ۾ آمريڪي ايمبيسي بن غازي لبيا تي حملو ٿيو هو ۽ ان ۾ ڪجهه آمريڪي عملي جا ماڻهو مري ويا هئا.مائيڪ، هارورڊ لا اسڪول جو فارغ التحصيل، تيز فهم، چالاڪ ۽ طبيعتن ويڙهاڪ ماڻهو آهي، جيڪڏهن مائيڪ کي سينيٽ ۽ ڪانگريس ڪميٽي پڪو ڪري ٿي ته هي همراهه تمام گهڻي وقت کانپوءِ ڪنهن ايڏي وڏي ۽ اهم عهدي تي فائز ٿيندو، جيڪو صرف ۽ صرف هڪ پارٽيءَ جو حمايت يافتا ۽ پڻ طرفدار هوندو! جيتوڻيڪ ڪجهه حلقا اها اميد ڪن ٿا ته مائيڪ پومپيو پنهنجي عهدي دوران ڪانگريس سان ويجها تعلق رکندو ۽ نڀائيندو.

    4. جيف سيشنس Attorney General : (Jeff Sessions)
    جيف سيشنس، الاباما رياست کان سينيٽر چونڊيل آهي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي همراهه تمام سختگير خيالن جو مالڪ آهي ۽ جي هيءُ اٽارني جنرل جي عهدي جي مقرريءَ لاءِ پڪو ٿي ٿو وڃي، ته ڊونالڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم دوران ڪيل واعدن کي عملي جامو پهرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو؛ انهن ۾ خاص طور تي غير قانوني هجرت، ڏوهن جي روڪٿام، دهشتگرديءَ جي روڪٿام ۽ نشي جي ڪاروبار جي روڪٿام وغيره اچي وڃن ٿا. ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ وارن کي ڊپ آهي ته جي اٽارني جنرل جي عهدي لاءِ جيف سيشنس پڪو ٿي ٿو وڃي. ته هو شهري حقن ۽ سزائن جا قانون بدلائي سگهي ٿو. ياد رهي ته هي همراهه پنهنجي سختگير خيالن سبب 1986ع ۾ جج جي عهدي جي مقرر لاءِ پڪو ٿيڻ کان رهجي ويو هو ۽ اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته هينئر به هن لاءِ پڪو ٿيڻ ڪو سولو ڪم نه هوندو.

    5. مائيڪل فلن National Security Advisor : (Michael Flynn)
    مائيڪل فلن، رٽائرڊ فوجي جنرل ۽ دفاعي جاسوسي اداري جو اڳوڻو سربراھ آهي. هي تجربيڪار همراھ، ڊونالڊ ٽرمپ جو ساڄو هٿ ثابت ٿي سگهي ٿو. خاص طور تي جڏهن چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي ڪو سياسي، سرڪاري يا فوجي تجربو ناهي رهيو. مائيڪل، جيڪو ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي؛ هو سموري چونڊ مهم دوران ٽرمپ جو قومي سلامتيءَ لاءِ صلاحڪار رهيو. موجوده صدر باراڪ اوباما هن کي دفاعي جاسوسي اداري جي سربراهي عهدي تان هٽايو هو، جنهن کانپوءِ هن “Flynn Intel Group” جي نالي سان هڪ مشاورتي ادارو جوڙي ورتو. گذريل سال هن کي ڪريملن ماسڪو ۾ هڪ باوقار تقريب جي دوران روسي صدر پيوٽن سان گڏ ويٺل ڏٺو ويو، جڏهن ته مائيڪل فلن ماسڪو ۾ پگهار عيوض هڪ تقرير ڪرڻ جي سلسلي ۾ ويل هو. ڪانگريس ڪميٽيءَ آڏو پڪي ٿيڻ لاءِ، هن همراھ کي اهڙن قسمن جي اختلافي نقطن کي ضرور منهن ڏيڻو پوندو ۽ هن لاءِ پڪو ٿِيڻ سولو ڪم ڪونه هوندو.

    6. نڪي هيلي UN Ambassador : (Nikki Haley)
    رياست ڏکڻ ڪيرولينا جي گورنر نڪي هيليءَ کي گڏيل قومن جو آمريڪا لاءِ سفير چونڊيو ويو آهي. گورنر هيليءَ پارٽيءَ جي پرائمري صدارتي چونڊن دوران فلوريڊا جي سينيٽر صدارتي اميدوار مارڪو روبيو جي حمايت پئي ڪئي ۽ ٽرمپ لاءِ هن جا ڪي سٺا خيال نه هئا. چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاران گورنر هيليءَ جي چونڊ کي سٺو سنوڻ سمجهيو پيو وڃي؛ ته ڇاڪاڻ هڪ ته هوءَ عورت آهي، ٻيو ته هوءَ هجرت ڪري آيل هندستاني سک ڪٽنب جي ڌيءَ آهي؛ ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو ٽرمپ تي تنقيد ڪندي رهي آهي. تنهن جي باوجود هن کي نامزد ڪرڻ تي ماڻهو اهو پيا سمجهن ته ڊونالڊ ٽرمپ تنقيد ڪندڙن کي به ساڻ کڻي هلي سگهي ٿو. توڻي جو ڪجهه حلقا وري اهي اعتراض پيا وارين ته گورنر نڪي هيليءَ کي بين الاقوامي سياست جو ڪو تجربو ناهي، تنهن ڪري هوءَ هن عهدي جي مقرريءَ لاءِ مناسب چونڊ ناهي. جڏهن ته هيليءَ کي پڪي ٿيڻ لاءِ پارٽيءَ جي مڪمل پٺڀرائي هوندي.

    7. بيٽسي ڊيووز Education Secretary : (Betsys DeVos)
    چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ، وفاقي تعليم جي سيڪريٽري (وزير) لاءِ بيٽسي ڊيووز جي چونڊ ڪئي آهي. بيٽسي جي تعليم جي سيڪريٽريءَ لاءِ چونڊ ڪري، چونڊيل صدر ٽرمپ هڪ نموني رياست مشيگن جي عوام جي شڪريا ادائگي ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته چونڊ مهم دوران اندازن ۽ ماپن موجب هيءَ رياست هيلريءَ جي حق ۾ هئي. بيٽسي گذريل ٽيهن سالن کان تعليم جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي ۽ تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ ڪيترن ئي فلاحي ادارن جي ميمبر يا سربراھ رهي آهي. سندس تعلق هڪ امير ۽ اثر رسوخ رکندڙ گهراڻي سان آهي.
    چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي اڃان کوڙ سارا اهم عهدا ۽ وزارتون ڀرڻيون آهن. جن ۾ پرڏيهي وزير جو عهدو خاص اهميت وارو آهي، جنهن کي هتي ”سيڪريٽري آف اسٽيٽ“ چئجي ٿو؛ جو ان سلسلي ۾ رياست ميساچوسيٽس جي اڳوڻي گورنر ۽ 2012ع جون باراڪ اوباما کان صدارتي چونڊون هارائيندڙ مٽ رامني ۽ نيويارڪ شهر جي اڳوڻي ميئر روڊي جئيليئاني جا نالا زير غور آهن. هي ٻئي اميدوار ٻه ٻه ڀيرا چونڊيل صدر ٽرمپ سان ملي چڪا آهن، پر لڳي ائين ٿو ته ڊونالڊ ٽرمپ ۽ هن جا صلاحڪار اڃان تائين ڪنهن هڪ نالي تي متفق ٿي نه سگهيا آهن ۽ هينئر هينئر هن ڪالم جي پڄاڻيءَ کان پهرئين هڪ ٽيون نالو به زير غور آيو آهي؛ اهو آهي فارغ ٿيل جنرل ڊيوڊ پيٽرياس جو. ياد رهي ته هي ساڳيو جنرل پيٽرياس آهي جنهن کي 2012ع ۾ افغان جنگ دوران هڪ سياسي بيان ڏيڻ تي صدر باراڪ اوباما گهرائي استعيفيٰ ورتي هئي. ٻين اهم وزارتن ۾ زراعت، صحت، گهرو تحفظ ۽ آمد و رفت وغيره اچي وڃن ٿيون.
    نيويارڪ شهر جي مشهور ۽ معروف ففٿ اوينيوز (5th Avenue) تي واقع ٽرمپ ٽاور، جتي چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ رهي ٿو، اڄڪلهه سڀن جي نگاهن جو مرڪز آهي. هتي روزانو مختلف عهدن ۽ وزارتن جي اميدوارن جون حاضريون لڳن ٿيون ۽ پوءِ ڪجهه ڀاڳ ڀرين جا نالا ظاهر ڪيا وڃن ٿا، جن کي ڪنهن عهدي يا وزارت لاءِ چونڊيو وڃي ٿو. ياد رهي ته هيءَ ساڳيو ففٿ اوينيو آهي جنهن تي اسانجي پياري ۽ مٺڙي دوست حسن مجتبيٰ پنهنجو سدا بهار ۽ لازوال نظم لکيو آهي ۽ جنهن تي ڪيپيٽل پڪچرس طرفان سفيان خان، حسن مجتبيٰ جي آواز ۾ ٽيلي فلم ڀري هن نظم کي هميشه لاءِ آسمان جي بلندين تائين پهچايو آهي. هن نظم ۾ سيوهڻ جي گهٽين کي ففٿ ايوينيو ۽ هُڊسن درياءَ کي سنڌو درياءَ سان ڀيٽي، حسن پاڻ کي گهوٽڪيءَ يا سنڌوءَ جي نه پر بين الاقوامي شاعر طور مڃرايو آهي؛ تنهن جو اندازو اوهان اها مختصرفلم ففٿ اوينيو ڏسي بخوبي لڳائي سگهو ٿا.

    (4 ڊسمبر2017ع)


    آمريڪا جي تڪراري صدر جي تڪراري ڪابينا

    چوندا آهن ته، ”ڄٽ پڙهيو، ملڪ اڙيو“. خيرن سان مهينو اچي ٿيو آهي جو ڊونالڊ ٽرمپ کي آمريڪا جو پنجيتاليهون صدر چونڊيو ويو آھي. لڳي ائين ٿو ته ٽرمپ صاحب کي پاڻ تي يقين ئي نه پيو اچي، ۽ وتي پيو ڳائيندو ”تون ڇا هئين، ڇا مان ڇا ٿي وئين!“.... سندس بيان ۽ افعال اڃان به اھڙي جو اھڙا! اڃان تائين هتان جي روشن خيال برقي ۽ رابطن جي ادارن کي، هُن جي چونڊجڻ تي يقين ئي ڪونه پيو اچي؛ ڪن ته وڃي وري ڪيس ڪيا آهن ته مشيگن، وسڪانسن ۽ پينسلوانيا رياستن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، تنهنڪري ٻيهر گڻپ ٿيڻ گهرجي! توڙي جو ٿيندو ڪجهه به ڪونه، بس منهن جي پڪائي! چونڊيل صدر ٽرمپ، پنھنجي ڪابينا مڪمل ڪرڻ ۾ مصروف آھي ۽ گھڻي ڀاڱي اھڙا ماڻھو وفاقي وزارتن ۽ ٻين اهم عهدن تي ڳولھي ڳولهي پيو چونڊي جو في الحال ته روشن خيال ماڻهن، ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن ؛ ۽ خاص طور تي ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ وارن جون وايون بتال ٿي ويون آهن. هنن جا ته ٻه به ويا ته ڇهه به ويا. ھوڏانهن موجوده صدر باراڪ اوباما جي حالت ڪا چڱي ڪونهي، جو کيس پنهنجي اٺن سالن جي ڪيل محنت تي پاڻي ڦرندو نظر پيو اچي. اهو صاف نظر پيو اچي ته سندس صحت، تعليم، واپار ۽ ويندي بين الااقوامي تعلقات متعلق حڪمت عمليون نه فقط تبديل ٿي وينديون پر مِٽجي ميسارجي ڪنهن نئين روپ ۾ اينديون. لڳي ڪونه ٿو ته ڪو چونڊيل صدرٽرمپ، موجوده صدراوباما جي ڪا ميراث يا ورثو يادگار طور رهڻ ڏيندو.
    مون ”عوامي آواز“ مئگزين جي 4 ڊسمبر واري شماري ۾ چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاران ان وقت تائين اهم عهدن ۽ وزارتن تي چونڊيل يا کنيل ماڻهن جو ذڪر ڪيو هو.اڄ پاڻ وڌيڪ اهم عهدن ۽ وزارتن تي کنيل ماڻهن جو حال احوال اوريون ٿا:


    1. ڊاڪٽر بن ڪارسن (Dr.Ben Carson) Housing and Urban Development :
    عجب دنيا جا عجيب رنگ آهن. ھي ساڳيو جڳ مشھور نيورو سرجن بن ڪارسن آھي، جنهن مٿي ڳنڍيل جاڙن ٻارن جو پهريون ڪامياب آپريشن ڪري سائنس ۽ طب جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو. سندس جادوئي هٿ، مرندڙ معصومن کي نئين زندگي ڏيو ڇڏين! ھا هي ساڳيو ئي ته بن ڪارسن آھي، جنهن تي طب جي دنيا جي جڳ مشهور فلم (Gifted Hands) ٺھي هئي؛ اها فلم ڏسڻ کانپوءِ ڪارسن منهنجو ۽ منهنجي پٽ دانيال جو هيرو بڻيو هو. بن ڪارسن، ريپبلڪن پارٽيءَ طرفان صدارتي اميدوار لاءِ پرائمري چونڊون وڙهيون؛ جنهن ۾ ايڏو ته خوار خراب ٿيو، جو سڄي دنيا کي سندس مذهبي ۽ بنياد پرستيءَ تي ٻَڌل خيال ٻُڌي، ڏندين آڱريون اچي ويون. ڀلا هڪ ايڏي وڏي ۽ اعلى پائي جي سرجن جو سياست سان ڪهڙو ڪم؛ جنهن کي نه معاشيات جي ”ميم“ جي خبر، نه وري سياست جي ”سين“ جي. ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ وارا ڪانگريس ۾ عددي اڪثريت نه هئڻ ڪري، ڪارسن جو رستو ته روڪي نه ٿا سگهن؛ البته هن تي تمام گهڻي تنقيد پيا ڪن ته هڪ ڊاڪٽر جو شهري منصوبابندي ۽ ترقيءَ ۾ ڇا وڃي؟ تنهن ڪري سندن اها خواهش آهي ته ڪارسن پاڻ ئي اها وزارت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري.

    2. ريڪس ٽلرسن (Rex Tillerson) : Secretary of State
    چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ، ريڪس ٽلرسن کي پرڏيهي معاملن جو وزير (سيڪريٽري آف اسٽيٽ) چونڊڻ جو اعلان ڪري، روڊي جوليياني ۽ مٽ رامني کي ته مايوس ڪيو ئي آھي، پر ان کان وڌيڪ جهونن سياستدانن ۽ ڪجهه فارغ ٿيل جنرلن کي تمام گھڻو ڪاوڙائي وڌو آھي؛ جو ريڪس لاءِ چيو پيو وڃي ته هي همراھ روسي صدر پيوٽن جي ڪافي ويجهو آھي ۽ روسي حڪومت کان 2012ع ۾ ”دوستيءَ جو تمغو“ چڪو آھي. ٽرمپ هن جي حق ۾ اھي دليل پيو ڏئي ته ريڪس دنيا جي تمام وڏي تيل ڪمپني ”ايڪسان موبل“ جو ڪامياب سربراھ آھي، جنهن سبب ھو ڪيترن ئي ملڪن سان لھه وچڙ ۾ رھيو آھي. هن جا مخالف وري اھا ڳالهه پيا ڪن ته ڪاڏي تيل جو ڪاروبار ته ڪاڏي آمريڪا جھڙي ملڪ جي حڪومت ھلائڻ! ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊوالهيار! بهرحال، ريڪس جو ڪانگريس ڪميٽيءَ کان پڪو ٿيڻ ڏکيو ٿو لڳي ۽ هُن لاءِ ڪميٽيءَ کي سوالن جا جواب ڏيندي مطمئن ڪرڻ لوھ جا چڻا چٻاڙڻ برابر ھوندو. ھوڏانهن ھاڻي کان ئي، ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجن ڇاڙتن کي ڇوڙي ڇڏيو آ ته ريڪس ٽلرسن جي حق ۾ بيان بازي ڪري سندس لاءِ ماحول سازگار بڻايو وڃي! ريڪس ٽلرسن کي پڪي ٿيڻ لاءِ، سينيٽ جي سادي اڪثريت کپي. جهوني سياستدان سينيٽر جان مڪين ۽ سينيٽر مارڪو روبيو پنهنجن بيانن ذريعي ٽلرسن جي چونڊ جي مخالفت ڪئي آهي ۽ دانهون ڪوڪون پيا ڪن ته هي روس جي صدر پيوٽن جو ساٿاري آھي، جنهن تي انساني حقن جي ڀڃڪڙي، جنگي ڏوھ ۽ خونن جا الزام آهن، جي نه هڪ اڌ ٻيو به ريپبلڪن سينيٽر هنن سان مليو ته ريڪس ٽلرسن جي رستا روڪ ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جا اٺيتاليھه ووٽ آهن ۽ ٽلرسن جي چونڊ کي رد ڪرڻ لاءِ ايڪونجاھ ووٽ گهربل آھن.
    لڳي ائين ٿو ته ريڪس جي چونڊ، هتان جي اسٽيبلشمينٽ کان به برداشت ڪانه ٿيندي؛ پر جي هي همراه آيو ئي هنن جي مرضي ۽ مهربانيءَ سان آهي۽ پڪوٿي ٿو وڃي ته آمريڪا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نظر ايندو ته روس سان تعلقات بهتر ٿيڻ ڏانهن وڃي رھيا آھن.

    3. جان ايف ڪيلي (John F. Kelly ): Homeland Security
    جان ڪيلي، فارغ ٿيل سامونڊي فوج جو چار ستارن وارو جرنيل آھي، جنهن کي چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ گهرو حفاظت واري وزارت لاءِ چونڊيو آھي، جيڪا هڪ تمام اهم وزارت آھي. جان ڪيلي جو پٽ 2010 ۾ افغانستان جي جنگ ۾ مري ويو هو، جنهن سبب عوام کي هن لاءِ خاص همدردي آهي، هونئن به تجربي ۽ مهارت جي لحاظ کان هي وڏو قابل ماڻهو آهي. چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاران جان ڪيليءَ جي چونڊ کي اهم سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته جان ڪيلي ئي ٽرمپ پاران چونڊ مهم دوران ڪيل واعدن جو پورائو ڪري سگهي ٿو. جنهن ۾ خاص طور تي دهشتگرديءَ جي روڪٿام، ملڪ جي سرحدن جي حفاظت، غير قانوني هجرت ڪري آيل ماڻهن کي ڌڪي ڪڍڻ ۽ ميڪسيڪو ملڪ سان ملندڙ سرحد سان ڀت اڏڻ اچي وڃن ٿا.

    4. جيمس اين ميٽِس (James Mattis) : Secretary of Defence
    چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ رياست اوهائيو جي سِنسِناٽِي شھر ۾ هڪ جلسي دوران، عجيب ۽ واهيات طريقي سان دفاع جي سيڪريٽري ( وفاقي وزير) جو اعلان ڪيو. ٽرمپ جلسي دوران تقرير ڪندي اعلان ڪيو ته مان توهان کي توهان جو پسنديده ڇتو ڪُتو جيمس ميٽِس دفاع جي سيڪريٽري طور ڏيان ٿو. جيمس ميٽِس فارغ ٿيل جرنيل آھي، جيڪو 2003ع ۾ عراق جي جنگ دوران مئرين ڊويزن جي اڳواڻي ۽ 2013ع – 2010ع دوران گڏيل رياستن جي مرڪزي ڪمان جي به قيادت ڪري چڪو آھي. جنرل ميٽِس کي ھڪ ڇتو، ويڙھو، چالاڪ، ھوشيار ، تجربيڪار ۽ ڪامياب جنرل تصور ڪيو ٿو وڃي ۽ عوام ۾ هن ڪاڻ ڪافي عزت ۽ احترام آھي.
    جنرل ميٽِس، اوباما حڪومت جي فوجي پاليسين تي ڇتي تنقيد ڪندو رھيو آھي ۽ هو عرب رياستن ۾ بچاءَ واري پاليسين بجاءِ نئين حڪمت عمليءَ موجب اڳرائيءَ واري پاليسيءَ تحت وڃڻ گهري ٿو. اھو سمجهيو پيو وڃي ته جنرل ميٽِس داعش سان هڪ هڪاڻيءَ لاءِ نئين سر جنگ جوٽيندو، جنهن جو ذڪر چونڊيل صدر ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم دوران ڪندو رهيو هو.

    5. اسٽيوين مِنوَچن (Steven Mnuchin): Secretary of Treasury
    چونڊيل صدر ٽرمپ، گولڊمين ساڪس جي اڳوڻي سربراھ اسٽيوين مِنوَچن کي خزاني جو وزير چونڊيو آھي. اسٽيوين مِنوَچن، ٽرمپ جي چونڊ مهم جو ناڻي وارو چيئرمين ھيو، جنهن مان صاف ظاھر آهي ته هي همراهه ٽرمپ جو خاص ماڻهو ھو ۽ انهيءَ سبب کيس خاص وزارت به ملي آھي.

    6. ٽام پرائس Health and Human Services : (Tom Price)
    ٽام پرائس، رياست جارجيا کان ڇهه ڀيرا ڪانگريس جو ميمبر چونڊجي چڪو آھي ۽ پيشي جي لحاظ کان ھڏن جو سرجن ڊاڪٽر آھي. چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڪنهن اھڙي ماڻھوءَ کي صحت جو وزير آڻڻ پئي چاھيو، جيڪو اچڻ سان موجوده صدر اوباما جي صحت پاليسيءَ کي رد ڪري ڇڏي، ان لاءِ ٽام پرائس ئي موزون ماڻهو ٿو ڏسجي، جيڪو منڍ کان صدر اوباما جي صحت پاليسيءَ جي مخالفت ڪندو رهيو آھي ۽ ھينئر به هن اعلان ڪيو آھي ته ھو پھرين ڏينهن ئي صدر اوباما جي ڏنل صحت پاليسيءَ کي ختم يا تبديل ڪندو، جيڪو ممڪن ته ناھي پر سياسي ڊاڙ هڻڻ ۾ ڇا آھي!
    مٿين خاص وزارتن کان علاوه، چونڊيل صدر ٽرمپ ڪجهه ٻين وزارتن / سيڪريٽرين جو به اعلان ڪيو آھي، جن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا:

    نالو وزارت
    1 راين ذنڪي Ryan Zinke گهرو وزارت
    2 رِڪ پيري Rick Perry توانائي
    3 اينڊريو پُزڊر Andrew Puzder پورهيو
    4 اسڪاٽ پريوٽ Scott Pruitt ماحوليات
    5 ايلين چائو Elaine Chao آمدورفت
    6 وِلبر راس Wilbur Ross واپار
    7 لِنڊا مِڪماهن Linda McMahon ننڍو واپار
    چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجن وزيرن سفيرن کڻڻ ۾ پورو آهي ته ھوڏانهن وري وائيٽ ھائوس، ڊيموڪريٽڪ پارٽي، ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن روسي صدر پيوٽن خلاف باھ ٻاري ڏني آ ته ھن آمريڪا جي چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ ڪمپيوٽرن تي موجود ڄاڻ چوري ڪرائي، پنهنجا مقصد ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ايندڙ ڪالم ۾ ان موضوع تي تفصيل سان بحث ڪبو.

    (25 ڊسمبر2017ع)


    آمريڪي چونڊن ۾ روسي مداخلت: حقيقت يا افسانو

    خيرن سان، آمريڪا جي پنجيتاليهين چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي ڪابينا جا وزير ، وائيٽ هائوس جا اهم عهديدار ۽ ڪجهه سفير چونڊي ڇڏيا آھن، جن مان وفاقي وزيرن جو ڪانگريس ڪميٽي اڳيان پيش ٿي پنهنجي چونڊ کي جائز ۽ صحيح ثابت ڪري پڪي ٿيڻ جو عمل باقي آھي. ھوڏانهن 20 ڊسمبر تي، رياستن جي نمائندن پنهنجا پنهنجا چونڊ ووٽ وڌا. آمريڪا جي آئين مطابق صدارت ماڻڻ لاءِ 270 چونڊ ووٽ گهربل ھجن ٿا. چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي 306 ووٽ ۽ صدارتي چونڊون هارائيندڙ هيلري ڪلنٽن کي 232 چونڊ ووٽ مليا؛ دلچسپ ڳالھه اھا آھي ته ٻنهي اميدوارن جي مخالفت ۾ ٻه ٻه چونڊ ووٽ پيا، يعني انهن چونڊ ووٽرن پنهنجي رياست مان کٽيندڙ صدارتي اميدوار کي ووٽ نه ڏنو. ڪيترن ئي ٽرمپ مخالف ماڻهن، ڪجهه ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن جي اھا دلي خواھش هئي ته جيڪر چونڊ ووٽ (Electoral College)نمائندا ٽرمپ جي خلاف ووٽ ڏيئي (جيئن هنن ٻن ووٽرن ڪيو) سندس رستا روڪ ڪن، جنهن جو امڪان نه هئڻ برابر هو پر ڳالهيون ڪرڻ ۽ خواب ڏسڻ ۾ ڇا آهي؟
    جيئن مون پنهنجي گذريل ڪالم ۾ ذڪر ڪيو هو ته، “وائيٽ ھائوس، ڊيموڪريٽڪ پارٽي، ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن روسي صدر پيوٽن خلاف باھه ٻاري ڏني آھي ته ھُن آمريڪا جي چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ ڪمپيوٽرن تي موجود ڄاڻ چوري ڪرائي پنهنجا مقصد ماڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي”. اچو ته اڄ انهيءَ ڳالھه جو ڇيد ڪريون.
    چونڊ مهم دوران، آڪٽوبر مهيني ڌاري آمريڪا جي سترنهن جاسوسي ادارن گڏيل بيان جاري ڪري عوام ۽ حڪومت کي آگاهي ڏني ته صدر پيوٽن ۽ روسي حڪومت آمريڪي چونڊن تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي ڪمپيوٽرن تي موجود ڄاڻ ۽ برقي ٽپالون چوري پيا ڪرائين. اُن وقت، وائيٽ هائوس خاموش رهيو ۽ ڊونالڊ ٽرمپ اُن کي بيڪار بيان قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو هو. چونڊن جي آخري ڇهن ھفتن دوران، روزانو جي بنيادن تي ڊيموڪريٽڪ نيشنل پارٽيءَ جي ڪمپيوٽرن تان لکين برقي ٽپالون چوري ڪري ظاھر ڪيون پئي ويون، جن سڌي يا اڻ سڌي طريقي سان ھيلري ڪلنٽن ۽ سندس چونڊ مهم کي ڪاپاري ڌڪ رسايو. ھيلريءَ جي حامين، روشن خيال ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن گهڻيون ئي دانھون ڪوڪون ڪيون ته روس ۽ صدر پيوٽن هيلري خلاف اليڪشن تي اثر انداز ٿيڻ پيو چاھي؛ جنهن جي ڪري ئي هڪ پارٽيءَ جون برقي ٽپالون سندن ڪمپيوٽرن تان چوري ڪيون پيون وڃن، ڪجهه اڻ ڄاتل سببن سبب نه وائيٽ ھائوس ۽ نه وري آمريڪا جي ڪنهن سگهاري جاسوسي يا جاچ جي اداري ڪو مؤثر قدم کنيو.
    آمريڪا ۾ 8 نومبرتي خير خوبيءَ سان صدارتي چونڊون ٿي گذريون، جنهن ۾ ڊونالڊ ٽرمپ 306 چونڊ ووٽ کڻي غير متوقَّع طور تي وڏي ڪاميابي ماڻي. 15 ڊسمبر تي ھتان جي ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن، آمريڪي جاسوسي ادارن جي حوالي سان خبرون شايع ڪيون ته ڪمپيوٽرن تان ڄاڻ چورائيندڙ روسين جديد طريقن وسيلي چونڊ مهم بابت ڄاڻ چوري ڪئي آھي، جيڪا ڪوشش روسي حڪومت جي اجازت ۽ روسي صدر جي منظوريءَ بنا ناممڪن آھي! 15 ڊسمبر تي ئي جڳ مشهور خابرو اداري سي اين اين خبر نشر ڪئي ته ڪمپيوٽرن تان ڄاڻ چوري ڪرڻ لاءِ ايڏا ته جديد اوزار استعمال ڪيا ويا جو اِھو عمل روسي صدر پيوٽن جي اجازت بنا ممڪن ئي ڪونهي، ۽ ٻيو ته ڪمپيٽرن تان ڄاڻ جنهن نموني سان چوري ٿي آھي اهو آمريڪي جاسوسي ادارن جي اندازن ۽ سمجهه کان گهڻو مٿاھون عمل ھو ۽ هتان جي جاسوسي ادارن انهيءَ عمل کي روس طرفان آمريڪا خلاف مشيني جنگ (Cyber Attack) قرار ڏنو. ان مسئلي تي چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ ٽوئيٽ ذريعي لکيو ته ”جي روسي يا ڪو ٻيو ڪمپيوٽرن تي موجود ڄاڻ چوري ۾ ملوث ھو ته وائيٽ هائوس ڪو ردِعمل ڏيکارڻ ۾ ايڏي دير ڇو ڪئي ۽ هو هاڻي ڇو ٿا دانهون ڪن جڏهن هيلريءَ هارايو آھي“. چونڊيل صدر ڊونانڊ ٽرمپ هن وقت تائين، ڊيموڪريٽڪ، نيشنل پارٽيءَ جي ڪمپيوٽرن تان لکين برقي ٽپالون چوري ٿيڻ جي معاملي جي نه مذمت ڪئي آھي، نه روس يا صدر پيوٽن کي ڏوھي قرار ڏنو آهي ۽ نه وري ڪنهن جاچ جي ڪا ڳالھه ڪئي آهي. جڏهن ته سندس ريپبلڪن پارٽيءَ جي ڪجهه اهم ۽ پراڻن سياستدانن جاچ جي گھر ڪئي آھي، بلڪه ڪجهه سياستدانن ته گڏيل جاچ جي به تجويز ڏني آھي. ان سلسلي ۾ موجوده صدر باراڪ اوباما بيان ڏيندي چيو ته آمريڪا روس خلاف قدم کڻندو ، ڇاڪاڻ ته هنن آمريڪا جي صدارتي چونڊن تي اثر انداز ٿيڻ جون ڪوششون ڪيون آهن، هُن زور ڏيندي چيو ته، ”اسان کي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان ڪو قدم ضرور کڻنداسين“.
    رياست ايريزونا جي سينيٽر ۽ صدر اوباما خلاف ريپلڪن پارٽيءَ طرفان صدارتي چونڊون ھارائيندڙ جهوني سياستدان جان مڪين پنهنجو سخت موقف رکندي چيو ته، ”ان ڳالھه ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش ڪونهي ته پيوٽن ۽ روسي حڪومت اسان جي صدارتي چونڊن ۾ مداخلت ڪئي آهي، جنهن جي جاچ ٿيڻ کپي”. هُن وڌيڪ چيو ته ، ”اسان کي هن ڳالھه جي تهه تائين پهچڻ جي ضرورت آھي، ھاڻي سوال اھو آهي ته ڪيترو ۽ ڪھڙو نقصان رسيو آھي؛ ۽ آمريڪا کي ڇا ڪرڻ گهرجي“.
    سينيٽر جان مڪين هن سموري معاملي کي آمريڪي جمهوريت ۽ عوام خلاف هڪ سازش قرار ڏئي ٿو. ھن هڪ ٽوئيٽ ذريعي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي آمريڪي اڳواڻن جي ناڪامي آھي ۽ موجوده اڳواڻن جي ناڪاميءَ ٻي عالمي جنگ بعد سموري دنيا ۾ قائم ٿيل نظم و ضبط کي اُڊيڙي ڇڏيو آهي. سينيٽر جان مڪين موجوده صدر باراڪ اوباما تي به ڇوھه ڇنڊيندي چيو ته ”جڏهن وائيٽ ھائوس کي هن سموري معاملي جي خبر ھئي ته پوءِ هنن صدر پيوٽن ۽ روسي حڪومت خلاف ڪو قدم ڇو نه کنيو“. ساڳئي وقت سينيٽر جان مڪين، چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي به پنهنجي تنقيد جو نشانو بڻائيندو رھيو آھي ۽ ڪيترا ڀيرا پنهنجن بيانن ذريعي ٽرمپ ۽ پيوٽن جي قربت جي مذمت ۽ ان کي آمريڪي عوام ۽ دنيا لاءِ خطرناڪ قرار ڏيئي چڪو آھي. سينيٽر جان مڪين دعويٰ ٿو ڪري ته روسي صدر پيوٽن انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪندڙ، جنگي ڏوهاري ۽ شام ۾ موجوده صورتحال جو ذميوار آھي، تنهن ڪري هن کي روڪڻ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي ترجيح هئڻ گهرجي.
    هوڏانهن ريپبلڪن پارٽيءَ جي هڪ ٻئي اهم سينيٽر، ڏکڻ ڪيرولينا جي لنڊسَي گراهم روس خلاف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته روسين ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي ڪمپيوٽرن تان ڄاڻ چوري ڪئي آھي، ۽ ھُو سموري دنيا ۾ جمهوريت کي ڪمزور ڪندا رھيا آهن. توڙي جو روسي حڪومت جا ذميوار هن ڳالھه کي مسلسل رد ڪندا رھيا آهن، ھيڏانهن وري آمريڪا جي تقريبن سڀني جاسوسيءَ جي ادارن گڏيل بيان ذريعي ان ڳالھه جي تصديق ڪئي آھي ته روسين آمريڪي صدارتي چونڊن تي اثر انداز ٿيڻ لاءِ هڪ پارٽيءَ جي ڪمپيوٽرن تان ڄاڻ چوري ڪئي ھئي.
    دلچسپ ڳالھه اھا آھي ته چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ روسي صدر پيوٽن، سندس حڪومت ۽ روسين کي ڄاڻ چوريءَ جي الزام کان بري الزام قرار ڏئي رد ٿو ڪري، ته وري سندس ئي پارٽيءَ جا ڪجهه اھم سينيٽر ان ڳالھه جو مطالبو ڪندي پيا نظر اچن ته روسي صدر پيوٽن، سندس حڪومت ۽ روسين خلاف ڄاڻ چوري بابت جاچ ٿيڻ کپي ۽ اھو ته هو پنهنجي جاسوسي ادارن جي روسين خلاف لکيل خط تي مڪمل ڀروسو ٿا ڪن.
    رياست ڪينٽڪي جي ٽيهن سالن کان رھندڙ سينيٽر ۽ سينيٽ ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ جي اڪثريتي اڳواڻ مِچ مِڪّونيل به هن ڳالھه تي خاموش ناهي رھيو، توڙي جو سندس زال کي چونڊيل صدر پنهنجي ڪابينا ۾ کنيو آھي. سينيٽر مِچ مِڪّونيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ”ڪنهن به ڌاري قوت طرفان سائيبر سڪيورٽي جو ٽوڙڻ انتھائي ڳڻتيءَ جوڳو عمل آھي ۽ روسي اسان جا دوست ناھن“. سينيٽر مِچ مِڪّونيل آمريڪا جي جاسوسي ادارن پاران ڏنل بيان جي پڻ حمايت ڪري ٿو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ مڪمل جاچ ڪرائڻ جو حامي آھي. ھوڏانهن ريپبلڪن پارٽيءَ پاران صدارتي اميدوار جون پرائمري چونڊون ھارائيندڙ اميدوار، رياست فلوريڊا جي سينيٽر مارڪو روبيو به کليل لفظن ۾ صدر پيوٽن ۽ روسي حڪومت جي مذمت ڪئي آهي، ته وري ريپبلڪن پارٽيءَ جو موجوده اسپيڪر پال رائن به ساڳي ڳالھه ٿو ڪري. سينيٽر لنڊسَي گراهم ته اھو بيان ڏيئي چونڊيل صدر ٽرمپ ۽ سندس ڪئمپ کي منجهائي وڌو آهي ته ڪمپيوٽرن تان ڄاڻ جي چوريءَ واري معاملي تي روسي صدر پوٽن ۽ سندس حڪومت جي ڪردار تي 99 (ٽوٽل 100) سينيٽر سندس ۽ سينيٽر جان مڪين جا حامي آھن. يقينن ھيءَ صورتحال، چونڊيل صدر ٽرمپ لاءِ ڪا سولي ۽ چڱي ڪونهي، جوھڪ ته هتان جا سينيٽر تمام سگهارا ھجن ٿا ۽ وري جي ٻنهي پارٽين جا سينيٽر گڏجي پون ته صدر کي گهڻن معاملن تي سوگهو ڪري يا روڪي سگهن ٿا.
    ان ڳالھه ۾ وزن آھي ته هڪ گهڻ رخي جاچ ذريعي معلوم ڪجي ته روس جي ڪمپيوٽر ماهرن، هيلري ڪلنٽن ۽ سندس ساٿين جي ڪمپيوٽرن تان ڪيتري قدر ڄاڻ چوري ڪئي، سندن مقصد ڪهڙا ھئا ۽ ان جا صدارتي چونڊن جي نتيجن تي ڪهڙا اثر پيا؟ ڇا روسي حڪومت يا صدر پيوٽن سڌي يا اڻ سڌي طريقي سان ان معاملي ۾ ملوث رھيو آھي يا نه؟ چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ لاءِ مسئلو اھو آھي ته جي هو 20 جنوريءَ تي اقتدار سنڀالِڻ کان پوءِ روسي صدر پيوٽن ۽ روسي حڪومت خلاف ڪا جاچ ٿو ڪرائي، يا موجوده صدر اوباما طرفان شروع ڪرايل جاچ کي روسي صدر پيوٽن ۽ روسي حڪومت خلاف ھلڻ ٿو ڏئي جنهن جي ھو چونڊ مهم دوران ۽ چونڊن کانپوءِ حمايت ڪندو رھيو آھي؛ ۽ جاچ جي ڪنهن اگري نتيجي ۾ سندس پنهنجي صدارت تي سواليه نشان لڳي ويندو! ته پوءِ ڇا ٽرمپ استعيفى ڏيئي گهر ڀيڙو ٿيندو؟ اھو ئي سبب آھي جو چونڊيل صدر ٽرمپ هن معاملي کي ان طرف کڻي وڃڻ ئي نه ٿو چاھي.
    ھن ڪالم لکڻ دوران وائيٽ ھائوس ۽ موجودھ صدر باراڪ اوباما طرفان ڪمپيوٽرن تان ڄاڻ چوري ڪرڻ جي سلسلي ۾، روسي صدر پيوٽن ۽ سندس حڪومت خلاف نيون ڪوششون سامھون آيون آهن، تنهنڪري ڪالم جي پڄاڻيءَ کان پهرين تن جو ذڪر ڪندا ٿا ھلون.
    22 ڊسمبر تي، موجوده صدر باراڪ اوباما جي انتظاميه پنهنجي جوابي ڪاروائيءَ ذريعي روس جي خلاف سخت پابندين جو اعلان ڪندي 35 سفارتڪارن کي ملڪ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪا جا جاسوسي ۽ جاچ جا ادارا سمجهن ٿا ته روسي حڪومت ڊيموڪريٽڪ نيشنل ڪميٽي ۽ ھيلري ڪلنٽن جي ڪمپيوٽرن تان ڄاڻ چوري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن صدارتي چونڊن ۾ ريپبلڪ پارٽيءَ جي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ کي فائدو رسي. صدر اوباما هڪ صدارتي حڪم نامو جاري ڪندي نون روسي ادارن ۽ شخصيتين تي پابنديءَ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ اھي ٽي ڪمپنيون به شامل آهن، جن هتي مشيني حملن
    (Cyber Attacks) لاءِ مالي مدد ڪئي ۽ ٻيون گهربل سهولتون فراهم ڪيون.
    ظاھر آھي ته صدر اوباما ۽ سندس انتظاميه بغير ڪِن ٺوس ثبوتن جي ايڏو وڏو قدم کڻي نه ٿي سگهي. ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن ۽ ٻنهي پارٽين جي سينيٽرن جي اڪثريت کي اِھا پڪ آھي ته اوباما انتظاميه بغير اھم ۽ ٺوس ثبوتن جي ڪنهن ايڏي وڏي عالمي طاقت جا سفارتڪار ملڪ بدر نٿي ڪري سگهي. ريپبلڪن پارٽيءَ جي موجوده اسپيڪر پال رائن پنهنجو موقف رکندي روس جي خلاف صدر اوباما جي اعلانيل پابندين جي حمايت ڪئي آھي ۽ ساڳي وقت موجوده حڪومت تي تنقيد به ڪئي آ ته ھنن قدمن سان گذريل اٺن سالن ۾ روس خلاف آمريڪا جي ناڪام پاليسيءَ جي پڄاڻي ٿيندي. دلچسپ صورتحال وڃي اھا بيٺي آھي ته چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڪري ته ڪري ڇا؟ هڪ پاسي سندس چونڊ جو سوال آھي ته ٻئي پاسي ملڪ جي سلامتيءَ جو، جنهن تي روس ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو مشيني حملا
    (Cyber Attacks) وڌائيندو. هن معاملي ۾ ريپبلڪن پارٽي هجي يا ڊيموڪريٽڪ پارٽي، ٻنھي جا سينيٽر روس خلاف متفق نظر پيا اچن ۽ چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ لاءِ وڃي پئي صورتحال ڏکي ٿيندي.
    چونڊيل صدرڊونالڊ ٽرمپ چيو آھي ته في الحال ھن معاملي کي وساري اڳتي وڌجي ۽ ھو روسي صدر پيوٽن ۽ سندس حڪومت سان سٺن لاڳاپن جو خواھشمند آھي. ڏسون ته نئين سال جي شروعاتي مهينن ۾، نئون صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي اڳواڻيءَ ۾، روس سان بهتر لاڳاپا رکي دنيا اندر ڪو نئون نظام، ڪنهن نئين ترتيب(New Agenda) سان شروع ٿو ڪري؛ يا وري آمريڪا جوابي ڪاروائيءَ طور روس خلاف جديد مشيني جنگ
    (Cyber War) جي شروعات ڪري، ٻيهر روس خلاف هڪ نئين سرد جنگ جو آغاز ٿو ڪري!!

    (8 جنوري 2017ع)


    صدر ڊونالڊ ٽرمپ خلاف سڄي دنيا ۾ احتجاج

    دنيا جي سڀ کان طاقتور ملڪ آمريڪا جي 2016ع ۾ ٿيل صدارتي چونڊن جي نتيجي ۾ چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ 20 جنوريءَ تي صدارتي عھدي لاءِ قسم کڻي ملڪ جو پنجيتاليهون صدر بڻجي چڪو آھي. ھوڏانھن سندس ڪابينا جا ٻه اهم وزير / سيڪريٽري جيمس ميٽس بچاءَ لاءِ ۽ جان ڪيلي گھرو کاتي لاءِ ساڳي ڏينهن تي پڪا ٿي پنهنجن پنهنجن عهدن لاءِ قسم کڻي چڪا آهن. آمريڪا ۾ جتي هزارين ماڻهن خوشيءَ جو اظهار ڪندي ڊونالڊ ٽرمپ جي آجيان ڪئي آهي ته اُتي آمريڪا سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ لکين ماڻهن هُن جي صدر ٿيڻ تي ڳڻتي، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو اظهار ڪيو آھي. آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ 21 جنوريءَ تي روشن خيال تنظيمن، خاص طور تي عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ ۽ آواز اٿاريندڙ تنظيمن احتجاجي ميڙاڪن ۽ جلسن جلوسن جو اھتمام ڪيو.
    20 جنوريءَ تي، ڊونالڊ ٽرمپ جي زندگيءَ جو پهريون ڏينهن هو، جڏهن سندس مرضي ختم ۽ کيس ھاڻي گھٽ ۾ گھٽ ايندڙ چئن سالن لاءِ آمريڪا جي صدر طور اڳواٽ طئي ٿيل ۽ ترتيب ڏنل وقت تحت هلڻو پوندو. ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي گھر واري مِلينيا ٽرمپ سان گڏ، طئي ٿيل وقت مطابق صبح ساڍي نائين وڳي وائيٽ هائوس پهتو؛ جتي صدر اوباما ۽ مشال هنن جو ناشتي تي استقبال ڪيو، بعد ۾ هو سڀئي گڏجي، تاريخي جڳھه ڪيپيٽل هل پهتا، جتي قسم نامي کڻڻ جو اڳواٽ بندوبست ٿيل ھو ۽ هزارين ماڻهو هنن جي انتظار ۾ موجود ھئا. يقيناً ٽرمپ کي اھو ڏسي پريشاني ضرور ٿي هوندي ته ماڻهن جو تعداد تمام گھٽ ھو ۽ هن اڳڪٿي ڪندي ڪئي ڀيرا چيو ھو ته سندس استقبال لاءِ لکين ماڻهو ايندا، جنهن لاءِ هن رابطي جي ادارن ذريعي ڪافي مهم به هلائي ھئي. کيس اھو سوچي اڃان وڌيڪ ڏک ٿيو ھوندو ته صدر اوباما لاءِ پهرين ڀيري ته ڇڏ، ٻئين صدارتي عهدي جي قسم کڻڻ ڀيري به تمام وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيا هئا. ڪجهه فاصلي تي وري هزارين ماڻهو پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪندي، هُن خلاف احتجاج ۾ مصروف ھئا. ريپبلڪن پارٽيءَ جي ڪجهه اڳواڻن جو چوڻ هو ته نئين صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي ڪجهه وقت ته ڏيو، پهرين ڏينهن کان احتجاج ٺھي نه ٿو! هن تقريب ۾ اڳوڻا صدر جمي ڪارٽر، بل ڪلنٽن، جارج بش به شريڪ ھئا ۽ خاص طور تي صدارتي چونڊون ھارائيندڙ هيلري ڪلنٽن جي شرڪت اھميت لائق ۽ جمهوري قدرن مطابق هئي؛ جنهن جو ماڻهن تاڙيون وڄائي ڀرپور استقبال ڪيو.
    ڊونالڊ ٽرمپ، ٻن بائيبل ڪتابن تي هٿ رکي حلف کنيو. هڪ بائيبل سندس پنهنجو هو ۽ ٻيو وري تاريخي طور تي اڳوڻي صدر ابراهيم لنڪن سان منسوب ٿيل هو؛ جيڪو هن 1861ع ۾ قسم نامو پڙهڻ وقت استعمال ڪيو هو. دلچسپ ڳالھه اھا آھي ته صدر اوباما پهريون صدر هئو، جنهن ابراھيم لنڪن کي ڀيٽا ڏيندي، سندس بائيبل استعمال ڪري هڪ نئين روايت وڌي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جان رابرٽس، ڊونالڊ ٽرمپ کي صدارتي منصب لاءِ قسم کڻايو، جنهن کان پوءِ روايت مطابق صدر ڊونالڊ ٽرمپ افتتاحي صدارتي تقرير ڪئي. هُن پنهنجي تقرير، اڳوڻي صدر اوباما ۽ سندس وني مشال جا ٿورا مڃيندي شروع ڪئي ته هُنن جي تعاون سبب اقتدار جي منتقلي آسانيءَ سان ٿي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو ته اڄوڪو ڏينهن خاص اھميت جوڳو آھي، جو اڄ اقتداري طاقت فقط هڪ انتظاميا کان ٻي انتظاميه ڏانهن منتقل نه پئي ٿئي، يا هڪ پارٽيءَ کان ٻي پارٽيءَ ڏانهن منتقل نه پئي ٿئي؛ پر اڄ اسين اقتداري طاقت واشنگٽن ڊي سي کان واپس وٺي توھان کي، يعني ماڻهن کي ڏيون پيا. هن چيو ته ڪيتري وقت کان ماڻهن جو ننڍڙو گروھ اقتدار ۾ اچي پنهنجو پاڻ لاءِ ڪم ڪندي، خوشحالي حاصل ڪندو رھيو آھي ۽ عام ماڻهو ڀوڳيندو رھيو آھي، هُنن پنهنجي مفادن خاطر ملڪ جي ترقي وساري ڇڏي. صدر ٽرمپ وڏي واڪي اعلان ڪيو ته، ”اڄ کانپوءِ، سڀ کان پهرين آمريڪا ھوندو“. صدر ٽرمپ هڪ ڪامياب واپاري ۽ فنڪار آھي، خبر ناهي هُن کي سياست جي سُتي ڪڏهن ۽ ڪيئن پئي!؟ اڄ به کوڙ سارا ڇاپي ۽ برقي رابطن جا ادارا تبصرا پيا ڪن ته خبر ناهي ڊونالڊ ٽرمپ ڪڏهن هڪ صدر جيان ذميداراڻا بيان ڏيندو، ڪردار ۽ گفتار ۾ هڪ صدر جيان نظر ايندو. صدارتي تقرير دوران به ائين پيو لڳي ته ڄڻ هو اڃان صدارتي چونڊ مهم پيو هلائي. جيئن هُن اعلان ڪندي چيو ته؛ ”مان پنهنجي خون جي آخري قطري تائين توهان لاءِ وڙهندو رهندس ۽ مان توهان کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندس! آمريڪا وري کٽندو ۽ اهڙو کٽندو جهڙو پهرين ڪڏهن ناھي کٽيو!“ ساڳيون ڳالهيون، ساڳيا نعرا، چونڊن وارا!
    اھو تمام گهٽ ڏٺو ويو آهي ته انسان ڪنهن عهدي جي آڙ ۾ پنهنجو ڪردار ۽ گفتار هڪدم تبديل ڪري ڇڏي! ڪي ماڻهو يقيناً وقت سان گڏ تبديل ٿيو وڃن ۽ پنهنجون مليل ذميواريون ۽ ڪردار احسن طريقي سان نڀائي ٻين لاءِ مثال ڇڏيو وڃن! ان عمل لاءِ ضروري آھي ته انسان پنهنجون ڪمزوريون سمجهي ۽ ٻين انسانن جي به اهميت ڄاڻي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي زندگيءَ تي نظر وجهجي ٿي ته هو ان ڪسوٽيءَ تي پورو نه ٿو لهي، ڇاڪاڻ ته هو هميشه پاڻ کي صحيح ۽ ٻين کي غلط سمجهي ٿو، جيڪي هن سان ڪنهن به قسم جو ڪو اختلاف رکن ٿا تن کي نظر ۾ رکي ٿو. صدارتي چونڊ مهم دوران، ڊونالڊ ٽرمپ صرف ۽ صرف هڪ گروھ ِ کي متوجهه ڪرڻ لاءِ سياسي چالون ھليون ۽ نوان نعرا ھنيا. ھن اڇن آمريڪين کي راضي ڪرڻ لاءِ هتان جي ڪارن، هسپانوي ۽ مسلمان آباديءَ کي برو ڀلو چيو؛ مذهبي گروهن جي راضپي لاءِ عورتن، خاص طور تي آزاد خيال عورتن کي خوار خراب ڪيو. هُن جي طبيعت ۾ طوفاني تڪبر ۽ اظهار ۾ اڻکٽ آڪڙ اٿس، جنهن سبب هن جا دوست گهٽ، دشمن وڌيڪ ٺهندا. سائين ادل سومري جو هي قطعو ڄڻ لکيل ئي ڊونالڊ ٽرمپ تي هجي:

    ڪيتري آڪڙ اٿئي اظهار ۾
    لفظ ڪي توري تڪي ڳالهاءِ تون

    گيان ڪوئي ڇا گرو توکي ڏئي
    پاڻ پنهنجو پاڻ کي سمجھاءِ تون

    صدر ڊونلڊ ٽرمپ جڏهن به پاڻ کي صرف اڇن بنياد پرست آمرڪين جو نه بلڪِ آمريڪا ۾ رهندڙ سڀن انسانن جو صدر سمجهڻ شروع ڪيو تڏهن ئي شايد سندس آڪڙ گهٽجي ۽ گفتار جي اظهار ۾ ڪا نرمي اچي، نه ته ڳالهه چڙھيل آهي.
    هوڏانهن گذريل هفتي، انصاف واري اداري جي خاص جاچ ڪميٽيءَ ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر جيمس ڪوميءَ خلاف جاچ شروع ڪئي آهي ته هُن جو آڪٽوبر جي آخري هفتي ۾ هيلري ڪلنٽن خلاف برقي ٽپال واري خواري خلاف جاچ لاءِ لکيل خط ڪٿي بدنيتي تي ٻڌل ته نه هو؟ منهنجيءَ نظر ۾، جيمس ڪوميءَ خلاف ان جاچ جو شروع ٿيڻ ئي تمام وڏي اهميت لائق آهي. ڪن ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن ته جيمس ڪوميءَ کان استعيفى جي گهر ڪئي آهي، يقيناً چونڊيل صدر ڊونالڊ ٽرمپ نه چاهيندو ته جيمس ڪومي استعيفى ڏي، بلڪِه هو هن کي بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو، جيڪو عمل سندس لاءِ به نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.
    صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي افتتاحي تقريب جو ڪجهه مزو، ماڻهن گهٽ اچڻ ڪري ڪرڪرو ٿي پيو، ته وڌيڪ صدر ۽ هنن جي ساٿين جي ننڊ حرام ڪئي، ٻي ڏھاڙي تي لکين ماڻهن جي جلسن جلوسن، ميڙاڪن ۽ احتجاجن؛ جيڪي سموري دنيا ۾ ٽرمپ جي خلاف، ته وري عورتن ۽ انساني حقن لاءِ هڪ آواز ٿي نڪتا. ھي جلسا جلوس آمريڪا جي هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين ۽ دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ساڳئي انداز ۽ جوش جذبي سان نظر آيا. آمريڪا جي گاديءَ واري شھر واشنگٽن ڊي سي ۾ مکيه جلسي جو اعلان عورتن جي تنظيمن پاران “برابري” ۽ “ٻڌي” جي سِري ھيٺ ٿيل ھو؛ جتي صبح کان ماڻهن جو وڏو انگ گڏ ٿيڻ شروع ٿيو ۽ ڏسندي ڏسندي لکن جي تعداد ۾ مها جلوس ۾ تبديل ٿي ويو. ساڳي وقت بوسٽن، شڪاگو، نيويارڪ، لاس اينجلس ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو رستن تي نڪري آيا. ڇاپي ۽ برقي ادارن جي اندازن موجب سڄي دنيا ۾ پنجاھ لک ماڻهن رستن تي نڪري صدر ڊونالڊ ٽرمپ خلاف پنهنجي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو مظاھرو ڪيو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ سرگرم عورتن سان گڏ هسپانوي ۽ مسلمان آباديءَ جي باشندن شرڪت ڪئي، جن کي ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم دوران گهٽ وڌ ڳالھائيندو ۽ خوار خراب ڪندو رهيو هو. دنيا جي جن وڏن شھرن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو سڙڪن تي نڪتا تن جا ڪجهه نالا ھي آهن:

    1. سڊني -آسٽريليا
    2. اوٽاوا، ٽورانٽو، وينڪوور – ڪيناڊا
    3. پيرس – فرانس
    4. برلن، بون – جرمني
    5. بينگلور، بامبي، دهلي – انڊيا
    6. تل ابيب – اسرائيل
    7. روم – اٽلي
    8. ٽوڪيو – جاپان
    9. ايمسٽرڊيم –نيدرلينڊ
    10. آڪلينڊ، ويلنگٽن – نيوزيلينڊ
    11. بارسيلونا، ميڊرڊ – اسپين
    12. جينيوا – سويئزرلينڊ
    13. لنڊن، بيلفاسٽ، ليڊس، ليورپول – يونائيٽڊ ڪنگڊم

    هيءَ بين الاقوامي شھرن جي فهرست تمام ڊگهي آھي، مون هتي فقط ڪجهه شهرن جا نالا مثال طور ڏنا اٿم ته ڪيئن ڪنهن گڏيل مسئلي تي سموري دنيا جا ماڻهو رنگ نسل، مذهب ۽ قوميت وساري گڏ ٿي هڪ آواز ۾ لکن جي تعداد ۾ احتجاج ڪندي رستن تي نڪري سگهن ٿا. آمريڪا جي گاديءَ واري شهر واشنگٽن ۾ لکين ماڻهن جي مکيه ميڙاڪي کي مائيڪل مور کان وٺي ميڊونا تائين مخاطب ٿي، هُنن جو جوش ۽ ولولو وڌايو پئي ته اداڪاره ۽ سياسي سرگرم ڪارڪن ايشلَي جوڊ جڏهن 19 سالن جي نِينا ڊونووين جو آزاد نظم “گدلي عورت” پڙھيو ته ماڻهو ڪاوڙ ڪروڌ جي اظهار سان گڏ مڌر سرن تي جهومڻ لڳا ۽ ڄڻ ڊونالڊ ٽرمپ کي انساني قدرن ۽ حقن جو دشمن ۽ بنياد پرستن جو سربراھ قرار ڏيندي کليل اعلان جنگ ڪيائون:

    مان گدلي عورت آھيان
    پر مان هن ماڻهوءَ جهڙي
    گدلي ناهيان
    جيڪو لڳي ٿو ڄڻ
    واري ۾ وهنتو هجي
    جنهن جا لفظ ڄڻ
    آمريڪا لاءِ موت هجن

    هي نظم ٿورڙن ڏينهن ۾ ڄڻ عورتن جو ٽرمپ خلاف ترانو بڻجي پيو هجي (هي تمام ڊگهو نظم آهي ۽ شايد هن ڪالم جا صفحا به هن جي ترجمي لاءِ ڪافي نه هجن). يقيناً لکن جي تعداد ۾ ماڻهن ۽ خاص طور تي عورتن جو گڏ ٿيل سمونڊ آمريڪا جي موجوده انتظاميا جي مٿي ۾ جونءَ چوريندو!

    (29 جنوري 2017ع)


    تاريخ توساڻ آ، الوداع اوباما....!!

    اھي سپنا يا خواب ئي ته آهن، جيڪي انسان کي زندھ رکيو اچن ۽ جن جي بنياد تي انسان ازل کان جستجو جاري ۽ ساري رکندي سڀني مخالف قوتن سان ويڙھاند جوٽيندو اچي. ڪي انسان صرف ۽ صرف پنهنجي لاءِ سپنا ڏسن، ته ڪي پنهنجي ڪڙم قبيلي لاءِ، ته ڪي وري پنهنجي قوم ۽ ملڪ لاءِ؛ ۽ ڪي وري سموري انسان ذات جي ڀلي لاءِ خواب ڏسن ٿا. اھو ئي انسان اُتم ۽ اعلى ٿئي ٿو، جيڪو پنهنجي ذات ۽ ڪڙم قبيلي کي وساري، انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو. اسان جي ويجهي سانڀر ۾ گانڌي، نيلسن منڊيلا، مارٽن لوٿر ڪنگ جهڙا املهه انسان ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي جان جوکم ۾ وجهي انساني عظمت کي اوچو رکيو، ته ساڳئي وقت اسان کي انساني تاريخ ۾ سڪندر اعظم کان ھٽلر تائين اهڙا سوين مثال به ملن ٿا، جڏهن انسانُ لوڀ ۽ لالچ ۾ اچي، طاقت ۽ اقتدار خاطر، ٻين انسانن کي ايذائي، ماري ناس ڪري ٿو. اسين موجودھ زماني جي ترقي يافته دؤر ۾ ڏسون پيا ته ڪيئي اڳواڻ اقتدار خاطر يا وري لوڀ ۽ لالچ ۾ اچي ٻين انسانن تي ظلمن جا پھاڙ ڪيرائي سڀ ئي حدون اورانگهي وڃن ٿا، ته ساڳئي وقت وري باراڪ اوباما جهڙا اڳواڻ پنهنجي مثالي ڪردار ۽ گفتار، سيرت ۽ سڀاءُ سبب سياسي ادارن ۽ اقتداري ايوانن کي نئين معنى ڏيئي بيوس انسانن کي نئون ويساھ ۽ اميد ڏيو ڇڏين.
    27 جولاءِ 2004ع تي جڏهن پهريون ڀيرو باراڪ حسين اوباما، ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي سالياني ميڙاڪي کي 17 منٽن لاءِ مخاطب ٿيو ته موجود ماڻهن جي اڪثريت يا آمريڪين جي، نه هُن جو نالو ٻڌو ھو نه ھُن کان واقف ھئا. ڪنهن ٿي ڄاتو ته ھي ڇهن فوٽن جو سنهڙو سيپڪڙو ، ڪارو آمريڪي، اڳتي ھلي آمريڪا ملڪ جو پهريون اقليتي صدر ٿيندو. اها سن 2000ع واري ميڙاڪي جي ئي ته ڳالهه آهي جڏهن کيس ھال ۾ اندر اچڻ لاءِ ٽڪيٽ به نه ملي ھئي ۽ ٻاهران ڪنهن سراءِ تي ويهي جلسو ڏسي شڪاگو روانو ٿيو هئو. ان ڳالهه سندس دل کي اھڙو جهنجهوڙيو جو هن ڀيري وري رياست الينوواءِ مان سينيٽر چونڊجي اچي مھمان خاص طور اهم خطاب فرمايائين. اوباما جي انهيءِ خطاب کانپوءِ سياست کي سمجهندڙن، صحافين ۽ ڪيترن ئي دانشورن ڄاڻي ورتو ھو، ته ھيءُ سينيٽر آمريڪا جون ايندڙ صدارتي چونڊون وڙهندو. اوباما جڏهن اھي لفظ اُچاريا، ”ڪوئي روشن خيال آمريڪا ناھي، ڪوئي قدامت پسند آمريڪا ناهي؛ ھي صرف گڏيل آمريڪا آھي …. نه ڪارو آمريڪا آهي، نه اڇو آمريڪا آهي، نه ايشيائي آمريڪا آهي ۽ نه وري ڪو هسپانوي آمريڪا آھي؛ ھي صرف ۽ صرف گڏيل آمريڪا آھي“، ته هال ۾ موجود هزارين ماڻهو جهومي پيا ۽ زوردار تاڙين ۾ ”اوباما اوباما“ جا نعرا گونجڻ لڳا، تڏهن سوين صحافين سان گڏ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جا جھونا اڳواڻ به هُن جا پار پتا پڇڻ لڳا.
    2004ع کانپوءِ آهستي آهستي اھي ڳالهيون منظرعام تي اچڻ لڳيون ته باراڪ اوباما ايندڙ چونڊن ۾ صدارتي اميدوار ھوندو. ڪنهن کي پڪ ئي نه ٿي آئي ته ڪو ڪاري نسل جو ماڻهو آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ پنهنجي پارٽيءَ جون پرائمري صدارتي چونڊون کٽي ۽ پوءِ صدارتي چونڊن جي ملهه مارڻ لاءِ سندرو ٻڌي بيٺو آھي. چونڊ مهم دوران ھن جي تقرير ۽ ڳالهائڻ جو ماڻهن کي، خاص طور تي نوجوانن کي ڏاڍو وڻيو. ڇاڪاڻ ته جڏهن باراڪ اوباما ڳالهائيو ٿي ته ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ بيٿوون يا موزارٽ جي سمفني وڄندي هجي؛ ڪڏهن لڳو ٿي ته مايا اينجلو يا والٽ وٽمين جي شاعري پڙهندو هجي؛ ۽ وري ڪڏهن لڳو ٿي ته ڄڻ مارٽن لوٿر ڪنگ يا کاٻي ڌر جو ڪو نئون اڳواڻ ڪو نئون نظريو پيش ڪندو ھجي. ھُن جي اندازِ بيان ٻڌندڙن تي انتها جو اثر ٿي ڇڏيو؛ اهو ئي سبب آهي جو صدارت جي آخري ڏھاڙن ۾ به هن جي مقبوليت 61 سيڪڙو کان وڌيڪ ھئي، جيڪا گذريل ڪيتري عرصي کان تمام گهٽ آمريڪي صدرن کي نصيب ٿي آهي.
    آمريڪا جي چوئيتاليهين صدر باراڪ حسين اوباما جو پيءُ باراڪ اوباما ڪينيا مان پڙهڻ سانگي آمريڪا جي رياست ھوائيءَ ۾ آيو ھو، جتي سندس دوستي هڪ اڇي آمريڪي عورت اسٽينلي اين درهم سان ٿئي، جنهن سان بعد ۾ هُن شادي جا ٻنڌڻ ٻڌا. صدر اوباما جي ڏاڏي جو نالو حسين اونيانگو اوباما هو، جيڪو جواني اچڻ کان اڳ انگريزي سکي چڪو هو ۽ باورچي رهڻ بعد پهرين عالمي جنگ جي زماني ۾ آفريڪي بادشاهي بندوقين جي ٽولي ۾ ملازمت اختيار ڪئي ھئي. باراڪ اوباما وڏي، پي ايڇ ڊي ڪرڻ بعد ٻن سالن جي پٽ باراڪ حُسين اوباما ۽ گهر واريءَ کي ڇڏي واپس ڪينيا ھليو ويو. پيءُ جا پرڪار ۽ حسب نسب بابت معلومات حاصل ڪرڻ خاطر، نوجوان اوباما 1987ع ۾ ڪينيا جي سفر تي نڪري پيو. سياست ۾ اچڻ کان ٿورو اڳ، 1995ع ۾ باراڪ حسين اوباما پنهنجي خانداني حسب نسب، ڪينيا جي سفر ۽ ھارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙھائيءَ دوران يادگيريُن بابت سال جو بهترين ڪتاب لکي ۽ ڇپائي ورتو، جنهن جو ٻيو ڇاپو وري 2004ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ھو. باراڪ اوباما جو هيءُ هڪ بهترين ڪتاب ليکيو وڃي ٿو، جيڪو نوجوانن کي اُتساهي ٿو ۽ ڏکئي وقت ۾ ھار يا آڻ نه مڃي مقابلو ڪري ڪامياب ٿيڻ جو ڏس ڏئي ٿو. ڪنهن سوچيو به نه هوندو ته صرف ٽيهه پنجٽيهه سال پهرين مارٽن لوٿر ڪنگ انساني حقن جي جدوجهد ڪندي ماريو وڃي ٿو، ۽ ھُن جي اڻپورن خوابن جي ساڀيان لاءَ باراڪ اوباما ميدان ۾ لهي وڏي ڪاميابيءَ سان آمريڪا جي صدارتي منزل ماڻي ٿو. ان وقت جڏهن آمريڪا جي جهنگ جهر ۽ واھڻ وستين ۾ اڃان ڪاري ۽ غلام نسل جي ماڻهن خلاف نفرت باھ جيان ڀڙڪيل ھئي، برابري ته پري اڃان کين غلامن جو اولاد سمجهيو ٿي ويو ۽ ڪيترن هنڌن تي خراب ورتاءُ اختيار ڪيو وڃي ٿو. اھڙي ڏکئي وقت ۾ جڏهن لوڪ وھيو ٿي لنهوارو، اوباما اوچو وھي اوڀار؛ ڪاميابي ۽ انساني عظمت جا نوان ۽ اعلى مثال قائم ڪري، دنيا جي عظيم طاقت آمريڪا جو چوئيتاليهون صدر چونڊجي اچي ٿو.
    چونڊيل صدر باراڪ حسين اوباما، 04 نومبر 2008ع تي اڱاري ڏھاڙي شڪاگو شهر جي گرانٽ باغ ۾ هڪ تاريخي ميڙاڪي کي مخاطب ٿي پنهنجي ڪاميابيءَ جي تقرير ڪئي. شڪاگو جي برفاني ٿڌ ۾ ماڻهن جو ڄڻ سمنڊ اٿلي پيو هجي، جن ۾ وڏي اڪثريت نوجوانن جي هئي، جيڪي رنگ نسل ۽ مذهبي متڀيد کان مٿانهان ٿي اوباما جي طلسماتي محبت ۾ اچي پهتا هئا. چونڊيل صدر اوباما تقرير جي شروعات هنن لفظن سان ڪئي ته، ”جن کي اڃان شڪ آهي ته آمريڪا هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي هر شيءَ ممڪن آهي، جن کي اڃان وهم آهي ته ملڪ ٺاهيندڙ وڏڙن جي خوابن جي ساڀيان اسان جي موجوده وقت ۾ ممڪن آهي، جيڪي اڃان جمهوريت تي سوال اٿارين ٿا؛ انهن سڀن لاءِ اڄوڪي رات هڪ مثالي جواب آھي“، ۽ پوءِ ته صرف تاڙيون ۽ ”اوباما اوباما“ جا نعرا هئا. جنهن کان پوءِ صدر اوباما، ايندڙ اٺن سالن لاءِ ڪڏهن پوئتي ورائي ڪونه ڏٺو.
    آمريڪا تاريخ جي بدترين معاشي ۽ اقتصادي بحران مان گذري رهيو هو. جارج بش انتظاميه افغانستان ۽ عراق سان جنگيون وڙھي، ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو ھو. صدر اوباما کي اقتدار ملڻ وقت، مجموعي ملڪي اُپت جي سالياني واڌ، ڪاٽو 0.8 سيڪڙو ھئي، جيڪا سندس سموري حڪمراني دور دوران، واڌو 2 سيڪڙو رھي. صدر اوباما ملڪي معيشت کي مضبوط بنائڻ، روزگار جا نوان موقعا مهيا ڪرڻ، فوجي خرچ گهٽائڻ ۽ جنگيون بند ڪري پنهنجون فوجون واپس گهراِئڻ جهڙا نه فقط اعلان ڪيا پر انهن تي عمل به ڪري ڏيکاريو. صدر باراڪ اوباما جي صدارت هيٺ ڪجهه خاص ۽ اهم حاصلات ھيٺ ڏجن ٿا:
    1. جارج بش جي 2009ع واري بجيٽ جو خسارو 1.4 کرب ڊالر ھو، جيڪو سندس سموري بجيٽ جو 47.4 سيڪڙو يعني ڪڻي گهٽ اڌ برابر ھو، جڏهن ته صدر اوباما جي 2015ع واري بجيٽ جو خسارو 438 ارب ڊالر ھو، جيڪو بجيٽ جو 12.5 سيڪڙو ھو. جنهن مان اوھان اوباما دؤر جي اقتصادي ۽ معاشي ترقيءَ جي جهلڪ ڏسي يا اندازو لڳائي سگهو ٿا.
    2. گهريلو صنعت تباھ ٿي چڪي ھئي، نه ماڻهن ۾ گهرن وٺڻ جي طاقت ھئي ۽ نه وري ٺھرائڻ جي. اھا آمريڪا جي تاريخ جي بدترين گهريلو صنعت جي تباهي هئي. صدر اوباما بهتر انتظامي تدبيرن ذريعي گهريلو صنعت کي تباھيءَ ۽ خساري مان ڪڍي پنهنجن پيرن تي بيهاريو.
    3. صدر اوباما پنهنجي دؤر ۾ صحت جو نئون قانون منظور ڪرايو، جنهن سبب مجموعي طور تي 20 ملين ماڻهن کي صحت پاليسي ملي، جيڪي پهريان غربت سبب صحت پاليسي جي ماهوار قسط برداشت ڪري نه پئي سگهيا.
    4. جڏهن صدر اوباما اقتدار سنڀاليو ته بيروزگاري چوٽ چڙهيل هئي. هن جي دور ۾ بيروزگاري 10 سيڪڙو مان گهٽجي 4.7 سيڪڙو رهي.
    5. صدر اوباما شاگردن لاءِ قرض منطوريءَ جون سهولتون وڌائڻ سان گڏ وياج گهٽايو ۽ قرض معاف ڪرڻ جهڙا نوان منصوبا شروع ڪيا.
    6. صدر اوباما عراقي جنگ جي خاتمي سان گڏ اوساما بن لادن ۽ سندس ٽولي جو خاتمو آندو.
    7. بش دور جون انساني ايذاءَ واريون حڪمت عمليون ختم ڪيون.
    8. صدر اوبامادنيا ۾ امن آڻڻ ڪاڻ سياسي سفارتڪاري ۽ دنيا جي ماڻهن ۾ تعاون لاءِ غير معمولي ڪوششون ڪيون، جنهن جي مڃتا طور 2009ع ۾ کيس امن جو نوبل انعام مليو.
    صدر اوباما کي جتي ڪيترن ئي ڪوششن ۾ ڪاميابي ملي، اتي کوڙ ڳالهين ۾ ناڪامي به نصيب ٿي، جيئن هُو پنهنجي چونڊ مهم دوران ڪيل واعدي مطابق ڪيوبا ڀرسان گُوانتامو ڪناري قائم جيل بند ڪري نه سگهيو، جتي 11/9 جا دهشتگرد قيد آهن. اهڙين ڪجهه ناڪامين جي باوجود هن نه فقط آمريڪا جي عام ماڻهوءَ کي پر دنيا جي ماڻهن کي ”اميد“ ڏني ۽ ”ها اسين ڪري سگهون ٿا“ جو نئون ۽ عمل جوڳو نعرو ڏنو. باراڪ اوباما پنهنجي وني مشعل اوباما ۽ ڌيئرن مَليئا ۽ ساشا سان ٻن هفتن جي تفريح تان موٽي واشنگٽن جي عام زندگيءَ ڏانهن واپس وريو آهي. باراڪ اوباما تمام جلد پنهنجو نئون ڪتاب لکڻ شروع ڪندو ۽ ساڻ ئي عالمي جهنگلي جيوت جي مرڪزي دفتر ۾ ڪم ڪرڻ جو ارادو اٿس. سندس سمورو حڪمراني وارو دؤر ڪنهن به پئسي پائيءَ واري، واپاري، سفارشي يا جنسي خواريءَ کان پاڪ صاف رھيو.
    اٺن سالن جي پاڪ ۽ صاف صدارتي عوامي نوڪري کان پوءَ، ساڳي وري نوڪري.

    (12 فيبروري 2017ع)


    ڊونالڊ ٽرمپ تڪراري اعلانن کان اڳ ۽ پوءِ....!!

    صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي صدارت ھيٺ آمريڪي حڪومت کي ذري گهٽ اچي ٻه مهينا ٿيا آهن، پر لڳي ائين ٿو ڄڻ سندس صدارت کي ڪيئي مهينا گذري چڪا هجن، ڇاڪاڻ ته هن جي ڪجهه صدارتي حڪم نامن، بغير ثبوتن جي الزامن، بي تُڪي ڳالهين ۽ مچايل گهمسان؛ نه فقط آمريڪا پر سموري دنيا ۾ اُڻ تُڻ، بي چيني ۽ غير يقينيءَ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي. جيڪي اعلى اخلاقي قدر آمريڪا جي سياستدانن ۽ خاص طور تي آمريڪي صدر جو مثالي پيمانو ھجن ٿا، تن سڀني ماڻهپي وارن ماپن جو ڊونالڊ ٽرمپ ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي. اڄوڪي ڪالم ۾ پاڻ، صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاران ڪيل غير آئيني صدارتي حڪم نامن، بغير ثبوتن جي الزامن ۽ بي تُڪين ڳالهين جو جائزو وٺون ٿا.

    صدارتي حڪم نامو
    صدر ڊونالڊ ٽرمپ، پنهنجي صدارتي چونڊ مھم دوران آمريڪي نسل پرستيءَ کي اڀارڻ لاءِ مسلمانن، ھسپانوي ۽ ھتان جي ڪارن باشندن خلاف زھر اوڳاڇيندو رھيو ھو؛ موٽ ۾ بنيادپرست اڇن آمريڪين هن جي ڀرپور حمايت ڪندي، هڪ غير سنجيده واپاري ۽ اداڪار کي 306 چونڊ ووٽن سان تاريخي ڪاميابي ڏياري، آمريڪا جو پنجيتاليهون صدر چونڊيو. صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي ڪيل واعدن، ڏنل نسل پرست نعرن ۽ پيش ڪيل بي تُڪن منصوبن کي عملي شڪل ڏيندي 27 جنوريءَ تي ستن اڪثريتي مسلمان ملڪن جي ماڻهن تي 90 ڏينهن لاءِ ملڪ ۾ داخلا تي پابندي هنئين. انهن ملڪن ۾ ايران، عراق، شام، صوماليا، سوڊان، يمن ۽ لبيا شامل هئا. ان صدارتي حڪم نامي نه فقط آمريڪا پر سموري دنيا جي ماڻهن ۾ ڪاوڙ ۽ غصي جي لهر اُڀاري، جنهن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهن ڊونالڊ ٽرمپ خلاف جلسا جلوس ڪڍيا. روشن خيال ڇاپي ۽ رابطي جي ادارن سخت موقف اختيار ڪيو ته جي پابندي هڻڻي ئي هئي ته پوءِ سعودي عرب جو نالو ڇو ڪونه شامل ڪيو ويو، جو 11/9 جي دهشتگرديءَ واري واقعي ۾ تقريباً سمورا دهشتگرد سعودي شهري هئا؟ ٻئي طرف سوال اٿاريو ويو ته عراق جا ماڻهو آمريڪي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي داعش خلاف وڙهي رهيا آهن، تن تي پابندي ڪيئن ٿي مڙهي سگهجي؟ جيئن ئي صدر صاحب حڪم نامو صحي ڪيو، وڏن شهرن جي سمورن وڏن ھوائي اڏن تي آمريڪي عوام جا ھزارن جي تعداد ۾ ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ پابندي مڙهيل ملڪن جي شهرين جي حمايت ۾ نعرا هڻندي راتين جون راتيون احتجاج ڪندا رھيا. وڪيلن جا ٽولا اچي هوائي اڏن تي ويهي رهيا ۽ پابندي مڙهيل ملڪن کان ايندڙ ماڻهن جي قانوني مدد ڪندا رهيا. ٻئي پاسي ڪجهه وڪيلن وڃي ڪورٽ سڳوريءَ جو ڪڙو کڙڪايو، جنهن دير ئي نه ڪئي ۽ ھڪ ئي ڌڪ سان صدر صاحب جو حڪم نامو غير قانوني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو.
    اھو ھر ملڪ جو بنيادي حق ۽ ذميواري آھي ته ھو پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي تحفظ لاءِ جوڳا قدم کڻي ۽ حفاظتي اُپاءَ وٺي. بلڪل صدر کي اھڙا اختيار ھجڻُ گهرجن، جن جي استعمال سان هُو ملڪي سلامتي ۽ عوام جي حفاظت کي يقيني بڻائي سگهي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ وٽ به اھڙا اختيار آهن جن جو استعمال ھو آسانيءَ سان ڪري پئي سگهيو، پر آمريڪا جو آئين اھا اجازت نه ٿو ڏئي ته ڪوئي ڪنهن کي مذهب، رنگ يا نسل جي بنياد تي نشانو بڻائي؛ پوءِ اھو صدر ڇو نه ھجي. صدر ٽرمپ بغير ڪِن بنيادي ثبوتن جي اُنهن ستن ملڪن جي سڀني ماڻهن کي ملڪ لاءِ خطرو قرار ڏيئي، سفري پابندي مڙھي، ۽ اھوئي سبب هو جو ڪورٽ سڳوريءَ ان صدارتي حڪم نامي کي هڪ ئي ڌڪ سان ڌوڙ ڪري ڇڏيو. صدر ٽرمپ تپي ٽامو ٿي پيو ۽ باھ وچان ججن کي به گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو، اڃان وڌيڪ باھ تڏهن لڳس جڏهن 8 فيبروري 2017ع تي وفاقي ڪورٽ جي ٽن ججن جي ڪميٽيءَ ان اپيل کي به رد ڪري ڇڏيو، جيڪا حڪومت طرفان صدارتي حڪم نامي کي درست ثابت ڪرڻ لاءِ داخل ڪرائي ويئي هئي. ڪورٽ سڳوريءَ جي ان فيصلي سان لکين ماڻهن جي منهن تي مرڪ موٽي آئي؛ روشن خيال ڇاپي ۽ رابطي جي ادارن کي سرهائي ٿي.

    بغير ثبوتن جي الزام
    ڊونالڊ ٽرمپ هونئن ته پنهنجي مهم دوران ڪيترا ئي ڀيرا اهي دانهون ۽ ڪوڪون ڪندو رھيو ته صدارتي چونڊن ۾ وڏي پيماني تي ڌانڌلي ٿيندي ۽ لکن جي تعداد ۾ ڪوڙا ووٽ ڏنا ويندا. ٻين کي ته ڇڏيو، اها ڳالھه خود ڪيترن ئي جهونن ريپبلڪ پارٽيءَ جي اڳواڻن کان به ھضم نه پئي ٿي. تعجب جي ڳالھه اها آهي ته صدارتي چونڊون کٽڻ جي باوجود، ڊونالڊ ٽرمپ وري ساڳيا الزام ورجايا ته چونڊن ۾ تمام وڏي پيماني تي ڌانڌلي ٿي آھي، نه ته وڌيڪ کنيل ٽيهه لک ووٽ هيلري ڪلنٽن جا نه پر سندس هجن ھا. جڏهن ڇاپي ۽ رابطي جي ادارن جي صحافين صدر ٽرمپ ۽ هن جي ويجهن ساٿين کان انهيءَ الزام جا ثبوت گهريا ته هنن اهو چئي ڳالھه ٽاري ڇڏي ته جاچ ڪرائي ويندي، جنهن ۾ سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ويندو. اھا جاچ نه ڪالهه ٿيڻي ھئي نه اڄ پئي ٿِئي. دراصل ڊونالڊ ٽرمپ کان اھا ڳالهه برداشت نه پئي ٿي ته ھارائڻ جي باوجود هيلري ڪلنٽن هن کان ٽيهه لک اڪثريتي ووٽ وڌيڪ ڪيئن کنيا؛ تنهن ڪري ھن بغير ڪنهن ثبوت جي ڪڏهن ڌانڌليءَ جا ته وري ڪڏهن ڪوڙن ووٽن جا الزام پئي هنيا.
    صدر ڊونالڊ ٽرمپ، ڇنڇر 4 مارچ تي ٽويٽ ذريعي اڳوڻي صدر باراڪ اوباما تي ھيٺيون نئون الزام هنيو:
    Trump: "Terrible! Just found out that Obama had my 'wires tapped' in Trump Tower just before the victory. Nothing found. This is McCarthyism!"
    ٽرمپ: ”ڀيانڪ، ھينئر معلوم ٿيو آھي ته منهنجي کٽڻ کان پهرين ٽرمپ ٽاور مان، اوباما منهنجا ڳجهي نموني آواز (ٽيليفون) ڀريندو هو. ڪجهه به نه ملين. هيءُ مِڪارٿي ازم آهي.“
    Trump: "How low has President Obama gone to tap my phones during the very sacred election process? This is Nixon/Watergate. Bad (or sick) guy,"
    ٽرمپ: ”اوباما ڪيڏو ته نيچ ثابت ٿيو آهي جو پاڪ صاف چونڊن دوران فون تي منهنجين ڳالهين جي جاسوسي ڪرائي اٿائين. هيءُ ڄڻ نڪسن واري واٽرگيٽ خواري آهي. هو ڪيڏو ڪريل ماڻهو آهي.“
    هي شايد تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هوندو جو ڪنهن موجوده صدر، بغير ڪنهن ثبوت يا ثبوتن جي گذريل صدر تي ڪو ڪِريل يا جاسوسيءَ جو الزام هنيو هجي. سو به ٽويٽر ذريعي! وري عجب ڳالهه اها ته الزام هڻڻ بعد ڊونالڊ ٽرمپ يا هن جي ڪنهن عملدار پريس اڳيان اچي ڪو ثبوت يا وضاحت به پيش ناهي ڪئي. بس، ڪانوَ کي لُڙ ۾ مزو! جيئن مون پنهنجن اڳئين ڪالمن ۾ ذڪر ڪيو آھي ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي ڪِردار ۽ گُفتار ۾ هڪ تڪراري شخص رهيو آهي؛ هن جي تڪراري شخصيت هئڻ باوجود هن کي واپار ۾ ڪاميابيون مليون ۽ آمريڪا جهڙي ملڪ جو صدر چونڊجي چڪو آهي. سو هُن مان هاڻي اھا اميد ڪرڻ ته هو ڪو تبديل ٿي پنهنجي ڪردار جي سختيءَ کي ختم ۽ گفتار ۾ نرمي پيدا ڪندو، سو ممڪن ڪونهي! يا گهٽ ۾ گهٽ مون کي نظر ڪونه ٿو اچي….! صدر صاحب ھر ٽئين چوٿين مهيني اھڙا شوشا پيو ڇڏيندو ۽ هن جي اھا به ڪوشش هوندي ته ھو ھميشه اخبارن، ڇاپي ۽ رابطي جي ادارن جَي سُرخين جي زينت رهي.

    بي تڪيون ڳالهيون
    چونڊ مهم دوران، ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجن پيش ڪيل صحت، غير قانوني رهائشين جي ملڪ نيڪالي، پناهگيرن جي روڪٿام، داعش خلاف جنگ، پگهاردارن ۽ واپار تي محصولن جي شرح ۽ معاشي ترقيءَ سميت ڪنهن به منصوبي جي ڪابه واضح رٿا بندي يا انگ اکر پيش نه ڪيا، ۽ نه وري صدارت سنڀالڻ کان پوءِ هيترو سارو وقت گذرڻ باوجود اڃان تائين پيش ڪيا آهن. صدر صاحب کي جڏهن خيال اچي ٿو ته بس هڪ اڌ ٽوئيٽ ڪريو ڇڏي، جنهن سان بجاءِ سندس حڪومت ۽ هن جي ساٿين جي ڪنهن مدد جي؛ نقصان وڌيڪ رسي ٿو. جيئن ٻه چار هفتا پهرين صدر ٽرمپ تقرير ڪندي چيو هو ته هن جي صحت پاليسي اوباما جي صحت پاليسي کان تمام گهڻو بهتر هوندي. هن جي صحت پاليسي آمريڪا جي سڀني رهاڪن کي ملندي ۽ سڀ کان بهتر ته ماهوار قسط به گهٽ هوندي. هينئر جڏهن صدر ٽرمپ جي صحت پاليسي ٻن ڪاميٽين کان منظور ٿي عوام آڏو آئي آهي ته معلوم ٿئي ٿو ته پاليسي هن جي دعويٰ موجب سڀني لاءِ ناهي ۽ ماهوار قسط به وڌيڪ هوندي. سو صدر صاحب جون دعوائون، ڄڻ بي تُڪيون ڳالهيون!! جيئن صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ميڪسيڪو ملڪ جي سرحد سان ڊگهي ڀت بغير ڪنهن انتظار جي بس اڄ کان ٿي ٺهي، ۽ ڀت جي ٺهڻ جو خرچ به ميڪسيڪو ملڪ ڀريندو! ڇا جي ڀت، ڇا جو ميڪسيڪو ملڪ خرچ ڀريندو!؟ رهندو ميڪسيڪو ملڪ جي صدر اينريڪ نائيتو پنهنجو اڳواٽ رٿيل دورو به منسوخ ڪري ڇڏيو. سو صدر صاحب جون دعوائون، ڄڻ بي تُڪيون ڳالهيون!! گذريل ٻن ھفتن کان ڪانگريس جي جاچ ڪميٽيءَ روس بابت چونڊ مهم ۾، صدر ٽرمپ جي ساٿين کي سوڙهو ڪيو آهي؛ توڙي جو جاچ ڪميٽيءَ ۾ ڊيموڪريٽس سان گڏ صدر صاحب جي پنهنجي پارٽيءَ جا ميمبر به موجود آهن. جڏهن ڇاپي ۽ رابطي جي ادارن، صدر جي ويجهي ساٿي ۽ اٽارني جنرل جيف سيشنس بابت اهو انڪشاف ڪيو ته هو چونڊ مهم دوران روسي سفارتڪار سان مليو هو، جنهن جو هن پڪي ٿيڻ وقت ڪانگريس ڪميٽي اڳيان انڪار ڪيو هو ته صدر جي پنهنجي پارٽيءَ جي ميمبرن به هن کان ان ڳالهه جي وضاحت گهري! جيف سيشنس اٽارني جنرل تي ايترو ته دٻاءُ پيو جو هن مجبورن روس خلاف ڪمپيوٽرن وسيلي ڄاڻ چوريءَ جي جاچ کان پاڻ کي الڳ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي اها ڳالهه بلڪل نه وڻي ۽ ھُن انهيءِ ڳالهه تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ صدر اوباما تي فون ڀرڻ جو بغير ڪنهن ثبوت جي الزام هنيو، نه فقط اھو، پر هن پنهنجن ساٿين تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته هو جيف سيشنس جي بچاءَ ۾ ناڪام ويا آهن. آمريڪا جا اڪثر ڇاپي ۽ رابطن جا ادارا انهيءَ ڳالهه تي پريشان آهن ته اهڙي صدر کي ڪيئن مُنھن ڏجي، جنهن کي جيڪو وڻي ٿو بغير ڪنهن ثبوت ۽ وضاحت جي وڏي اعتماد ۽ اطمينان سان چيو ڇڏي، مزي جي ڳالهه ته ھو وري اڪثر اخبارن ۽ رابطي جي ادارن کي ڪوڙو ٿو سڏي…! آمريڪا جي ويجهي تاريخ ۾ هنن کي اھڙو ڪو صدر ڪونه مليو آهي، جنهن پنهنجا واپاري محصول نه جمع ڪرايا ھُجن نه ظاھر ڪيا هجن! ڪردار ۽ گفتار جي اڃان ٻي ڳالهه آ…..!!
    باقي هڪ ڳالهه واضح پئي نظر اچي ته روس لاءِ ڏينهون ڏينهن وڃي پيو ماحول خلاف ٿيندو، ۽ چونڊن کان پهرين جيئن نطر پئي آيو ته جي ڊونالڊ ٽرمپ کٽي ويو ته روس سان بهتر لاڳاپن لاءِ هُو راهه هموار ڪندو. لاڳاپا ته پنهنجي جاءِ تي رهيا، هينئر ته صدر ٽرمپ جا اهي ساٿي به عتاب هيٺ آهن، جيڪي سڌو يا اڻ سڌو ڪنهن روسي سفارتڪار يا ڪنهن ذميوار سان رابطي ۾ رهيا؛ جيئن قومي سلامتيءَ جي صلاحڪار لاءِ اعلانيل مائيڪل فِلن کي پنهنجي عهدي تان ھٿ کڻڻو پيو. ڪانگريس ڪميٽيءَ جي چونڊن ۾ روسي مداخلت جي باري ۾ ھلندڙ جاچ تمام گهڻي اھميت لائق آهي! هينئر وڃي معاملو اتي بيٺو آهي ته ڏسجي ته ڊونالڊ ٽرمپ جا پنهنجا، هن جي ويجهي ساٿين جا، يا هن جي چونڊ مهم سان لاڳاپيل ماڻهن جا روسي سفارتڪارن يا جاسوسن سان ڪيتري قدر ويجها تعلقات هئا ۽ ڇا انهن جي ڪري صدارتي چونڊ نتيجن تي ڪو اثر ٿيو آهي!؟ ان سلسلي ۾ ايندڙ ڪجهه هفتا وڏي اھميت وارا آهن.

    (19 مارچ 2017ع)


    واپاري صدر کي سياسي جهٽڪا...!

    جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا. اميد ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي پنهنجي حڪومت جي پهرين اڍائي مهينن اندر خبر پئجي وئي هوندي ته پنهنجو ذاتي ڪاروبار هلائڻ ۽ آمريڪا جهڙي سپر پاور ملڪ جي حڪومت هلائڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي! ڪڏهن ڪنهن صدر خواب ۾ به نه سوچيو هوندو ته ڪانگريس، سينيٽ توڙي وائيٽ هائوس تي مڪمل اڪثريت هوندي به پهرين تيار ڪيل مسودي تي شڪست کائبي! صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم دوران بار بار عوام کي اهو باور ڪرايو ته هو اچڻ سان باراڪ اوباما جي صحت بل کي ختم ڪري نئون بل آڻيندو. هُن پنهنجي واعدي مطابق ڪوشش به ڪئي پر چوندا آھن ته تڪڙي ڪُتي انڌا گُلر ڄڻي! صدر ڊونالڊ ٽرمپ اڃان روسي مسئلي مان نڪتو ئي ناهي ته مٿان هن صحت جي تيار ڪيل مسودي تي شڪست، سندس مٿو ڦيري ڇڏيو هوندو!
    گذريل صدر باراڪ حسين اوباما 2010ع ۾ صحت جو مسودو منظور ڪرايو، جنهن جي منظور ٿيڻ سان تقريبن 22 ملين وڌيڪ ماڻهن کي صحت جون سهولتون مليون؛ انهن جو خرچ وفاقي ۽ رياستي حڪومتن پئي برداشت ڪيو. پهرين ڏينهن کان بنياد پرست ۽ ريپبلڪن پارٽيءَ جي اڪثر ميمبرن اُن مسودي جي مخالفت ڪئي. ريپبلڪن پارٽيءَ جا ميمبر اها دعويٰ ڪندا رهيا ته اسان اوباما جي ان صحت مسودي کي پهرين ڌڪ ۾ ختم ڪري نئون مسودو آڻينداسين! ساڳي ڳالھه ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم دوران چوندو رهيو ۽ اهو بنيادپرست ۽ ريپبلڪن پارٽيءَ جو مشهور نعرو بڻجي ويو: ” اوباما جي صحت مسودي کي ختم ڪري نئون بل آڻبو.“ بلڪِ ڊونالڊ ٽرمپ اها به دعويٰ ڪندو رهيو ته صحت جو سندس مسود وڌيڪ ماڻهن کي سستي اگهه تي صحت جون سهولتون مهيا ڪندو! نعرا ۽ ٻٽاڪون پنهنجي جاءِ تي، ريپبلڪن پارٽيءَ وارن کان ايترو به نه پهتو جو باراڪ اوباما جي ڏنل صحت پاليسيءَ جي جواب ۾ ستن سالن دوران پنهنجي مرضيءِ جو، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪو مسودو تيار ڪن ها، جنهن تي سندن ئي پارٽيءَ جا نمائندا حمايت ڪن ها.
    صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو صحت مسودو، اسپيڪر پال رائن پاران 24 مارچ تي منظوريءَ لاءِ پيش ڪرڻو هو؛ عجيب اتفاق آهي ته اهو صحت مسودو پيش ٿيڻ کان پهرين پنهنجي موت پاڻ مري ويو. چوڻ وارا چون ۽ لکڻ وارا لکن ٿا ته اهو صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو صدارت ملڻ بعد پهريون امتحان هو، جنهن ۾ هو ناڪام ويو. هن وقت ڪل 435 ميمبرن جي ايوان مان 235 ريپبلڪن پارٽيءَ جا ميمبر آهن ۽ صحت واري مسودي جي منظوريءَ لاءِ 215 ووٽ گهربل هئا. جيڪڏهن فرض ڪجي ته 193 ڊيموڪريٽڪ پارٽي ميمبرن مان هڪ به مسودي جي حمايت ۾ ووٽ نه ڪري ها ته به ريپبلڪن پارٽيءَ جي اسپيڪر پال رائن وٽ پنهنجا ايترا ووٽ هئا، جو هو سولائيءَ سان مسودو منظور ڪرائي پئي سگهيو! پر ائين ٿيو نه.... ڇاڪاڻ جو ٽرمپ انتظاميا ۽ اسپيڪر پال رائن کي سڌ پئجي وئي هئي ته سندن ئي پارٽيءَ جا ٽيهارو کن ميمبر صحت واري مسودي تي متفق ناهن، تنهن ڪري ووٽ ڪونه ڏيندا. صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ اسپيڪر پال رائن انهن ميمبرن کي گهڻا ئي ايلاز منٿون ڪيا، پر انهن ميمبرن مسودي ۾ ڪجهه اهم تبديليون چاهيون، جيڪي آخري وقت ۾ ممڪن نه هيون. صدر ڊونالڊ ٽرمپ، حسبِ عادت ڌونس ڌمڪي تي به لهي آيو، پر انهن ميمبرن هن جي هڪ به نه ٻڌي. مجبور ٿي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ اسپيڪر پال رائن، صحت واري مسودو ڪانگريس اڳيان منظوريءَ لاءِ پيش ڪرڻ تان هٿ کڻي ويا. ڏسجي ته ڳالھه سمجهڻ کان ڏکي آهي ته ريپبلڪن پارٽيءَ جا ٽيهارو کن ميمبر، پنهنجي پارٽيءَ جي صدر ۽ اسپيڪر طرفان پيش ڪيل مسودي جي خلاف ڇو هئا؛ هنن جي ڪري صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي وڏي واڪي دعوائن وارو صحت مسودو پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. جنهن سبب صدر کي پهرين وڏي ناڪامي ۽ خواري کي منهن ڏيڻو پيو.
    دراصل آمريڪا جا سينيٽ يا ڪانگريس جا نمائندا ڀليءَ ڀت اهو سمجهن ٿا ته ملڪ جو صدر اچڻو وڃڻو آهي، چار سال يا ٻيهر چونڊيو ويو ته وڌ ۾ وڌ اٺ سال؛ پر هو ته تاحيات مدي لاءِ نمائندا رهن ٿا، جيستائين مٿن عوام جو اعتماد رهي ٿو ۽ هُو کين چونڊي اعلى ايوانن ۾ موڪلين ٿا، جيئن ڪجهه ميمبر گذريل ٽيهن پنجٽيهن سالن کان عوام طرفان وري وري چونڊيل نمائندا ٿيندا پيا اچن. رياست مشيگن جو جان ڊِنگيل ساڍن ستونجاھه سالن لاءِ ڪانگريس جو چونڊيل ميمبر هو، ته وري رياست ورمانٽ جو پيٽرڪ ليهي اٺٽيھه سالن کان سينيٽر چونڊبو پيو اچي. اهي عوامي نمائندا جڏهن به ڪنهن مسودي کي منظور يا نامنظور ڪرڻ لاءِ صحي ڪن ٿا ته سئو ڀيرا سوچين ٿا، ڇاڪاڻ ته ان مسودي جي ڪاميابي يا ناڪامي سموري عرصي لاءِ سندن پيڇو ڪندي رهي ٿي. وري ٻيهر اچون پيا صحت واري مسودي تي. هتان جو اڇو آمريڪي عوام ، خاص طور تي بنياد پرست ۽ ريپبلڪن پارٽيءَ جا ميمبر ان حق ۾ ناهن ته انهن ماڻهن کي به صحت جون مفت سهولتون ملن، جيڪي ڪم ڪار ڪونه ٿا ڪن، روزگار سان ناهن ۽ تنهن ڪري سرڪار کي محصول ڪونه ٿا ڏين. گذريل صدر اوباما، اهڙن ماڻهن کي مفت صحت سهولتون مهيا ڪيون، جن ۾ اڪثريت ڪارن ۽ هسپانوي باشندن جي آهي ۽ جنهن ڳالهه اڪثر آمريڪين کي چيڙائي وڌو؛ ۽ هو چاهين پيا ته اوباما طرفان منظور ڪيل صحت مسودي کي هٽائي نئون مسودو آندو وڃي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته سندس صحت مسودو ايندڙ ڏهن سالن ۾ 337 بلين ڊالر بچائيندو ۽ سڀني کي سستي اگھه تي صحت جون سهولتون ملنديون، جيڪو ممڪن نه هو. مٿان وري ڪانگريس بجيٽ آفيس پنهنجي رپورٽ به مسودي جي خلاف ڏيندي ٻڌايو ته نئين صحت منصوبي تي خرچ وڌيڪ ايندو ۽ سهولتون گهٽ ماڻهن کي ملنديون. صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو منصوبو اهو هو ته صحت کاتي جا پئسا بچائي عوام کي محصولن ۾ ڪجهه ڇوٽ ڏبي، سو في الحال لڳي ائين پيو ته سندس ٻئي مسودا رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن. سو پاڻ کي ڪاروباري لهه وچڙ ۾ دنيا جو ڪامياب ترين واپاري سمجهندڙ ۽ دعويٰ ڪندڙ في الوقت سياسي محاذ تي ناڪامين جي منهن ۾ آهي.

    ٽرمپ جو روسي مسئلو
    روزاني ”عوامي آواز“ جي 19 مارچ 2017ع جي سنڊي مئگزين ۾ ڇپيل ڪالم ۾ مون لکيو هو ته، ” هينئر وڃي معاملو اتي بيٺو آهي ته ڏسجي ته ڊونالڊ ٽرمپ جا پنهنجا، هن جي ويجهي ساٿين جا، يا هن جي چونڊ مهم سان لاڳاپيل ماڻهن جا روسي سفارتڪارن يا جاسوسن سان ڪيتري قدر ويجها تعلقات هئا ۽ ڇا انهن جي ڪري صدارتي چونڊ نتيجن تي ڪو اثر ٿيو آهي!؟ ان سلسلي ۾ ايندڙ ڪجهه هفتا وڏي اھميت وارا آهن.“ سو گذريل ٻن اڍائي هفتن کان معاملو وڃي پيو چٽو ٿيندو ۽ ڪجهه ماڻهن لاءِ دلچسپ ته وري ڪجهه ماڻهن لاءِ خطرناڪ!. ڪجهه ماڻهو ته وري وڏي واڪي دعويٰ پيا ڪن ته ٽرمپ جي چونڊ مهم جي ساٿين هيلري ڪلنٽن کي هارائڻ لاءِ روسي مدد ورتي. هتان جي کوڙ سارن ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن لکڻ شروع ڪيو آهي ته، ”ٽرمپ جو روسي مسئلو.“ هينئر ڳالھه صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جي ساٿين سنگتين کان اڳتي نڪري وڃي سندس خاندان تائين پهتي آهي، جو ڪانگريس انٽيليجنس ڪميٽيءَ سندس ناٺي جيريڊ ڪوشنر کي ڪميٽيءَ اڳيان پيش ٿي ڪجهه سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ سَڏ يو آهي.
    هوڏانهن وري ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن، ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ وارن ۽ ڪجهه جهونن ريپبلڪ پارٽيءَ جي اڳواڻن ان ڳالهه تي ايڏو ته زور بار وڌو جو قومي سلامتيءَ جي صلاحڪار مائيڪل فِلن کي 24 ڏينهن اندر استعيفيٰ ڏيڻي پئي ۽ جيف سيشنس اٽارني جنرل مجبورن روس خلاف ڪمپيوٽرن وسيلي ڄاڻ چوريءَ جي جاچ کان پاڻ کي الڳ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. يقينن اهو زور بار خواهه مخواهه يا هوا جي آڌار ناهي؛ ضرور ڪا ڳالھه هوندي، ڪي ثبوت يا نشان هوندا، تڏهن ته آمريڪا جي قومي سلامتيءَ جهڙي وڏي اداري جو صلاحڪار (جيڪو رٽائرڊ جنرل به آهي)؛ بغير ڪنهن چون چان جي استعيفى ڏئي وڃي گهر ويٺو. پر ايڏي سولي جان ڪٿان ٿي ڇٽي!؟ اوهان کي ياد ڏياريندو هلان ته هي ساڳيو رٽائرڊ جنرل مائيڪل فِلن آهي، جنهن 20 جولاءِ تي ريپبلڪن پارٽيءَ جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي هيلري ڪلنٽن کي قومي سلامتيءَ لاءِ نقصانڪار ۽ خطرناڪ سڏيندي، کيس صلاح ڏني ته صدارتي چونڊن تان هٿ کڻي وڃي ۽ هن جي ڳالھه ٻُڌي ھال ۾ موجود ماڻهن نعرا پئي هنيا ته ، ”هيلريءَ کي ٻڌو، هيلريءَ کي ٻڌو.“ جنرل فلن به چيو ” هيلريءَ کي ٻڌو.“ قدرت جو قانون ۽ مڪافاتِ عمل ته ڏسو جو هينئر ساڳئي رٽائرڊ جنرل مائيڪل فِلن پنهنجي وڪيل جي ذريعي آڇ ڪئي آهي ته جاچ ڪندڙ ڪانگريس ڪميٽيءَ کي معافيءَ جي بدلي ۾ سڀُ ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار آهي، ۽ دلچسپ ڳالھه اها آهي ته جاچ ڪميٽيءَ سندس آڇ رد ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته جاچ ڪميٽيءَ وٽ اهڙا ته ڪي پڪا پختا ثبوت موجود آهن، جو هو ڪنهن جي آڇ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي روس واري معاملي ۾ لڳي ائين ٿو ته ڪونه ڪو جلد يا دير جيل جو منهن ضرور ڏسندو. بس اها ڪجهه وقت جي ڳالھه آهي. جيئن مون گذريل ڪالم ۾ ذڪر ڪيو هو ته، ”ڪانگريس ڪميٽيءَ جي چونڊن ۾ روسي مداخلت جي باري ۾ ھلندڙ جاچ تمام گهڻي اھميت لائق آهي! هينئر وڃي معاملو اتي بيٺو آهي ته ڏسجي ته ڊونالڊ ٽرمپ جا پنهنجا، هن جي ويجهي ساٿين جا، يا هن جي چونڊ مهم سان لاڳاپيل ماڻهن جا روسي سفارتڪارن يا جاسوسن سان ڪيتري قدر ويجها تعلقات هئا ۽ ڇا انهن جي ڪري صدارتي چونڊ نتيجن تي ڪو اثر ٿيو آهي!؟ ان سلسلي ۾ ايندڙ ڪجهه هفتا وڏي اھميت وارا آهن.“ صدر ڊونالڊ ٽرمپ لاءِ روسي مسئلو وڃي پيو منجهندو ۽ سندس اقتداري ايوانن لاءِ خراب ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هاڻي هڪ يا ٻه نه پر صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي اٺن ويجهن ساٿين خلاف جاچ هلي رهي آهي، جنهن ۾ سندس نياڻي جيريڊ ڪوشنر جو نالو به شامل آهي، جو هن تي الزام آهي ته هو هڪ سرڪاري روسي بئنڪ جي سربراھ سان مليو آهي . ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن جي چونڊن ۾ روسي مداخلت ۽ جاچ تان توجهه هٽائي ڪنهن ٻئي پاسي ڪرڻ لاءِ ڪو ٻيو نه پر صدر صاحب پاڻ وقت به وقت برقي نياپا ۽ نوان ناٽڪ ڪندو رهيو آهي. شروع ۾ ته ماڻهن هن جي نياپن ۽ ناٽڪن تي توجهه ڏني پر پوءِ ڳالهه گهڻن گھڻ گُهرن کي سمجھه ۾ اچي وئي، سواءِ ڪجهه بنياد پرست ۽ ڪُند ذهن ماڻهن جي. اهوئي سبب آهي جو تازن ڪرايل اندازن ۽ ماپن موجب سندس سٺي شهرت گهٽبي اچي 17 سيڪڙو تي پهتي آهي.
    صدر ڊونالڊ ٽرمپ اقربا پروريءَ جا نوان مثال پيو جوڙي، اھڙا مثال آمريڪا جي ويجهي اقتداري سياست ۾ نظر نه ٿا اچن. هن جي صدارت کان پهرين ويجهن دوستن، دوستن جي دوستن ۽ اولاد يا عزيزن کي نوازڻ جو اهڙو مثال نه ٿو ملي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڌيءَ اِوانڪا ٽرمپ کي سرڪاري عهدو ”صدر جي ٻانهن ٻيلي“ ۽ هن جي مڙس جيريڊ ڪوشنر کي ”تجربيڪار صلاحڪار“ جو عهدو ڏنو آهي. توڙي جو هو ٻئي ان ڳالهه کان انڪار ٿا ڪن ته سندن سرڪاري عهدا هنن جي واپاري فائدن لاءِ آهن، پر چوڻ وارا چون ٿا ته هو ٻئي پاڻ کي ان ڳالهه کان الڳ ڪري نه ٿا سگهن، جنهن ڪري صدر خلاف مفادن جي ٽڪراءَ وارو ڪيس ٿي سگهي ٿو. نه فقط اهو بلڪِه جيريڊ ڪوشنر ريپبلڪ پارٽيءَ جي گهڻن اڳواڻن ۽ وزيرن کان اڳڀرو ٿي، ڪيترن ئي معاملن ۾ ڄنگهه اڙائي، پنهنجي اھميت ڄاڻائي آهي، جيئن ٻاهرين ملڪن جي سربراهن سان آمريڪي صدر جي ملاقاتن ۾ هن جي موجودگيءَ کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ اهو چيو پيو وڃي ته جيريڊ ڪوشنر جي موجودگي واسطا وڌائڻ لاءِ آهي، ته جيئن هو ڪي واپاري فائدا وٺي سگهي.
    صدر ڊونالڊ ٽرمپ، سندس ويجها دوست ۽ عزيز؛ صحت واري مسودي جي سياسي ناڪامي ۽ جهٽڪي مان ته ڪجهه وقت ۾ ڌڪ پچائي نڪري ويندا، البته روسي مسئلي مان آسانيءَ سان نڪرڻ نظر ڪونه پيو اچي. لڳي ائين پيو ته سندس ڪجهه ساٿين کي سزا ضرور ايندي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ماڻهو جيل حوالي ٿين. بهرحال آمريڪا جي اندروني سياسي صورتحال وڃي پئي پيچيده ۽ دلچسپ ٿيندي، هينئر محسوس ائين پيو ٿئي ته سياسي صورتحال، واپاري صدر کان ڄڻ ته هٿن جي آڱرين مان واريءَ جيان ڇڻندي پئي وڃي.

    (09 اپريل 2017ع)


    ٽرمپ سرڪار جا 100 ڏينهنَ

    ڪانوَ کي ڪان ڪان ۾ مزو، ۽ صدر ٽرمپ کي ٽان ٽان ۾. جڏهن کان صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي صدارتي عھدي تي برجمان ٿيو آهي، تڏهن کان نه فقط آمريڪا بلڪِ سموري دنيا ۾ افراتفري، گهمسان، ڏڦيڙ، انتشار ۽ بدنظمي وڏي پيماني تي وڌي ويا آهن. اھا به حقيقت آهي ته دنيا جي ڪجهه ملڪن ۾ ٽرمپ جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ به افراتفري ۽ انتشار موجود ھو، ته ساڳي وقت اھو به سچ آهي ته صدر ٽرمپ انهن ملڪن اندر بجاءِ ڪو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي، وتي پيو ٻانگون ڏيندو، ڌماڪا ڪندو ۽ ڦٽاڪا ھڻندو!
    چيو ٿو وڃي ته هن جي ٿورڙي ئي اقتداري مدي ۾، اهم ملڪن جي سربراهن ۽ جاسوسي ادارن وچ ۾ بي اعتمادي وڌي آهي. ھيڏانهن وري پنهنجي ملڪ آمريڪا ۾ اھڙي ته افراتفري ڦهلائي ڇڏي اٿائين جو دنيا جا تمام وڏا ۽ پراڻا ڇاپي ۽ برقي رابطن جا ادارا حيران ۽ پريشان آهن ته هن ماڻهوءَ کي ڪجي ته ڪجي ڇا، منهن ڏجي ته ڪيئن ڏجي؛ جو هو نه فقط منهن تي پيو ٿو ڪوڙ ڳالهائي پر اُن ماڻهوءَ کي به ماري ويو آهي، جيڪو درياھ جي پرينءَ ڀَرِ بيهي گاريون ڏئي. چوندا آهن جيڏا وات، تيڏيون ڳالهيون! چوڻ وارا چون ٿا، لکڻ وارا لکن ٿا ته هي همراهه اڄ نه ويو ته سڀان ضرور ويندو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻندو. هي صدر ٽرمپ جي صدارت نه ڄڻ پاڪستان ۾ نواز شريف جي حڪومت ھجي جو روز پيون نيون نيون اڳڪٿيون ٿين!
    اچو ته ٽرمپ سرڪار جي پهرين سئو ڏينهن جي حڪومتي ڪارڪردگيءَ جو ڪجهه مختصرن جائزو وٺون.

    سيلي ييٽس کي هٽائڻ
    صدر ڊونالڊ ٽرمپ 31 جنوريءَ تي عارضي اٽارني جنرل سيلي ييٽس کي اھو چئي هٽائي ڇڏيو ته ھوءَ وائيٽ ھائوس سان وفادار ناهي رهي. دراصل عارضي اٽارني جنرل سيلي ييٽس ان صدارتي حڪم نامي کي مڃڻ کان انڪار ڪيو، جيڪو صدر ٽرمپ ستن ملڪن جي باشندن تي پابندي مڙهيندي جاري ڪيو هو، ته اهي آمريڪا ۾ داخل نه ٿا ٿي سگهن. سيلي ييٽس موجب اهو صدارتي حڪم نامو غير قانوني ۽ غير آئيني آهي، تنهنڪري هن هڪ خط وسيلي سڀن رياستن جي سرڪاري وڪيلن کي تنبيهه ڪئي ته ان تي ڪو به عمل نه ڪري. ظاهر آهي ته اها پهرين بغاوت صدر ٽرمپ کان ڪٿي پئي برداشت ٿئي! پر حقيقت ۾ سيلي ييٽس جي ڳالهه درست ثابت ٿي، جو ڪورٽ سڳوريءَ هڪ ئي ڌڪ ۾ صدارتي حڪم نامي کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، ۽ وري اهو حڪم نامو اپيل ۾ به رد ٿي ويو.

    صدارتي حڪم نامو
    صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي صدارتي چونڊ مھم دوران جيڪي ڪوڙا سچا واعدا ڪيا، تن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ صدر ٽرمپ پنهنجي حڪومت جي پهرين ڏينهن ۾ ئي ڪجهه صدارتي حڪم ناما جاري ڪيا، اها ٻي ڳالهه آهي ته هن جي هڪ حڪم نامي کي ڪورٽ سڳوريءَ ۽ صحت واري منصوبي کي پيش ٿيڻ کان اڳ، ڪانگريس رد ڪري ڇڏيو. دراصل صدر ٽرمپ 27 جنوريءَ تي ايران، عراق، شام، صوماليا، سوڊان، يمن ۽ لبيا جي ملڪن جي شهرين تي 90 ڏينهن لاءِ آمريڪا ۾ داخلا تي پابندي هنئين. ان پابنديءَ واري صدارتي حڪم نامي سان بنياد پرست آمريڪي ته ڏاڍو خوش ٿيا، باقي دنيا تپي باھ ٿي ويئي! ان صدارتي حڪم نامي جي جاري ٿيڻ تي آمريڪا سميت سموري دنيا ۾ ڊونالڊ ٽرمپ خلاف جلسا جلوس نڪتا. صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي صدارتي حڪم نامي جي ڪورٽ طرفان رد ڪرڻ تي تمام گهڻو ناراض ٿيو ۽ جج صاحبن کي گهٽ وڌ ڳالهايائين جنهن جو مثال آمريڪي سياست ۾ گهٽ ٿو ملي.

    صحت پاليسيءَ جو مسودو پيش نه ڪرڻ
    صدارتي چونڊ مهم دوران صدر ٽرمپ جو ٻيو اهم واعدو هو ته اوباما طرفان ڏنل صحت پاليسي رد ڪري، اُن کان بهتر پاليسي ڏيندو، جيڪا سستي ۽ سڀن آمريڪي شهرين لاءِ عام ھوندي. ڇاڪاڻ ته سندس، يا هن جي ڪنهن ڪميٽيءَ طرفان صحت لاءِ ڪو تفصيلي منصوبو ٺهيل نه هو. تنهنڪري هائوس آف ريپريزينٽيٽو جي اسپيڪر پال رائن ۽ سندس ريپبلڪن ساٿي، صحت پاليسيءَ جو مسودو پيش ڪرڻ کان اڳ ھٿ کڻي ويا، ڇاڪاڻ ته کين مسودي جي ناڪاميءَ جي پڪ هئي! اھا ٻي ڳالهه آهي ته اعلان مطابق صحت پاليسيءَ جو منصوبو ڪانگريس ۾ پيش نه ڪرڻ کي ھتان جي ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن وڏي شڪست قرار ڏنو.

    چونڊن ۾ روسي مداخلت
    صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي پهرين سئو ڏينهن ۾ هڪ ڳالهه واضح ٿي ويئي آھي ته هتان جا جاسوسي ادارا ۽ ڪانگريس ڪاميٽي، صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت کي سنجيدگيءَ سان وٺي جاچ کي اڳتي وڌائن پيا، جيڪا ڳالهه صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ سندس ويجهن ساٿين کي ڏکي ٿي لڳي ۽ هو ان مان جان ڇڏائڻ لاءِ هڪ پٺيان ٻي غلطي ڪندا پيا اچن. دلچسپ ڳالھه اها آهي ته جڏهن به روسي مداخلت جي جاچ لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن ۾ اچي ٿي يا جاچ ۾ تيزي اچي ٿي ته ڪو ٻيو نه پر صدر ٽرمپ پاڻ ڪو اڻوقتائتو ٽوئيٽ ڪري يا شوشو ڇوڙي، توجھه ھٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڏسڻ ۾ ائين به آيو آهي ته ھن بين الاقوامي طور تي به ڪو انتشار يا افراتفري پيدا ڪري عام ماڻهن جو ڌيان ھٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، نه فقط ايترو پر صدر صاحب پنهنجي ۽ پنهنجي ساٿين جي جاچ مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪجهه اهم ماڻهن کي نوڪرين تان ھٽائڻ ۾ به دير ناهي ڪئي جنهن جو مثال آمريڪا جي ويجهي تاريخ ۾ نه ٿو ملي.

    غير قانوني ڌاري آبادڪاري
    صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي اچڻ سان هتي غير قانوني ترسيل ماڻهن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. خاص طور تي هسپانوي آبادي ۾، جن جو 55 سيڪڙو رياست فلوريڊا، ٽيڪساس ۽ ڪيليفورنيا ۾ قانوني يا غير قانوني طور تي ترسيل آهي. ڏسڻ ۾ آيو ته هزارن جي تعداد ۾ هسپانوي باشندا واپس پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن روانا ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته چونڊ مهم دوران ڊونالڊ ٽرمپ اعلانَ ڪندو رهيو هو ته جي هو کٽي اچي ٿو ته سڀني غيرقانوني باشندن کي يا ته ٻڌندو يا ملڪ نيڪالي ڏيندو. سندس حڪومت جي پهرين سئو ڏينهن ۾ ويزا پاليسي سخت ٿي آھي ۽ اڃان به هو قانوني طور تي ايندڙ ھنرمند ماڻهن جي ويزا پاليسي ڏکي ڪرڻ ڏانهن پيا وڃن.
    ٻئي پاسي غير محسوس طريقي سان اميگريشن ۽ ڪسٽمس انفورسمينٽ اداري، صدر ٽرمپ جي پهرين سئو ڏهاڙن ۾ 41 ھزار غير قانوني باشندن کي گرفتار ڪري رکيو آهي يا پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس اُماڻيو ويو آهي، ٽرمپ سرڪار جو موقف آهي ته اهي گرفتار غير قانوني باشندا مختلف ڏوهن ۾ ملوث رهيا آهن.

    شام تي ميزائيل ۽ افغانستان تي بم حملا
    جمع، 7 اپريل تي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي حڪم موجب، شام جي هڪ هوائي اڏي تي 59 ٽام هاڪ ڪروز ميزائيل هنيا ويا. آمريڪي انتظاميا ڄاڻايو آهي ته صدر بشارالاسد جي فوجي جهازن انهيءَ هوائي اڏي کي استعمال ڪندي پنهنجن شهرن مٿان ڪيميائي حملو ڪيو، جنهن ۾ ٻارڙن سميت ڪيئي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. جاڏي ڪاڏي واھ واھ ٿي ويئي ۽ سڀن سمجهيو ۽ چيو ته بشارالاسد اڄ ٿو وڃي يا سڀان! وري ڊگهي خاموشي.... ڇاڪاڻ ته روسي صدر پيوٽن جو نئون اتحادي صدر ٽرمپ ڪٿي چاهيندو ته بشارالاسد جي حڪومت ختم ٿئي.
    13 اپريل تي آمريڪا، تورا بورا افغانستان تي دنيا جو سڀني کان وڏو بم (جنهن کي ”بمن جي ماءُ“ چيو وڃي ٿو)؛ ڪيرايو ۽ ان جي نتيجي ۾ داعش جا 36 دھشتگرد مارجي ويا. جيڪي تو ڏٺا نه مون. وري به جاڏي ڪاڏي واھ واھ ٿي ويئي، ڪجهه ڏينهن لاءِ ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن جي توجھه صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت جي جاچ تان ھٽي ويئي؛ خبرن، ڪالمن ۽ تبصرن ۾ رڳو جنگ جون ڳالهيون پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آيون. صدر ڊونالڊ ٽرمپ وڏي واڪي اعلان ڪيو ته بم منهنجي حڪم سان ڪيرايو ويو ۽ داعش خلاف انتهائي قدم لازمي آهي! عجيب ڳالهه آهي ته داعش خلاف نه ڪا وڌيڪ جنگ يا ويڙھ ۽ نه ڪي ميزائيل يا جهازي حملا، وري ڊگهي خاموشي!

    صدر ٽرمپ جي اتر ڪوريا کي ڌمڪين کانپوءِ خوشامند
    اتر ڪوريا هميشه آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن لاءِ مٿي جو سور رهيو آهي، ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ. 2016ع ۾ اتر ڪوريا دنيا ۾ پهريون نمبر ملڪ قرار ڏنو ويو، جيڪو پنهنجي جي.ڊي.پي جو وڌ ۾ وڌ حصو فوج ۽ هٿيارن تي خرچ ڪري ٿو. اتر ڪوريا جو ميزائيل پروگرام آمريڪا ۽ سندس اتحادين لاءِ وڏو خطرو رهيو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيئن ئي ڊونالڊ ٽرمپ اقتدار سنڀاليو آهي، تيئن ئي اتر ڪوريا جي صدر ڪم جونگ اُن ميزائيل تجربن تي زور ڏنو آهي. هيڏانهن صدر ڊونالڊ ٽرمپ جون ڌمڪيون آهن، هوڏانهن جواب ۾ اتر ڪوريا جو ميزائيل مٿان ميزائيل جو تجربو آهي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجن تقريرن ۽ ٽوئيٽ ذريعي صدر ڪم جونگ اُن کي جنگجو ۽ ظالم قرار ڏنو ۽ دنيا کي هن خلاف متحد ٿيڻ جو سڏ ڏنو.
    ڪجهه ئي هفتن کانپوءِ صدر ٽرمپ وري ٽوئيٽ ذريعي پنهنجو موقف بدلائيندي چيو ته اتر ڪوريا جو صدر تمام هوشيار ماڻهو آ، ڇاڪاڻ ته هن جو ڏکين ماڻهن سان واسطو آهي، پنهنجي پيءُ جي مرڻ کانپوءِ هن کان پنهنجي چاچي سميت ڪيترن ئي ماڻهن اقتدار ڦرڻ چاهيو پر هو ڪاميابيءَ سان اقتدار سنڀاليو ويٺو آهي. نتيجو ساڳيو، ڪجهه ڏينهن لاءِ ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن جو ڌيان روس خلاف هلندڙ جاچ تان هٽي ويو ۽ اتر ڪوريا جي ميزائيل تجربن ۽ صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ڦرندڙ گهرندڙ موقف تي تبصرا ٿيڻ لڳا.

    صدر ٽرمپ جو ويجهو ساٿي ڏچي ۾
    رٽائرڊ جنرل مائيڪل فِلن، جيڪو فقط 23 ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ قومي حفاظتي اداري جو صلاحڪار رهيو جو کيس روسي ساز باز جي الزام سبب عهدي تان هٽايو ويو، تنهن 30 مارچ تي پنهنجي وڪيل جي معرفت ڪانگريس ڪميٽيءَ کي آڇ ڪئي ته هو معافيءَ جي بدلي ۾ ڪميٽيءَ اڳيان پيش ٿي بيان ڏيڻ لاءِ تيار آهي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ سندس بيان جي حمايت ڪندي چيو ته جنرل مائيڪل فِلن تمام سٺو ماڻهو آهي تنهنڪري سندس آڇ قبول ڪئي وڃي. سڀن کي ٻنهي بيانن جو تعجب ٿيو ۽ ان معاملي ۾ اڃان به دلچسپي وڌي، پر ڪانگريس جاچ ڪميٽيءَ صدر جي چوڻ باوجود مائيڪل فِلن جي آڇ رد ڪندي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. هوڏانهن آمريڪي سينيٽ جي انٽيليجينس ڪميٽيءَ پاران روس جي صدارتي چونڊن ۾ مداخلت بابت جاچ هلندڙ آهي، هن ڪميٽيءَ کي به اختيار آهن ته مائيڪل فِلن سميت ڪنهن کي به حاضريءَ لاءِ گهرائي سگهي ۽ لڳي ائين پيو ته سينيٽ جي انٽيليجينس ڪميٽي اڄ نه ته سڀان مائيڪل فِلن کي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏيندي.
    آمريڪا جي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي صدارت جا خيرن سان سئو ڏينهن اچي پورا ٿيا آهن، هُن اڃان صدارتي عهدي ۽ اعلى اقتدار جو مزو يا کڻي چئجي ته هني مون ئي نه ملهايو آهي ته چؤطرف جي مسئلن ۾ منجهي پيو آهي. هڪ ڳالھه پهرين ڏينهن کان واضح آهي ته ڪو ٻيو نه، پر هو پاڻ پنهنجي اقتدار جو دشمن آهي. هن ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن، ۽ بي مقصد ۽ بيڪار قدم کنيا آهن، جن جو مثال آمريڪا جي ويجهي تاريخ ۾ نه ٿو ملي؛ نتيجن سندس صدارت ۽ اقتدار مظبوط ٿيڻ بجاءِ لوڏن لمن ۾ آهي.

    (21 مئي 2017ع)


      صدر ٽرمپ سگهاري اداري جي ڊائريڪٽر ڪوميءَ کي ڇو هٽايو؟

    اڄ ڪلهه هتان جون اخبارون پڙهجن يا ٽيليويزن تي خبرون ڏسجن ٿيون ته ائين پيو لڳي ڄڻ ٽين دنيا جي ڪنهن ملڪ جا حال احوال پڙهون يا ڏسون پيا. آمريڪا جي واپاري صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي صدارت جي صرف چئن مهينن ۾ ملڪ جي جمهوري، سياسي، قانوني، آئيني ۽ خابرو ادارن کي اهڙو ته ڪاپاري ڌڪ هنيون آهي، جو آمريڪا جهڙو معتبر ملڪ به ڪنهن ٽين دنيا جي اڻ سڌريل ملڪ جو ڏس يا ڏيک ڏئي ٿو. ھينئر ان ڳالھه ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش ئي ناهي رهي ته گذريل صدارتي چونڊن ۾ ڪا روسي مداخلت نه ٿي هُئي. دراصل هينئراهم سوال اهو آهي ته صدارتي چونڊن ۾ ٿيل روسي مداخلت ۽ ساز باز ڪيتري قدر چونڊن تي اثر انداز ٿي. يا ان مداخلت ۽ ساز باز ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا آمريڪي شهري، واپاري ۽ سياستدان شامل هئا. صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ هن جا ساٿي جاچ کان بچڻ يا ان کي روڪڻ لاءِ غلطين مٿان غلطيون ڪندا پيا رهن. ڪجهه سياستدانن ۽ سينيٽرن اها دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪي جمهوريت لاءِ وڏو خطرو ۽ آمريڪي آئين لاءِ ھاڃيڪار آهي. اڄ جي هن ڪالم ۾ صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي انهن غلطين جو ذڪر ۽ تجزيو ڪريون ٿا، جن سبب صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي عوامي حمايت گهٽجي وڃي40 سيڪڙو تي پهتي آهي. هتان جي ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن تي تمام وڏا بحث مباحثا هلي رهيا آهن ۽ آمريڪي سياست ۾ هڪ وڏو ڌم چڪر ۽ طوفان نظر اچي ٿو.

    جيمس ڪومي ڊائريڪٽر ايف بي آءِ کي ھٽائڻ
    اڱاري 9 مئي تي صدر ڊونالڊ ٽرمپ هڪ خط ذريعي ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽرجيمس ڪوميءَ کي نوڪريءَ تان ھٽائڻ جو حڪم جاري ڪيو، اُن ڏينهن هو رياست ڪئليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾ پنهنجي اداري جي ڪجهه آفيسرن کي خطاب ڪري رھيو ھو. ملڪ جي اهم ۽ تمام سگهاري اداري جي سربراھ جڏهن اها خبر پنهنجن آفيسرن سان گڏ ٽيليويزن تي ڏٺي ته ڀانئيائين ته ڪو ساڻس مذاق ڪيو پيو وڃي. اھا حرڪت (يا کڻي چئجي جرئت) صرف ڊونالڊ ٽرمپ ئي ڪري سگهي ٿو ته اوڀر جي سمنڊ ڪناري ويهي، اولھه جي سمنڊ ڪناري ڏانهن ويل پنهنجي ايڏي وڏي اداري جي سربراھ کي اھڙي بيهودي طريقي سان ھٽائي ڇڏي. آئيني طور تي ملڪ جي صدر کي ڊائريڪٽر ايف بي آءِ جو عهدو ڀرڻو هوندو آهي ۽ سينيٽ ڪميٽي اُن کي پڪو ڪندي آهي. جنهن جو مدو ڏھ سال هجي ٿو، جڏهن ته صدر کي اختيار حاصل آهن ته هو ايف بي آءِ جي سربراھ کي ڪن ٺوس سببن سبب ھٽائي سگهي ٿو. ايف بي آءِ جي سربراھ جيمس ڪومي کي صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاران ھٽائڻ جي خبرهڪ بم ڌماڪي کان گهٽ نه ھئي جو اڃان چند هفتا پهرين صدر ٽرمپ، ايف بي آءِ جي سربراھ جيمس ڪوميءَ جي تعريف ڪندي نه پئي ٿڪيو، ايتري قدر جو هڪ اجلاس کانپوءِ صدر صاحب جيمس ڪوميءَ کي سڏ ڪري، پنهنجون ٻانهون ڦهلايون ۽ هن کي ڀاڪر ڀَري، سڀن کي محسوس ڪرايو ته هو هن کي ڪيڏو ويجهو آهي؛ جيڪا ڳالھه جيمس ڪوميءَ کي ڪونه وڻي هئي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ايف بي آءِ جي سربراھ جيمس ڪوميءَ کي اهڙي وقت تي هٽائڻ (جڏهن هو گذريل صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت تي جاچ ڪري رھيو هو، جنهن ۾ صدر ڊونالڊ ٽرمپ جا ويجها ساٿي ۽ ڪنهن حد تائين صدر پاڻ به ان جاچ جو حصو ٿي پئي سگهيو) سوين سوالن کي جنم ڏيئي ٿي ۽ هن وقت تائين صدر ڊونالڊ ٽرمپ يا وائيٽ هائوس ايف بي آءِ جي سربراھ جيمس ڪوميءَ کي هٽائڻ جو ڪو اطمينان بخش بهانو يا عُذر پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن.
    ايف بي آءِ جي سربراھ جيمس ڪوميءَ کي ھٽائڻ جي سلسلي ۾ ڪيترا ئي حڪومتي موقف سامهون آيا. وائيٽ هائوس جي ترجمان ۽ آمريڪا جي وائس پريزيڊنٽ مائيڪ پينس مطابق مسٽر ڪوميءَ کي ڊپٽي اٽارني جنرل جي لکيل تجويزي خط جي روشنيءَ ۾ هٽايو ويو، جنهن سان هتان جي ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن سخت اختلاف رکيو آهي. وائس پريذيڊنٽ جي بيان جي ابتڙ، ٻن ڏينهن اندر صدر ڊونالڊ ٽرمپ انٽرويو ڏيندي چيو ته مون ئي جيمس ڪوميءَ کي هٽايو آهي ۽ مون کي ائين ئي ڪرڻو هو ڇو ته مان ان جو فيصلو جنوري مهيني ۾ ڪري چڪو هوس. ڇا جو ڊپٽي اٽارني جنرل جو خط، يا ڇا جا وائيس پريذيڊنٽ ۽ وائيٽ هائوس جي ترجمان جا بيان، صدر صاحب جڏهن چاهي پنهنجن ئي ساٿين کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ ۾ ڪائي دير نه ٿو ڪري !
    اهو اتفاق چئجي يا صدر ٽرمپ جي منصوبابندي جو هڪ ڏينهن روس خلاف جاچ جي سربراھ جيمس ڪوميءَ کي ھٽايو ٿو وڃي، ۽ ٻئي ڏهاڙي تي وائيٽ هائوس ۾ روس جي ئي پرڏيهي وزير سرگي لاروف ۽ متضاد روسي سفير سرگي ڪزليڪ جو وڏي اھتمام سان بغير ڪنهن آمريڪي صحافيءَ جي موجودگيءَ جي استقبال ڪيو ٿو وڃي!؟ ڄڻ محسوس ائين پئي ٿيو ته صدر ٽرمپ روسين کي راضي ۽ خوش ڪرڻ لاءِ جيمس ڪوميءَ کي هٽائي، هنن سان ويٺي ٽھڪ پئي ڏنا! نه فقط ايترو پر هتان جي اخبارن ۽ رابطي جي ادارن خبرون ڏنيون آهن ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ ان گڏجاڻيءَ ۾ اسرائيل ۽ برطانيا طرفان ڏنل ايران ۽ داعش جي متعلق انتهائي ڳجهي ڄاڻ روسي وفد سان ونڊ ڪئي، جنهن تي اسرائيل ۽ برطانيا چڙيل آهن ۽ هنن واضح ڪيو آهي ته جي آمريڪا جو روس طرف اهڙو جهڪاءُ رهي ٿو ته آئنده هو اهڙي ڪابه ڳجهي ڄاڻ يا معلومات آمريڪا کي نه ڏيندا جو اهڙي ڄاڻ يا معلومات گڏ ڪرڻ تي سندن لکين ڊالر خرچ اچي ٿو ۽ ڪيترن ئي جاسوسي ادارن جي ملازمن جي جانين کي خطري ۾ وجهي ڳجهي ڄاڻ يا معلومات گڏُ ڪجي ٿي. اعتبار نه ٿو اچي ته صدر صاحب ڪو اهڙو ڪم به ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته وائيٽ هائوس اهڙين خبرن جي ترديد يا تصديق ناهي ڪئي، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي.
    صدر ڊونالڊ ٽرمپ 31 جنوريءَ تي، سيلي ييٽس عارضي اٽارني جنرل کي اھو چئي هٽايو ته ھوءَ وائيٽ ھائوس سان وفادار ناهي رهي. کيس ڦٻي ويو ۽ هن جي جرئت ۽ دل وڌي ويئي، هن سمجهيو ته ايف بي آءِ جي سربراھ جيمس ڪوميءَ کي به هٽائڻ ڪا وڏي ڳالھه نه ھوندي جو ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ وارا هونئن به هن جي خلاف آهن، ڇاڪاڻ ته هن صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن جي خلاف برقي ٽپال واري خواريءَ جي ٻيهر جاچ جو اعلان ڪري کيس ڪاپاري ڌڪ هنيون هو. شايد صدر ٽرمپ کي اهو ذهن ۾ نه رهيو ته ايف بي آءِ جو سربراھ جيمس ڪومي سندس ساٿين خلاف صدارتي چونڊ مهم دوران روس سان ساز باز جي اهم جاچ جي سربراهي ڪري رهيو آهي؛ يا وري هُن ان ڳالھه جي پرواهه ئي نه ڪئي ۽ جيمس ڪوميءَ کي بغير ڪنهن وظاحتي موقعو ڏيڻ جي هڪ ئي ڌڪ سان گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو. اها خبر نه فقط صدر ٽرمپ جي حامين پر عام آمريڪين لاءِ به ڪنهن بم گولي کان گهٽ نه هئي!
    اڱاري 16 مئي تي جڳ مشهور اخبار ”نيويارڪ ٽائيمس“ هڪ وڏي ڌماڪيدار خبر شايع ڪئي ته صدر ٽرمپ، ايف بي آءِ جي سربراھ جيمس ڪوميءَ کي چيو ته هو قومي تحفظ جي اداري جي اڳوڻي صلاحڪار مائيڪل فلن خلاف هلندڙ جاچ بند ڪري. اھا ڳالهه صدر ٽرمپ هُن کي پنهنجي اوول آفيس ۾ هڪ گڏجاڻيءَ کان پوءِ فيبروري مهيني ڌاري چئي. اخبار موجب، ٻن عيني شاھدن موجب (جن هڪ يادنامو پڙهيو آهي) مسٽر ڪوميءَ اهو يادنامو هڪ دم اچي لکيو، ڇاڪاڻ ته اهو هڪ اهم معاملو هو ۽ مسٽر ڪوميءَ کي اها ڳالھ بلڪل نه وڻي جو هن سمجهيو ته اها صدر طرفان هلندڙ هڪ اهم جاچ ۾ مداخلت آهي. نه فقط ايترو پر مسٽر ڪوميءَ اهو يادنامو پنهنجن ڪجهه اعلى ۽ ويجهن عملدارن کي به ڏيکاريو. چيو وڃي ٿو ته مسٽر ڪوميءَ هڪ کان وڌيڪ، اهڙي قسم جا يادناما، مختلف وقتن تي لکيا، جيڪي هاڻي سرڪاري امانت آهن. هن خبر ڄڻ ملڪ ۾ ممڻ مچائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته سڀن اخبارن ۽ برقي رابطي جي ادارن (جن کي صدر ٽرمپ سدائين ڪوڙو سڏيندو رهيو آهي) پنهنجن تبصرن ۾ چيو ۽ لکيو ته اها سڌي سنئين انصاف جي فراهميءَ ۾ مداخلت آهي، وڌيڪ اهو ته ڇاڪاڻ ته مسٽر ڪومي صدر ٽرمپ جو چيو نه مڃيو، تنهن ڪري کيس هٽايو ويو. ڳالهه ڪجهه به هجي ڏسڻ ۾ اهو پيو اچي ته مسٽر جيمس ڪوميءَ جي عزت ۽ قد ڪاٺ ۾ اظافو ٿيو آهي ۽ صدر ٽرمپ جي عوامي حمايت ۾ ڪمي آئي آهي.
    گذريل هفتي، جمع 19 مئي تي اخبار ”نيويارڪ ٽائيمس“ هڪ ٻي ڌماڪيدار خبر شايع ڪئي ته صدر ٽرمپ اووَل آفيس ۾ روسي وزيرِخارجا ۽ سندس ساٿين سان گفتگو ڪندي چيو ته، ”ايف بي آءِ جي سربراھ جيمس ڪوميءَ کي هٽائڻ ڪري سندس سر تان وڏو بار لٿو آهي.“ اخبار ”نيويارڪ ٽائيمس“ لکيو: ”بس مون ايف بي آءِ جو سربراھ کي هٽايو. هو چريو هو، هو سچ پچ چريو هو.“ ”نيويارڪ ٽائيمس“ کي هڪ آمريڪي عهديدار معلومات ڏني جنهن اُن ميٽنگ جي ڪاروائيءَ جو يادنامو پڙهندي اخبار کي صدر ٽرمپ جي زباني ٻڌايو ته: ”روس جي ڪري مون تي تمام وڏو دٻاءُ هو، جيڪو هلڪو ٿيو آهي.“ صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته:” مون تي ڪابه جاچ نه هلي رهي آهي.“واپاري صدر کي ان ڳالھه جو اندازو ئي نه رھيو ته هو هاڻي ڪو واپاري ناهي رھيو پر آمريڪا جهڙي ملڪ جو صدر آهي جنهن جي هر سرڪاري گڏجاڻيءَ جو لفظ به لفظ محفوظ ڪيو وڃي ٿو….! روس سان آمريڪا ۽ سندس اتحادي ملڪن جي 75 سالن تي محيط سرد جنگ کان پوءِ جڏهن روس هينئر اشتراڪي يا سماجوادي ملڪ ناهي رهيو تڏهن به آمريڪي ماڻهن جي اڪثريت روس کي پنهنجو دشمن ملڪ سمجهي ٿي، ساڳي وقت روس جو شام سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيهڻ ۽ ڪجهه معاملن ۾ ايران جو ساٿ ڏيڻ به آمريڪين کي ڀانءِ نه ٿو پوي. اھا ڳالهه اُن وقت سمجهه ۾ نه پئي آئي جڏهن هڪ صدارتي اميدوار روس ۽ صدر پيوٽن جي تعريف ڪندي نه پئي ٿڪيو ته اها آمريڪا جي سگهارن ادارن جي پاليسي آهي يا صرف هڪ صدارتي اميدوار جي !؟ صدر ٽرمپ جي چئن مهينن جي اقتدار ۾ اها ڳالهه واضح ٿي چڪي آهي ته روس سان قربت سگهارن ادارن جي پاليسي نه ھئي، نه آهي؛ ۽ نه وري ڪو ڊونالڊ ٽرمپ ڪي انقلابي نڪتا کڻي ملڪ ۽ عوام جي خدمت جي جذبي سان اڳتي آيو آهي. بس لڳي ائين ٿو هڪ واپاري ملڪ جي صدارت ماڻڻ لاءِ پنهنجا ذاتي مفاد ۽ فائدا حاصل ڪرڻ خاطر روس سان ساز باز ڪئي. جي ڊونالڊ ٽرمپ پاڻ نه ته هن جا ڪجهه ويجها ساٿي يقينن روس سان لڳ لاڳاپن ۾ شريڪ رهيا. خاص طور تي رٽائرڊ جنرل مائيڪل فلن. جيڪڏهن روسين سان اھا ساز باز يا ڳجهو ٺاھ، حقيقت آهي، ته هتان جا ادارا ايترا مظبوط ضرور آهن جو هو جاچ ڪندي ڪنهن جو به لحاظ ڪونه ڪندا. پوءِ اهو ملڪ جو صدر ڇو نه هجي. ۽ڪنهن الزام، ساز باز يا ڳجهي معاملي جو اڇو ڪارو ضرور پڌرو ڪندا.
    تازو، هڪ ٻي جڳ مشهور اخبار ”واشنگٽن پوسٽ“ 22 مئي تي انتهائي اهم ۽ ڌماڪيدار خبر شايع ڪئي ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ ٻن جاسوسي ادارن جي سربراهن کي چيو ته مسٽر ڪوميءَ جي ڪانگريس ڪميٽيءَ آڏو روسي ساز باز جي بيان کانپوءِ هو انهيءَ جي نفي ڪندي جاچ کي ٿڌو ڪن. تفصيل موجب صدر ٽرمپ مارچ مهيني ڌاري دانيال ڪوٽس ڊائريڪٽر نيشنل انٽيليجنس ۽ ايڊمرل مائيڪل راجرس ڊائريڪٽر نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي کي ڌار ڌار چيو ته هو انهيءَ ڳالهه جو عوام آڏو اعلان ڪن ته 2016ع واري ڊونالڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جو روس سان ساز باز جو ڪو به ثبوت موجود ناهي. اخبار موجب ٻن حاضر ۽ ٻن رٽائر، آفيسرن نالا ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته قومي جاسوسي ادارن جي ٻنهي سربراهن اهڙي ڪا ڳالهه مڃڻ يا ڪرڻ کان انڪار ڪيو. اهم ڳالھه اها آهي ته صدر ٽرمپ جي جيڪا نيشنل سيڪيورٽي ايجنسيءَ جي سربراه سان ڳالھه ٻولهه ٿي، تنهن جو ساڳي وقت تي اداري طرفان لکيل يادنامو موجود آهي.
    صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ويجهن ساٿين مان جنرل مائيڪل فلن لاءِ سڀ کان وڌيڪ گهيرو تنگ ٿيندو پيو وڃي، يا کڻي چئجي ته ٿي چڪو آهي. ڪانگريس ۽ سينيٽ جي انٽيليجنس ڪميٽيون اڳ ۾ ئي مائيڪل فلن جي معافيءَ جي بدلي ۾ بيان ڏيڻ واري آڇ رد ڪري چڪيون آهن ۽ هُن کي حاضريءَ مٿان حاضريءَ جا خط اماڻيا اٿائون. مائيڪل فلن آمريڪي آئين جي پنجين ترميم جو سهارو ورتو آئي، جنهن موجب ڪنهن به شهريءَ کي اهو حق حاصل آهي ته هو ڪنهن ڏوھ جي جاچ دوران خاموش رهي ۽ ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏئي. مائيڪل فلن جي اهڙي رَويي کانپوءِ ڪانگريس ۽ سينيٽ جي انٽيليجنس ڪميٽين هن جي ڪاروبارن جي نالن تي خط لکي هن کان ضروري ڪاغذ پٽ گهريا آهن ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪو ڪاروبار آمريڪي آئين جي پنجين ترميم جو سهارو نه ٿو وٺي سگهي!
    صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم خلاف هلندڙ جاچ جي سلسلي ۾ سڀ کان اهم پيش رفت 17 مئي تي ان وقت ٿي، جڏهن هتان جي انصاف واري اداري هڪ انتهائي تجربيڪار ۽ قابلِ احترام شخص، اڳوڻي ايف بي آئي جي ڊائريڪٽر رابرٽ مُلر کي روس خلاف جاچ لاءِ اسپيشل ڪائونسل مقرر ڪيو. صدر ٽرمپ جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. ڇاڪاڻ ته هڪ ايف بي آئي جي ڊائريڪٽر مان جان مس ڇڏايائين ته ٻيو اچي مٿان ڪڙڪيو اٿس، جنهن لاءِ چون ٿا ته کيس ايترا اختيار آهن جو هو صدر صاحب کي به حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏيئي سگهي ٿو.
    اها حقيقت مڃيل آهي ته هڪ ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ سؤ سچن کي به ڪوڙو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ۽ ٻي پاسي وري هڪ سچ کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ لاءِ سؤ ڪوڙن کي سچو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ سندس صدارتي چونڊ مهم جا ويجها ساٿي ڪنهن اهڙي ئي صورتحال ۾ اچي ڦاٿا آهن يعني ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروفِ عمل آهن. ڊونالڊ ٽرمپ جي 2016ع جي چونڊ مهم خلاف هلندڙ جاچ جو دائرو توڙي جو وڃي پيو وڌندو، ته پئي پاسي صدر ڊونالڊ ٽرمپ وڃي پيو غلطيءَ مٿان غلطي ڪندو. صدر ڊونالڊ ٽرمپ هن وقت تائين جيڪا سڀ کان وڏي غلطي ڪئي آهي، سا آهي ايف بي آءِ سربراھ جيمس ڪوميءَ کي بي وقتو هٽائڻ جي! لڳي ائين ٿو ته مسٽر ڪوميءَ کي هٽائڻ جو فيصلو صدر ٽرمپ لاءِ ڪو چڱو ثابت نه پيو ٿئي ۽ بجاءِ مٿي جو سور لهڻ جي، وڃي پئي صورتحال سندس لاءِ ڏکي ٿيندي. ايتري قدر جو صدر ٽرمپ فيصلو ڪيو آهي ته هو جاچ کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا ذاتي وڪيل ڪندو.

    (28 مئي 2017ع)


    آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت بابت جاچ

    خميس 9 جون تي ايف بي آءِ جي اڳوڻي ڊائريڪٽرجيمس ڪوميءَ جي سينيٽ انٽيليجنس ڪميٽيءَ اڳيان ڌماڪيدار حاضري ٿي، جنهن کي آمريڪي عوام جي تمام وڏي اڪثريت سڌو سنئون نشر ٿيندي ڏٺو. چونڊ مهم ۾ روسي مداخلت بابت سينيٽ انٽيليجنس ڪميٽي جاچ ڪري رهي آهي. هوڏانهن ايف بي آءِ جو ادارو پڻ ساڳئي معاملي جي جاچ ڪري رهيو آهي، جنهن جي سربراهي، هٽائڻ کان پهرين ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ جيمس ڪومي ڪري رهيو هو. آمريڪا جي صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاران ڪنهن هلندڙ جاچ جي سربراهه کي هٽرائڻ جي وڏي پيماني تي مخالفت ٿي آهي ۽ صدر جي ان عمل کي جاچ تي اثر انداز ٿيڻ ۽ جاچ ۾ مداخلت قرار ڏنو ويو. روشن خيال آمريڪي ماڻهو، ڇاپي ۽ برقي رابطن جا ادارا مسلسل انهيءَ ڳالهه جو اظهار ڪري رهيا آهن، ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاڻ ۽ پنهنجن ساٿين کي جاچ کان بچائڻ لاءِ ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽرجيمس ڪوميءَ کي سندس عهدي تان هٽايو، جڏهن ته هو پنهنجي عهدي جي طئه يا منظور ٿيل ڏهن سالن جي مدي مان اڃان ڇھه سال ڪم ڪري پئي سگهيو.
    صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاران ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽرجيمس ڪوميءَ کي هٽائڻ کانپوءِ وائيٽ هائوس پنهنجن بيانن ۾ جيمس ڪوميءَ کي هٽائڻ جي ڪا به گهربل يا جائز وضاحت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي ۽ تنهن کانپوءِ صدر پاڻ ميدان ۾ لهي هن کي هٽائڻ جا ابتا سبتا دليل ڏناآهن، جيڪي بجاءِ مسئلي کي سلجهائڻ جي، الجهائڻ ۾ وڌيڪ نظر آيا. جمع 19 مئي تي مشهور اخبار ”نيويارڪ ٽائيمس“ هڪ ڌماڪيدار خبر شايع ڪندي لکيو ته صدر ٽرمپ اووَل آفيس ۾ روسي وزيرِخارجا ۽ سندس ساٿين سان گفتگو ڪندي چيو ته، ”ايف بي آءِ جي سربراھ جيمس ڪوميءَ کي هٽائڻ ڪري سندس سر تان وڏو بار لٿو آهي. بس مون ايف بي آءِ جي سربراھ کي هٽايو. هو چريو هو، هو سچ پچ چريو هو.“ ۽ ”روس جي ڪري مون تي تمام وڏو دٻاءُ هو، جيڪو هلڪو ٿيو آهي.“ ايڏي وڏي اخبار ۾ هن خبر جي شايع ٿيڻ تي ماڻهن کي ڏندين آڱريون آهن. ظاهر آهي ملڪ جي ايڏي اهم ۽ سگهاري اداري جي سربراهه کي ذاتي سببن ڪري هٽائڻ کانپوءِ اهڙيون ڳالهيون ڪنهن کي ڪونه وڻيون، سواءِ انهن ٿورڙن بنياد پرست اڇن آمريڪين جي، جيڪي اکيون ٻوٽي صدر ٽرمپ جي هر ڳالهه ۾ ها ۾ ها ملائيندا رهن ٿا. صدر جون روسي وفد سان اهڙيون ڳالهيون خود جيمس ڪوميءَ کي به ناگوار گذريون، تڏهن ته هن سينيٽ ڪميٽيءَ آڏو پنهنجي بيان دوران چيو ته،”انهن ڳالهين کانپوءِ مان حيران ۽ ڪجهه منجهيل رهيس!“
    ايف بي آءِ جي اڳوڻي سربراھ جيمس ڪوميءَ جي سينيٽ انٽيليجنس ڪميٽيءَ اڳيان ساک تي ڏنل بيان جتي ڪيئي ڳالهيون واضح ڪيون آهن، ته ساڳي وقت ڪيئي نوان سوال به اُڀاريا، جن جو هُن اهو چئي جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته اهو انتهائي حساس ۽ ڳجهو معاملو آهي، يا وري اهو جواب ڏنو ته اسپيشل ڪائونسل جي جاچ ڪندڙ رابرٽ مُلر انهيءَ معاملي جي تهه تائين پهچي جواب ڏيندو !

    هينئر پاڻ ايف بي آءِ جي اڳوڻي ڊائريڪٽرجيمس ڪوميءَ جي سينيٽ انٽيليجنس ڪميٽيءَ اڳيان ڏنل بيان جو تجزيو ڪندي، خاص خاص ڳالهين جو ذڪر ٿا ڪريون:

    صدر ٽرمپ ۽ وائيٽ هائوس جا ڪوڙ
    اڳوڻي ڊائريڪٽرجيمس ڪوميءَ پنهنجي بيان دوران گهٽ ۾ گهٽ پنج ڀيرا اهو چيو ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ هن سان ملاقاتن ۽ چونڊن ۾ روسي مداخلت بابت هلندڙ جاچ متعلق ڪوڙَ ڳالهايا. هن وڌيڪ چيو ته وائيٽ هائوس به پنهنجي وضاحتن ۾ ڪوڙَ ڳالهايا. جيئن ته جيمس ڪوميءَ اهو بيان قسم نامي هيٺ ڏنو، تنهن ڪري ان تي يقين ڪري سگهجي ٿو ۽ ياد رهي ته قسم نامي هيٺ ڪوڙ ڳالهائڻ جي سزا جيل آهي. اهو ئي سبب آهي ته ڪن صحافين صدر ٽرمپ کان پڇيو ته جيئن ته جيمس ڪومي قسم نامي هيٺ بيان ڏنو، توهان پنهنجي وضاحت به قسم نامي هيٺ ڪندئو؟ تنهن تي صدر وراڻيو ته مان به قسم نامي هيٺ بيان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.

    شل ٽيپ ڀريل هجن!
    جيمس پنهنجي بيان ۾ جڏهن صدر ٽرمپ سان پنهنجي گڏجاڻين بابت ڳالهه شروع ڪئي ته بي اختيار ٿيندي چيائين، ”شل ٽيپ ڀريل هجن!“ ياد رهي ته جڏهن جيمس ڪوميءَ جو يادنامو اخبارن ۾ ڇپيو، جنهن ۾ هن صدر تي الزام هنيون هو ته صدر ٽرمپ هن کي چيو ته هو مائيڪل فلن تي هٿ هلڪو رکي، تڏهن جواب ۾ صدر ٽرمپ ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته، ”جيمس ڪومي اها پڪ ڪري ته پنهنجن ڳالهين جون رڪارڊ ٿيل ٽيپس ته موجود ناهن جو ان کان پهريان هو ڇاپي جي ادارن کي ڪجهه ٻڌائي!“ سينيٽ ڪميٽيءَ جي هڪ ميمبر جي مائيڪل فلن بابت صدر جي ڪيل پارت بابت پڇيل هڪ سوال جو تفصيلي جواب ڏيندي جيمس ڪوميءَ چيو ته شل ٽيپ ڀريل (رڪارڊ ٿيل) هجن! جاچ ڪندڙ سينيٽ ڪميٽيءَ وائيٽ هائوس کان گهر ڪئي آهي ته جيڪڏهن اهڙي قسم جون ڪي رڪارڊ ٿيل ٽيپس موجود آهن ته ڪميٽيءَ آڏو 23 جون تائين پيش ڪيون وڃن. جيڪڏهن وائيٽ هائوس ۾ ٽيپس موجود آهن ۽ پيش ڪيون ٿيون وڃن ته سڀئي اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا!

    انصاف جي فراهمي ۾ رڪاوٽ
    هڪ پاسي جيمس ڪوميءَ پنهنجي بيان ۾ چيو ته صدر ٽرمپ ڪيترا ڀيرا ڪوڙ ڳالهايو، ته وري ٻئي پاسي اهو چوڻ کان پاسو ڪيو ته صدر ٽرمپ جي مائيڪل فلن بابت سفارش انصاف جي فراهميءَ ۾ رڪاوٽ آهي. هن پنهنجو موقف هڪ تجربيڪار، هوشيار، ملڪ سان سچي ۽ ايماندار عملدار جيان رکندي چيو ته ان جو فيصلو مان نه ٿو ڪري سگهان ۽ اها ڳالهه مان اوهان تي ٿو ڇڏيان. هتان جا روشن خيال آئين جا ڄاڻو، وڪيل، پروفيسر، ڇاپي ۽ برقي رابطن جا ادارا وڏي واڪي اها ڳالهه ڪن ٿا، ته جيمس ڪوميءَ جي قسم نامي هيٺ ڏنل بيان کان پوء صدر ڊونالڊ تي انصاف جي فراهميءَ ۾ رڪاوٽ وارو ڪيس لازم آهي. هوڏانهن وري بنياد پرست آمريڪي، ڇاپي ۽ برقي رابطن جا ادارا سمجهن ٿا ته جيمس ڪوميءَ جي اها وضاحت ته صدر ٽرمپ تي ڪا به چونڊن ۾ مداخلت بابت جاچ نه پئي هلي، صدر کي هر ڳالهه کان آجو ۽ سچو ثابت ڪري ٿي. جڏهن ته صدر پاڻ اهو ٽوئيٽ ڪيو ته، “جيمس ڪوميءَ جي هيڏن غلط ۽ ڪوڙن بيانن جي باوجود (اسان جي) مڪمل سُرهائي ۽ (اسان) الزمن کان آجا….ڪومي بي اعتبارو آهي.”

    اٽارني جنرل جيف سيشن ۽ صدر سان گڏجاڻيءَ بابت
    اڳوڻي ڊائريڪٽرجيمس ڪوميءَ پنهنجي بيان ۾ اٽارني جنرل جيف سيشنس تي به ڇوھ ڇنڊيا. هن ٻڌايو ته کيس ۽ اداري کي پڪ هئي ته جيف سيشنس پاڻ کي روس خلاف هلندڙ جاچ کان الڳ ڪندو، ڇاڪاڻ ته جيف خلاف روسين سان تعلق متعلق ڪافي ثبوت هئا، جيڪي اخبارن ۾ اچي چڪا هئا ۽ ائين ئي ٿيو. صدر ڊونالڊ ٽرمپ 27 جنوريءَ تي رات جي مانيءَ تي جيمس ڪوميءَ کي گهرائي چيو ته مان وفاداريءَ جي گهرج ڪريان ٿو، ۽ مون کي وفاداري گهرجي. جيمس ڪوميءَ موجب ان کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ٻين گڏجاڻين ۾ صدر ٽرمپ هن کي مائيڪل فلن ۽ روسي جاچ متعلق پارت ڪئي. جيمس ڪوميءَ، صدر سان انهن گڏجاڻين کي سٺو ڪونه سمجهيو، تنهن ڪري واپس وڃي هن صدر سان پنهنجن گڏجاڻين بابت يادناما لکيا. هُن اهو به ذڪر ڪيو ته اٽارني جنرل کي صدر ۽ منهنجي وچ ۾ اچي، منهنجو ۽ اداري جو بچاءُ ڪرڻ کپي ها، پر هن ائين ڪونه ڪيو. جيمس ڪوميءَ اهو به ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو ته صدر ٽرمپ ۽ وائيٽ هائوس جا ڪوڙ ٻڌي هو پريشان ٿيو، ڇاڪاڻ ته هنن ايف بي آءِ جي اداري جي ساک کي نقصان پئي پهچايو، تنهن ڪري هن پنهنجي هڪ پروفيسر دوست جي مدد سان اهي يادناما ڪنهن اخبار لاءِ پڌرا ڪيا، انهيءَ اميد سان ته وڌيڪ جاچ لاءِ ڪا اسپيشل ڪائونسل مقرر ٿيندي، ۽ ائين ئي ٿيو جو 17 مئي تي ڊپٽي اٽارني جنرل راڊ روزينٽائين اڳوڻي ايف بي آءِ جي سربراھ رابرٽ مُلر کي جاچ لاءِ اسپيشل ڪائونسل طور مقرر ڪيو. رابرٽ ملر جي ايف بي آءِ جي سربراھ طور ۽ هڪ با اصول باوقار وڪيل جي حيثيت ۾ تمام سٺي ساک آهي. اهوئي سبب ٿي سگهي ٿو جو ٻنهي پارٽين هن جي مقرريءَ جي آجيان ڪئي آهي. في الحال ته رابرٽ ملر جي مقرريءَ تي صدر ڊونالڊ ٽرمپ خاموش آهي ۽ وائيٽ هائوس به هن جي مقرريءَ جي آجيان ڪئي آهي، پر مون کي پڪ آهي ته جڏهن جاچ اڳتي وڌي ۽ صدر ٽرمپ يا سندس ساٿين تي ڪو زور بار پيو يا ڪنهن نقصان جي بوءِ آئي ته سڀ کان پهرين صدر ٽرمپ ئي رابرٽ ملر خلاف ٽوئيٽ ڪندو. بهرحال لڳي ائين ٿو ڄڻ هٽايل ايف بي آءِ جي سربراھ جيمس ڪوميءَ اسپيشل ڪائونسل رابرٽ ملر جي مقرري تي موجودھ انتظاميا کان پنهنجي هٽائڻ جو بدلو وٺي ڇڏيو هجي، ڇاڪاڻ ته کيس پڪ آهي ته رابرٽ ملر پنهنجي ساک مطابق ڪم ڪندي چونڊن ۾ روسي مداخلت بابت جاچ ڪندي حقيقتن جي تهه تائين پهچندو ۽ ذميوارن جي نشاندهي ڪندو. هن جاچ کي مڪمل ٿيڻ ۽ شين جو تعين ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت ضرور لڳندو، پر دير آيد درست آيد جي مصداق اهوئي ٿيڻ گهرجي، جيڪو ملڪ ۽ ملڪي ادارن لاءِ بهتر هجي.
    ايف بي آءِ جي اڳوڻي سربراھ جيمس ڪوميءَ جي سينيٽ انٽيليجنس ڪميٽيءَ اڳيان ڏنل شاهديءَ تي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ذاتي وڪيل هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي تفصيلي جواب ڏنو. صدر ٽرمپ جي وڪيل دليل ڏيندي ان ڳالهه جي دعويٰ ڪئي ته جيمس ڪوميءَ جي شاهديءَ سبب هو سڀني الزامن کان بري ٿي ويا آهن ۽ ساڳي وقت هن وڪيلن وارا دليل ڏيندي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيمس ڪومي پنهنجي رويي سبب اعتبار جوڳو ناهي رهيو. صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو صبر صرف هڪ ڏينهن جو رهيو، ٻئي ڏهاڙي صبح جو سوير هن جيمس ڪوميءَ جي شاهديءَ خلاف ٽوئيٽ مٿان ٽوئيٽ ڪيا.

    جيف سيشنس اٽارني جنرل جي حاضري
    ڇاڪاڻ ته جيف سيشنس اٽارني جنرل جو ذڪر شاهديءَ دوران جيمس ڪوميءَ ٻه ٽي ڀيرا ڪيو، تنهن ڪري هن ڇنڇر 10 جون تي سينيٽ ڪميٽيءَ اڳيان پيش ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا قبول ڪندي هن کي اڱاري ڏينهن پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويو. جيف سيشنس اٽارني جنرل جي کليل حاضري ٿي، جنهن کي رابطي جي ادارن سڌو سنئون نشر ڪيو ۽ آمريڪي عوام جي وڏي اڪثريت ڏٺو. جيف سيشنس پنهنجي بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريندي چيو ته هن جڏهن کان پاڻ کي روسي جاچ کان الڳ ڪيو، تڏهن کان هن جاچ متعلق ڪا به رپورٽ ناهي ڏٺي، نه ئي هو جاچ جي ڪنهن معاملي ۾ ملوث رهيو آهي. ها هن اها ڳالهه ضرور مڃي ته سندس هڪ هوٽل ۾ روسي سفير سرگي ڪزليڪ سان ملاقات ٿي، جيڪا ڪنهن بند ڪمري ۾ نه پر هوٽل جي آجياڻي ۾ ٿي هئي. هن کان اڳوڻي ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر جيمس ڪوميءَ کي هلندڙ جاچ دوران هٽائڻ بابت ڪيئي سوال پڇيا ويا، خاص طور تي ڪوميءَ کي هٽائڻ لاءِ هن جي ادا ڪيل ڪنهن ڪردار تي، جنهن تي هن وراڻيو ته صدر طرفان گهريل راءِ جي جواب ۾ هن به خط ذريعي جيمس ڪوميءَ کي هٽائڻ جي حمايت ڪئي، جنهن جي هن وضاحت ڪندي هن چيو ته، ”روس خلاف هلندڙ جاچ صرف هڪ معاملو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ ٻيا هزارين مسئلا ايف بي آءِ ڏسي ٿي، جنهن جو مان ذميوار آهيان ۽ جيمس ڪوميءَ کي ان عهدي تان هٽائڻ مناسب ٿو سمجهان.“ هُن ڪنهن به روسي عملدار سان ڳجهين ملاقاتن کان صاف انڪار ڪيو. جيف سيشنس پاڻ تي چونڊ مهم دوران روسي سازباز جي الزام بابت پڇيل هڪ سوال تي صفا باھ ٿي ويو ۽ ان الزام کي نسورو ڪوڙ قرار ڏنائين. بهرحال جيف سيشنس اها ڳالهه مڃي ته صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت هڪ ڳنڀير ۽ انتهائي سنجيده معاملو آهي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ چونڊن ۾ روسي مداخلت کي ڪوڙي خبر ۽ ان بابت جاچ کي ڏائڻ يا ڌوتي پڪڙڻ سان تشبيهه ٿو ڏيئي. ڪيترا ئي معاملا آهن جن تي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو هڪڙو موقف آهي ته سندس وزيرن مشيرن جو وري ڪجهه ٻيو، جيئن ڇهن مسلمان ملڪن جي رهواسين تي آمريڪا اچڻ تي پابندي، چونڊن ۾ روسي مداخلت، جيمس ڪوميءَ کي هٽائڻ ۽ قطر تي پابندي وارا معاملا اچي وڃن ٿا. صدر ٽرمپ جي ابتن سبتن ٽوئيٽ ۽ بيانن سبب روزانو وائيٽ هائوس جي ترجمانن جي حالت ڏسڻ وٽان ۽ رحم جوڳي هجي ٿي جو هو صرف وضاحتن ڪرڻ ۾ پورا آهن.
    جيئن ته ٻنهي ايوانن يعني سينيٽ ۽ ڪانگريس ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ جي واضح اڪثريت آهي، تنهنڪري ان ڳالهه جو ڪو امڪان نظر ڪونه ٿو اچي ته ڪو صدر ٽرمپ خلاف بدعنوانيءَ جي پڇاڻي تحت ڪو مقدمو ھلندو. ايندڙ سال ڪانگريس ۽ سينيٽ جي چونڊن ۾ جيڪڏهن ڊيموڪريٽڪ پارٽي واضح اڪثريت حاصل ڪري ٿي ته صدر ٽرمپ لاءِ حالتون ڏکيون ٿي وينديون ۽ هن خلاف بدعنوانيءَ جي پڇاڻي تحت ڪو مقدمو (Impeachment) ھلي سگهي ٿو.

    ٻي ڳالھه
    هلندي هلندي ٻي ڳالهه به ڪندا هلون ته 5 جون تي ڇهن مٿي ڦريل عرب ملڪن سعودي عريبيا، مصر، لبيا، بحرين، يمن، متحده عرب امارات ۽ هڪ غير عرب ملڪ مالديپ، قطر سان تعلقات ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي، مٿس معاشي پابنديون مڙهيون آهن. سعودي عريبيا قطر تي الزام مڙهيو آهي ته هو دهشتگرد گروهن جي سرپرستي ۽ مالي مدد ڪري رهيو آهي….!! سعوديءَ جي اها ڳالهه سنڌيءَ جي مشهور چوڻي تي بلڪل ٺهڪي ٿي اچي ته،”مينهن پئي ڳئونءَ کي چئي، هل ڙي پڇ ڪاري.“ عجب ڳالهه وري اها آهي ته ٻئي ڏهاڙي صدر ٽرمپ ٽوئيٽ ڪندي، قطر تي پابندين جو سَهرو پنهنجي تازي ڪيل عرب ملڪن جي دوري کي ڄاڻايو ۽ لکيو ته جڏهن مون دهشتگردن کي مالي تعاون ختم ڪرڻ جو چيو ته سڀن قطر ڏانهن اشارو ڪيو. صدر ٽرمپ جي موقف جي برعڪس ريڪس ٽلرسن اسٽيٽ سيڪريٽري متوازن بيان ڏيندي ڌرين کي ڳالهين لاءِ زور ڀريو ۽ ٽياڪڙيءَ جي آڇ ڪئي. ياد رهي ته قطر ۾ آمريڪا جو عرب رياستن ۾ سڀ کان وڏو فوجي اڏو آهي، شايد اها ڳالهه صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي علم ۾ ناهي يا کائنس ٽوئيٽ ڪندي وسري ويئي.عجيب صورتحال آهي جو ڪنهن ملڪ ۾ آمريڪا جا فوجي اڏا هجن ۽ آمريڪا اُن ملڪ خلاف ٻين اتحادن / ملڪن جي کلم کلا حمايت ڪندو هجي، هئڻ ته ائين کپندو هو ته صدر ٽرمپ قطر سان ٻانهن ٻيلي ٿي سعودي عريبيا ۽ سندس اتحادين کي اک ڏيکاري ها!

    (18 جون 2017ع)


    نوان چنڊ ستارا ٻيهر اُڀرن ٿا

    هر ماڻهو خواب ڏسي ٿو ۽ خوابن جي ساڀيان لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو. چوندا هن ته خواب اُهي، جيڪي ساڀيان ٿين! ضروري ناهي ته سڀ خواب ساڀيان ٿين، پر جستجو ۽ ڪوشش جاري هئڻ کپي. توڙي جو مان ڪهڙي به حوالي سان، ڪنهن به راند جو سٺو رانديگر ناهيان رهيو، ۽ نه ئي وري ڪا راند مستقل مزاجيءَ سان کيڏي اٿم؛ البته ننڍڙي لاڪون رانديون ڏسڻ جو شوق رهيو آهي. پوءِ اهي اولمپڪس جون رانديون هجن، فوٽ بال يا ڪرڪيٽ جون، راتين جون راتيون جاڳي ٽيليويزن آڏو ويهي اهي رانديون ڏٺيون اٿم. آهستي آهستي ڪرڪيٽ ڏسڻ جو شوق جنون جي حد تائين وڌندو ويو ۽ خواب ڏسڻ لڳس ته زندگيءَ ۾ هڪ دفعو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جون رانديون ضرور ڏسڻ ويندس ۽ انهيءَ شوق جي پورائي لاءِ سن 2015 ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڏسڻ ڪاڻ وڃي آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ نڪتس. اڄ پاڻ آمريڪا، صدر ٽرمپ ۽ هتي هلندڙ صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت جو ذڪر ڇڏي قصو کڻون ٿا پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي شاندار ڪارڪردگيءَ جو، جنهن ۾ ان آءِ سي سي چيمپينشپ جي فائينل ۾ ڀارت کي تاريخي شڪست ڏئي؛ سوڀ ماڻي، دنيا کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو.
    4 جون تي برمنگهم ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ گروپ بي جو ٻيو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ڀارت توقع موجب پاڪستان کي بد ترين شڪست ڏني. پاڪستان ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي پهرين ڀارت کي کيڏڻ جي آڇ ڪئي جيڪا ان ڏينهن سندس پهرين غلطي هئي. ڀارت بيٽنگ ڪندي 319 رنسون ٺاهيون. جنهن ۾ شرما، ڌوَن، ڪولهي ۽ يوراج تمام ذميداري سان کيڏيو؛ سڀن پنجاھ کان مٿي رنسون ٺاهيون، خاص طور تي شرما بهترين بيٽنگ ڪندي 91 رنسن تي رن آئوٽ ٿي ويو. هن راند ۾ پاڪستان ٽيم جي هڪ نه هلي؛ نه بيٽنگ، نه بالنگ ۽ نه وري فيلڊنگ. پاڪ ٽيم جي ڪارڪردگي پنهنجن پرستارن کي ڏاڍو مايوس ڪيو.
    7 جون تي برمنگهم ۾ پاڪ ٽيم پنهنجي گروپ بي جي ٻي راند دنيا جي پهرين نمبر ٽيم سائوٿ آفريڪا سان کيڏي. عالمي ون ڊي درجا بنديءَ ۾ سائوٿ آفريڪا جي ٽيم پهرين ۽ پاڪستان جي ٽيم اٺين نمبر تي، يعني هن مقابلي ۾ حصو وٺندڙ اٺن ٽيمن مان آخري نمبر تي هئي. پر ان ڏينهن سڀ ڪجهه بدلجي ويو. جڏهن پاڪ ٽيم ميدان ۾ لٿي ته سندن انداز ۽ تيوَر بلڪل بدليل هئا. پهرين بال کان وٺي، هو راند تي ڇانئيل رهيا، فاتح نظر آيا ۽ سائوٿ آفريڪا کي ڊڪ ورٿ لوئس اصول تحت 19 رنسن تا شڪست ڏنائون. اعتبار ئي نه ٿي آيو ته هي ساڳي پاڪ ٽيم آهي جنهن ٽي ڏينهن اڳ ڀارت کان تمام بري شڪست کاڌي ۽ اڄ دنيا جي نمبر هڪ ٽيم جي هڪ به هلڻ نه ڏني؛ جنهن ۾ عماد وسيم دنيا جي صف اول جي رانديگرن اي بي ڊي وليئر کي ٻڙي ۽ ھاشم آمله کي 16 رنسن تي آئوٽ ڪيو. 90 جي ٽوٽل اسڪور تي جڏهن حسن علي چوٿين رانديگر ڊُپليسس کي 26 رنسن تي آئوٽ ڪيو تڏهن مون ڄاتو ته اڄ جي راند پاڪ ٽيم کٽي ورتي. اڄ جي ٽيم ۽ پهرين راند هارائيندڙ ٽيم ۾ ڪهڙو فرق هو، سواءِ احمد شهزاد ۽ وهاب رياض جي! اهوئي تمام وڏو فرق هو. احمد شهزاد جي جاءِ تي فخر زمان ۽ وهاب رياض جي جاءِ تي جنيد خان کي کيڏايو ويو. فخر زمان 23 بالن تي 31 رنسون ٺاهيون ۽ جنيد خان 9 اوورن ۾ 53 رنسون ڏيئي ٻه رانديگر آئوٽ ڪيا، جڏهن ته وهاب رياض ڀارت خلاف 8.7 اوورن ۾ 87 رنسون ڏنيون ۽ هڪ به رانديگر کي آئوٽ ڪري نه سگهيو هو. پاڪستان جي ٽيم ۾ اڪمل ڀائر، احمد شهزاد ۽ وهاب رياض وڏا سفارشي ۽ ناٽڪ باز لڳندا آهن. احمد شهزاد ته راند جي ميدان ۾ به پيو اداڪاري ڪندي نظر ايندو آهي.
    ان راند کانپوءِ پاڪ ٽيم پوئتي ورائي ڪونه ڏٺو، سڀ رانديون تمام وڏي اعتماد سان کيڏيون ۽ کٽي ڏيکاريون. سريلنڪا، جنهن پنهنجي گروپ راند ۾ ڀارت کي شڪست ڏني، تنهن کي به پاڪ ٽيم هارايو. هن راند ۾ به فخر زمان بهترين ۽ ذميوارانا راند جو مظاهرو ڪندي 50 رنسون ٺاهيون، سرفراز ڪپتانيءَ وارو ڪردار نڀائيندي 61 رنسون ٺاهيون ۽ آئوٽ ڪونه ٿيو. پاڪ ٽيم جو سيمي فائينل برطانيه جي ٽيم سان ٿيو، جنهن لاءِ چيو پئي ويو ته هو ٽورنامينٽ جي ترجيحي ۽ پسنديده (favorite) ٽيم آهي، پر پاڪستان ٽيم برطانيا سان اهڙي ڪئي جهڙي ٻرڙو ڪري ٻارن سان. پاڪ ٽيم برطانيه کي 211 رنسن تي آئوٽ ڪيو ۽ پاڻ آسانيءَ سان ٻن رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي، يعني اٺن وڪيٽن تان راند کٽي ورتي. هن راند ۾ فخر زمان 57 ۽ اظهر عليءَ 76 رنسون ٺاهيون، هنن ٻنهي رانديگرن 2010ع کانپوءِ 100 رنسن کان مٿي جي ڀائيواري ڪئي. هن راند جي خاص ڳالهه فخر زمان جي اعتماد سان بلي بازي هئي، جنهن دنيا جي تمام وڏن رانديگرن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو. برطانيا جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل واھن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته، ” فخر ڪٿي لڪيو پيو هو، هو اول درجي جو بهترين بلي باز نظر اچي ٿو.“ جاڏي ڪاڏي واهه واهه ٿي ويئي، ۽ ٻيهر پڪ ٿي ويئي ته پاڪ ٽيم پنهنجي سٺي ڏينهن تي ڪيڏي به وڏي ٽيم کي باآساني هارائي سگهي ٿي، تڏهن ته کين دنيا جي اهڙي واحد ٽيم تصور ڪيو ٿو وڃي جنهن لاءِ ڪابه اڳڪٿي نه ٿي ڪري سگهجي.
    پاڪ ٽيم جي اڳئين، هن مقابلي جي آخري راند ڀارت سان هئي جيڪو بنگلاديش جي ٽيم کي آساني سان شڪست ڏيئي فائينل ۾ پهتو هو. پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ اهو ڄڻ ته طعنو بڻجي چڪو هو ته هو ڀارت کي ڪنهن به عالمي ۽ وڏي مقابلي ۾ هارائي نه ٿا سگهن! حالانڪِ اها ڳالھه هن مقابلي لاءِ صحيح نه هئي، جو پاڪستان گذريل مقابلن ۾ ڀارت کي ٻه ڀيرا هارائي چڪو آهي، ها البته ڪرڪيٽ جي عالمي مقابلن ۾ پاڪستان ڀارت کان اڃان تائين ڪابه راند کٽي نه سگهيو آهي جڏهن ته هڪ ڏينهن وارين راندين ۾ پاڪستان ڀارت کان 52 جي مقابلي ۾ 73 رانديون کٽيون آهن.
    وري جُوارين جي ٻيگهي مچي پئي ۽ پرستارن جو ساھ مٺ ۾، خاص طور تي پاڪ ٽيم جي پرستارن جو. هن ڀيري ڪا اهڙي هوا هلي جو پاڪ ٽيم جي ڪيترن ئي چاهيندڙن اڳڪٿي ڪئي ته هن ڀيري پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کٽندي، لوئيول ۾ اهڙي ئي خاطري ڊاڪٽر نديم ٽالپر پڪ ۽ يقين سان ڏيندي چيو ته هن ڀيري پاڪستان کٽي ويندو. ڳالھه ڳوري پئي لڳي، جو ڀارت وٽ هن وقت دنيا جا مظبوط ترين بلي باز آهن، جن ۾ خاص طور تي ويرات ڪوهلي، روهيت شرما، شيکر ڌَوَن، ايم ايس ڌوني ۽ يوراج جهڙا دنيا جا ڄاتل سڃاتل ۽ بهترين بلي باز اچي وڃن ٿا. پاڪ ٽيم وٽ ڪي اهڙا وڏا نالا يا رانديگر ڪونه هئا، پر هڪڙو فرق ضرور هو ته پاڪ ٽيم جي نئين ڪپتان ۽ ڪجهه نون نوجوان رانديگرن جي ڪري هيءَ ٽيم 1992ع واري پئي لڳي جنهن ڪرڪيٽ جو عالمي مقابلو عمران خان جي ڪپتانيءَ هيٺ کٽيو هو. ڪپتان ۽ نوجوان رانديگرن جو حوصلو، همٿ ۽ يقين ايڏو ته مظبوط هو جو هُو دنيا جي ڪنهن به وڏي ٽيم کي هارائڻ لاءِ آتا هئا.
    18 جون تي اووَل لنڊن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تاريخي مقابلي جي آخري راند ٿي. ڪپتان ويرات ڪولهي ٽاس کٽي، سرفراز کي پهرين بلي بازيءَ جي آڇ ڪئي. چوندا هن ته رب رسي، مت کسي؛ ڪولهيءَ کان شايد وسري ويو ته پاڪ ٽيم بعد ۾ بلي بازي ڪرڻ ۾ سٺي ناهي، نه ته هو پاڻ پهرين بلي بازي ڪندي پاڪ ٽيم کي هڪ وڏو حدف ڏيئي پريشان ڪرڻ جي رٿا جوڙي ها. بس هو آيا ۽ ڇانئجي ويا. ڪنهن ڪنهن جي ڳالهه ڪجي. فخر يا اظهر علي جي عمده ۽ اعلى بَلي بازيءَ جي، يا وري عامر يا حسن علي جي بهترين بالنگ جي. 18 سالن جي شاداب جي ڇا ڳالهه ڪجي، بهترين بالر ۽ ڪمال جو فيلڊرته هو آهي ئي، پر سندس اعتماد دنيا جي تمام وڏن رانديگرن کي به سندس تعريف ڪرڻ تي مجبور ڪيو، جڏهن هن ڪپتان سرفراز کي زور ڀريندي چيو ته روِيو وٺ جو هو سمجهي ٿو ته يوراج سنگھه ايل بي ڊبليو آئوٽ آهي، جنهن کي ايمپائر آئوٽ نه ڏنو هو. ۽ روِيو ۾ هو آئوٽ ثابت ٿيو. شاباس شاداب خان. پهرين راند ڀارت کان هارائڻ کانپوءِ پاڪ ڪرڪيٽ ٽيم اهڙو ته ٻڌي ۽ نظم و ظبط جو مظاهرو ڪيو، جنهن جو مثال ويجهي ماضيءَ ۾ نه ٿو ملي، خاص طور تي ڀارت جي خلاف آخري راند ۾ سرفراز جي ڪپتانيءَ ۾ ٽيم تمام وڏي اعتماد ۽ ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪيو. هن مئچ ۾ ڀارتي بالر بمرا جي چوٿين اوور جي پهرين بال تي فخر زمان وڪيٽ ڪيپر کي ڪئچ ڏيئي ويٺو، هو واپس وڃي رهيو هو ته ايمپائر کيس روڪيو ته نوبال جاچجي! اووَل جي ميدان ۾ ڀارتي مداحن ۾ موت جهڙي ماٺ ڇائنجي ويئي جڏهن امپائر نو بال ڏيندي فخر کي واپس کيڏڻ لاءِ چيو. بس پوءِ ته فخر ۽ اظهر علي ڀارتي بالرن کي ميدان جي چوڌاري خوب ڪٽيو. اظهر 59 ۽ فخر 114 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا جنهن ٽيم کي هڪ وڏو اسڪور ڪرڻ لاءِ بنياد وڌو. هن مئچ ۾ حفيظ بهترين راند کيڏندي 37 بالن تي 57 رنسون ٺاهيون ۽ عماد وسيم 21 بالن تي 25 رنسون جوڙيون. پاڪستان جي ٽيم ٽوٽل 338 رنسون ٺاهيون.
    هنن راندين ۾ جتي شاداب، فخر، عماد ۽ فهيم وڏا رانديگر ثابت ٿي سامهون آيا، اتي محمد عامر جو ٻيهر جنم ٿيو. منهنجي نظر ۾، پابنديءَ کانپوءِ واپس اچڻ تي محمد عامر پنهنجي بالنگ جو اثر وڃائي ويٺو هو يا ائين کڻي چئجي ته هو گهربل وڪيٽون وٺي نه پئي سگهيو. جي ائين چئجي ته ڀارت خلاف، اهو ڏينهن فخر زمان ۽ محمد عامر جو هو ته غلط نه ٿيندو. جڏهن ڀارت جي بيٽنگ جو وارو آيو ته محمد عامر پنهنجي پهرين بال تي شرما کي ايل بي ڊبليو آئوٽ ڪيو، ۽ ان بعد هن اهڙا ته طوفاني اووَر ڪرايا جو دنيا ۾ ڪرڪيٽ جا مداح گهڻي وقت تائين ان کي ياد ڪندا رهندا. عامر جي ٽئين اووَر جي ٽئين بال تي، جڳ مشهور ڀارتي بلي باز ۽ ڪپتان ويرات ڪولهيءَ جي ڪئچ ٺهي آئي، جيڪا اظهر جي هٿن مان نڪري وئي. ڀارتي مداح خوش ۽ پاڪستاني مداحن جو ڄڻ ساھ سڪي ويو، خبر ئي نه پئي ته ٻئي بال تي وري ڪئچ نڪتي، جنهن کي شاداب خان ڦڙتيءَ سان شاندار نموني سوگهو ڪيو. ڪولهيءَ کي اعتبار ئي نه پئي آيو ته هو ڪو ٻن بالن تي ٻه دفعا ڪئچ ڏيندو. سڄي ميدان، بلڪِ سڄي دنيا ۾ پاڪستاني مداحن جا ناچ گانا شروع ٿي ويا. عامر نائين اووَر جي ڇهين بال تي شيڪر کي آئوٽ ڪري ڀارتي ٽيم کي اهڙو ته ڪاپاري ڌڪ هنيو جو هو وري سڌا نه ٿي سگهيا ۽ سموري ٽيم 30.3 اووَرن ۾ 158 رنسون ٺاهي گهر ڀيڙي ٿي. اهڙيءَ طرح پاڪ ٽيم ڀارت کي هيءِ راند 180 رنسن تان هارائي، جيڪا ڀارت جي هن چيئمپينشپ ۾ سڀ کان بري شڪست آهي. هن راند ۾ محمد عامر ڇهن اووَرن ۾ 16 رنسن عيوض ٽن اهم رانديگرن کي آئوٽ ڪري وسيم اڪرم جي ياد تازي ڪري ڇڏي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀارتي ٽيم پوئين واري کيڏندي گهڻي کان گهڻيون رنسون به ٺاهي ويندي آ، پر اُن ڏينهن پاڪستاني ٽيم جي بالرن اڳيان هنن جي هڪ نه هلي. هن راند ۾ جنيد خان هڪ، شاداب ٻن ۽ حسن علي ٽن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. نوجوان بالر حسن علي سمورين راندين ۾ بهترين بالنگ ڪندي سڀ کان وڌيڪ 13 رانديگر آئوٽ ڪيا، جنهن ڪري کيس سونو بال انعام طور مليو، جڏهن ته فخر زمان کي خاص رانديگر جو انعام مليو.
    هنن راندين ۾ جتي ڪجهه نون ۽ نوجوان رانديگرن پنهنجن صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ته اتي پاڪستان ٽيم جي ڪپتان سرفراز به اعتماد ۽ ذميواريءَ سان پنهنجي اعليٰ قيادت جو مثال قائم ڪيو. راند کانپوءِ سرفراز انٽرويو ڏيندي قوم کي مبارڪون ڏنيون ۽ رانديگرن جي صلاحيتن جو اعتراف ڪندي چيو ته سندن فتح قوم جي دعائن جو نتيجو آهي. ڀارتي ڪپتان ويرات ڪولهيءَ انٽرويو ڏيندي پاڪستاني رانديگرن کي خوب ساراهيو خاص طور تي فخر ۽ عامر کي. هن مڃيو ته پاڪستاني ٽيم هنن کي هر شعبي ۾ مات ڏني ۽ چيو ته اڄ پاڪستاني ٽيم جي کٽڻ جو ڏينهن هو.
    مان سمجهان ٿو ته پاڪ ٽيم جو ايڏي وڏي ٽورنامينٽ ۾ پهرين راند کانپوءِ واپس اچي بهترين ۽ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي ڀارت جهڙي ٽيم کي شڪست ڏيئي آخري راند کٽڻ، پي ايس ايل جو نتيجو آهي، نه ته 2009ع کانپوءِ اسان جي رانديگرن پنهنجي گهر ۾ ڪنهن به ٻاهرين ٽيم سان راند ناهي رهي. پي ايس ايل جون ٽيمون ڇاڪاڻ ته فرينچائيز يا چئجي ته سرمائيدارن جون ذاتي آهن، تنهنڪري هنن ٽيمن ۾ سفارش گهٽ، قابليت ۽ معيار جي بنياد تي رانديگرن کي کنيو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو فخر ۽ شاداب جهڙا غريب گهراڻن جا رانديگر اڳتي آيا ۽ قومي ٽيم ۾ به پنهنجي جاءِ ٺاهي. سنڌ جي رانديگر کي گهرجي تي پنهنجي قابليت، معيار ۽ تندرستيءَ جي بنياد تي پي ايس ايل ذريعي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪن.

    ٻي ڳالھه
    هلندي هلندي ٻي ڳالھه به ڪندا هلون ته 23 جون تي مشهور اخبار ”واشنگٽن پوسٽ“ خبر شايع ڪئي آهي ته اڳوڻي صدر باراڪ اوباما کي آمريڪا جي ڳجهن ادارن آگسٽ مهيني جي آخر ڌاري هڪ خط ڏيکاريو هو، جنهن ذريعي روسي صدر پيوٽن پنهنجن جاسوسي ادران کي هدايت ڪئي هئي ته اهي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ هيلري ڪلنٽن کي هارائڻ ۽ ڊونالڊ ٽرمپ کي کٽائڻ لاءِ ڪوششون وٺن. آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت وارو معاملو ڏينهون ڏينهن وڃي پيو اينگهندو. هن موضوع تي وري ڪنهن ٻي ڀيري تفصيل سان ڳالهائينداسين.

    (09 جولاءِ 2017ع)


    ڊاڪٽر آصف محمود سان ملاقات

    پاڪستان ڇڏي پرڏيهه ويل پاڪستانين دنيا جي مختلف ملڪن ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ پاڻ ملهايو آهي. ڊاڪٽريءَ جي شعبي کان ويندي انجنيئرنگ، آءِ ٽي، واپار، صحافت توڙي سياست جي ميدان ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. برطانيا جي پارليامينٽ ۾ پاڪستانين جي ميمبر ٿيڻ واري ڳالهه پراڻي ٿي وئي آهي ۽ تازو صادق خان جو لنڊن جو ميئر چونڊجڻ هڪ روشن مثال آهي.
    برطانيا کانپوءِ آمريڪا ۾ به پاڪستانين کي هيٺئين سطح تي سياست جا موقعا ته مليا آهن، پر مٿئين سطح تي پاڪستانين کي سياست جا گهٽ موقعا مليا آهن. پاڪستان ڄائو آمريڪي ڊاڪٽر آصف محمود هن وقت نه رڳو پاڪستان پر آمريڪي ميڊيا تي به ڇانيل آهي. هو 2018 ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ پاران ڪيليفورنيا جي ليفٽيننٽ گورنر جو اميدوار آهي. ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن جي اندازن ۽ تجزين موجب ڊاڪٽر آصف محمود جي پرائمري چونڊن ۾ پوزيشن مضبوط آهي، ۽ جي هو پرائمري چونڊون کٽي ٿو وڃي ته سندس فتح يقيني آهي. ڇاڪاڻ ته روايتي طور تي ڪيليفورنيا ڊيموڪريٽ رياست ليکي وڃي ٿي، جتي هن پارٽيءَ جا اميدوار چونڊن ۾ آسانيءَ سان سوڀارا ٿين ٿا. ڊاڪٽر آصف محمود آمريڪا ملڪ کي دل و جان سان پنهنجو وطن سمجهي ٿو، جتي هُن کي هن جي محنت سبب طب جي دنيا ۾ بي تهاشا ڪاميابيون مليون، جتي هن جي ٻارن کي برابري ۽ قابليت جي بنياد تي پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي ٿو. ڊاڪٽر آصف محمود شڪر گذار آهي آمريڪا وطن، جو جتي هن جا اڻپورا خواب ساڀيان ٿيا ۽ هن کي اڪيچار ڪاميابيون مليون.
    لاس اينجلس ۾ ”عوامي آواز“ مئگزين سان هڪ ملاقات ۾ هن ٻڌايو ته سندس تعلق پنجاب جي شهر ”کاريان“ جي هڪ ڳوٺ سان آهي. سندس والد هڪ پورهيت هو، جنهن جو خواب هو ڊاڪٽر ٿيڻ پر ڪجهه خانداني مجبورين سبب پڙهائي ڇڏي کيس خاندان جو سهارو ٿيڻو پيو ۽ هو ڊاڪٽر نه ٿي سگهيو. پنهنجي پيءُ جو خواب پورر ڪرڻ لاءِ آصف محمود کي پهرين پنهنجي ڳوٺ کاريان ۾، ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئي. هن ٻڌايو ته، هن 1987ع ۾ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. ”ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪندڙ مان پنهنجي ڳوٺ جو پهريون شاگرد هئس، جنهن کانپوءِ مان اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا هليو آيس ۽ پوءِ هتي جو ئي ٿي ويس.“ ڊاڪٽر آصف ٻڌايو آمريڪا اچڻ بابت پنهنجون يادگيريون ٻڌائيندي آصف چيو،”مان يونيورسٽي آف ڪينٽڪي مان پنهنجي طب جي سکيا پوري ڪئي.“ هن مسڪرائيندي وڌيڪ چيو ته،” ۽ پوءِ پاڪستاني روايتن موجب وڏي ڌوم ڌام سان، ليگزنگٽن ڪينٽڪي ۾ ئي نوشابا سان شاديءَ جي، ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويس. منهنجي شاديءَ جي خاص ڳالھه ته منهنجن مسلمان، عيسائي، يهودي ۽ هندو دوستن انهيءَ ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.“ سن 2000ع ۾ ڊاڪٽر آصف محمود رياست ڪيليفورنيا لڏي آيو ۽ تڏهن کان هتي ڊاڪٽريءَ جي پيشي سان وابستا آهي، جنهن کي هو خدمتِ خلق به چئي ۽ سمجهي ٿو.
    ”اوهان کي اوچتو سياست ڪرڻ جو خيال ڪيئن آيو؟“ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ”ٽرمپ جي نفرت واري رويو (خاص طور تي مسلمانن ڏانهن) مون کي مجبور ڪيو ته مونکي اڳتي اچڻ کپي. نه فقط مسلمانن لاءِ پر سڀن آمريڪين لاءِ! ڇاڪاڻ ته ٽرمپ جو پيغام ۽ ڪم بنيادي آمريڪي اصولن خلاف آهي، تنهنڪري سڀن باشعور، پڙهيل لکيل ۽ سٺن ماڻهن کي اڳتي اچڻ کپي. مونکي خاص طور تي ڪيليفورنيا جي ماڻهن تي وڏو ڀروسو آهي، جيڪي روشن خيال آهن ۽ هنن ڌارين ۽ محنتي ماڻهن کي جيءَ ۾ جايون ڏيئي برابر جا موقعا فراهم ڪيا آهن.“ سياست، خدمت ۽ ڊاڪٽريءَ جي پيشي جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته، ”مان گهڻي عرصي کان ڊاڪٽريءَ سان گڏ عوامي خدمت سان به لاڳاپيل رهيو آهيان، خاص طور تي مون صحت ۽ تعليم جي حوالي سان ڪم ڪيو آهي. مون بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل جي هتان جي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. مان اوباما جي صحت سنڀال قانون جو حمايتي آهيان. جڏهن کان وٺي صدر ڊونالڊ ٽرمپ نفرتون وڌائڻ لاءِ اڳتي آيو آهي ۽ هن مختلف مذهبن وچ ۾ تڪرار وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، تڏهن مون فيصلو ڪيو ته مان محبتون وڌائڻ لاءِ اڳتي وڌان ۽ مان اڳتي وڌيس.“
    ”صدر ٽرمپ جي نفرت نه رڳو مسلمانن پر پاڪستانين خلاف به آهي، پوءِ اوهان ڪهڙيءَ ريت ڪامياب ٿي سگهندا“؟ جي موٽ ۾ ڊاڪٽر آصف محمود جو چوڻ هو ته ”سڀ آمريڪي ٽرمپ جا حمايتي ناهن، هتان جا عام ۽ پڙهيل لکيل آمريڪي ماڻهو نفرت جي خلاف آهن، مذهبن کي ويڙهائڻ واري سوچ سبب هتان جا ماڻهو ٽرمپ جا مخالف آهن، مان اها ڳالهه کڻي اڳتي آيو آهيان. مون کي پڪ آهي ته هتان جا ماڻهو مون کي ڪامياب ڪندا. صدر ٽرمپ پناهگيرن جي به خلاف آهي. هو لڳاتار پناهگيرن تي حملا ڪري رهيو آهي، هو رنگ ۽ نسل جي بنياد تي نفرت پکيڙي رهيو آهي، پر عام آمريڪي ماڻهو پناهگيرن جا حمايتي آهن. منهنجي خيال ۾ ٽرمپ غلط آهي، ڪيليفورنيا مان ئي ٽرمپ جي نفرت خلاف مزاحمت شروع ڪئي آهي. مذهب جو سياست سان ڪو به واسطو نه هئڻ گهرجي.“ سياست ۾ اچڻ تي هن ڳالهائيندي چيو ته، ”محنت ۽ قابليت ئي معيار هئڻ کپي، جيئن چوندا هن ته محنت ۾ عظمت آهي، اسان ماڻهن هتي اچي محنت ڪئي آهي، جنهن جو ڦل اسان کي ۽ اسان جي اولاد کي مليو آهي، هينئر اسان تي به فرض آهي ته اسان هن سماج ۽ معاشري کي ڪجهه واپس ڏيون. مان سياست ۾ اچي، ڪنهن پبلڪ آفيس جي ڪرسيءَ تي خدمت جي جذبي سان اچڻ چاهيان ٿو، نه ته ڊاڪٽريءَ جي پيشي ۾ پئسا ڪمائڻ جا خوب موقعا موجود آهن.“
    ”عام آمريڪي اوهان کي ووٽ ڏيندا؟“ واري سوال جي جواب ۾ هو چوي ٿو ته، ”مان آمريڪا ۾ گهڻي عرصي کان خيراتي ڪم ڪندو رهيو آهيان، بغير ڪنهن لالچ يا لوڀ جي. کوڙ ادارن سان واڳيل آهيان، خيراتي اسپتالون هلائڻ سان گڏ مختلف شعبن ۾ مان ماڻهن جي مدد ڪندو رهيو آهيان، مون هتان جي غريبن جي بنا رنگ نسل جي خدمت ڪئي آهي. مان دعوا سان چوان ٿو ته منهنجي اسپتال مان ڪڏهن ڪو مريض صحت پاليسي نه هئڻ ڪري، بنا علاج جي واپس ناهي ويو. اهي عام ماڻهو منهنجي چونڊ مهم هلائي رهيا آهن. مان اوباما جي هيلٿ ڪيئر بل جو حمايتي آهيان. صحت جون مفت سهولتون هر آمريڪيءَ جو حق آهي. مان ڪيليفورنيا ۾ هيلٿ ڪيئر بل جاري رکڻ چاهيان ٿو.“
    ”ڪاميابيءَ جي صورت ۾ اوهان جي ايجنڊا ڇا هوندي“؟ ان سلسلي ۾ سندس چوڻ هو ته، ”صحت سان گڏ تعليم منهنجي اوليتن ۾ شامل آهي، اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ سڌارن سان گڏ ڪميونٽي ڪاليجن ۾ فيون گهٽائڻ سان گڏ منهنجي ڪوشش هوندي ته اهڙي ڪميونٽي ڪاليج قائم ڪريان، جتي تعليم مفت مهيا ڪئي وڃي. منهنجي نظر ۾ ڪنهن به قوم جو سڀ کان وڏو اثاثو تعليم آهي ۽ اڄ جي ترقي يافته ۽ مقابلي واري دور ۾ معياري ۽ بهتر تعليم سان ئي آمريڪي نوجوان پنهنجو خواب پورو ڪري سگهي ٿو.“ پنهنجي ايجنڊا تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر آصف چيو ته مان سمجهان ٿو ۽ اهو منهنجو نعرو آهي ته ميڊيڪيئر (آمريڪا جي سرڪاري صحت پاليسي) سڀن لاءِ، جڏهن ته صدر ٽرمپ وفاقي ۽ رياستن طرفان مهيا ڪيل صحت پاليسين جا پئسا (فنڊس) ڪٽي محصولن ۾ ڇوٽ ڏيئي سرمائيدارن ۽ اميرن کي فائدو ڏيڻ چاهي ٿو، جنهن جي مان هر هنڌ تي مخالفت ڪندس، ۽ خوش آئينده ڳالھه اها آهي ته ڪيليفورنيا جا ماڻهو اها ڳالھه سمجهن ٿا، جنهنڪري مان اميد ٿو ڪريان ته هو مون کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪندا.“
    پنهنجي چونڊ مهم جي ايجنڊا تي وڌيڪ ڳالهائيندي ڊاڪٽر آصف محمود چيو ته صحت پاليسي، تعليم کانپوءِ منهنجو ٽيون نقطو برابري آهي. هن زور ڏيندي چيو ته، ”برابري سڀن لاءِ…!“ ڊاڪٽر آصف پنهنجو تعلق ڪيليفورنيا سان هئڻ تي فخر ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته هيءَ نيري رياست (Blue State) آهي جيڪا زمانن کان ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي رياست ليکجي ٿي. هن آمريڪي رياست ۾ سڀن کان وڌيڪ ڌاري آبادي لڏ پلاڻ ڪري اچي آباد ٿي آهي، هو چوي ٿو، ”تنهنڪري مان ڪيليفورنيا جي رهاڪن طرفان صدر ٽرمپ جي، هجرت ڪري آيلن تي نسلي حملن جو جواب ڏيندس، ۽ هن جي نفرت ڀرئي پيغام کي سختيءَ سان رد ڪريان ٿو.“
    هڪ سوال جي جواب م هن چيو ته، ”مان صدر ٽرمپ لاءِ ٽيڻو خطرو آهيان. هڪ ته مان مسلمان آهيان، ٻيو ته مون کي مسلمان هئڻ تي فخر آهي، ٽيون ته منهنجو تعلق ڪيليفورنيا رياست سان آهي“.
    ”توهان جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي ڪيتري طرفداري ڪري ٿي؟“ ان سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته منهنجو سڄو خاندان ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ سان گڏ آهي، هن خاص طور تي پنهنجي نياڻي ماعدا محمود جو ذڪر ڪيو جنهن ھيلري ڪلنٽن جي صدارتي چونڊ مهم دوران رضاڪار هوندي تمام گهڻو ڪم ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو اصل ڪم منهنجي پرائمري چونڊن کٽڻ بعد ئي شروع ٿيندو، جنهن جي مونکي پڪ آهي ته پارٽي مون سان گڏ هوندي، في الحال منهنجو مقصد (Target) ليفٽيننٽ گورنر جون پرائمري چونڊون کٽڻ آهي، جنهن بعد اصل مقابلو شروع ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ڪيليفورنيا آمريڪا جي وڏين رياستين مان، پکيڙ جي لحاظ کان ٽيون نمبر رياست آهي“؛ ڊاڪٽر آصف محمود سڀن گهڻ گهرن ۽ دوستن ڪي چوي ٿو ته، ” ڪيليفورنيا رياست تمام وڏي آهي، تنهنڪري مان هر هنڌ نه ٿو پڄي سگهان؛ اوهان سڀن کي، خاص طور تي ڪيليفورنيا ۾ رهندڙ دوستن کي اپيل ٿو ڪريان ته منهنجي مدد لاءِ ٻاهر نڪرو، پرائمريءَ ۾ پاڻ به ووٽ ڏيو، پاڙي وارن کي به چئو ۽ پنهنجي دوستن کي به گذارش ڪريو.“
    آخر ۾ مون ڊاڪٽر آصف جا ٿورا مڃيا جو هو پنهنجي چونڊ مهم مان وقت ڪڍي اسان سان سانا ڪنوينشن دوران ملڻ آيو ۽ پنهنجي شهر لوئيول ڪينٽڪي رياست جي دوست ڊاڪٽر مرزا آفتاب احمد جو شڪر گذار آهيان، جنهن هن ملاقات لاءِ خاص ڪوششون ورتيون؛ جواب ۾ ڊاڪٽر آصف محمود ”عوامي آواز“ جو شڪريو ادا ڪيو.

    (23 جولاءِ 2017ع)


    آمريڪا جي اڪيلائي

    آمريڪا جي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي صدارت خيرن سان اچي ٽئين ٽه ماهيءَ ۾ پهتي آهي، پر صدر صاحب جا پير اڃان زمين تي نه ٿا کپن. دنيا جي ڪيترن ئي موجوده ملڪن جي بيهڪ، انهن جي اقتصادي ۽ معاشي ترقيءَ ۾ آمريڪا جو سڌو يا اڻ سڌو ڪردار رهيو آهي. خاص طور تي 26 ڊسمبر 1991ع تي گڏيل روس جي ٽٽڻ کانپوءِ، آمريڪا ڄڻ سياسي ۽ جاگرافيائي حوالي سان سڄي دنيا جي گاديءَ جو هنڌ بڻجي پيو. هونئن به ٻي عالمگير جنگ کانپوءِ سياسي، اقتصادي، معاشي ۽ ٽيڪنالوجي ۾ نواڻ ۽ ايجادن جي حوالي سان؛ آمريڪا جو اهم ۽ مضبوط ڪردار رهيو آهي، ويندي علاقائي جنگيون ڪرائڻ ۽ روڪرائڻ ۾ به هي ملڪ اڳڀرو رهيو آهي. مون کي ان ڳالهه چوڻ يا لکڻ ۾ ڪا هٻڪ نه ٿي ٿئي ته آمريڪا جي اڳوڻي صدر باراڪ حسين اوباما دنيا جي ترقي ۽ گدلاڻ کان صاف ڌرتي لاءِ پنهنجي پر ۾ ڪيئي ساراھ جوڳيون ڪوششون ورتيون، جنهن سبب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن هُن کي هاڪاري موٽ ڏني، ۽ آمريڪا جي اڳواڻي صاف نظر پئي آئي، جو هو کوڙ سارن مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ ڪوششون وٺي رهيو هو. اڄ جي مضمون ۾ پاڻ صدر ٽرمپ جي صدارتي عرصي جي ٽئين ٽه ماهيءَ دوارن، دنيا ۾ آمريڪا جي ڪردار ۽ سندس حيثيت جو جائزو وٺون ٿا.
    صدر ڊونالڊ ٽرمپ چونڊ مهم دوران ٻين ڪيترن ئي اختلافي نعرن ۽ مسئلن سان گڏ هڪ نعرو اهو به کڻي آيو ته روس سان اختلاف ختم ڪري گڏجي هلي سگهجي ٿو ۽ اهو ته روسي صدر پيوٽن هڪ سٺو ماڻهو آهي. روس متعلق ٽرمپ جي انهن بيانن ۽ روَيي ڪيترن ئي جهونن سياستدانن کي تاءَ ۾ آندو، خاص طور تي تمام جهونو سياستدان ۽ سينيٽر جان مڪين ڊونالڊٽرمپ جي اهڙن بيانن مان خوش نه هو ۽ هن بيان ڏنو ته صدر پيوٽن دنيا ۾ انساني حقن جي لتاڙ ڪئي آهي ۽ شام ۾ هن صدر بشارالاسد جي ڪيميائي هٿيار استعمال ڪرڻ جي به اڻ سڌي حمايت ڪئي، يا خاموشي اختيار ڪئي؛ تنهنڪري روس تي اقتصادي پابنديون اڃان وڌيڪ سخت هڻڻ کپن. يورپ جا اڪثر ملڪ صدر پيوٽن مان خوش ناهن جو هن 18 مارچ 2014ع تي يوڪرين جو علائقو ڪريميا حملو ڪري پنهنجي قبضي ۾ آندو. دراصل روسي صدر پيوٽن يورپ جي فوجي طاقت کي، سندن حفاظتي تعاون ۽ نيٽو کي ڪيئي ڀيرا للڪاريو آهي! خاص طور تي شام واري مسئلي ۾ دنيا ڏسندي رهي، روس کي ڪير به ڪجهه ڪين ڪري سگهيو.
    روس کي صدر پيوٽن مختصر عرصي ۾ ٻيهر هڪ طاقتور ملڪ طور اُڀاريو، ٿورڙي وقت ۾ معاشي، اقتصادي ۽ فوجي ترقي هُن کي دنيا جي پهرين ٽن ملڪن جي صف ۾ آڻي بيهاريو آهي. صدر پيوٽن جي رويي ۽ ڪرتوتن مان صاف لڳي ٿو ته هو پنهنجي ملڪ لاءِ ساڳيو مرتبو، مان شان ۽ ويندي سرمائيدار ملڪن جيان استحصال ۾ به ساڳيو حصو پتي چاهي ٿو، جيڪو هن جي ملڪ گڏيل روس کي ٽٽڻ کان پهرين حاصل هو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي تي ڇا آمريڪا، يورپ جا ملڪ برطانيا، جرمني ۽ فرانس، ڪئناڊا ۽ آسٽريليا وغيره روس جي ساڳي پراڻي حيثيت قبول ڪرڻ لاءَ تيار آهن؟ منڍ کان وٺي آمريڪا، انهن ملڪن جي اڳواڻي ڪندي روس خلاف انهن ملڪن جو مددگار ۽ ڀرجهلو هو، پر هينئر ڊونالڊ ٽرمپ جو صدر ٿيڻ، هن جي نيٽو جي خلاف ۽ روس جي حمايت ۾ بيانن، انهن سڀن ساٿاري ملڪن کي پريشان ۽ لاچار ڪري وڌو آهي. اُهي ۽ ڪجهه اوڀر يورپ جا ملڪ روس جي پراڻي حيثيت جي بحالي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جڏهن ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي غير سنجيده غير سياسي طبيعت؛ هنن سڀن لاءِ پريشاني ۽ تشويش جو باعث آهي ۽ نتيجن صدر ٽرمپ تي ڪو به اتحادي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جرمن چانسلر اينجلا مرڪيل ڪيئي ڀيرا صدر ٽرمپ خلاف بيان ڏنا آهن، هن پنهنجي هڪڙي بيان ۾ چيو هو ته، ”يورپ هاڻي وڌيڪ آمريڪا ۽ برطانيا جي سهاري نه ٿو هلي سگهي.“ چانسلر اينجلا مرڪيل هڪ ٻئي بيان ۾ چيو هو ته، ”مان فقط ايترو چئي سگهان ٿي ته هاڻي اسان يورپين کي لازمي طور تي پنهنجي منزل لاءِ پاڻ پتوڙڻو پوندو“. اڃان به ان کان وڌيڪ خطرناڪ بيان جرمن چانسلر اينجلا مرڪيل 28 مئي تي G -7 ملڪن جي گڏجاڻيءَ ۾ تقرير ڪندي چيو ته ”صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو آمريڪا ڀروسي جوڳو ساٿي ناهي رهيو“. هن واضح طور تي صدر ٽرمپ جي روس، نيٽو، عالمي گدلاڻ وارين پاليسين تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو. صبر ۽ درگذر ڪرڻ ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ سکيو ئي ناهي ۽ نه ئي اهڙي روَّيي کي هو سٺو سمجهي ٿو. ٻئي ڏينهن يعني 30 مئي تي پنهنجي هڪ ٽويٽ ذريعي جرمن چانسلر اينجلا مرڪيل کي جواب ڏيندي چيائين ته، ”جرمني کان اسان کي واپار ۾ تمام وڏو خسارو آهي، وڌيڪ ته جيڪي پئسا هنن کي نيٽو ۽ فوج تي خرچ ڪرڻ گهرجن، تنهن کان هو تمام گهٽ حصو ڏين ٿا. اهو آمريڪا لاءِ برو آهي. اهو تبديل ٿيندو“. ساڳي نموني يورپ جا ڪجهه ٻيا به اهم ملڪ جيئن برطانيا ۽ فرانس آمريڪا جي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي پاليسين ۽ رويي مان خوش ناهن، جرمن چانسلر مرڪيل جيان ڪڇن ڪونه ٿا، پر سمجهي هر ڪو ٿو.
    آمريڪا 1949 ۾ روس ۽ اشتراڪي نظام جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ 11 ٻين ملڪن سان گڏجي ”نيٽو“ (NATO) اتحاد جوڙيو، ته جواب ۾ روس 1955ع ۾ يورپ جي اوڀر ملڪن سان گڏجي ”وارسا پيڪٽ“ نالي سان اتحاد ٺاهي ورتو. گڏيل روس جي ٽٽڻ کانپوءِ 1 جولاءِ 1991ع تي ”وارسا پيڪٽ“ کي ته ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو پر آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ”نيٽو“ کي اڃان به وڌيڪ مظبوط ڪندا رهيا. هن سال 2017 ۾ ڪل ملائي ”نيٽو“ جا 29 ميمبر ملڪ آهن. صدر ڊونالڊ ٽرمپ چونڊ مهم دوران ۽ صدر ٿيڻ کانپوءِ به ”نيٽو“ جي اهميت ۽ افاديت تي حملا ڪندو رهيو آهي؛ جنهن کي ميمبر ملڪ سٺو نه ٿا سمجهن ۽ صدر ٽرمپ جي اهڙي رويي سبب نيٽو ميمبر ملڪن جو آمريڪا تي ڀروسو ۽ اعتماد وڃي ٿو ڏينهون ڏينهن گهٽبو، جنهن جو سڌو ۽ اڻ سڌو فائدو روس کي ئي ٿئي ٿو. هينئر اها ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته صدر پيوٽن ۽ روس سان سٺا لاڳاپا صرف صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ سندس ڪجهه تمام ويجهن ساٿين جي خواهش هئي. خميس 27 جولاءِ تي سينيٽ 2 جي مقابلي ۾ 98 ووٽن سان روس خلاف تمام سخت پابندين جو بل پاس ڪيو. ان کان اڳ ڪانگريس 25 جولاءِ تي 3 جي مقابلي ۾ 419 ووٽن سان روس، ايران ۽ اتر ڪوريا خلاف پابنديون مڙهڻ جو اهڙو ئي بل منظور ڪيو هو. انهن بلن جي خاص ڳالهه اها آهي ته صدر ٽرمپ جا اهي اختيار گهڻي ڀاڱي ختم ڪيا ويا آهن، جن موجب هو روس کي ڪي رعايتون ڏيئي پئي سگهيو. ٽرمپ انتظاميا لاءِ اهو تمام ڪاپاري ڌڪ آهي جو هو روس سان دوستي ۽ سٺن تعلقاتن وارو خواب، پوءِ ڪهڙن به مفادن جي ڪري؛ چڪنا چور ٿي ويو. هوڏانهن روسي صدر جڏهن ڏٺو ته ٽرمپ انتظاميا جا هٿ ڪٽجي ويا آهن ته هڪ ئي ڌڪ ۾ 30 جولاءِ تي آمريڪا جي 755 سفارتي عملي جي ملازمن کي ملڪ نيڪاليءَ جو حڪم ڏنو. صدر ٽرمپ جي نعرن ۽ دعوائن جي برعڪس آمريڪا ۽ روس جا سياسي ۽ سفارتي تعلقات سرد جنگ کانپوءِ پهريون ڀيرو ايڏي وڏي پئماني تي خراب حد تائين پهتا آهن.
    آمريڪا گهڻي عرصي کان سني مسلمان ملڪن جو اتحادي رهيو آهي ۽ 1 فيبروري 1979ع واري ”خميني انقلاب“ کانپوءِ ايران جي اسرائيل خلاف لڳاتار سخت موقف جي ڪري آمريڪا ڄڻ ايران جو ازلي دشمن ٿي پيو. روس اهڙي صورتحال جو فائدو وٺندي ايران سان ويجها تعلقات رکيا ۽ خاص طور تي 90 جي ڏهاڪي ۾ روس ايران کي هٿيارَ مهيا ڪرڻ وارو سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو. صدر ولاديمير پيوٽن اقتدار ۾ اچڻ سان ايران سان سياسي ۽ فوجي تعلقاتن کي اڃان وڌيڪ مظبوط ڪيو؛ اهڙي نموني روس کي آمريڪا دشمنيءَ سبب شيعا آباديءَ وارا ملڪ ڄڻ قدرتي اتحادي ملي ويا ۽ ائين ئي روس شام جو وڏي ۾ وڏو اتحادي ۽ دوست ملڪ ٿي پيو. گڏيل روس ۽ شام جي وچ ۾ 1944ع کان وٺي سياسي تعلقات هلندا پيا اچن ۽ سندن وچ ۾ ڪيئي دوستي، اقتصادي ترقي ۽ فوجي تعاون جا معاهدا ٿيل آهن. هونئن به تاريخي طور تي شيعا آباديءَ وارا مسلمان ملڪ گڏيل روس کي سني آباديءَ وارن ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ويجهو ۽ اتحادي رهيا آهن.
    صدارتي چونڊ مهم دوران ڊونالڊ ٽرمپ چين جي خلاف تمام گهڻو ڳالهايو، جنهن ۾ هُن چين کي ڪيئي ڀيرا مخاطب ٿي ڌمڪيون ڏنيون، ته چين پنهنجي نوٽن جو قدر عالمي گهرجن تحت وڌائي؛ نه ته آمريڪا سان سندس واپار نه هلي سگهندو وغيره وغيره. صدر ڊونالڊ ٽرمپ چين کي اتر ڪوريا جي جنگي جنون ۽ ميزائيل تجربن جو ڪيئي ڀيرا ذميوار قرار ڏيئي چڪو آهي. مون ڪافي دفعا محسوس ڪيو آهي ته هيڏانهن صدر ٽرمپ چين يا اتر ڪوريا خلاف ڪو بيان ڏيندو آهي ته هوڏانهن اتر ڪوريا ڪو ميزائيل جو تجربو ڪندو آهي. چين وٽ اتر ڪوريا ۽ روس وٽ شام جا مسئلا ڄڻ آمريڪا کي منهن ڏيڻ لاءِ هجن! ساڳئي نموني، صدر ڊونالڊ ٽرمپ چونڊ مهم دوران ۽ صدر ٿيڻ کانپوءِ، اتر ڪوريا جي صدر ڪم جونگ اُن ۽ سندس ملڪ خلاف ڪيئي ڀيرا تُز ۽ تيز رويو اختيار ڪيو، جڏهن ته اتر ڪوريا جوابن ميزائيل مٿان ميزائيل جا تجربا ڪندو رهيو. هڪ ڀيرو صدر ڊونالڊ ٽرمپ خوشامد جو پتو کيڏندي، پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾، اتر ڪوريا جي صدر جي تمام گهڻي تعريف به ڪري ويٺو پر ٿيو ڪجهه ڪين. اتر ڪوريا کي ڌمڪين سان گڏ، صدر ٽرمپ چين کي به چوندو رهيو آهي، ته سمجهايو هن پنهنجي دادلي ٻار کي، آمريڪا ته ڪيئي ڀيرا اتر ڪوريا سان محدود پئماني تي جنگ جون به ڳالهيون ڪري ٿو ته ساڳي وقت چين کي اتر ڪوريا جي مدد ۽ هشي ڏيڻ جو ذميوار قرار ڏيئي ٿو. ڪم جونگ اُن جي اتر ڪوريا جي صدر ٿيڻ کانپوءِ، اتر ڪوريا ميزائيل تجربا وڌائي ڇڏيا آهن ۽ ان جي ڪوشش آهي ته سندن Intercontinental ballistic missile (ICBM) ميزائيل هڪ کنڊ ڪا ٻئي کنڊ تائين ڪنهن نموني پهچن ته جيئن آمريڪا جي ڪجهه شهرن کي نشانو بڻائي سگهجي. صرف 2017ع ۾، اتر ڪوريا 12 ڀيرا ميزائيل تجربا ڪيا آهن، جن مان نَون جي آمريڪا تصديق ڪئي آهي، ۽ ٽِن تجربن کي ناڪام قرار ڏنو آهي. هونئن ته اتر ڪوريا هن سال تقريبن هر مهيني ميزائيل تجربا ڪيا آهن، پر سندن 28 جولاءِ وارو تجربو اتر ڪوريا جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌ هو، جو سندن بيلاسٽڪ ميزائيل 3700 ڪلوميٽر ٽوٽل مفاصلو، ۽ 1000 ڪلوميٽر زميني سفر ڪري جاپان ويجهو سمونڊ ۾ ڪريو، جنهن جي تائيد پينٽاگون به ڪئي. هن تجربي کانپوءِ آمريڪا چين سان سڌو ڳالهايو ته اتر ڪوريا جي اهڙن تجربن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، ۽ اقوام متحده کان وڌيڪ پابنديون هڻائي اتر ڪوريا کي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. جيتوڻيڪ بظاهر چين هن معاملي ۾ آمريڪا سان گڏ آهي، پر اتر ڪوريا طرفان اهڙن ميزائيل تجربن لاءِ ڪي سنجيده ۽ نتيجا خيز ڪوششون ناهن ورتيون. چين جي سرد مهريءَ تي صدر ٽرمپ، اتر ڪوريا طرفان ميزائيل تجربي ڪرڻ جي ٻئي ڏهاڙي يعني 29 جولاءِ تي ٽوئيٽ ڪيو ته، ”مان چين مان سخت مايوس آهيان. اسان جي اڳوڻن بيوقوف اڳواڻن جي اجازت سان هو (اسان مان) واپار ذريعي اربين ڊالر ڪمائن پيا، تڏهن به……!“ ساڳي وقت هڪ ٻئي ٽوئيٽ ڪيائين ته، ”هو اسان لاءِ، اتر ڪوريا خلاف ڪجهه نه ٿا ڪن، سواءِ ڳالهين جي. اسان هنن کي اهڙي عمل جي وڌيڪ اجازت نه ڏينداسين. چين هن مسئلي کي آسانيءَ سان حل ڪري سگهي ٿو.“ هن ٽوئيٽ مان آمريڪا جي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي بيوسي صاف ظاهر آهي.....
    پِيو ريسرچ سينٽر جي طرفان ڪرايل 37 ملڪن جي هڪ سروي رپورٽ مطابق ڊونالڊ ٽرمپ جي صدر ٿيڻ تي، دنيا جي ملڪن، جي آمريڪا جي حمايت ۾ ڪمي آئي آهي؛ جيڪا اڳوڻي صدر باراڪ اوباما جي وقت ۾ 64 سيڪڙو هئي ۽ صدر ٽرمپ جي دور ۾ گهٽجي 49 سيڪڙو تي پهتي آهي. جڏهن ته دنيا جو آمريڪا تي اعتماد 64 سيڪڙو مان گهٽجي وڃي 22 سيڪڙو تي پهتو آهي. آمريڪا جهڙي عالمي اڳواڻ ملڪ لاءِ اها ڪا چڱي صورتحال ڪونهي.
    منهنجي ڄاڻ، سمجهه ۽ سوچ مطابق دنيا جي سياسي معاشيات هلائڻ ۾ ٽي ملڪ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جن ۾ آمريڪا، روس ۽ چين اچي وڃن ٿا. باقي جرمني، فرانس، برطانيه، آسٽريليا، ڪئناڊا، جاپان، اسرائيل ۽ هندستان وغيره اهم ملڪ آهن پر اهي سياسي، سماجي، معاشي ۽ اقتصادي طور تي ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڃان ايترا مظبوظ ناهن؛ تنهنڪري هو پنهنجن مفادن جي بچاءَ، پنهنجي ترقي ۽ باقي دنيا جي استحصال ۾ انهن ٽن ملڪن مان ڪنهن هڪ جا ساٿاري ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي پنهنجو پنهنجو حصو پتي وٺڻ جي جستجو ۾ رهن ٿا. هوڏانهن انهن ٽن اڳواڻ ملڪن مان هر هڪ جي هميشه اها ڪوشش هجي ٿي، ته ڪهڙيءَ طرح ٻن ٻين اڳواڻ ملڪن کي ڪمزور ڪري، پنهنجي اجاراداري قائم ۽ برقرار رکجي. موجوده صورتحال ۾ صدر ٽرمپ جي آمريڪا لاءِ ”نيٽو“ جي ڪجهه طاقتور ملڪن جي بيزاري ۽ بي اعتباري، روس جو سياسي، معاشي ۽ اقتصادي طور هڪ مظبوط ملڪ طور ٻيهر اُڀري اچڻ ۽ چين جي سگهاري معاشي ۽ اقتصادي ترقي کانپوءِ اتر ڪوريا جي معاملي ۾ خاموش رهڻ، آمريڪا کي ڄڻ اڪيلو ۽ بيوس ڪري وڌو آهي.

    (13 آگسٽ 2017ع)


    آمريڪا ۾ نسلي تعصب جو تاريخي پس منظر

    هيڏي وڏي ۽ اڻ کُٽ ڪائنات ۾ انسان اڪيلو رڳو هڪڙي گولي تي رهي ٿو جنهن کي اسان ”ڌرتي ماءُ“ سڏيون ٿا، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان انسانن ڌرتي ماءُ سان هزارين هاڃا ڪيا آهن ۽ ڪندا ٿا رهون؛ نه فقط ايترو پر اسان انسانَ ھڪ ٻئي جا به ڄڻ ته ازل کان دشمن رهيا هجون. ڌرتيءَ تي انسان شايد ٿورڙو وقت ئي ڪو امن امان سان رهيو هجي، باقي سموري انساني تاريخ جنگين ۽ فسادن سان ڀري پئي آهي. غالبن اهو پٿر جي دور کان به گهڻو پهريون اوائلي اشتراڪي دور هوندو، جنهن ۾ انساني قبيلا پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ برابريءَ جي بنياد تي هڪٻئي جي پُهچ کان دور امن ۽ ڀائيڇاري سان رهيا هجن. باقي جيئن جيئن تاريخي طور تي انساني دور اڳتي وڌن ٿا ۽ تهذيبون وجود ۾ اچن ٿيون، تيئن تيئن انسان وڃي ٿو انسان جو دشمن ٿيندو ۽ ڌرتيءَ جي گولي تي لڳاتار جنگيون ۽ فساد انسان جو مقدر بڻجي وڃن ٿا؛ پوءِ به الائي ڇو اسان انسان کي ڌرتيءَ جي گولي جو واحد تهذيب يافته سماجي جانور سمجهون ۽ چئون ٿا، ايڏو بي تهذيب هوندي به….!! اسان انسانن پنهنجن پنهنجن گروهي، نسلي، مذهبي ۽ قومي مفادن جي ڪري، صدين کان ٻين انسانن جو نه فقط استحصال ڪيو آهي بلڪِ ڪيترن ئي معصوم انسانن تي ظلم جي انتها ڪندي انهن تي زندگيءَ جا دروازا به بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ پوءِ به پاڻ کي تهذيب يافته سمجهون ۽ چئون ٿا. انساني تاريخ گروهي، نسلي ۽ مذهبي تعصب سان ڀري پئي آهي، اڄ اسين آمريڪا ۾ نسلي تعصب جي تازي لهر ۽ ان جي ڪجهه تاريخي پسمنظر تي نظر وجهون ٿا.
    اُن بي بنياد مفروضي تي اعتبار ڪندي ته رنگ، نسل ۽ عقيدي جي ڪارڻ ٻيا انسان نيچ ۽ گهٽ آهن يا اسين هنن کان اُتم ۽ اعلى آهيون، کي پاڻ نسلي تعصب چئون ٿا. تاريخي طور تي جديد آمريڪا ۾ نسلي تعصب هتان جي اصلوڪن رهاڪن ”ريڊ انڊين“ جي خلاف شروع ٿيو، جن کي گهڻو تڻو ماري مٽائي تقريبن ختم ڪيو ويو ۽ اڳتي هلي اهو تعصب ڪارن غلامن، يهودين، مسلمانن ۽ ڪجهه ٻين آبادڪارن خلاف شروع ٿيو، جيڪو اڃان تائين ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن وڌ هلندو اچي. آمريڪا ۾ خاص طور تي ڪاري نسل جي انسانن سان اڇن آمريڪين طرفان ته ظلم جي انتها رهي آهي. ويهين صديءَ ۾ ڪاري نسل جا باشندا وقت به وقت پاڻ تي ٿيندڙ ظلم خلاف ڇِڙ وِڇڙ آوازُ اُٿاريندا رهيا، هوڏانهن اڇا آمريڪي اُن ڇڙ وڇڙ آواز کي دٻائڻ لاءِ منظم ٿيا ۽ مختلف تنظيمون جوڙيائون.

    KKK ڪو ڪلڪس ڪلين
    اڇن آمريڪين جي نسلي برتري ۽ تعصب واري هيءَ تنظيم 1866ع ۾ وجود ۾ آئي، جڏهن ريپبلڪن جي ڪجهه چڱن رهنمائن ڪارن غلام آمريڪين لاءِ سياسي ۽ معاشي برابريءَ جي ڳالهه ڪئي. پُلاسڪي شهر، رياست ٽينيسي ۾ 1866ع ۾ ڪوڪلڪس ڪلين جو پهريون اجلاس هڪ سماجي تنظيم طور ٿيو ۽ پوءِ هن تنظيم ۾ هزارين اهي رٽايرڊ فوجي به شامل ٿيا جيڪي آمريڪا جي اندروني ”سول وار“ ۾ صدر ابراهيم لنڪن جي وفاقي فوجن خلاف وڙهيا هئا. آمريڪا جي ڏاکڻي رياستن ۾ هن تحريڪ زور ورتو ۽ 1870ع ۾ تقريبن سمورين ڏاکڻين رياستن ۾ ريپبلڪن پارٽيءَ خلاف اڇن آمريڪين جي وڏي مزاحمتي قوت ٿي اُڀري. هڪ انتهائي دلچسپ تاريخي حقيقت ٻڌائيندو هلان ته ان مزاحمتي تحريڪ جي اڇن آمريڪين ڊيموڪرٽڪ پارٽيءَ جي حمايت ڪري کين کٽرايو ۽ تڏهن ڊيموڪرٽڪ پارٽي اڇن بنياد پرست ۽ تعصبي آمريڪين جي پارٽي هئي ۽ اڄ جي دور ۾ ڊيموڪرٽڪ پارٽي هڪ روشن ۽ آزاد خيال پارٽي ڄاتي ۽ سڃاتي وڃي ٿي. انهن جي اقتدار ۾ اچڻ بعد KKK تحريڪ جهڙوڪر ختم ٿي ويئي. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ پروٽيسٽنٽ عيسائين KKK کي ٻيهر جيئاريندي، ڪيٿولڪ عيسائين، يهودين، ڌارين آبادڪارن ۽ ڪارن خلاف منظم ٿي، تمام وڏيون ريليون ڪڍيون ۽ انهن خلاف نفرت آميز تحريڪ هلائي. 1920ع واري ڏهاڪي ۾ هن تنظيم جي عروج دوارن سندس ميمبرن جو تعداد وڃي چاليهن لکن تي پهتو هو. 1960ع ڌاري وري KKK تنظيم ۾ اُڀار آيو، جڏهن آدرشي انسان ڊاڪٽر مارٽن لوٿر ڪنگ ڪارن جي شهري ۽ انساني حقن لاءِ ڀرپور تحريڪ هلائي. ان دوارن KKK جي ميمبرن ڪارن جي چرچن، اسڪولن ۽ جلسن جلوسن تي ڪيئي ڀيرا بمن سان حملا ڪيا ۽ باهيون ڏنيون. هن تنظيم جي انتها پسند ميمبرن نه فقط ڪارن باشندن کي پنهنجي غضب جو نشانو بڻايو، پر انهن اڇن آمريڪين کي به موت جي ننڊ سمهاريو جن انساني حقن ۽ برابريءَ جي ڳالهه پئي ڪئي. صدر لِنڊن جانسن 1965ع ۾ هن تنظيم جي کليل لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ تنظيم جي ڪيترن ئي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو.

    نيو نازي ٽولا
    يهودين سان ظلم ۽ بربريت وارو ورتاءُ رڳو جرمنيءَ جي فسطائي حڪمران اڊولف هٽلر ڪونه ڪيو، هنن ويچارن سان مذهبي عقيدي جي بنياد تي اڃان تائين تقريبن سموري دنيا ۾ تعصبي رويو روا رکيو ٿو وڃي. ڀلا اهو به ڪو انسان جي هٿ وس آهي ته ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪنهن جي گهر ۾ پيدا ٿجي!؟ يهودي آمريڪا ۾ هجي يا يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾، هنن سان مذهب جي بنياد تي تعصب ٿيندو پيو اچي، ۽ مان مسلمان ملڪن جي ته ڳالهه ئي ڪونه ٿو ڪريان جو هتي يهودي ته ڇڏيو، مسلمانن جو هڪ فرقو ٻئي فرقي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته يهودي يا غير مسلم سان ڇا حالت هوندي!
    سو آمريڪا ۾ به يهودين خلاف تعصبي گروهه موجود آهن ۽ چيو ٿو وڃي ته هتي اهڙا 99 گروهه متحرڪ آهن جيڪي يهودين خلاف مذهب ۽ عقيدي جي بنياد تي نفرت ۽ نسلي تعصب پکيڙين ٿا، ۽ اهڙن گروهن جي اڪثريت صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي حمايت ڪري ٿي ۽ کيس پنهنجو رهنما سمجهي ٿي. مجموعي طور تي آمريڪي سماج ۾ ڪنهن انسان کان نفرت کي سٺو نه ٿو سمجهيو وڃي، تنهنڪري اهي ”نيو نازي ٽولا“ کلي عام ڪم ڪونه ٿا ڪن ۽ هنن کي وڏي پئماني تي پٺڀرائي ۽ حمايت حاصل ناهي ٿي سگهي.

    سفيد فام برتري (white supremacy)
    هيءَ ڪا منظم پارٽي يا گروهه ناهي، بلڪِ هي اصطلاح گڏيل طور تي انهن سڀني (KKK، انتها پسند ساڄي ڌر ۽ نيو نازي ٽولا) لاءِ آهي، جيڪي آمريڪا جي سفيد فام آباديءَ کي ٻين هجرت ڪري آيل باشندن کان برتر سمجهن ٿا ۽ آمريڪا تي سفيد فام آباديءَ جي حڪمراني چاهين ٿا ۽ تنهن لاءِ ڪڏهن وڌ ڪڏهن گهٽ جدوجهد ڪن ٿا. اڄڪلهه، آمريڪا ۾ اهڙن ٽولن جو آواز، جلسا ۽ جلوس وڌنڌي نظر اچن ٿا، جو هنن کي صدر ٽرمپ جهڙو غير سياسي ۽ چالاڪ واپاري پنهنجي رهنما طور ملي ويو آهي.

    سفيد فام بنياد پرست
    ريپبلڪن پارٽي جو ابراهيم لنڪن 1860ع ۾ آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو. صدر لنڪن جيئن ته غلام رکڻ جي خلاف هو، تنهنڪري ستن ڏاکڻين رياستن آمريڪا (Union) کان عليحدگي اختيار ڪري پنهنجو نئون اتحاد “Confederate States of America” جي نالي سان جوڙيو. هن اتحاد ۾ هيٺيون ست رياستون شامل ٿيون:

    1. الاباما
    2. فلوريڊا
    3. مسيسپي
    4. جارجيا
    5. لُئيزيانا
    6. ٽيڪساس
    7. ڏکڻ ڪيرولائينا

    هنن رياستن جي علحده ٿيڻ جا ٽي سبب هئا:
    • غلامن کي جائز طور رکڻ
    • رياستن جا حق
    • سفيد فام باشندن لاءِ سياسي آزادي
    غلامن رکڻ جي مسئلي تي سالن جي رساڪشي ۽ ڪجهه ڳرن محصولن جي اطلاق کانپوءِ آخر يونين ۽ ڪنفيڊريٽ وچ ۾ جنگ لڳي. جيئن ئي 12 اپريل 1861ع تي جنگ ڇڙي ته چار هيٺيون رياستون به عليحدگي اختيار ڪري ڪنفيڊريٽ رياستن سان وڃي شامل ٿيون.

    1. آرڪنساس
    2. ورجينيا
    3. اتر ڪيرولائينا
    4. ٽينيسي

    آمريڪا جي ان شهري يا مقامي جنگ ۾ اٽڪل ڇهه کان ست لک ماڻهو مئا ۽ ان کان علاوه لکين زخمي ٿيا، هيءَ جنگ چار سال هلي ۽ نيٺ 9 اپريل 1865ع تي ڪنفيڊريٽ فوج جي جنرل رابرٽ لي آڻ مڃي پيش پيو ۽ صدر ابراهيم لنڪن جي فوجن هيءَ جنگ کٽي ورتي.
    اُهي سڀ ڏاکڻيون رياستون، 1870ع تائين واپس آمريڪا ۾ شامل ٿينديون ويون. هاڻي عجيب ۽ دلچسپ صورتحال اها آهي ته انهن ڏاکڻين رياستن جي ڪيترن ئي شهرن ۾ انهن ڪنفيڊريٽ جنرلن جا مجسما ٺهيل آهن، جن آمريڪا سان جنگ جوٽي ۽ لکين ماڻهن کي موت جي منهن ۾ ڏنو. نه فقط ايترو پر ڪيترن ئي ٻهراڙين جي سفيد فام ماڻهن جي گهرن اڳيان ڪنفيڊريٽ جهنڊا لڳل آهن. دراصل اهي نسل پرست سفيد فام ماڻهو انهن مجسمن ۽ جهنڊن کي پنهنجي برتريءَ جي نشاني سمجهن ٿا ۽ ان جي تشهير ڪن ٿا. اهڙي طرح انهن ڄڻ ”نيو ڪنفيڊريٽ گروهه“ جوڙي ورتو هجي.
    هينئر ذڪر ٿا ڪريون تازي صورتحال جو، جنهن صدر ٽرمپ کي سندس صدارتي عرصي دوران پهريون ڀيرو تمام وڏو جهٽڪو رسايو آهي، شايد هُن ۽ سندس ٽيم خلاف صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت واري هلندڙ جاچ به کين ايترو پريشان نه ڪيو هوندو ۽ هن جي حمايت ۾ ايتري ڪمي نه آئي، جيتري هن ڀيري هڪ واقعي بعد سندس ڏنل بي تُڪي بيان سبب ٿي آهي. چوندا هن، رب رُسي مت کسي، خير هي همراه ته هو ئي اهڙو…!!
    رياست ورجينيا جي شهر شارلاٽسوِل جي انتظاميا شهر ۾ لڳل ڪنفيڊريٽ فوج جي جنرل رابرٽ لي جو مجسمو هٽائڻ جو فيصلو ڪيو هو. ڇنڇر 12 آگسٽ تي ان فيصلي خلاف سفيد فام بنياد پرست ۽ نسلي تعصب رکندڙن هڪ ريليءَ جو سڏ ڏنو ۽ پنهنجا ماڻهو گڏ ڪيا. ياد رهي ته هي ساڳيو رابرٽ لي آهي، جيڪو صدر ابراهيم لنڪن جي فوج خلاف ڪنفيڊريٽ فوج جو جنرل هو. هوڏانهن روشن خيال آمريڪين به هڪ پر امن ريلي جو اهتمام ڪيو. سفيد فام بنياد پرستن ۽ نسلي تعصب رکندڙن هن پر امن ريلي جي ويجهو ايندي ئي هنن خلاف نعرا هنيا ۽ هنن کي روڪڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي، جنهن بعد ٻنهي ٽولن ۾ ڇتي ويڙهه شروع ٿي ويئي. امن پسند ريليءَ تي هڪ تيز رفتار ڪار ذريعي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ 32 سالن جي حيدر هاير فوت ٿي ويئي. ڪار ذريعي حملو ڪندڙ 20 سالن جو جيمس فيلڊس سفيد فام بنياد پرست ۽ نسلي تعصب رکندڙ هو، جنهن کي موقعي تي گرفتار ڪيو ويو. هن واقعي پوري آمريڪي قوم کي ڌوڏي ڇڏيو، سوني تي سهاڳو تڏهن ٿيو جڏهن صدر ڊونالڊ ٽرمپ ٻرنديءَ کي تيلي ڏيندي، پنهنجي بيان ۾ هن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ٻنهي ٽولن ۾ نفرت ۽ تعصب رڪندڙ ماڻهن سبب هي واقعو پيش آيو ۽ صدر ٽرمپ ڪنهن هڪ ٽولي کي ذميوار قرار نه ڏيندي، ڪنهن هڪ ٽولي کي نندڻ کان انڪار ڪيو. آمريڪا جي ويجهي تاريخ ۾ ڪنهن صدر طرفان اهڙو رويو نظر ناهي آيو، جنهن سبب ٻنهي پارٽين، ريپبلڪن توڙي ڊيموڪريٽڪ جي صفن ۾ بيچيني وڌي ويئي. قومي ٻڌي، امن، ڀائيچاري ۽ اخلاقي قدرن کي وساري، صدر ٽرمپ غير سنجيده بيان ڏيندي، پنهنجي بنياد پرست ووٽرن کي راضي رکڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي هر طرف کان مذمت ڪئي ويئي. عوام، ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن طرفان صدر ۽ وائيٽ هائوس تي ايڏو ته زور بار وڌي ويو، جو ٻن ڏهاڙن بعد سومر تي صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي ٻيهر بيان ڏيڻو پيو، جنهن ۾ هن سفيد فام نسل پرستن ۽ تعصبين، KKK ۽ نيو نازين جي کليل لفظن ۾ مذمت ڪئي. اڱاري ڏينهن ٽيهر بيان ڏيندي صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي پهرين موقف تي موٽي آيو ۽ ٻنهي گروهن کي فساد جو ذميوار قرار ڏيندي چيو، ته ٻنهي گروهن ۾ تمام سٺا ماڻهو موجود آهن. نيو نازي ٽولي ۾، سفيد فامن ۾ به ڪجهه سٺا ماڻهو موجود آهن ته هوڏانهن کاٻي ڌر وارن ۾ به ڪجهه سٺا ماڻهو موجود آهن. مختصرن اهو ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۾ اها همت ئي ڪونهي تو غلط کي غلط چئي، بري کي برو چئي. ڇاڪاڻ ته اهي بنياد پرست، نسل پرست ۽ سفيد فام تعصبي هن جا کليل حمايتي ۽ ووٽر آهن، تنهنڪري هو اها همت ئي نٿو ساري ته ڪنهن به سبب ڪري ڪٿي به هنن جي ڪا مخالفت ڪري، پنهنجو رهنما وارو ڪردار ادا ڪندي آمريڪي قوم جي اعلى قدرن کي اڳتي وڌائي؛ نتيجي ۾ آمريڪا وڃي پيو ساڄي ۽ کاٻي ڌر؛ انتها پسند ۽ اعتدال پسندن جي ٽولن ۾ ورهائبو.
    آمريڪا جي وڏن شهرن ۾ جتي روزگار جا موقعا وڌيڪ ميسر آهن ۽ ٻهراري جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوشحالي آهي، تنهڪري انهن وڏن شهرن ۾ تنگ نظري، بنياد پرستي سفيد فام انتها پسندي گهٽ آهي. اميد ڪري سگهجي ٿي ته جڏهن انهن ٻهراڙيءَ جي علائقن مان بيروزگاري ۽ غربت گهٽبي ته اهڙي قسم جا نفي نظريا ۽ منفي رويا به پنهنجي موت پاڻ مري ويندا؛ پر تاريخي طور تي ڳالهه اها ڳڻبي ۽ ڳائبي ته ان ڏکي دور ۾ عوام طرفان چونڊيل رهنما صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڪهڙا ڪارائتا فيصلا ڪيا، جن سبب انساني، سماجي ۽ تهذيبي ترقيءَ، امن امان، قومي ٻڌي، ڀائيچاري ۽ برابريءَ ۾ اظافو آيو ۽ هُن هڪ ذميوار رهنما ۽ اعلى قدرن وارو ڪردار ادا ڪيو؛ جيڪو اڃان تائين ته نظر ڪونه ٿو اچي.

    (27 آگسٽ 2017ع)


    آمريڪا، قدرتي آفتن جي گهيري ۾.....!!

    انسان ڀلي پنهنجو پاڻ کي ڪائنات جو اڪيلو فاتح سمجهي پر جڏهن قدرتي آفتون اچي در کڙڪائين ٿيون ته پاڻ کي انتهائي طاقتور تصور ڪندڙ انسان، فطرت اڳيان انتهائي ڪمزور، مجبور ۽ لاچار نظر اچي ٿو. ڀلي انسان ترقيءَ جي بُلندين تي پهچي پاڻ کي سرخرو ۽ فاتح سمجهي، پر اڻ کٽ ڪائنات جي قدرت ۽ فطرت اڳيان هُو ڪک پن جيان ڪمزور ۽ لاچار آهي. فطرت پنهنجي هئيت ۾ جيڏي نازڪ ۽ نفيس، سهڻي ۽ من موهڻي آهي ته ساڳي وقت اوڏي ئي سخت، ظالم ۽ قهاري به آهي. جڏهن قدرتي آفتون اچن ٿيون ته دنيا جا ترقي يافته ملڪ به بيوس نظر اچن ٿا ۽ پنهنجن ماڻهن کي متاثر علائقن مان لڏائڻ کان سواءِ ٻيو حل کين سُجهي ئي ڪونه ٿو. جس هجي انهن ترقي يافته ملڪن جي ادارن، سندن منظم نظام ۽ ڪم جي ڀرپور صلاحيتن کي، جو ايڏي وڏين قدرتي آفتن کي منهن ڏيندي گهٽ ۾ گهٽ انساني جانين جي ظايع ٿيڻ کي يقيني ٿا بڻائين، نه ته ٽين دنيا جي ملڪن ۾ اهڙيون وڏيون آفتون اچن ٿيون ته هزارين انساني جانيون ڳڙڪائي وڃن ٿيون. گذريل ٽن هفتن کان آمريڪا سامونڊي طوفانن جي گهيري ۾ آهي، جن ڪيترن ئي شهرن ۾ تمام وڏي پئماني تي تباهي ۽ بربادي آندي آهي، جنهن سبب ڪجهه انساني جانين سان گڏ اربين ڊالرن جو نقصان پڻ ٿيو آهي. آمريڪا ۾ آيل سامونڊي طوفانن جي تفصيل کان پهرين، اچو ته انهن طوفانن جي شدت جي لحاظ کان درجا بنديءَ تي ڳالهايون.

    سامونڊي طوفانن جي درجا بندي:
    1971 ۾ هربرٽ سَفاير (سول انجينئر) ۽ رابرٽ سمپسن (موسميات کاتي جو ماهر) گڏجي سامونڊي طوفان جي شدت جو ماپو جوڙيو، جنهن کي ”سَفاير- سمپسن“ چئجي ٿو. ”سَفاير- سمپسن“ پئمانو (scale) طوفان جي شدت موجب مال متاع، جاين جڳهين جي نقصان ۽ ساحلي علائقن ۾ ٻوڏ جي اڳڪٿي ڪري ٿو. اُن پئماني (scale) جي درجه بندي 1-5 تائين هيٺين طرح جوڙيل آهي:

    درجه بندي-1 سامونڊي طوفان (Category One Hurricane )
    هن ساموندي طوفان ۾ 74- 95 ميل في ڪلاڪ (119-153 km/hr) جي رفتار سان ساموندي هوائون هلن ٿيون، گهرن يا عمارتن کي ڪو خاص نقصان ڪونه ٿو رسي، البته ڪچا گهر ڊهن ٿا ۽ ڪجهه وڻ ٽڻ ضرور ڪرن ٿا.

    درجه بندي - 2 سامونڊي طوفان (Category two Hurricane )
    هن ساموندي طوفان ۾ 96- 110 ميل في ڪلاڪ (154-177 km/hr) جي رفتار سان ساموندي هوائون هلن ٿيون، گهرن يا عمارتن جي ڇتيُن، درن دروازن کي ٿورو نقصان رسي ٿو. ڪچا گهر ڊهي پٽ پون ٿا ۽ وڻن کي ڪافي نقصان رسي ٿو.

    درجه بندي - 3 سامونڊي طوفان (Category three Hurricane )
    هن ساموندي طوفان ۾ 111- 130 ميل في ڪلاڪ (178-209 km/hr) جي رفتار سان ساموندي هوائون هلن ٿيون، گهرن ۽ ڪاروباري عمارتن جي ڇتين، درن دروازن کي ڪافي نقصان رسي ٿو. ڪچا گهربه ڊهي پٽ پون ٿا. ننڍا توڙي وڏا وڻ ڪري يا ڀڃي پون ٿا ۽ انهن کي بيحد نقصان ٿئي ٿو.

    درجه بندي- 4 سامونڊي طوفان (Category four Hurricane )
    هن ساموندي طوفان ۾ 131-155 ميل في ڪلاڪ (210-249 km/hr) جي رفتار سان ساموندي هوائون هلن ٿيون، گهرن ۽ ڪاروباري عمارتن جي ڇتين، درن دروازن کي وڏو نقصان ٿئي ٿو. ڪچا گهر ته ڇا وڏن ۽ مظبوط گهرن کي به تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو. ننڍا توڙي وڏا وڻ پاڙئون پٽجن ٿا. سمنڊ جي اوچين لهرن ۽ بارش جي ڪري ساحلي علائقن ۽ شهرن ۾ ٻوڏ به اچي ٿي. روڊ رستا ٻوڏ سبب بند ٿيو وڃن.

    درجه بندي-5 سامونڊي طوفان (Category five Hurricane )
    هن ساموندي طوفان ۾ 155 ميل في ڪلاڪ (249 km/hr) جي رفتار کان مٿي ساموندي هوائون هلن ٿيون. هي سڀن کان وڏو ۽ تمام خطرناڪ طوفان آهي، جنهن ۾ گهرن ۽ ڪاروباري عمارتن جي ڇتيون مڪمل اُڏامي ۽ در دروازا اکڙي پوندا آهن. هن طوفان ۾ هر شي کي ڪاپاري ڌڪ لڳي ٿو ۽ تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو. ننڍا وڏا وڻ، سائن بورڊ توري بجليءَ جا کنڀا پاڙئون پٽجي وڃن ٿا. سمنڊ جي اوچين لهرن ۽ بارش جي ڪري ساحلي علائقن ۽ شهرن ۾ وڏي ٻوڏ به اچي ٿي، روڊ رستا ٻوڏ سبب بند ٿيو وڃن. هن طوفان ۾ سمنڊ جي 5 کان 10 ميلن جي وچ وارا ساحلي علائقا گهڻو تڻو زوري زبردستيءَ خالي ڪرايا ويندا آهن.

    هيوسٽن ۾ آيل هاروي سامونڊي طوفان
    25 آگسٽ 2017 تي آمريڪا جي تاريخ جو بدترين درجه بندي- 4 جو ساموندي طوفان ”هاروي“ آيو، جنهن رياست ٽيڪساس جي شهر هيوسٽن کي تمام بُري نموني متاثر ڪيو. هيوسٽن شهر آمريڪا جو آباديءَ جي لحاظ کان چوٿون وڏو شهر آهي. هن کان پهرين نيويارڪ، لاس اينجلس ۽ شڪاگو اچي وڃن ٿا. هيوسٽن ۾ وڏي آبادي پاڪستان مان لڏي آيل شهرين جي آباد آهي ۽ جن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي به وڏي اڪثريت آهي. چيو وڃي ٿو ته آمريڪا جي تاريخ ۾ ”هاروي“ سامونڊي طوفان سڀ کان وڌيڪ نقصان ۽ تباهي آڻيندڙ طوفان هو. رياست ٽيڪساس جي گورنر گريگ ايبٽ، سامونڊي طوفان جي اچڻ جي هڪ هفتي اندر نقصان جو تخمينو لڳائندي وفاقي سرڪار کان 180 بلين ڊالر جي گهر ڪئي آهي. هن کان پهرين 2005ع ۾ رياست لوئيزيانا جي شهر نيو اورليئنز ۾ ايندڙ سامونڊي طوفان کي سڀ کان خطرناڪ ۽ تباهه ڪن تصور ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ 1833 انساني جانيون اجل جو شڪار ٿيون. وفاقي سرڪار رياست لوئيزيانا ۾ 2007ع تائين 150 بلين ڊالر متاثر شهرين جي مدد ۽ شهرن جي بحاليءَ لاءِ خرچ ڪيا. هاروي سامونڊي طوفان سبب توڙي جو هيوسٽن شهر ۾ انساني جانين جو نقصان نه هئڻ برابر ٿيو آهي، پر مال متاع جو نقصان نيو اورليئنز ۾ ڪترينا سامونڊي طوفان ڪري ٿيل نقصان کان سوين ڀيرا وڌيڪ ٿيندو. ٿورڙي عرصي ۾ گڏ ڪيل انگن اکرن موجب هن وقت تائين 40 هزار گهر مڪمل تباهه ۽ تقريبن ڏهه لک گاڏين کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي. جيڪي مرمت کانسواءِ ٽين دٻي مثل آهن.
    هيوسٽن شهر ۾ رهندڙ غلام محى الدين مورائي، وائيس پريزيڊنٽ سانا، ٻڌايو ته هو آمريڪا ۾ گذريل 26 سالن کان رهي ٿو، پر هن هيوسٽن ۾ اهڙو سامونڊي طوفان ۽ مينهن ايڏي وڏي ٻوڏ سان ناهي ڏٺو. مورائيءَ چيو ته هيوسٽن جي تاريخ ۾ اهڙي وڏي پئماني جي ٻوڏ ناهي آئي، جنهن جي تصديق ڪيترن ئي ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن به ڪئي آهي. سانا هيوسٽن جي دوستن کي جس هجي، جن مشڪل گهڙيءَ ۾ سنڌي برادريءَ جي ٻوڏ سبب ڊٺل پنجن ڇهن گهرن جي رضاڪارانا مدد ڪندي، پنهنجي مدد پاڻ تحت مرمت ڪئي. سانا هاروي سامونڊي طوفان جي متاثرين جي بحاليءَ لاءِ چندي گڏ ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.

    ميامي ۽ ٽيمپا فلوريڊا ۾ آيل ارما سامونڊي طوفان
    10 سيپٽمبر تي درجا بندي-4 سامونڊي طوفان (Category four Hurricane ) رياست فلوريڊا سان ٽڪرايو، جنهن ميامي، ٽيمپا، جيڪسن وِل جي شهرن ۽ فلوريڊا ڪيز جي جزيرن کي بُري طرح متاثر ڪيو. هي طوفان جڏهن سمونڊ مان شروع ٿيو، تڏهن درجه بندي- 5 جو طوفان هو ۽ ڪيريبين جي جزيرن کي تباهه ڪري جڏهن فلوريڊا پهتو، تڏهن اُن جي شدت درجا بندي-4 هئي. ميامي، ٽيمپا، جيڪسن ول شهرن ۽ انهن جي ڀر پاسي وارا علائقا مڪمل طور تي زوريءَ خالي ڪرايا ويا، جنهن سبب انساني جانين جو نقصان نه هئڻ برابر ٿيو، نه ته فلوريڊا جي تاريخ ۾ آيل هن بدترين سامونڊي طوفان سبب هزارين ماڻهو مرن ها. باقي گهرن، عمارتن، روڊن رستن، گاڏين ۽ ٻيڙين کي جيڪو نقصان رسڻو هو ۽ تباهي اچڻي هئي، سا ته آئي؛ جنهن کي ڪو روڪي نه پئي سگهيو. فلوريڊا رياست ۾ فلوريڊا ڪِيز جي نالي سان مختلف سامونڊي ٻيٽن جا علائقا آهن، جنهن ۾ اپر ڪِيز ، مڊل ڪِيز ، لوئر ڪِيز ۽ ڪِي ويسٽ اچي وڃن ٿا، سي سموري دنيا جي سياحن لاءِ وڏي ڪشش جو باعث آهن ۽ هتان جا ٻيٽ تمام خوبصورت ۽ صاف سٿرا آهن. هنن ٻيٽن (ڪيز) ۾ 90 کان 120 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سامونڊي هوائن ۽ 9 فوٽن تائين اوچين سامونڊي لهرن وڏي تباهي ۽ بربادي آندي. سرڪار طرفان هنن سمورن ٻيٽن کي پڻ زوريءَ خالي ڪرايو ويو هو، جتي 25 سيڪڙو گهر مڪمل تباھ ٿي ويا. ارما سامونڊي طوفان رياست فلوريڊا جي تاريخ جو بدترين طوفان هو، جنهن ماضيءَ جا سڀ رڪارڊ توڙي ڇڏيا. هن طوفان سبب 15 ملين ماڻهن کي بجليءَ جي فراهمي متاثر ٿي. فلوريڊا رياست جي 500 عارضي پناھ گاهن ۾ 411,000 ماڻهن کي ترسايو ويو ۽ رياست ۾ 6 ملين ماڻهن کان زوري گهر ۽ علائقا خالي ڪرايا ويا. ارما سامونڊي طوفان سبب رياست فلوريڊا ۾ هن وقت تائين 30 ماڻهو مري چڪا آهن، جن ۾ 8 ماڻهو تيمارداري (نرسنگ) گهر ۾ بجلي نه هئڻ ڪري فوت ٿيا. جنهن جي مجرمانا جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
    ٽيمپا فلوريڊا جي ويجهو رهندڙ، ڊاڪٽر سليم خميساڻيءَ ٻڌايو ته، ”اسان احتياطن پنهنجو شهر لارگو ڇڏي، اڍائي ڪلاڪن جي مفاصلي تي جينزوِل وڃي ترسياسين، جتي منهنجا ٻار عضمير ۽ نهال پڙهڻ سانگي رهن ٿا، هُتي ٽي ڏهاڙا رهي واپس ورياسين. بس اهو سڪون هو ته ٻچڙن سان گڏ آهيون.“ ڊاڪٽر سليم وڌيڪ چيو ته هو فلوريڊا ۾ 13 سالن کان رهي ٿو ۽ هي ٻيون ڀيرو آهي، جو اهڙو خطرناڪ سامونڊي طوفان ڏٺو اٿن، هن ساڳي وقت شڪر ادا ڪيو ته سامونڊي طوفان ميامي ۽ سندن شهر لارگو پهچندي چڱو ماٺو ٿي چڪو هو. هن ٻڌايو ته فلوريڊا ڪيز ڏانهن طوفان جو زور هو جتي وڏو نقصان ٿيو آهي.
    هڪ اندازي موجب، سامونڊي طوفان هاروي سبب رياست ٽيڪساس کي 150 بلين ڊالر ۽ سامونڊي طوفان ارما سبب رياست فلوريڊا کي 200 بلين ڊالر جو نقصان رسيو آهي.
    انسان ازل کان پنهنجي وجود جي بچاءَ ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوشان آهي ته قدرت وري پنهنجي فطرت موجب انساني غيرفطري عملن تي ردِعمل ڏيکاري ٿي. انسانن ريگستان جي پيٽ ۾ دبئي جهڙا شهر جوڙي يا ميامي ۽ ٽيمپا جهڙا شهر سمونڊ جي نراڙ تي اڏي قدرت کي للڪاريو ناهي ته ٻيو ڇاهي ڪيو!؟ ۽ پوءِ قدرت، وقت به وقت پنهنجو پاءُ پلاند چڪتو ڪندي ٿي رهي. ڪڏهن ڪڏهن ته مونکي ايئن ٿو لڳي ته صدر ٽرمپ جي هوڏ ۽ تڪبر ته ”ماحولياتي گدلاڻ ڪجهه ناهي سواءِ ڪنهن افساني جي، ۽ اسان کي جيئن وڻندو تيئن ڪبو“ جي جواب ۾ قدرت هن کي خطرناڪ سامونڊي طوفان ۽ وڏي تباهي ڏني آهي. اڳوڻي صدر باراڪ اوباما ماحولياتي گدلاڻ گهٽائڻ لاءِ جيڪي اُپاءَ ورتا هئا، مقامي ۽ بين الاقوامي طور تي جيڪي اهم قدم کنيا هئا؛ موجوده صدر ڊونالڊ ٽرمپ انهن سڀن تان آهستي آهستي پوئتي هٽندو ٿو وڃي. مقامي سطح تي ٻيهر ڪوئلي جي صنعت کي هٿي پيو ڏئي، تيل ۽ گئس جي هاڃيڪار استعمال کي وڌائي پيو ۽ سڀ کان خطرناڪ ڳالهه ته پيرس معاهدي تان هٿ کڻي ويو آهي، جنهن تي 195 ملڪن صَحيون ڪيون هيون. دنيا جا فقط ٻه ملڪ، شام ۽ نڪاراگوا هن معاهدي کان ٻاهر آهن، ۽ ٽيون صدر ٽرمپ جو آمريڪا ٿيندو.

    ٻي ڳالهه
    هلندي هلندي ٻي ڳالهه به ڪندا هلون ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ويجهي ساٿي، وائيٽ هائوس جي هٽايل چيف اسٽريٽيجسٽ ۽ بنياد پرست اسٽيفن بينن هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته جيمس ڪومي ڊائريڪٽر ايف بي آئي کي سندس عهدي تان هٽائڻ، صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي بدترين غلطي هئي جنهن جو جديد آمريڪي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. بينن جي اهڙي انڪشاف ڪيترن ئي صحافين ۽ سياستدانن کي حيران ڪيو آهي جو سمجهيو پئي ويو ته صدر ٽرمپ ايف بي آئي جي ڊائريڪٽر جيمس ڪوميءَ کي بنياد پرست بينن جي صلاح سان ئي هٽايو هوندو.

    (17 سيپٽيمبر 2017ع)


    آمريڪا، ڊونالڊ ٽرمپ ۽ انساني حقن جو سوال .....!!

    جمع 22 سيپٽمبر تي، هنٽس وِل، رياست الاباما ۾ هڪ سينيٽ سيٽ جي چونڊ مهم جي جلسي ۾ تقرير ڪندي صدر ڊونالڊ ٽرمپ نيشنل فوٽ بال ليگ (NFL) جي ڪجهه رانديگرن ڏانهن اشارو ڪندي، بغير ڪو نالو کڻندي چيو ته: ”جڏهن ڪو شخص اسان جي جهنڊي جي بي حرمتي ڪري ته ان ڪتيءَ جي پٽ کي ان ئي مهل ميدان مان ٻاهر ڌڪي ڪڍو، نڪر ! هن کي ڪڍو! هن کي ڪڍو...!“
    (When somebody disrespects our flag, Get that son of a bitch off the field right now, out. He’s fired. He’s fired!)
    صدر ٽرمپ جي اهڙي غير مهذب ٻولي ٻولڻ تي به هال ۾ ويٺل سندس بنياد پرست ۽ نسل پرست حامين ۾ ڪوڪرا پئجي ويا، تاڙين سان گڏ واهه واهه ٿي ويئي ۽ هن اها ڳالهه حسبِ عادت ٻه ٽي ڀيرا وري ورجائي. آمريڪا جي آئين جي ٻي ترميم مطابق احتجاج هر شهريءَ جو حق آهي. هيءُ ڪارن رانديگرن جو انوکو احتجاج هو، جيڪو اڇن آمريڪين کي نه ٿو ڀانئجي...!
    فوٽ بال آمريڪا جي سڀ کان مشهور راند آهي، جيڪا هر سال سيپٽمبر مهيني کان شروع ٿي، فيبروري مهيني جي پهرين هفتي ۾ پڄاڻيءَ تي پهچي ٿي. هن راند ۾ تمام گهڻو پئسو آهي ۽ سٺا رانديگر ڪروڙين ڊالرن جا معاهدا ڪري، مختلف ٽيمن طرفان کيڏن ٿا. اهو امر دلچسپ آهي ته هن راند ۾ 70 سيڪڙو اڪثريت آمريڪي آفريڪي ڪارن جي آهي، جيڪي تمام سٺي ۽ شاندار راند رهن ٿا. آمريڪا ۾ نيشنل فوٽ بال ليگ (NFL) 1920ع کان شروع ٿي پر ٽيمن وچ ۾ اڻ لکيو معاهدو ٿيل هو ته ڪنهن ڪاري رانديگر کي ناهي کيڏائڻو. ڪَيني واشنگٽن پهريون ڪارو رانديگر هو جنهن کي 1946ع ۾ نيشنل فوٽ بال ليگ (NFL) جي لاءِ چونڊيو ويو. آمريڪا ۾ هيءَ راند اربين ڊالرن جي صنعت آهي، تنهنڪري ظاهر آ ته ان تي سموري حڪمراني به اڇن آمريڪين جي آهي، جيڪي مُنڍ کان ان راند جي مالڪي ڪن ٿا. گذريل سال 11 سيپٽمبر تي مشهور رانديگر ڪولن ڪيپرنِڪ آمريڪا جي قومي تراني هلڻ دوران هڪ گوڏي تي ويهي پنهنجي ڪاري نسل جي ماڻهن تي ٿيندڙ زيادتين خلاف احتجاج ڪيو. ان وقت ان احتجاج جو ايڏو وڏو اثرڪونه ٿيو هو، ڪنهن ڏٺو ڪنهن نه ڏٺو، ڳالهه آئي ويئي. هن مشهور رانديگر جي مسلسل احتجاجَ، ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن جو ڌيان ڇڪايو ۽ آهستي آهستي ٻين رانديگرن ۽ مختلف راندين جي ٽيمن به ساڳي نموني احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو. آمريڪا جي ڪارن باشندن سان وقت بوقت، ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ زيادتي ٿيندي رهي ٿي، خاص طور تي پوليس طرفان کين تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، ۽ ڪيترن موقعن تي هنن مسڪينن کي بي ڏوهي ماريو به وڃي ٿو. صرف 2016ع ۾ 258 ڪاري نسل جا ماڻهو پوليس هٿان مئا، جن مان 39 ڄڻن کي ڪو به هٿيار نه هو ۽ 9 ڄڻا پوليس تحويل ۾ مئا.
    صدر ڊونالڊ ٽرمپ، صدر چونڊجڻ کان پهرين 70 ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي ڪاروباري معاملن ۾ مزدور طبقي سان يا وري ڪرائيدارن سان ڪيئي ڀيرا انساني حقن جي لتاڙ ڪئي. ايتريقدر جو ڪجهه معاملا ڪورٽ تائين پهتا، جيڪي هن ڪورٽ جي ٻاهران ڌرين کي ڏيئي وٺي، قانوني طور تي پنهنجي جان ڇڏائي ورتي. صدر ٽرمپ کي پنهنجن ووٽرن جي خبر آهي، هن کي چڱيءَ پر ڄاڻ آهي ته هن جي ووٽرن جي اڪثريت بنياد پرست، نسل پرست آهي، تنهنڪري هو انهن کي وڻندڙ ٻولي ٻولي ٿو. هي اهو صدر آهي جيڪو نسل پرستيءَ کي هوا ڏئي ٿو ۽ قوم کي ورهائڻ جون ڳالهيون ڪري ٿو. جيڪڏهن ڊونالڊ ٽرمپ جي شخصيت جو جائزو وٺجي ته اهو پڌري پٽ پيو آهي ته هو ڪڏهن به ريپبلڪن يا ڊيموڪريٽ ناهي رهيو، نه ئي هو ڪو بنياد يا نسل پرست رهيو آهي! بس هو صرف ٽئين دنيا جي مفاد پرست ۽ راشي سياستدانن جيان هڪ چالاڪ واپاري ۽ نئينءَ مان ساماڻيل مفاد پرست سياستدان آهي. هو نسل پرستيءَ سميت ڪو به اهڙو ڪم ڪرڻ کان ڪونه ڪيٻائيندو، جيڪو هن کي ٻيهر صدر ٿيڻ لاءِ اڇن آمريڪين جي ويجهو آڻي، پوءِ ڀلي اخلاقي قدرن جي پائمالي ٿئي، انساني حقن جي لتاڙ ٿئي يا ملڪي حالتون ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن وڃن. هن کي پرواهه ئي ناهي ته هن جي اهڙن بيانن ۽ عملن سان اخلاقي قدرن ۽ انساني حقن جي لتاڙ ٿئي ٿي. 24 سيپٽمبر تي مشهور ٽيليويزن اي بي سي نيوز(ABC News) طرفان جاري ڪيل سروي رپورٽ مطابق صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي اهڙن ڪرتوتن سبب 66 سيڪڙو ماڻهو سمجهن ٿا ته صدر ٽرمپ ٻڌي ۽ اتحاد بجاءِ ملڪ کي ورهايو آهي، جڏهن ته 59 سيڪڙو ماڻهو سمجهن ٿا ته صدر ٽرمپ گهربل تبديلي آڻي ناهي سگهيو. سروي مطابق صدر جي ڪارڪردگيءَ کي صرف 39 سيڪڙو ماڻهن جي منظوري ملي، جڏهن ته 57 سيڪڙو نامنظور ڪيو.
    آمريڪا جي وائس پريزيڊينٽ مائيڪ پينس (Mike Pence) جي رياست انڊيانا ۾ رهندڙ ڊاڪٽر سيد قيصر رضا ڪاظمي چوي ٿو ته، ”صدر ٽرمپ اهڙيون ڳالهيون ڄاڻي واڻي ڪري ٿو ته جيئن هن جو پنهنجو بنياد پرستن وارو حلقو خوش رهي ۽ انهن ۾ ساڳيو جوش و خروش به رهي جيڪو چونڊن وقت هيو.“ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ جي فارخ التحصيل ڊاڪٽر ڪاظميءَ جي ڳالهه ۾ وزن آهي ڇاڪاڻ ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ اين ايف ايل جي رانديگرن خلاف اهي نسلي امتياز واريون ڳالهيون رياست الاباما ۾ ٿيندڙ سينيٽ سيٽ جي پرائمري چونڊن دوران هڪ اميدوار جي جلسي ۾ ڪيون. عجب اتفاق آهي ته ٻنهي ريپبلڪ پارٽيءَ جي اميدوارن وچ ۾ ٿيندڙ پرائمري چونڊون ، صدر ٽرمپ جو حمايت يافتا اميدوار هارائي ويو. کٽندڙ اميدوار راءِ مور
    (Roy Moore) لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو صدر ٽرمپ جي اميدوار کان وڌيڪ بنياد پرست ۽ ڪٽر مذهبي ماڻهو آهي. بهرحال، صدر ٽرمپ جي رانديگرن (ڪارن) خلاف ڳالهائڻ واري چال ته ڪونه هلي البته هن جي بي تڪي تقرير ۽ ويهن کان وڌيڪ ٽويٽن (Tweets) ملڪ جي ماڻهن کي اڃان وڌيڪ ورهايو ضرور آهي. آمريڪا جهڙو ترقي يافته ملڪ جيڪو پاڻ کي انساني حقن جو علمبردار سمجهي ٿو ۽ ايران، اتر ڪوريا، شام ۽ ڪجهه ٻين ملڪن خلاف انساني حقن جي ڀڃڪڻيءَ لاءِ واويلا مچائيندو رهيو آهي؛ ته ڇا هتي به انساني حقن جي ڀڃڪڻيءَ جا واقعا ٿين ٿا؟ بلڪل ٿين ٿا...! تازو آمريڪي فوٽ بال جي راند دوران، قومي تراني وڄڻ وقت احتجاج ان جو وڏو ۽ کليل ثبوت آهي.

    اچو ته انساني حقن جي حوالي سان انساني معاشري ۾ ٿيندڙ ارتقا جو تاريخي جائزو وٺون:
    اسان ڏسون ٿا ته تاريخي طور تي جيئن جيئن انساني تهذيب اڳتي وڌي ٿي، تيئن تيئن انساني حقن جي لتاڙ به وڃي ٿي وڌندي ۽ انساني حقن جو سوال اڳيان اچي ٿو. زمانا گذرڻ کانپوءِ، آهستي آهستي ڪي تهذيبون انساني حقن جي حوالي سان وڌيڪ ذميواريءَ جو ثبوت ڏين ٿيون ۽ انساني حقن کي يقيني بڻائين ٿيون، ته ڪي وري ان حوالي سان بلڪل لاتعلق رهن ٿيون. هر دور ۾ ڏاڍن انسانن، ڪمزور انسانن تي ظلم جي انتها ڪئي آهي. پراڻن زمانن ۾ هڪڙا قبيلا ٻين قبيلن تي، اڳتي هلي هڪڙا ملڪ ٻين ملڪن تي ڪاهون ڪري سندن علائقن تي قبضي سان گڏ مال متاع جا مالڪ بڻبا هئا، مرد توڙي عورتن کي به غلام بڻايو ويندو هو. انهن ويچارن معصوم غلام انسانن سان جانورن کان بدتر سلوڪ روا رکيو ويندو هو، جن جو ڏوهه فقط اهو هو ته هو شڪست کاڌل ڌر، قبيلي، رنگ، نسل، مختلف عقيدي، علائقي يا ملڪ جا ماڻهو هوندا هئا. پر هيا ته انسان...! اهو ڪير نه ڏسندو هو، جيسين عظيم بادشاهه سائرس (600-530 BC) آيو. بادشاهه سائرس دنيا جو پهريون آزاد خيال بادشاهه هو جنهن BC 539 ۾ بيبلون ميسيپوٽينيا (عراق) کي فتح ڪري، مفتوح ماڻهن کي غلام بنائڻ بجاءِ؛ هنن کي آزاد ڪندي اهو اعلان ڪيو ته سڀني انسانن کي پنهنجي مرضيءَ جو مذهب يا عقيدو چونڊڻ جو حق آهي؛ ۽ نسلي برابري قائم ڪئي ويندي. بادشاه سائرس انساني حقن جا مول متا هڪ ٺڪر جي گولي تي لکرايا، جنهن کي سائرس گولو (Cyrus Cylinder) سڏجي ٿو. جنهن کي دنيا جو پهريون انساني حقن جو پڌرنامو سمجهيو وڃي ٿو. هيءُ پڌرنامو اڄ کان اڍائي هزار سال اڳ ڏنو ويو. افسوس جو اڍائي هزار سال گذرڻ باوجود اڃان تائين ڪي انسان، پنهنجن انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا ۽ ارمان اهو آهي ته انسانن جا انساني حق ڦٻائڻ وارا به انسان ئي آهن. مان سوچيان ٿو اهو غير فطري عمل ايتري وقت کان ڪيئن پيو هلندو اچي؟
    انساني حقن جي حوالي سان جيڪي اهم پڌرناما جوڙي عوام کي ڪجهه حق ڏنا ويا سي هيٺ ڏجن ٿا:

    1. ميگنا ڪارٽا Magna Carta (1215)
    برطانيا جي بادشاهه کان زوريءَ 1215ع ۾ ميگنا ڪارٽا تي صحي ڪرائي وئي، جنهن کي بعد ۾ انساني حقن جو پڌرنامو قرار ڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته ان ۾ چرچ کي سرڪار کان الڳ ٿي آزاد رهڻ، سڀني شهرين جو ملڪيت وٺڻ ۽ وارث ٿيڻ، بيواهن کي وراثت جي ملڪيت ۾ حصو ۽ قانوني طور تي عورتن جي برابريءَ جا حق تسليم ڪيا ويا. ميگنا ڪارٽا کي دنيا ۾ موجود اڄ جي جديد جمهوريت جي اوسر لاءِ اهم دستاويز تصور ڪيو وڃي ٿو. اهو سوچي تعجب ٿو لڳي ته اسان انسانن کي هن بنيادي ۽ اهم دستاويز کي آڻڻ لاءِ، سائرس کانپوءِ به سترنهن سو سال لڳا، جنهن ۾ پوءِ به سمورن انساني حقن جي ضمانت ناهي ڏني ويئي، جيڪا هونئن به اڄ تائين سموري دنيا جي انسانن کي مليل ناهي.

    2. حق جي درخواست Petition of Right (1628)
    1628ع ۾ انگريز پارليامينٽ هيءَ درخواست تيار ڪري بادشاهه چارلس-1 کي اُماڻي. دراصل هن درخواست ۾ بيان ڪيل هو ته:
    (1) پارليامينٽ جي منظوريءَ کانسواءِ ڪي به محصول لاڳو نه ٿا ڪري سگهجن.
    (2) ڪنهن کي بنا جواز جي گرفتار نه ٿو ڪري سگهجي.
    (3) ڪنهن سپاهيءَ کي شهريت جي بنياد تي ٻڌي نه ٿو سگهجي.
    (4) امن جي وقت ۾ مارشل لا نه ٿي لاڳو ڪري سگهجي.

    3. آمريڪا جو آئين US Constitution (1787)
    4 جولاءِ 1776ع تي آمريڪا جي ڪانگريس آزاديءَ جو پڌرنامو منظور ڪيو. ڇاڪاڻ ته تازو ئي آمريڪا برطانيا کان آزادي ماڻي هئي، تنهنڪري هيءُ پنهنجي جُز ۾ انفرادي آزادي ۽ انقلاب جي حق جو پڌرنامو هو، جنهن جو بنيادي ليکڪ آمريڪا جو ٽيون صدر (1809ع to 1801ع) ٿامس جيفرسن هو. 17 سيپٽمبر 1787ع تي آمريڪا جي آئين جي منظوريءَ لاءِ صحيون ڪيون ويون. چيو وڃي ٿو ته آمريڪا جو آئين دنيا جو پراڻي ۾ پراڻو آئين آهي، جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندو پيو اچي.

    4. فرانس جو ماڻهن ۽ شهرين بابت حقن جو پڌرنامو
    French Declaration of the Rights of Man and of the Citizen (1789)
    فرانس جي عوام 1789ع ۾ بادشاهت کي مڪمل ختم ڪري فرانس جي پهرين جمهوري حڪومت جو بنياد وڌو ۽ آئين ساز اسمبليءَ هڪ پڌرنامو منظور ڪيو، جيڪو دراصل فرانس جي آئين ٺاهڻ لاءِ پهريون قدم هو. هيءُ پڌرنامو شهرين جي آزادي، ملڪيت، حفاظت ۽ ظلم خلاف احتجاج جي حق جي ضمانت ڏئي ٿو.

    5. آمريڪا جو حقن جو پڌرنامو US Bill of Rights (1791)
    آمريڪا جي آئين ۾ حقن جو پڌرنامو آمريڪا جي شهرين جي بنيادي حقن جي حفاظت ڪري ٿو. آمريڪي آئين ۾ پهريون ڏهه ترميمون جيڪي بنيادي حقن (Bill of Rights) متعلق آهن، 15 ڊسمبر 1791ع تي لاڳو ڪيون ويون. بنيادي حقن واري بل ۾ اظهار جي آزادي، مذهب جي آزادي، هٿيار رکڻ ۽ کڻڻ جو حق ۽ احتجاج جي آزاديءَ جو حق اچي وڃن ٿا.

    6. جينيوا جو پهريون اجلاس
    (The First Geneva Convention 1864)
    22 آگسٽ 1864ع تي جينيوا سئزرلينڊ ۾ يورپ جي سورنهن ملڪن ۽ آمريڪا جي ڪيترن ئي رياستن هڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هيءُ اجلاس اصل ۾ زخمي فوجين جي حفاظت لاءِ معاهدو طئه ڪرڻ ڪاڻ ڪوٺايو ويو هو. 1864ع جي پهرين معاهدي جي منظوريءَ کانپوءِ 1906، 1929 ۽ آخر 1949 ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ جائزو وٺي بنيادي تبديلين بعد ان کي لاڳو ڪيو ويو.

    7. انساني حقن جو عالمي معاهدو
    (The Universal Declaration of Human Rights-1948)
    آمريڪا جي صدر فرينڪلن روزويلٽ جي گهرواري الينر روزويلٽ 1948ع ۾ گڏيل قومن ۾ آمريڪا طرفان ڪميشن جي ميمبر هئي، جنهن ڪميشن انساني حقن جو عالمي پڌرنامو جوڙيو، جنهن کي هن سموري انسان ذات جو عالمي ميگنا ڪارٽا سڏيو هو. گڏيل قومن جي اداري 10 ڊسمبر 1948 تي ان پڌرنامي کي منظور ڪيو. هيءُ پڌرنامو سمورن انسانن جي عظمت کي سواءِ ڪنهن رنگ، نسل، مذهب، عقيدي يا فرقي جي تسليم ڪري ٿو، ”سڀ انسان آزاد پيدا ٿيا (ڄميا) آهن، عظمت ۽ حقن ۾ سڀ برابر آهن.“ گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن پهريون ڀيرو اهو عهد ڪيو ته ان پڌرنامي جي ٽيهن شقن (Articles) تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪندا.
    انساني حقن جي پڌرنامن جي مٿئين بيان ڪيل اوقات نامي (Timeline) تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته بادشاهه سائرس جي ڏنل انساني حقن کانپوءِ تقريبن سترنهن سو پنجاهه سالن بعد 1215ع ۾ ميگنا ڪارٽا جو پڌرنامو آيو. تنهن کانپوءِ وري تقريبن ساڍا ست سو سالن جي وقفي بعد گڏيل قومن طرفان انساني حقن جو جامع ۽ واضح معاهدو يا پڌرنامو اچي ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته صرف گذريل ٽي سؤ سالن ۾ انساني حقن جي حوالي سان ڪجهه ڪم ٿيو آهي. انساني سماج جي مجموعي اوسر تي نظر ٿي وجهجي ته انساني معاشرو اڃان بانبڙا پائيندو معلوم ٿئي ٿو. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ مذهبي، معاشي، نسلي ۽ قومي تضادُ نظر اچي ٿو، ته ساڳي وقت اهڙو تضاد ملڪن وچ ۾ به موجود آهي. هڪ پاسي انسان ست هزار سالن کان پنهنجي تهذيب يافتا هئڻ جي دعوا ٿو ڪري ته ٻئي پاسي انفرادي توڙي مجموعي طور تي هڪڙا انسان ٻين انسانن جا ۽ هڪڙا ملڪ ٻين ملڪن جا فطري ۽ قدرتي حق تسليم ڪرڻ يا ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. فرد، قبيلا، قومون ۽ ملڪ، جنهن کي جتي جڏهن موقعو ملي ٿو، ڪمزور ۽ هيڻن فردن، قبيلن، قومن ۽ ملڪن جا حق غضب ۽ استحصال ڪرڻ ۾ وسان ڪونه ٿا گھٽائين..! ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا“، اها چوڻي فردن توڙي ملڪن تي پوري لهي ٿي. ڪيڏو عجيب ٿو لڳي ته ست هزار سال پراڻي تهذيب جا وارث انسان، صرف ستر سال پهرين انساني حقن جي پڌرنامي تي راضي ٿيا؛ خبر ناهي اڃان گھڻا هزار سال ٻيا لڳندا، جڏهن سمورا فرد، قبيلا، قومون ۽ ملڪ ان پڌرنامي تي دل ۽ جان سان عمل به ڪندا......!!
    ڇا انسانَ جي سڀني سياسي، سماجي ۽ معاشي مسئلن جو حل انساني حقن جي پڌرنامي ۾ موجود آهي؟ مان نه ٿو سمجهان ائين آهي. ڇو جو زميني حقيقتون ان جي ابتڙ ٻڌائين ٿيون. بهرحال اهو هڪ ڊگهو، علحده ۽ بحث طلب موضوع آهي، جنهن تي ڪنهن ٻي ڀيري تفصيل سان ڳالهائبو.

    حوالو:
    هن مضمون جي تياريءَ لاءِ مختلف ويب سائيٽس جي مدد ورتي. خاص طور تي هيٺين ٽن جي:
    www.humanrights.com
    www.ohchr.org
    www.en.wikipedia.org

    ( 08 آڪٽوبر 2017)


    لاس ويگاس ۾ خونريزي.....!!

    آچر 1 آڪٽوبر تي نِواڊا رياست جي جڳ مشهور شهر لاس ويگاس ۾، ملڪي موسيقي جي ميلي (Country Music Festival) دوران هڪ جنوني ۽ وحشي قاتل لڳاتار گوليون هلائي؛ 58 معصوم ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. هن دکدائڪ ۽ لونءَ ڪانڊاريندڙ واقعي ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا ۽ آخر ۾ وحشي قاتل 64 سالن جي اسٽيفن ڪريگ پيڊاڪ ، پوليس پهچڻ کان پهرين پاڻ کي ماري ڇڏيو. هڪ ظالم، بي رحم ۽ سنگدل قاتلَ، اک ڇنب ۾ ڪيئي ڳڀرو جوان، سهڻيون سيبتيون ناريون، ۽ کوڙ موسيقي جا متوالا موت جي منهن ۾ ڏيئي ڇڏيا.
    ملڪي موسيقي جو ميلو رائوٽ 91 هارويسٽ 2014ع کان شهر لاس ويگاس ۾ ٿيندو پيو اچي. هن سال 22 هزار ماڻهو هيءُ ميلو گهمڻ آيا هئا، جن تي برائيءَ جي جِنَ اسٽيفن پيڊاڪ سڌي ۽ ڇتي فائرنگ ڪئي. شيطان اسٽيفن پيڊاڪ، لاس ويگاس جي هڪ خوبصورت هوٽل مينڊلي بَي ۾ پنهنجو ڪمرو بوڪ ڪريو هو. جيئن ته هن جو ڪمرو 32 هين منزل تي هو، تنهنڪري ميلي ۾ آيل سڀئي ماڻهو هن جي موت مار هٿيارن جي نشاني تي هئا. موسيقي ميلي جو اهتمام مينڊلي بَي هوٽل سان گڏ خالي ميدان ۾ ڪيو ويو هو. دهشتگرديءَ جي واقعن کي ڇڏي، ماضيءَ ۾ اهڙي قسم جو قتلِ عام ڪن ڪاوڙيل ۽ ڪروڌي ماڻهن ڪيو آهي؛ يا وري ڪٿي ڪنهن هنڌ چرين، مٿي ڦريلن اهڙو هانءَ ڏاريندڙ واقعو ڪيو آهي. هن وقت تائين شيطان صفت اسٽيفن پيڊاڪ جو ڪو لڳ لاڳاپو، ڪو ڏس پتو ناهي مليو ته هن ايڏو برو واقعو ڇو ۽ ڇا جي لاءِ ڪيو...؟؟ هو سڃو بکيو يا بيروزگار به نه هو، بلڪِ لک پتي هو! هُو چريو يا مٿي ڦريل به نه هو بلڪِ چالاڪ جواري هو، جيڪو سال ۾ ڏهه لک ڊالرن جي جوا کيڏندو هو. ايف بي آءِ ۽ ٻيا لاڳاپيل جاچ جا ادارا اڃا تائين اهو معلوم ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن ته هن جو هڪ منظم منصوبابنديءَ تحت ايڏا سارا معصوم ماڻهو مارڻ جو آخر ڪهڙو ڪارڻ هو....!؟؟
    هن واقعي ۾ فائرنگ دوران ڪيترن ويچارن ڀڄي جان ڇڏائي ته ڪن پنهنجن پيارن مٿان قربان ٿي جان ڏني. ڪي زخمي ماڻهو بغير پنهنجي جان جي پرواهه ڪندي، ٻين کي بچڻ ۽ ڀڄڻ جو رستو ڏيکاريندا رهيا. جتي جھنگلي قاتل اسٽيفن ماڻهن مٿان گولين جي بوڇاڙ پئي ڪئي، اتي ڪيترن ئي دلير جوانن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي ٻين جي جان پئي بچائي. ڪنهن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي، پنهنجي پياري پرينءَ کي بچايو ته ڪنهن ڀاءُ، ڀيڻ يا پٽ يا ڌيءِ کي. ۽ ڪجھ هيرن جھڙن جوانن انساني ناتي ٻين انسانن کي بچايو. جيئن آمريڪي فوج جي سپاهي ميٿيو ڪوبوز (Matthew Cobos) هڪ سخت زخمي عورت مٿان ليٽي کيس بچايو ۽ موقعو ملڻ تي هن کي محفوظ جڳهه تي ويهاري ٻين جي مدد ڪندو رهيو. ساڳي وقت مينڊلي بَي هوٽل جو حفاظتي محافظ جيسس ڪيمپوس(Jesus Campos) بغير ڪنهن هٿيار جي قاتل جي ڪمري تي پهچي اندر وڃڻ جي ڪوشش ۾ هن جي گولين جو نشانو بڻيو. ڪيمپوس کي لک شابس جو زخمي ٿيڻ باوجود پوليس سان رابطو ڪري، قاتل جي ڪمري ۽ هوٽل جي 32 هين منزل جي نشاندهي ڪئي. پوليس فورن پهچي ڪاروائي ڪئي، قاتل هوٽل جي ڪمري ٻاهران ڪيمرائون هڻي ڇڏيون هيون، پوليس کي ايندو ڏسي پاڻ کي ماري ڇڏيائين. جيڪڏهن هوٽل جو محافظ فورن پوليس کي اطلاع نه ڪري ها ته هوند جيڪر قاتل الائي ڪيتريون ٻيون معصوم جانيون به قتل ڪري چڪو هجي ها. هڪڙو همراهه ڀر ۾ بيٺل ٽرڪ چوري ڪري زخمين کي اسپتال پڄائيندو رهيو ته وري برطانيا کان موڪلون ملهائڻ لاءِ آيل راس وڊورڊ (Ross Woodward) پنهنجن ٻن ٻين ساثين سان ملي زخمين جي مرهم پٽي ڪندو رهيو. ته وري جوناٿن سمٿ (Jonathan Smith) گھٽ ۾ گھٽ ٽيهن ماڻهن جي مدد ڪري کين اتان ٻاهر ڪڍيو، جڏهن ته هو پاڻ به ڪنڌ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. مطلب ته قاتل هڪ هو ۽ سوين همدرد انسان موجود هئا جن پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي اڻڃاتل ماڻهن کي بچايو. انسانيت زنده آباد.
    ڇاپي ۽ برقي رابطن جا ادارا ٻڌائين ٿا ته جديد آمريڪا جي ويجهي تاريخ ۾ لاس ويگاس وارو هيءُ واقعو خراب يا بدترين واقعو آهي جنهن ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهو مئا ۽ زخمي ٿيا آهن. ساڳي وقت هتان جا روشن خيال ماڻهو، ڇاپي ۽ برقي رابطن جا ادارا اهو مطالبو به ڪن ٿا ته اهڙي قسم جي موت مار هٿيارن تي مڪمل پابندي وڌي وڃي، جن سان اڪيلو انسان ڪيترن ئي خالي هٿين ماڻهن کي منٽن اندر ماريو ڇڏي. اهو مطالبو ڪيتري وقت کان هلندو اچي پر ان جي حل لاءِ ڪي موثر قدم ناهن کنيا ويا. گذريل صدر باراڪ اوباما ڪجھ ڪوششون ڪيون، پر هتي نيشنل رائفل ايسوسيئيشن (NRA) ايڏي وڏي ۽ مظبوط تنظيم آهي، جنهن جي اثر رسوخ اڳيان صدر اوباما جي به هڪ نه هلي. نيشنل رائفل ايسوسيئيشن (NRA) کي ٻهراڙيءَ جي بنياد پرست، قدامت پسند ۽ ڪنهن حد تائين عام اڇن آمريڪين جي وڏي پئماني تي حمايت حاصل آهي، جيڪي سمجھن ٿا ته موت مار هٿيار رکڻ سندن بنيادي حق آهي، جنهن جي ضمانت آئين ۾ مليل آهي. آمريڪا جي آئين جي ٻين ترميم چئي ٿي ته، ”هڪ منظم تنظيم مليشيا، آزاد رياست جي حفاظت لاء ضروري آهي، ماڻهن جي انهيءَ حق جي ڀڃڪڙي نه ڪئي ويندي جنهن موجب هو هٿيار رکي ۽ کڻي سگھن ٿا.“ (A well-regulated Militia, being necessary to the security of a free State, the right of the people to keep and bear Arms, shall not be infringed. ). 15 ڊسمبر 1791ع تي حقن جو دستاويز / قانون ( Bill of Rights) منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻين حقن سان گڏ هٿيار رکي ۽ کڻي سگھڻ جي حق جي به ضمانت ڏنل آهي. انهيءَ ترميم کي 225 سال گذري چڪا آهن، تنهن وچ ۾ حضرت انسان معمولي پستول مان ڦيرائي خودڪار هٿيار ايجاد ڪري ورتا آهن، جيڪي هڪ ئي ڌڪ سان سوين جانين کي ماري سگھڻ جي صلاحيت رکن ٿا. جڏهن به آمريڪا ۾ ڪنهن وڏي پئماني جو قتل عام ٿئي ٿو، منهنجي ذهن ۾ هيٺيان سوال اڀرن ٿا؛

    1. ڇا اهڙا موتمار ۽ خطرناڪ هٿيار فوج کان علاوه عام شهري وٽ قانونن هئڻ گھرجن...!؟
    2. توڙي جو جنگ جي زماني ۾ هڪ فوجي کي هڪ هٿيار ڏجي ٿو، پوءِ عام شهري کي هڪ ئي وقت لامحدود هٿيار وٺڻ ۽ رکڻ جي اجازت ڇو آهي..!!؟
    3. ڇا سرڪار ڪنهن ماڻهوءَ کي هٿيار وٺڻ ۽ رکڻ جي اجازت ڏيندي، ڪنهن عام معصوم ماڻهوءَ کي مارڻ جو اجازت نامو نه ٿي ڏيئي...!؟

    مٿين سوالن جيان، اهڙي ئي قسم جي ٻين اڀرندڙ سوالن تي ڪافي عرصي کان بحث مباحثا ٿيندا رهيا آهن پر وري به وريو ڪجھ ناهي. نيشنل رائفل ايسوسيئيشن (NRA) هڪ تمام مظبوط، سگھاري ۽ اثر رسوخ واري تنظيم آهي، جيڪا ساليانو ڪروڙين ڊالر، ريپبلڪ ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي چونڊيل سينيٽ ۽ ڪانگريس ميمبرن کي چندي طور ڏي ٿي ته جيئن انهن جي حمايت حاصل ڪري سگھجي. نيشنل رائفل ايسوسيئيشن (NRA) کي 17 نومبر 1871ع ۾ نيويارڪ رياست طرفان چارٽر مليو. اهڙي طرح هيءَ آمريڪا جي سڀ کان پراڻي شهرين جي حقن لاءِ وڙهندڙ تنظيم آهي، ۽ هن تنطيم موجب سندن 14 ملين ميمبر آهن. نيشنل رائفل ايسوسيئيشن (NRA) پنهنجو اثر رسوخ ان لاءِ استعمال ڪندي پئي اچي ته ڪانگريس ۽ سينيٽ ڪو به اهڙو قانون پاس نه ڪري، جنهن سان موتمار هٿيارن جي وڪري تي ڪا پابندي لڳي سگھي يا انهن هٿيارن جي سولائيءَ سان وڪري ۾ ڪا رڪاوٽ اچي سگھي. هتي مختلف شهرن ۾ هٿيار وڪڻڻ جا ميلا ( Gun Shows) سال ۾ ٻه ٽي ڀيرا لڳن ٿا، جتي اهي موتمار هٿيار قانوني طور آمريڪي شهرين کي ريوڙين ۽ ڀڳڙن جيان وڪامجن ٿا. ٻيو ريسرچ مطابق هتي 270 کان 310 ملين هٿيار عام شهرين وٽ آهن، يعني آمريڪا ۾ رهندڙ هر مرد، عورت توڙي ٻار لاءِ هڪ هٿيار آهي.
    اها عام چوڻي آهي ته نيشنل رائفل ايسوسيئيشن (NRA) جو اثر رسوخ ايڏو ته اثرائتو آهي جو سينيٽ ۽ ڪانگريس ڪو اهڙو قانون به منظور نه ٿي ڪري جنهن تحت هٿيارن ذريعي مجرماڻي تشدد تي ڪا تحقيق ٿي سگھي...!!
    هتي اهڙي ڪنهن موتمار واقعي تي مسلمان دعا ڪندا آهن ته شل ڪو مسلمان ملوث نه هجي جو سندن لاءِ مذهبي تعصب ڏينهون ڏينهن وڌندو ٿو وڃي، خاص طور تي اهڙن واقعن کانپوءِ. مونکي لڳي ٿو ته هوڏانهن بنياد پرست ۽ نيشنل رائفل ايسوسيئيشن (NRA) وارا وري دعائون ڪندا هوندا ته ڪو ٻاهريون مذهبي انتها پسند يا دهشتگرد ملوث هجي ڇاڪاڻ ته اهڙي هر واقعي کان پوءِ هٿيارن جي وڪري ۾ تمام گھڻو اضافو ٿئي ٿو ۽ گڏوگڏ بنياد پرستي به وڌي ٿي. افسوس اهو آهي جو هن وقت تائين ايف بي آءِ، پوليس يا ٻيا جاچ جا ادارا اهو معلوم ڪرڻ ۾ مڪمل طرح ناڪام ويا آهن ته قاتل اسٽيفن پيڊاڪ جو ايڏي وڏي پئماني تي قتل عام ڪرڻ جو آخر مقصد ڇا هو؟ گھٽ ۾ گھٽ هن وقت تائين ٿيل جاچ ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگھي آهي.
    آمريڪا ۾ هر ٻئين ٽئين سال ڪنهن نه ڪنهن رياست ۾ ساڳي قسم جا موتمار واقعا ٿيندا رهن ٿا. ڪڏهن ڪنهن اسڪول يا يونيورسٽيءَ ۾ ته ڪڏهن چرچ يا سئنيما گھر ۾؛ ڪڏهن وري ڪنهن موسيقيءَ جي ميلي ۾ ڪو چريو مٿي ڦريو عام ۽ مسڪين ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ٿو. هيٺيان ڪجھ موتمار واقعا وسرڻ جھڙا ڪونهن:

    تاريخ فوتي زخمي هنڌ شهر ۽ رياست
    1 12 جون 2016 49 58 نائيٽ ڪلب اورلينڊو فلوريڊا
    2 02 ڊسمبر 2015 14 22 دفتر سين برنارڊينو ڪئليفورنيا
    3 1 آڪٽوبر 2015 09 09 ڪاليج روزبرگ اوريگن
    4 18 جون 2015 09 - چرچ چارلسٽن ڏکڻ ڪيرولائينا
    5 23 مئي 2014 06 07 پاڙو اسلا وستا ڪئليفورنيا
    6 13 سيپٽمبر 2013 12 03 شهر واشنگٽن ڊي سي
    7 14 ڊسمبر 2012 27 1 اسڪول نيوٽائون ڪنيڪٽيڪٽ

    مٿي صرف ڪجھ واقعا جيڪي ويجھي ماضي ۾ ٿيا آهن، سي چونڊي ڏنا اٿم، نه ته هي فهرست تمام ڊگھي آهي. ڀلا جي اهڙن موتمار واقعن ۾ سولائيءَ سان ملندڙ هٿيارن تي مڪمل پابندي مڙهي وڃي ته ڇا اهڙن خوني واقعن تي قابو پائي سگهجي ٿو؟ بلڪل اهڙن واقعن تي قابو پائي سگھجي ٿو ۽ ڪيترن ئي ملڪن هٿيارن تي پابندي مڙهي عام شهرين جي بي ڏوهي قتلام کي روڪيو آهي. مان نه ٿو ڀايان ته ويجھي وقت ۾ هتي آمريڪي ڪانگريس ڪو اهڙو قانون پاس ڪري موتمار هٿيارن تي پابندي مڙهي خوني واقعن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ مثبت ۽ اهم قدم کڻندي.

    (22 آڪٽوبر 2017)


    ڊونالڊ ٽرمپ کي ساٿين جي گرفتاريءَ سبب آيل وڏو سياسي جھٽڪو !

    سومر 30 آڪٽوبر تي ڊونالڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جو اڳوڻو چيئرمين پال مينافرٽ ۽ رچرڊ گيٽس ايف بي آءِ ( FBI) آفيس واشنگٽن ڊي سي ۾ پيش پيا. انصاف جي اداري پاران مقرر ڪيل رابرٽ مُلر (Robert Mueller ) اسپيشل ڪائونسل هنن ٻنهي تي ملڪ خلاف سازش، غير قانوني پئسن جي هيرا ڦيري ۽ ڪجھ ٻين سنگين ڏوھن جو الزام مڙهيو. ياد ڪرائيندو هلان ته 17 مئي تي انصاف واري اداري رابرٽ مُلر کي اسپيشل ڪائونسل مقرر ڪيو ته هو گذريل صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت بابت جاچ ڪري. هوڏانهن صدر ڊونالڊ ٽرمپ چونڊن ۾ روسي مداخلت کي بڪواس ۽ ان بابت جاچ کي ڏائڻ يا ڌوتي پڪڙڻ سان تشبيهه ڏيندي چوندو رهيو آهي ته هو، يا هن جو ڪوبه ساٿي روسين سان ڪنهن به قسم جي ساز باز ۾ ملوث ناهي رهيو، پر ھاڻي آهستي آهستي سچاين جي ظاهر ٿيڻ سان گڏ ڪجھ ڌوتين ۽ ڏائڻين جون شڪليون به چٽيون ٿي رهيون آهن.
    28 مئي 2017 تي ”عوامي آواز“ جي سنڊي مئگزين ۾ ڇپيل مضمون ۾ مون لکيو هو ته:
    ”بس لڳي ائين ٿو هڪ واپاري ملڪ جي صدارت ماڻڻ لاءِ پنهنجا ذاتي مفاد ۽ فائدا حاصل ڪرڻ خاطر روس سان ساز باز ڪئي. جي ڊونالڊ ٽرمپ پاڻ نه ته هن جا ڪجهه ويجها ساٿي يقينن روس سان لڳ لاڳاپن ۾ شريڪ رهيا. خاص طور تي رٽائرڊ جنرل مائيڪل فلن. جيڪڏهن روسين سان اھا ساز باز يا ڳجهو ٺاھ، حقيقت آهي، ته هتان جا ادارا ايترا مظبوط ضرور آهن جو هو جاچ ڪندي ڪنهن جو به لحاظ ڪونه ڪندا. پوءِ اهو ملڪ جو صدر ڇو نه هجي. ۽ڪنهن الزام، ساز باز يا ڳجهي معاملي جو اڇو ڪارو ضرور پڌرو ڪندا“.
    معاملو رڳو چونڊ مهم جي اڳوڻي چيئرمين پال مينافرٽ ۽ سندس ساٿي رچرڊ گيٽس جو ايف بي آءِ آڏو پيش پوڻ تائين ناهي بيٺو. ڳالھ ان کان اڳتي وڌي چڪي آهي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ وائيٽ هائوس جي وزيرن وڪيلن جو وايون بتال تڏهن ٿيون جو ساڳي ڏينهن تي رابرٽ مُلر اسپيشل ڪائونسل صدارتي چونڊ مهم ۾ پرڏيهي پاليسي جي رڪن جارج پاپاڊوپولس (George Papadopoulos) تي الزامن جي فهرست پيش ڪئي ۽ سون تي سهاڳو ته الزام هيٺ آيل جارج پاپاڊوپولس الزامن کي قبول ڪندي پاڻ کي ڏوهي مڃيو ۽ اهو به اقرار ڪيو ته هن کي جڏهن پهريون ڀيرو گرفتار ڪيو ويو هو ته هن سرڪار سان ڪوڙ ڳالهايو هو، جيڪا سندس غلطي هئي.
    عدالت ۾ پيش ڪيل ڪاغذن موجب شڪاگو جي رهاڪو 30 ورهين جي جارج ٻڌايو آهي ته لنڊن ۾ رهندڙ هڪ روسي پروفيسر ساڻس ملڻ لاءِ رابطو ڪيو، جنهن جو اطلاع هن چونڊ مهم جي اڳوڻي چيئرمين پال مينافرٽ کي برقي ٽپال ذريعي ڏنو. چونڊ مهم جي اعلى قيادت جي منظوريءَ بعد هو اپريل 2016ع ۾ لنڊن ويو ۽ روسي پروفيسر سان هڪ هوٽل ۾ ملاقات ڪئي. جنهن هن کي ٻڌايو ۽ يقين ڏياريو ته روسي حڪومت وٽ صدارتي اميدوار هيلري ڪلنٽن خلاف هزارين برقي ٽپالون موجود آهن، جيڪي هن جي صدارتي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ کي وڏو فائدو پهچائي سگھن ٿيون. چونڊ مهم دوران اسان ڏٺو ته ڊونالڊ ٽرمپ روسي حڪومت کي وڏي واڪي گذارش ڪئي ته هو هيلري ڪلنٽن جون برقي ٽپالون ظاهر ڪرڻ ۾ مدد ڪن...! ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته جولاءِ 2016ع کانپوءِ هر مهيني وڪي ليڪس ذريعي هزارن جي انگ ۾ برقي ٽپالون ظاهر ڪيون ويون. ڪڙي ڪڙيءَ سان ملائجي ته ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي....!!
    جارج پاپاڊوپولس جو معاملو سامهون اچڻ کانپوءِ، صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ سندس ساٿي سمورو ڏينهن پنهنجن سرڪاري ۽ خانگي وڪيلن سان مشورا ڪندا رهيا. هنن جي وهم گمان ۾ به نه هو ته ڪو ٽيون ماڻهو به سامهو ايندو، ڇاڪاڻ ته ڇاپي ۽ برقي رابطن جي ادارن ذريعي ايترو ته معلوم ٿي چڪو هو ته هڪ يا ٻن ماڻهن کي سومر ڏهاري گرفتار ڪيو ويندو، جنهن لاءِ اندازا لڳايا پئي ويا ته اُهي ڪير ٿي سگھن ٿا!؟ ٻه نالا سامهون آيا، هڪ اڳوڻي جنرل مائيڪل فلن ۽ ٻيو پال مينافرٽ جو. پاڙي ۾ ننڍي هوندي هڪ پهاڪو ٻڌندا هياسون ته، ”سڏ ڪيم صدوري کي، نڪري آئي باليءَ ماءُ“...... سو نه فلن، نه مينافرٽ، پر نڪري آيو جارج.
    اها ٻي ڳالھ آهي ته مينافرٽ پيش ضرور پيو آهي، پر هن ڪنهن به الزام جي صحت مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي وائيٽ هائوس ۾ سموري ڏينهن جي صلاح مشورن کانپوءِ وائيٽ هائوس ترجمان بيان جاري ڪيو ته جارج پاپاڊوپولس ڪوڙو آهي، چونڊ مهم ۾ هو رضاڪاراڻي نموني شريڪ ٿيو هو....!! هي هڪ سفيد پوش ڏوھ (White Collar Crime) آهي، ۽ اڄ جي جديد دؤر ۾ ڪڙيون ڪڙيءَ سان ملائي اصل سچائيءَ تائين پهچڻ يا ڏوھ ثابت ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونهي، جيئن هيٺيون ڪجھ اهم ڪڙيون ثبوتن سان موجود آهن:

    1. جارج جو ڊونالڊ ٽرمپ سان اهم گڏجاڻي دوارن فوٽو.
    2. ڊونالڊ ٽرمپ جو اهو بيان ته پرڏيهي ڪميٽيءَ ۾ جارج تمام هوشيار ۽ سٺو ماڻهو آهي.
    3. جارج جون پال مينافرٽ کي موڪليل برقي ٽپالون (emails).
    4. جارج جون روسي پروفيسر ڏانهن موڪليل برقي ٽپالون.
    5. جارج جو لنڊن ۾ روسي پروفيسر سان ملڻ.
    6. ۽ سڀ کان وڏي ڳالھ ته جارج جو پاڻ مڃڻ ته هن روسين سان ساز باز ڪئي آهي.

    صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڪيئي ڀيرا اهو بيان ڏئي چڪو آهي ۽ وري اڄ ٽوئٽر ذريعي دُھرايائين ته چونڊ مهم دوران روسين سان ڪابه ساز باز ( Collusion) ناهي ڪئي. خبر ناهي صدر ٽرمپ ساز باز ( Collusion) ڇا کي ٿو سمجھي..!؟
    هينئر ڪجھ ذڪر ڪيون ٿا چونڊ مهم جي اڳوڻي چيئرمين پال مينافرٽ جي ايف بي آءِ ( FBI) آڏو پيش پوڻ جو ۽ سندس مٿان لڳايل الزامن جو. جيئن مٿي ڄاڻايو اٿم ته هن تي تمام سخت ۽ سنجيده الزام آهن، جيڪي واشنگٽن ڊي سي جي ڪورٽ ۾ هن کي پيش ڪري ٻڌايا ويا. ڪورٽ سڳوري پال مينافرٽ جو 10 ملين ڊالرن جو ۽ سندس ساٿي رچرڊ گيٽس جو 5 ملين ڊالرن جو ضامن منظور ڪري ٻنهي کي گھر اندر گرفتار رهڻ جو حڪم ڏيندي، سندن پاسپورٽ پڻ ظبط رکڻ جو حڪم جاري ڪيو (معنا ٻيئي پاڪستاني ECL تي رکيا ويا) عام طور تي سفيد پوش ڏوھ (White Collar Crime) ۾ ايڏي ڳري ظمانت، گھر ۾ نظربندي ۽ پاسپورٽ قابو ناهن ڪيا ويندا، تنهنڪري هنن جي ملوث هئڻ ۽ مامري جي سخت ۽ سنجيده نوعيت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. رابرٽ مُلر (Robert Mueller ) اسپيشل ڪائونسل تفصيلي جاچ بعد، پال مينافرٽ ۽ رچرڊ گيٽس تي 12 الزام هنيا آهن جن مان ڪجھ اهم ۽ خطرناڪ الزام هيٺ ڏجن ٿا:

    1. آمريڪا خلاف سازش.
    2. پئسن جي غير قانوني منتقلي.
    3. غير قانوني نموني ڌارين ملڪن لاءِ اثر انداز (Lobbying) ٿيڻ.
    4. ست مختلف ڀيرن تي ڌارين ملڪن جي بئنڪن جا کاتا ظاهر نه ڪرڻ (ست الزام).
    5. ٻين ملڪن جي نمائندي طور ڪوڙا ۽ گمراھ بيان ڏيڻ.
    6. وفاقي جاچ ڪندڙن آڏو ڪوڙا بيان ڏيڻ.

    پال مينافرٽ ۽ سندس ساٿيءَ تي الزام آهي ته هنن ڳجھي نموني يوڪرين ۾ روس ڏانهن مائل ڌرين لاءِ ڪم ڪندي 75 ملين ڊالرن جي غير قانوني رقم وصول ڪئي. توڙي جو هنن ٻنهي تي ڊونالڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم ۽ روسين جي وچ ۾ ڪو ساز باز جو سڌو الزام ناهي لڳايو ويو پر هنن مٿان اهي الزام ضرور ثبوتن سان پيش ڪيا ويا آهن ته هنن گھڻي وقت کان روسي مفادن لاءِ ڪم پئي ڪيو ۽ جنهن جي عيوض هنن ٻنهي تمام گھڻي رقم به وصول ڪئي. تنهنڪري اهو اڻ سڌيءَ طرح ڊونالڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جو روس سان ساز باز ڏانهن اشارو آهي.
    جڏهن به هتان جي اخبارن ۽ برقي رابطن جي ادارن 2016ع واري صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت جي ڳالھ ڪئي آهي ته صدر ڊونالڊ ٽرمپ ان کي ڪوڙو، بيڪار ۽ بي معنى بحث ۽ الزام قرار ڏنو آهي. نه رڳو ايترو پر پنهنجي ۽ پنهنجن ساٿين جي جان بچائڻ لاءِ هيلري ڪلنٽن تي ابتا سبتا الزام هڻندو رهيو آهي. اهڙين ڳالهين سان ٿي سگھي ٿو ته هو بنياد پرست گورن آمريڪين ۽ پنهنجن حامين کي پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿي وڃي، پر هن جي ڳالهين جو صدارتي چونڊ متعلق هلندڙ جاچ تي ڪو اثر ڪونه ٿيندو. صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ويجھن ٽن ساٿين خلاف تازي ظاهر ڪيل الزامن واري رپورٽ، ڪورٽ ۾ پيشي ۽ هڪ ڄڻي جو اعترافي بيان، وائيٽ هائوس ۽ ريپبلڪن پارٽي لاءِ تمام وڏو جھٽڪو آهي.

    ٻيو ڪير؟
    الزامن جي فهرست ۽ ڏنل مواد ظاهر ڪري ٿو ته جاچ آفيسر، رابرٽ مُلر کي تمام وڏا اختيار ۽ ذريعا مهيا ٿيل آهن. لڳي ائين ٿو ته اهي گرفتاريون رڳو ڏيکاءُ آهن. آزمائش لاءِ ڪجھ ماڻهن کي وائکو ڪيو ويو آهي. ايندڙ وقت ۾ تمام وڏا نالا، صدر جي ويجھن ساٿين ۽ عزيزن کان ويندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پاڻ به اهڙن الزامن کي سرڪاري طور منهن ڏيڻو پوندو. ڪجھ اهم ماڻهن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
    1. اڳوڻو جنرل مائيڪل فلن: جيڪو وائيٽ هائوس ۾ صرف 24 ڏينهن چيف سِڪيورٽي جي عهدي تي رهيو. تنهن کي صدر ڊونالڊ ٽرمپ پاران بنا دير هٽائڻو پيو ڇو ته سندس ڪڌن ڪمن جا ڪيئي ثبوت سامهون اچي ويا.
    2. ڊونالڊ جان ٽرمپ جونيئر: صدر ٽرمپ جو پڳدار پٽ آهي. هن خلاف ڪيترا ئي ثبوت مليا آهن ته هُو روسي سفير ۽ ٻين سال ملاقاتون ڪري هيلري ڪلنٽن جي چونڊ مهم ۽ سندس ڪردار کي نقصان پڄائڻ لاءِ اڳيان اڳيان هو.
    3. جيرالڊ ڪوشنر: صدر ٽرمپ جو نياڻو آهي. هو اقرار ڪري چڪو آهي ته هو گھٽ ۾ گھٽ چار ڀيرا 2016ع ۾ روسين سان مليو. رابرٽ مُلر کي اهي ثبوت آڻڻا پوندا ته هو روسين سان ڪنهن ساز باز ۾ شريڪ هو.
    4. ڪارٽر پيج: چونڊ مهم ۾ صدر ٽرمپ جو پرڏيهي پاليسيءَ جو صلاحڪار هو. هي همراه 2016ع ۾ ايف بي آءِ جي واچ لسٽ تي هيو، ڪيئي ڀيرا روس وڃي چڪو آهي ۽ هن جو جھڪاءُ ماسڪو پاسي رهيو آهي.
    5. سينيٽر جيف سيشن: آمريڪا جو اٽارني جنرل آهي. هن تي به روسي سفير سان ملڻ ۽ چونڊن ۾ ساز باز جا الزام آهن جن کي هو وڏي زور شور سان رد ڪندو رهيو آهي.
    6. ڊونالڊ ٽرمپ: آمريڪا جو صدر به اسپيشل ڪائونسل رابرٽ مُلر (Robert Mueller ) طرفان هلندڙ جاچ جو حصو آهي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ تي اهو به الزام آهي ته هُن هڪ سازش تحت ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر جيمس ڪوميءَ کي هٽايو، جو کيس خطرو هو ته جيمس ڪومي صدارتي چونڊن ۾ روسي ساز باز جي جاچ ڪندي کين ڪا به رعايت نه ڏيندو.
    جيڪڏهن مٿي نشاندهي ڪيل ڪنهن هڪ اڌ ماڻهوءَ تي الزام مڙهي گرفتار ڪيو ٿو وڃي ته اهو صدر ڊونالڊ ٽرمپ لاءِ تمام وڏو سياسي جھٽڪو هوندو. هوڏانهن اهو به محسوس ٿئي ٿو ته الزام هيٺ آيل صدر ٽرمپ جي ٽن ساٿين کي تمام جلد ڪورٽ ذريعي سزا ايندي، ڇاڪاڻ ته ايف بي آءِ ايترا ته ثبوت گڏ ڪري هنن ۾ هٿ وڌو آهي؛ جو هنن همراهن جي سزا کان بچڻ لاءِ ڪا گنجائش باقي نه ٿي رهي.
    هاڻي ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ ناهي رهيو ته روس هڪ سازش تحت آمريڪا جي صدارتي چونڊن کي تڪراري بڻائي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه ڪثر ناهي ڇڏي. روس پنهنجا مقصد ماڻڻ لاءِ واپارين، سياستدانن، سفارتڪارن ويندي سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندي بي پناھه پئسو خرچ ڪيو آهي. صرف فيس بوڪ ذريعي 126 ملين آمريڪين کي ڪجھ خاص رياستن ۾ رابطو ڪيو ويو جنهن جو سمورو خرچ، روسي ڪمپنين برداشت ڪيو.
    سوال اهو آهي ته ڇا آمريڪي سرڪار اهڙا قدم کڻندي ۽ هنن وٽ اهڙا ذريعا موجود آهن، جن سان ايندڙ چونڊن ۾ ڪنهن ڌارئي ملڪ جي مداخلت کي روڪي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائي سگھجن..؟

    (05 نومبر 2017)


    صدارتي چونڊن ۾ مداخلت بابت جاچ ۾ اڳڀرائي

    آمريڪا جي وفاقي انصاف جي اداري پاران مقرر ڪيل اسپيشل ڪائونسل رابرٽ مُلر (Robert Mueller ) 2016ع واري صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت ۽ ساز باز بابت جاچ ڪري رهيو آهي. جڏهن کان جاچ شروع ڪئي ويئي آهي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڪيئي ڪوڙ ڳالهايا آهن. صدر ٽرمپ جي پٽ ڊونالڊ جان ٽرمپ جونيئر روسين سان رابطن بابت ڪيئي ڀيرا ڪوڙ ڳالهايو آهي. صدر ٽرمپ جي نياڻي جيرالڊ ڪوشنر چونڊ مهم دوران سندس يا سندن چونڊ مهم جي ڪنهن به رڪن جو روسين سان رابطي متعلق ڪوڙ ڳالهايو آهي. وائيٽ هائوس جي اڳوڻي چيف سِڪيورٽي مائيڪل فلن ته ڪوڙ پڪڙجڻ بعد معافي بدلي سڀ ڪجھ ٻڌائڻ جي درخواست ڪري چڪو آهي. آمريڪا جو اٽارني جنرل جيف سيشن ٻه ٽي ڀيرا جاچ ڪميٽين اڳيان ڪنهن به معاملي بابت لاعلميءَ جا بيان ڏيئي ڪوڙ ڳالهايا آهن. تازو 02 نومبر تي، چونڊ مهم ۾ صدر ٽرمپ جي پرڏيهي پاليسي جي صلاحڪار ڪارٽر پيج پنهنجو ڪوڙو بيان بدلائي سچ ٻولڻ شروع ڪيو آهي. سو سچائي اها آهي ته آمريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت بابت صدر ڊونالڊ ٽرمپ کان وٺي ڪارٽر پيج تائين سڀني ڪيئي ڀيرا ڪوڙ ۽ ڪوڙ ڳالهايا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ڏوھ کي پڪڙڻو آهي ته پئسي جي ڏيتي ليتيءَ پٺيان پئجي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هن معاملي ۾ اسپيشل ڪائونسل رابرٽ مُلر (Robert Mueller ) ڪيترو اڳتي ايندي پنهنجا ذريعا ۽ مليل اختيار استعمال ڪندي معاملي جي اصل سچائي تائين پهچي ٿو.
    گذريل هفتي رابرٽ مُلر (Robert Mueller ) صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي ٽن چونڊ مهم جي ٽن ساٿين کي ڊگهي الزامن جي فهرست سان گرفتار ڪري سڀني کي حيران ڪري وڌو ۽ ھاڻي لڳي ائين ٿو ته هينئر ايف بي آءِ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر اسپيشل ڪائونسل رابرٽ مُلر جا هٿ صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي خاندان ۽ وزيرن سفيرن ۾ پوندا. انهي ڳالھه جو الڪو چڱي پرِ نه رڳو صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي، پر سندس پٽ، نياڻي ۽ ريپبلڪن پارٽيءَ کي به آهي.
    سرد جنگ کانپوءِ به آمريڪا ۽ روس جا تعلقات ڪي چڱا ۽ دوستاڻا ناهن رهيا. چونڊ مهم دوران، صدارتي اميدوار ڊونالڊ ٽرمپ ڪيئي ڀيرا روس ۽ روسي صدر پيوٽن جي حمايت ۾ بيان ڏنا. صدر چونڊجڻ کانپوءِ به ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي بيانن ذريعي صدر پيوٽن جي تعريف ۽ سندس پاليسين جي حمايت ڪندو رهيو آهي. صدر ڊونالڊ ٽرمپ جو ريڪس ٽلرسن کي اسٽيٽ سيڪريٽري نامزد ڪرڻ به هڪ اشارو هو ته ٽرمپ جي حڪومت ۾ روس سان بهتر لاڳاپا رهندا. پر ائين ٿيندي اڃان ته نظر اچي ڪونه ٿو. اسان ائين ڏٺو آهي ته اڀرندڙ ملڪ پاڻ کي سياسي، معاشي ۽ سماجي طور تي مضبوط ڪندي دشمن ملڪن کي وري سياسي، معاشي ۽ سماجي طور ڪمزور ڪرڻ جون سازشون سٽين ٿا. ٿي سگھي ٿو ته ڊونالڊ ٽرمپ، صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت کانسواءِ به کٽي وڃي ها؛ پر ٿيو اهو آهي ته دنيا جي سڀ کان وڏي معيشت ۽ دنيا جي سڀ کان پراڻي هلندڙ آئين واري جمهوري ملڪ آمريڪا ۾ سياسي افراتفري ۽ انتشار وڃي پيو وڌندو. جيڪڏهن روس ڊونالڊ ٽرمپ جو حامي آهي ۽ کيس صدارتي چونڊون کٽرائڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪيو اٿائين ته هن جو مقصد آمريڪا کي جمهوري، سياسي، معاشي ۽ سماجي طور ڪمزور ڪرڻ آهي جنهن ۾ هو ڪنهن حد تائين ڪامياب ضرور ٿيو آهي. سڀ کان وڏي ڳالھه ته آمريڪي قوم ڪيترن ئي معاملن تي ورهايل نظر اچي ٿي، عام آمريڪين جو صدارتي چونڊن جي صاف ۽ شفاف هئڻ تي ڀروسو ۽ اعتبار وڃي ٿو ختم ٿيندو. معاشي طور تي اڀرندڙ دشمن ملڪن کي اُن کان وڌيڪ ٻيو ڇا گھرجي.....!؟
    ڀاڳ ڏيئي ڀيڙو ته دال مان سيرو. سنڌي جي انهيءَ مشهور چوڻيءَ موجب جيراڊ ڪوشنر جي ڀاڳ اهڙا ته ڀيڙا ڏنا آهن جو وڃي ٿيا خير. آمريڪا جي صدارتي چونڊ مهم دوران ئي اهو واضح ٿي چڪو هو ته ڊونالڊ ٽرمپ کي پنهنجو ناٺي جيريڊ ڪوشنر ڪيترو ويجهو آهي. جيراڊ ڪوشنر چونڊ مهم دوران ڪيترا ئي اهم فيصلا ڪيا ۽ ڊونالڊ ٽرمپ جي ڪجھ ويجهن ساٿين کي چونڊ مهم کان الڳ ڪيائين، نه فقط ايترو پر هن ڊونالڊ ٽرمپ جي صدر چونڊڻ بعد وائيٽ هائوس جا عهديدار ۽ وزير سفير مقرر ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هونئن ته جيراڊ ڪوشنر تي به مُنڍ کان روس سان ساز باز جا الزام لڳا آهن، پر خاص طور تي گذريل ڪجھه عرصي کان هتان جا ڇاپي ۽ برقي رابطي جا ادارا اهي خبرون ڏيئي رهيا آهن ته چونڊ مهم دوران روسي مداخلت ۾ جيراڊ ڪوشنر به سهولتڪار يا ساز باز ۾ شريڪ رهيو آهي...!
    02 نومبر تي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي نياڻَي ۽ سينئر صلاحڪار جيراڊ ڪوشنر جي رابرٽ ملر اسپيشل ڪائونسل جي ڪميٽي اڳيان ٻه ڪلاڪ حاضري ٿي ۽ هُن کان ڪيئي ڪاغذ پٽ ورتا ويا. جيراڊ ڪوشنر کان اڳوڻي ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر جيمس ڪوميءَ کي ھٽائڻ ۾ سندس ڪردار بابت به ڪيئي سوال ڪيا ويا. چيو وڃي ٿو ته اسپيشل ڪائونسل رابرٽ ملر ان ڳالھه جي به جاچ ڪري رھيو آهي ته ڪٿي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چونڊن ۾ روسي مداخلت بابت هلندڙ جاچ جي ڪري ته نه جيمس ڪوميءَ کي هٽايو؟ جيڪڏهن صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي خلاف رابرٽ ملر اهڙي ڪا ثابتي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿو وڃي ته اهو صدر خلاف انصاف ۾ فراهمي جي رڪاوٽ ( obstruction of Justice) وارو ڪيس ٺهي سگھي ٿو...!
    6 نومبر تي هتان جي اخبارن ۽ رابطي جي ٻين ادارن ۾ هڪ ٻي ڌماڪيدار خبر آئي آهي جيڪا صدر ٽرمپ جي پڳدار پٽ ڊونالڊ جان ٽرمپ جونيئر متعلق آهي. خبر اها آهي ته ڪريملن ماسڪو سان واسطو رکندڙ وڪيل نتاليا ويسلنِتسڪايا (Natalia Veselnitskaya) انڪشاف ڪيو آهي ته هُن ڊونالڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم کي اها ڄاڻ ڏني هئي ته ڪلنٽن گلوبل انيشيئيٽو ( Clinton Global Initiative) کان غير قانوني امداد ورتي ۽ ان جي بچت هيلري ڪلنٽن جي چونڊ مهم کي ڏني. وڪيل نتاليا ٻڌايو ته ٽرمپ جي چونڊ مهم سان لاڳاپيل ماڻهو اُها هر ڄاڻ وٺڻ لاءِ بيقرار هئا، جنهن سان هيلري ڪلنٽن جي ڪنهن به حوالي سان بدنامي ۽ خواري ٿئي. هن سلسي ۾ وڪيل نتاليا جو ٽرمپ جونيئر سان رابطو ٿيو جنهن اهڙي معلومات جي بدلي ۾ هُن کي انعام اڪرام جو آسرو ڏنو. وڪيل نتاليا بدلي ۾ اها گھر ڪئي يا توقع رکي ته آمريڪا روس خلاف ميگنِتسڪي قانون (Magnitsky Act) ختم ڪندو، جيڪو گذريل صدر باراڪ اوباما جي صدارت دوران روس خلاف منظور ڪيو ويو هو. ياد هجي ته اهو قانون سرگي ميگنِتسڪي (Sergei Magnitsky) جي نالي ۾ روس کي انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ منظور ڪيو ويو هو. سرگي ميگنِتسڪي ماسڪو جو مشهور وڪيل ۽ اڪائونٽنٽ هو، جنهن جو موت ماسڪو جي هڪ جيل اندر واقع ٿيو، جنهن ماسڪو جي وڏن سرڪاري ملازمن خلاف 230 ملين ڊالرن جو چوري ۽ ٽئڪس ڦٻائڻ جو ڪيس پڪڙي ظاهر ڪيو هو. اُن قانون ماسڪو کي چيڙائي وڌو ڇاڪاڻ ته ان قانون سبب آمريڪي شهرين لاءِ روس مان ٻارن کي هنج وٺڻ تي اڻ سڌي طرح پابند به لڳي ويئي آهي. ان ساڳي قانون تحت ارڙهن روسين کي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو مجرم قرار ڏنو ويو.
    09 جون 1026ع تي، ٽرمپ ٽاور نيويارڪ ۾ ٽرمپ جونيئر، جيراڊ ڪوشنر ۽ چونڊ مهم جي چيئرمين پال مينافرٽ روسي وڪيل نتاليا يسلنِتسڪايا سان گڏجاڻي ڪئي. هن گڏجاڻيءَ کان پهرين ڪيترين ئي برقي ٽپالن جي ڏي وٺ ٿي، جيڪي سڀ لکت ۾ رڪارڊ تي موجود آهن. هينئر صدر ڊونالڊ ٽرمپ ۽ سندس ساٿين لاءِ عجيب صورتحال اها پيدا ٿي آهي ته وڪيل نتاليا رضاڪارانا اسپيشل ڪائونسل رابرٽ ملر کي پنهنجو بيان ڏيڻ لاءِ آڇ ڪئي آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته هوءَ هاڻي بيان ڏيڻ جي آڇ ڇو ٿي ڪري؟ آخر هن جا پهرين ڪهڙا مقصد هئا ۽ هاڻي ڇا ٿي ڪرڻ گھري؟ مونکي ته ائين ٿو لڳي ته روس پنهنجن چالن ۾ ڪامياب ٿيندي ٽرمپ انتظاميا کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي چڪو آهي. دلچسپ صورتحال اها آهي ته ٽرمپ انتظاميا نه اڳتي ٿي وڌي سگھي نه پوئتي ٿي هٽي سگھي...!
    صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي سندس ٽن ويجھن ساٿين (جن مان هڪ ضمانت تي ۽ ٻه گھر ۾ برقي پٽي (Electronic Belt) سان نظربند آهن) جي گرفتارين کانپوءِ ڪارٽر پيج (Carter Page) جي بيان ۽ شاهدي مان وڏو خطرو آهي، جيڪو رابرٽ ملر اسپيشل ڪائونسل ۽ ڪانگريس جي انٽيليجينس ڪميٽيءَ آڏو پنهنجا بيان درج ڪرائي چڪو آهي. ڪارٽر پيج گذريل سال، ۽ ان کان پهرين ڪيئي ڀيرا روس جا دورا ڪري مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري سفارتڪارن ۽ واپارين سان ملڻ جو اعتراف ڪيو آهي. هن آخري ڀيرو روس جو دورو تڏهن ڪيو جڏهن آمريڪا ۾ صدارتي چونڊ مهم زورن تي هئي. هي همراهه پنهنجن روسي دورن ۽ اُتي گڏجاڻين جا تفصيل چونڊ مهم جي چيئرمين پال مينافرٽ کي برقي ٽپالن ذريعي ٻڌائيندو رهيو هو. محسوس ائين ٿو ٿئي ته ٽرمپ جي خاندان کان علاوه پال مينافرٽ ۽ مائيڪل فلن کانپوءِ ڪارٽر پيج چونڊ مهم ڪاڻ روسين سان ساز باز ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پنهنجا پيرا ڇڏيندو آيو آهي.
    اهو تمام گھٽ ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن پارٽي جا چونڊيل نمائندا پنهنجي ئي پارٽي جي چونڊيل صدر مٿان اخبارن ۽ برقي رابطن جي ادارن وسيلي کلم کلا تنقيد ڪندا ھجن. صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي صدارت ۾ اهو ڄڻ معمول بڻجي چڪو ھجي! جيڪڏهن ڪو سينيٽر يا ڪانگريس جو ميمبر صدر صاحب مٿان ڪنهن مسئلي تي تنقيد ٿو ڪري، بس پوءِ صدر ٽرمپ جو هن خلاف ٽوئيٽ مٿان ٽوئيٽ آهي ۽ ڳالهه وڃي ذاتيات تي پهچي وڃي ٿي. سڀ کان پهرين، رياست ايريزونا جي سينيٽر جان مڪين صدارتي چونڊ مهم دوران ۽ چونڊن بعد به ڊونالڊ ٽرمپ جي سياسي پاليسين تي تنقيد ڪئي، خاص طور تي هُن جي روس طرف جھڪاءَ ۽ صدر پيوٽن جي پاليسين جي حمايت کي تنقيد جو نشانو بڻايو. پوءِ ڪيترا ئي سينيٽر ۽ ڪانگريس ميمبر سامهون آيا آهن جن صدر تي کلي عام تنقيد ڪئي آهي. تازو، رياست ايريزونا جي سينيٽر جيف فليڪ سينيٽ اجلاس ۾ سياسي اخلاقيات بابت هڪ بهترين تقرير ڪندي ٻيهر سينيٽ چونڊون وڙهڻ کان هٿ کڻي ويو. هن توڙي جو صدر ٽرمپ جو نالو نه کنيون پر هن جي سموري تقرير جو نشانو صدر ٽرمپ ئي هو، ۽ صدر ٽرمپ کان صبر ڪٿي ٿو پڄي!؟ هُن سينيٽر جيف خلاف ڪيترا ئي ٽوئيٽ ڪيا. صدر کي نه پنهنجي پارٽيءَ جو لحاظ نه اخلاقيات جو قدر، سدائين هُن کي پنهنجي مخالفن سان پاءُ پاڻي ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي. هنن ئي ڪالمن ۾ مون صدارتي چونڊ مهم دوران لکيو هو ته ڊونالڊ ٽرمپ سڀني اخلاقي، سياسي ۽ سماجي قدرن جا بخيا اُڊيڙي ڇڏيا آهن. هو اهڙو آهي ۽ اهڙو ئي رهندو...!!

    ٻي ڳالھه:
    هلندي هلندي ٻي ڳالھ ڪندا هلون ته 07 نومبر تي ٻن رياستن، ورجينيا ۽ نيو جرسيءَ ۾ گورنر جو چونڊون ٿيون ۽ ٻنهي رياستن ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جا اميدوار کٽي ويا. انهن ٻنهي رياستن ۾ پنهنجن اميدوارن کي کٽائڻ لاءِ صدر ڊونالڊ ٽرمپ به ميدان ۾ لهي پيو هو ۽ چونڊ مهم جي جلسن کي خطاب ڪرڻ پهتو، پر نتيجا هن جي حق ۾ نه آيا. ان کان علاوه نيويارڪ شهر جي ميئر جي چونڊ به ٻيهر ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڊي بلاسِيو تمام وڏي اڪثريت سان کٽي آهي. 32 هن سالن کانپوءِ ڪنهن ڊيموڪريٽڪ اميدوار ٻيهر نيويارڪ شهر جي ميئرشپ کٽي آهي. ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ وارا وڏيون خوشيون پيا ملهائن جو هو هنن چونڊن کي ٽرمپ خلاف ريفرينڊم قرار پيا ڏين!

    (12 نومبر 2017)


    اڄ جي آمريڪا ـــ تاريخي پسمنظر ۾

    قومن ۽ ملڪن جو رويو به انسانن وانگر ٿئي ٿو، ڪي سادا سٻاجهڙا ته ڪي ظالم، جابر ۽ استحصالي! ڪي مرڻ مارڻ لاءِ تيار ته ڪي وري پيار ئي پيار. ڪي ماڻڪ موتي لعل، ته وري ڪي ازدها اجگر ۽ ڪنگال. نه ماڻهو اڄ کان اهڙو آهي نه ئي ڪي قومون ۽ ملڪ...! زمانن کان ماڻهن جا رويا قدرتي طور فطرتي ناهن رهيا، ته ملڪن جا رويا به وري فطرت جي ڀلائيءَ واري پاسي ناهن رهيا. سماجي طور تي انسان هميشه پنهنجي ۽ پوءِ پنهنجي طبقي جي مفادن لاءِ ئي سرگرمِ عمل رهيو آهي، جو ان ۾ ئي هن کي تحفظ نظر اچي ٿو ۽ کيس آسيس ملي ٿي.....پوءِ ڀلي ٻين انسانن تي ظلم، جبر ۽ ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏي. ڏٺو وڃي ته بنيادي طور تي انسان کي زندگي گھارڻ لاءِ اٽو، لٽو ۽ اجھو ئي ته گهرجي، پر پوءِ خواهشن ۽ لالچ جي ور چڙهيل هڪڙن طاقتور ۽ مستيءَ ۾ مست انساني تهذيبن ۽ سماجن ٻين ڪمزور ۽ سٻاجھڙن تهذيبن ۽ سماجن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.
    اسان جنهن زماني ۾ رهون ٿا ان وقت آمريڪا دنيا جو نه فقط ترقي يافته، بلڪِ تمام طاقتور ملڪ آهي. سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ اڪيلو سپر پاور ملڪ ليکيو وڃي ٿو. انساني سماجن، تهذيبن، قومن ۽ ملڪن جي تاريخ تي نظر ٿا ڦيرايون ته ڪڏهن عظيم مصري بادشاهت، ته ڪڏهن چين جِي زَهو بادشاهت جو عروج هو. ڪنهن زماني ۾ سنڌو سڀيتا اوج ۽ عروج تي هئي، ته ڪڏهن ميسيپوٽينيا، ته ڪڏهن پرشيا جو عروج ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته وري ڪڏهن عظيم رومن بادشاهت يا اسلام جي عثمانيا خلافت جو عروج ملي ٿو. سو ڳالھ اها آهي ته انساني تاريخ جي مختلف زمانن ۽ وقتن ۾ مختلف تهذيبن ۽ ملڪن کي عروج حاصل رهيو آهي. اهڙي طرح اڄ آمريڪا معاشي، فوجي ۽ سائنسي طور تي جھڙوڪِ عروج تي آهي؛ پر هر عروج کي زوال آهي. جيئن پهريون تمام طاقتور ۽ عظيم بادشاهتون زوال پزير ٿيون، بلڪل ائين ئي اڄ جو طاقتور ۽ مظبوط ملڪ آمريڪا سڀان ضرور زوال پزيريءَ ڏينهن سفر شروع ڪندو. گھٽ ۾ گھٽ تاريخ ته ائين ئي ٿي ٻڌائي.....!!

    آمريڪا جو جڙڻ
    هونئن ته انساني سماجن ۽ معاشرن ۾ مختلف سببن جي ڪري انساني لڏپلاڻ هڪ فطرتي، قدرتي ۽ تاريخي عمل رهيو آهي، پر ويجھي انساني تاريخ ۾ يورپ کان بغير ڪنهن قدرتي آفت يا جنگ جي، پنهنجي مرضي ۽ راضپي سان ايڏي وڏي تعداد ۾ انساني لڏپلاڻ جو مثال نه ٿو ملي. اسپين کان آيل ماڻهن 1565ع ۾ سينٽ آگسٽائين (Saint Augustine) جي نالي سان، موجوده فلوريڊا رياست جي علائقي ۾ يورپ جي پهرين مستقل آبادي جوڙي. تنهن کانپوءِ 1607ع ۾ برطانيه مان لڏي آيلن، جيمس ٽائون (James Town) ورجينيا ۾ پنهنجو شهر اڏيو. فرانسي باشندن هونئن ته 1529ع کان هن علائقي ۾ آيا، پر پهرين مستقل فرانسي آبادي 1608ع ۾ پورٽ رايل (Port Royal) جي نالي سان جوڙي. اهڙيءَ ريت يورپي ماڻهو اتر آمريڪا جي ٿڌن، گرم ۽ سرسبز ميداني علائقن تي قبضا ڪندا، ماڪڙ جيان ڦهلبا ويا. يورپ مان لڏي آيل ماڻهن هڪڙي پاسي هتان جي اصل باشندن (ريڊ انڊين) کي ماري ناس ڪيو، ته ٻي پاسي قبضي ڪيل علائقن ۾ زراعت ۽ واپار ويا وڌائيندا. سترهين ۽ ارڙهين صدي عيسويءَ ۾، سَون هزارن جي تعداد ۾ آفريڪا کان ڪارا باشندا ٻڪرين رڍن جيان غلام بڻائي آندا ويا. ويچارن ڪارن غلام آفريڪي ماڻهن کان سندن گورا مالڪ زرعي زمينن تي ڍڳن وانگر ڪم وٺندا هئا ۽ کين گھرو يا پالتو جانورن وانگر ئي رکيو، پاليو ۽ تاتيو ويندو هو.
    ريڊ انڊين جي آمريڪا تي، يورپ جي مختلف ملڪن کان آيل يورپين قبضو ڪري، مختلف علائقن ۾ پنهنجون پنهنجون ڪالونيون جوڙيون هيون، پوءِ برطانيا کان آيل انگريز ويا مظبوط ٿيندا، جو هنن اسپيني، فرانسيسي ۽ پورچوگيزي ماڻهن کان اهي ڪالونيون ۽ علائقا خالي ڪرائي پنهنجي قبضي هيٺ آندا. 19 اپريل 1775ع تي آمريڪا جي شهرين برطانيا سان باقاعده آزاديءَ جي جنگ جي شروعات ڪئي. هڪ ڊگھي انقلابي جنگ (Revolutionary War) کانپوءِ 4 جولاءِ 1776ع تي ٿامس جيفرسن (Thomas Jefferson) جي اعلانيل آزاديءَ جي پڌرنامي (Declaration of Independence) تحت تيرهن ڪالونين پينسلوانيا رياست جي فليڊيلفيا شهر ۾ برطانيه کان آزاديءَ جو تاريخي اعلان ڪيو. آزاديءَ جي اعلان کانپوءِ به هيءَ جنگ جاري رهي ۽ ان جو خاتمو 3 سيپٽمبر 1783ع تي ٿيو. جيئن جيئن آمريڪا سماجي، معاشي ۽ فوجي طور تي مظبوط ٿيندو ويو، تيئن تيئن ٻيون به ڀر واريون رياستون ۽ ڪالونيون ويون آمريڪا ۾ شامل ٿينديون. اڄ آمريڪا 50 رياستن جو ديوقامت، اقتصادي ۽ معاشي طور تي انتهائي مظبوط ۽ فوجي طور تي تمام طاقتور جمهوري ملڪ آهي، جنهن جي آبادي وڃي 326 ملين تي پهتي آهي.

    آمريڪا جو صنعتي ۽ فوجي طاقت ٿي اڀرڻ
    آمريڪا بنيادي طور تي هڪ زرعي ملڪ هو، جنهن ۾ 1877ع کان 1900ع ڌاري صنعتي انقلاب آيو. جنهن هڪ زرعي بنيادن تي ٻڌل سماج کي شهري سماج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. انهيءَ
    صنعتي انقلاب جي ڪري يورپ جي آبادي ڌڙا ڌڙ لڏي آمريڪا ايندي رهي، ارڙهن سو ستر واري ڏهاڪي ۾ تقريبن ٽي لک ماڻهو يورپ کان هجرت ڪي آمريڪا آيا، اندازو ڪريو ته 1875ع ۾ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي ڪارنيگي اسٽيل مل جو پٽسبرگ شهر رياست پينسلوانيا ۾ افتتاح ڪيو ويو، ۽ تقريبن هڪ سال کانپوءِ گراهم بيل ٽيليفون ايجاد ڪيو. ارڙهن سو ستر واري ڏهاڪي ۾ هڪ پاسي صنعتي ترقي زورن تي هئي ته ٻئي پاسي آمريڪا جي اصلوڪن رهاڪن سان به ننڍيون وڏيون جنگيون ٿينديون رهيون جن ۾ لازمي فتح آمريڪا ۾ آيل گورن جي ٿي. ڪيترائي ڀيرا منهنجي ذهن ۾ اها ڳالھ آئي آهي ته يورپ جي گورن بندوق ايجاد ڪري سموري دنيا، ڌرتيءَ جي گولي کي هميشه لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو. آمريڪا جا اصلوڪا رهاڪو ريڊ انڊين ڀلا بهادر يا ويڙهو نه هئا ڇا؟ هو تمام بهادر هئا، بهترين تير انداز ۽ پٺيءَ اُگھاڙي گھوڙي تي به سواري ڪرڻ جا ماهر هئا پر کين گورن جي ايجاد ڪيل بندوق ماري وڌو ۽ تاريخي طور تي سندن نانءُ نشان هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو.
    ارڙهن سو جي اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ تيل جي ڪاروبار ترقي ماڻي ۽ ان جي صنعت ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ اسٽاڪ مارڪيٽ جوڙيو ويو. ساڳي ڏهاڪي ۾ ريلوي لائينن جو وڏي ۾ وڏو ڄار وڇايو ويو جنهن آمريڪا جي اُڀرندي رياستن کي اولهندي رياستن سان ملايو. ساڳي ڏهاڪي ۾ نڪولا ٽيسلا بجليءَ تي هلندڙ موٽر ايجاد ڪئي ۽ بجليءَ جي فراهميءَ کي ڏورانهن علائقن تائين پڄائڻ ممڪن بڻايو. ارڙهن سو جي نوي واري ڏهاڪي ۾ اتر واري رياستن کي ريلوي لائن ذريعي ملايو ويو ۽ اسٽيل جي ڪاروبار تمام ترقي ماڻي. ساڳي وقت سترهين ۽ ارڙهين صدين ڌاري هتان جي عيسائي رضاڪارن دنيا جي بهترين يونيورسٽين جو بنياد وڌو. جن ۾ هارورڊ (Harvard)، ييل، پرنسٽن (Princeton)، ڪولمبيا (Columbia)، پينسلوانيا (Pennsalvania)، برائون (Brown) ۽ ڊارٽمائوٿ (Dartmouth) يونيورسٽيون اچي وڃن ٿيون. انهن ۽ انهن کانپوءِ ڪجھ ٻين ٺهندڙ يونيورسٽين ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. منڍ کان آمريڪا جي معاشي، اقتصادي، سائنسي ۽ سماجي ۽ فوجي ترقيءَ انهن يونيورسٽين جو تمام وڏو ۽ ساراھ جوڳو ڪردار رهيو آهي. اڄ به آمريڪا جي کوڙ يونيورسٽين جي صرف تحقيق ۽ ترقيءَ (Research & Development) جي بچيٽ ۽ اينڊومينٽ فنڊ (Endowment Fund) ٽئين دنيا جي ڪجھ ملڪن جي سالياني بچيٽ کان وڌيڪ آهي.
    آمريڪا جي اصل فوجي طاقت ۽ دٻدٻو دنيا جي پهرين عالمگير جنگ ۾ ظاهر ٿيو ته وري ٻي عالمگير جنگ دوران جاپان خلاف ائٽم بم جي استعمال سبب سندس ڏهڪاءَ ۾ بي پناھ اضافو آندو ۽ آمريڪا مڃيل طور تي هڪ سپر پاور اڀري نروار ٿي آيو. هنن جنگين جي ڪري يورپي ملڪن کي تمام گھڻو نقصان رسيو ۽ اُهي اقتصادي، معاشي ۽ فوجي توڙي سماجي لحاظ کان بيحد ڪمزور ٿي ويا. پهرين ۽ ٻي عالمگير جنگ جتي يورپ جي اڪثر ملڪن ۽ جاپان کي برباد ۽ ويران ڪري اجاڙي ڇڏيو، اتي ست سمنڊ پار آمريڪا کي ڪو خاص نقصان نه رسيو. آمريڪا هڪ معاشي ۽ فوجي طاقت ته بڻجي ئي چڪو هو، سندس وڌيڪ ڌاڪو انڪري به ڄميو جو ٻي عالمگير جنگ کانپوءِ آمريڪا يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن کي اربين ڊالرن جي امداد ڏيئي پنهنجن پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ڪئي. آمريڪا جي صدر هيري ٽرومين 3 اپريل 1948ع تي مارشل پلان (Marshal Plan) جي منظوري ڏني جنهن تحت اولھ يورپ جي بحاليءَ جو منصوبو (European Recovery Program) شروع ڪيو ويو ۽ جنگ ۾ تباھ ٿيل اولھ يورپ جي ملڪن کي تيرنهن بلين ڊالرن جي امداد ڏني. تنهنڪري آمريڪا ڄڻ سرمائيدار ملڪن جو لٺ سردار بڻجي ويو.
    وري 1991ع ۾ سويت يونين جي ٽٽڻ سان آمريڪا دنيا جي اڪيلي عظيم طاقت (Super Power) بڻجي پيو. قصو ڪوتاھ، مون تمام مختصر ۽ اختصار سان آمريڪا جي وجود ۾ اچڻ کان موجوده دور تائين ان جي اڀرڻ جو احوال ڄاڻايو آهي، جڏهن ته منهنجو اصل مقصد هو ته موجوده دور ۾ آمريڪا جي اندروني ۽ عالمي بيهڪ جو ڪجھ حال احوال ڪجي. تنهنڪري هينئر موٽي اچون پيا آمريڪا جي موجوده صورتحال تي ۽ مختصرن ملڪ کي درپيش اندروني ۽ بيروني مسئلن جو ڪجھ جائزو وٺون ٿا.
    ملڪ جي مستحڪم معاشيات ئي ڪنهن به ملڪ کي مظبوط ۽ طاقتور بڻائي ٿي ۽ آمريڪا 1900ع کان معاشي طور سڀني ملڪن کان اڳڀرو رهندو پيو اچي. آمريڪا کان پهرين تقريبن 2000 سالن تائين ڀارت يا چين معاشي طور تي دنيا جي سڀني ملڪن کان بهتر هئا، جو اُن زماني ۾ آدمشماري معاشي خوشحاليءَ جو اهم جُز هئي. آمريڪا ۾ ڪوئلي ۽ تيل جي اڻکٽندڙ زخيرن جي ملڻ سبب ملڪ جي قسمت تبديل ٿي ويئي. ويهين صديءَ ۾ سائنس، صنعت، حرفت ۽ ٽيڪنالاجي سموريءَ دنيا ۾ معاشي ترقيءَ جا جز ۽ ماپا تبديل ڪري ڇڏيا. اندازو لڳايو ته آمريڪا ايجادن کي تحفظ ڏيڻ جو قانون (Patent Act) 1790ع ۾ منظور ڪيو ۽ هن وقت تائين ڪوئي ڇھ لکن جي قريب ايجادن کي تحفظ ڏنو ويو آهي. انهن نين ايجادن جي ڪري نه فقط آمريڪا ۾ تمام گھڻي خوشحالي آئي پر سموري دنيا جي ماڻهن جي زندگيءَ ۾ وڏي آسائش آئي ۽ تمام گھڻيون سهولتون پيدا ٿي پيون. لوئيول شهر، ڪينٽڪي رياست ۾ رهندڙ منهنجو ويجھو دوست ڊاڪٽر غفار بليدي چوندو آهي ته روزانو صبح جو ڌڻيءَ در انهن گورن جي حق ۾ به دُعا گھرندو آهيان، جن جي بدولت اسان جي زندگي بي شمار سهولتن سبب آسان ٿي پئي آهي. ان ڳالھ ۾ ڪو ابهام ناهي ته موجوده دنيا کي پُرآسائش بنائڻ ۾ آمريڪا ۾ ٿيل ايجادن جو تمام وڏو عمل دخل آهي. پينسلين جي دوا کان وٺي پهرين انساني عضوي جي تبديلي، ٽرانزسٽر کان وٺي هوائي جهاز تائين، بلب کان وٺي ڪمپيوٽر تائين ۽ انٽرنيٽ کان وٺي فيس بوڪ تائين سڀ جا سڀ آمريڪا ۾ ايجاد ٿيا. چنڊ تي پهرين انسان جو پڄڻ هجي يا مريخ تي ڪنهن مشين جو لهڻ هجي، اهي اربين ڊالرن جا منصوبا به آمريڪا جا ئي هئا. مون ٽيليفون يا موبائيل فون کي ڪونه وساريو آهي. پر هي فهرست ايڏي ته ڊگھي آهي جو هيءُ مضمون پورو ڪونه پوندو ۽ هونئن به اڄ جو موضوع آمريڪا جي ايجادن بابت ناهي پر ان جي دنيا جي گولي تي سندن سردار واري حيثيت بابت آهي.
    آمريڪا کي دنيا جو طاقتور ملڪ بنائڻ ۾ سياسي ادارن جي پختگيءَ جو اهم ڪردار آهي. جيڪو هن ملڪ کي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ نمايان ۽ اڳڀرو ڪري هڪ عالمي قوت بڻائي ٿو. 1776ع ۾ ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين تمام ڪاميابيءَ سان جمهوريت هلندي پئي اچي. هتان جا ادارا تمام گھڻو مظبوط آهن، جيڪي پنهنجي مڪمل آئيني آزاديءَ سان ڪم ڪندا پيا اچن. سواءِ چند مثالن جي، عام طور تي هتان جي سياستدانن پنهنجي ادارن جو نه فقط مان مرتبو وڌايو آهي پر انهن کي وقت به وقت، گھربل گھرجن پٽاندڙ انتهائي مظبوط به ڪيو آهي. موجوده صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڪنهن ٻي مٽيءَ جي خمير مان جڙيل ٿو لڳي، جنهن اڳيان ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ چوڻ ۽ ثابت ڪرڻ انتهائي آسان آهي. هن وٽ اخلاقي، سماجي ۽ سياسي قدر يا ته ڪا معني نه ٿا رکن يا انهن جي ڪا به اهميت ڪانه آهي. هن جي انهيءَ غير اخلاقي ۽ غير سياسي روين سبب ملڪ کي اڳ ۾ ئي ڪاپاري ڌڪ لڳي چڪو آهي. آمريڪي قوم ۾ اهڙا ڪيئي منفي پهلو سمائڻ لڳا آهن جن جو پهرين ڪو وجود نه هو، ۽ جي هيو ته ايترو سرعام ۽ ديده دليريءَ سان نه هو؛ جيئن ڪنهن سياستدان جو آمريڪي گورن جي انتها پسنديءَ جي تعريف ڪرڻ ۽ ان کي ڪنهن خاص ايجندا تحت، پنهنجن ذاتي مفادن لاءِ اڳتي وڌائڻ وغيره؛ توڙي جو اهڙي روش ملڪ کي تمام گھڻو نقصان رسائيندي.
    هوڏانهن چين ۽ ڀارت ٻيهر پنهنجو سماجي، معاشي ۽ سياسي رتبو حاصل ڪرڻ ۾ ڪوشان آهن. ڏينهون ڏينهن هنن جي معيشت بهتر ٿيندي پئي وڃي ۽ هڪ اڳڪٿيءَ مطابق 2030ع ۾ چين جي معيشت دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ هوندي، ڇاڪاڻ ته اڀرندڙ معيشت تيزيءَ سان وڌي ٿي بَنِسبت ان جي جيڪا اڳ ئي عروج تي آهي. ورلڊ بئنڪ جي انگن اکرن مطابق هن وقت آمريڪا جي معيشت ارڙهن ٽلين ڊالرن سان سموري دنيا جي معيشت جي تقريبن چوٿائيءَ، (24.3%) تي مشتمل آهي. جنهن کانپوءِ چين، جاپان ۽ جرمني اچي وڃن ٿا. چين کي ڇڏي ٻيا سڀ ملڪ آمريڪا کان گھڻو هيٺ آهن. چين هن وقت % 14.8 تي آهي. هن وقت ته روس به معيشت جي لحاظ کان دنيا جي پهرين ڏهن ملڪن ۾ نه ٿو اچي، اڃا ان جي معيشت بانبڙا پائيندڙ آهي پر روس به 2030ع ۾ دنيا جي پهرين ڏهن ملڪن جي فهرست ۾ موجود نظر اچي ٿو.





    ڪجھ معاشيات جا ادارا ته اها به اڳڪٿي ڪندي ڪونه ٿا گھٻرائين ته 2030ع کان پهرين چين 38 ٽلين ڊالرن سان دنيا جي طاقتور ترين معيشت هوندو ۽ آمريڪا 23.4 ٽلين ڊالرن سان ٻئي نمبر تي هوندو. پڙهندڙن جي سهولت ۽ دلچسپي لاءِ ورلڊ اِڪونامڪ فورم ( World Economic Forum) جي اڳڪٿي ڪيل پهرين ويهن ملڪن جي فهرست هيٺ ڏيان ٿو:

    PPP*
    (Trillion) Country No. PPP*
    (Trillion) Country No.
    $3.638 France 11 $38.008 China 1
    $2.996 Turkey 12 $23.475 United States 2
    $2.755 Saudi Arabia 13 $19.511 India 3
    $2.651 South Korea 14 $5.606 Japan 4
    $2.541 Italy 15 $5.424 Indonesia 5
    $2.354 Iran 16 $4.736 Russia 6
    $2.159 Spain 17 $4.707 Germany 7
    $2.141 Canada 18 $4.439 Brazil 8
    $2.049 Egypt 19 $3.661 Mexico 9
    $1.868 Pakistan 20 $3.638 United Kingdom 10
    * Projected Global Gross Domestic product (GDP) by purchasing power parity.
    ڪيترن ادارن اڳڪٿي ڪندي 2050ع ۾ ڀارت کي ٻيون نمبر ۽ آمريڪا کي ٽيون نمبر ڄاڻايو آهي، ته پاڪستان کي وري پندرهين نمبر تي رکيو آهي.
    ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ئي آمريڪا معاشي ۽ فوجي لحاظ کان هڪ سگھارو ۽ طاقتور ملڪ بڻجي چڪو هو. ٻي عالميگر جنگ ۾ جاپان طرفان 7 ڊسمبر 1941ع تي پرل هاربر رياست هوائيءَ تي حملو ته ڄڻ هڪ بهانو ٿي آيو. اُن حملي آمريڪي قوم ۾ اڻ ٽٽندڙ ٻڌي پيدا ڪئي، عام شهرين کان ويندي وڏن واپارين حڪومت جو ساٿ ڏنو ۽ جاري ڪيل جنگي بانڊ ورتا. ڪارون ٺاهيندڙن ڪمپينين صرف جنگ لاءِ گاڏيون ٺاهڻ شروع ڪيون ته هوڏانهن برطانيا ۽ فرانس هزران جي تعداد ۾ فوجي گاڏيون، هوائي ۽ سامونڊي جنگي جهاز آمريڪا کان خريد ڪيا. اهڙيءَ طرع جنگ جي زماني ۾ به آمريڪا اربين ڊالر ڪمايا.

    آمريڪا جا اعلى اڳواڻ
    آمريڪا جي سماجي، معاشي ۽ سائنسي ترقيءَ ۾ يقينن هتان جي اڳواڻن جو مثبت، بي لوث ۽ اهم ڪردار رهيو آهي. آمريڪا جي آزاديءَ کانپوءِ پهريون صدر جارج واشنگٽن اعلى مثال قائم ڪندي اقتدار کان الڳ ٿي ويو، توڙي جوسندس ويجھن ساٿين کيس صلاح ڏني ته هو ٽئين دفعي لاءِ به صدارت جاري رکي ۽ هو آسانيءَ سان صدر رهي پئي سگھيو ۽ ڪن تجزيا نگارن جو ته اهو به خيال آهي ته هو جي چاهي ها ته بادشاهت قائم ڪري، پاڻ بادشاهه بڻجي پئي سگھيو. اها نئين آزاد ٿيل ملڪ آمريڪا جي خوشنصيبي هئي جو چونڊن ذريعي پهريان پنج اُهي صدر چونڊيا ويا، جن ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جان جي بازي لڳائي ۽ جمهوري آئين ٺاهڻ ڪاڻ دل و جان سان ڪم ڪيو هو. آمريڪا جي بانيڪار بابن (Founding Fathers) ۾صدر جارج واشنگٽن (George Washinton)، صدر جان ايڊمس (John Adams)، صدر ٿامس جيفرسن (Thomas Jefferson)، صدر جيمس ميڊيسن (James Medison)، صدر جيمس مونرو (James Monore)، اليگزينڊر هيملٽن (Alexander Hamilton) ۽ بينجامن فرينڪلن (Benjamin Franklin) اچي وڃن ٿا، جن نه فقط نئين وجود ۾ آيل ملڪ کي هڪ طاقتور ۽ مثالي ملڪ بنائڻ جا مظبوط بنياد وڌا پر پنهنجي تدبر، اعلى قائدانا صلاحيتن، اڻ کٽ محنت ۽ سچائيءَ سان سموري دنيا تي اڻ مٽ اثر وڌا ۽ دنيا کي هميشه لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو.
    آمريڪا جي بانيڪار بابن (Founding Fathers) کانپوءِ جن آمريڪي اڳواڻن آمريڪا ۽ دنيا تي پنهنجي ڇاپ ڇڏي آهي، انهن ۾ ووڊرو ولسن (Woodrow Wilson)، فرينڪلن روزويلٽ (Franklin Roosevelt)، هينري فورڊ (Henry Ford)، ابراهم لنڪن (Abraham Lincoln )، جان ايف ڪينيڊي (John F Kennedy) ، روزا پارڪس (Rosa Parks)، ڊاڪٽر مارٽن لُوٿر ڪنگ (Dr. Martin Luther King)، محمد علي ڪلي (Muhammad Ali Clay)، رونالڊ ريگن (Ronald Regan)، بل ڪلنٽن (Bill Clinton) ۽ پهريون ڪاري نسل جو صدر باراڪ حسين اوباما (Barrack Hussain Obama) اچي وڃن ٿا. آمريڪا سائنس، علم ۽ تحقيق جي سڀني شعبن ۽ راندين ۾ سوين اهڙا اعلى انسان پيدا ڪيا آهن، جن تي نه فقط آمريڪا پر سموري دنيا کي ناز ۽ فخر آهي، جن جا هتي هن مضمون ۾ نالا لکڻ ممڪن ناهي.
    آمريڪا ۾ 2016ع جي آدمشاريءَ مطابق گورن آمريڪين جي آبادي 62 سيڪڙو آهي. هسپانوي ۽ ليٽينو باشندا 18 سيڪڙو ، ۽ ڪارن جي آبادي 13 سيڪڙو آهي. باقي 9 سيڪڙو ۾ چيني، ڀارتي، عربي ۽ پاڪستاني وغيره اچي وڃن ٿا. هنن انگن اکرن مان صاف ظاهر آهي ته ملڪ ۾ گورن جي آبادي ٻين سڀني اقليتن کي جي ملائجي ته به وڌيڪ آهي. هتي بنياد پرست گورن آمريڪين ۾ اها سوچ وڃي پئي وڌندي ته ڌاري آباديءَ جي يلغار کي نه روڪيو ويو ته هو اقليت ۾ اچي سگھن ٿا، جنهن سبب هنن جي وڏن جي ٺاهيل ملڪ تي سندن حڪمراني ختم ٿي ويندي. اهڙي منفي سوچ کي ڊونالڊ ٽرمپ هٿي ڏني ۽ پنهنجي صدارتي چونڊ مهم ۾ اهڙا نعرا ۽ منصوبا ڏنا جنهن سان گوري آباديءَ جو ٻين آبادين سان تصادم وڌيو.

    اڄ جو آمريڪا
    اڄ جي آمريڪا ۾ افراتفري ڪنهن ٻي جي ڪري نه پر خود صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي پنهنجي پيدا ڪيل آهي. هن کي هر صورت اقتدار حاصل ڪرڻو هو ۽ هن کي اقتدار عزيز هو جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ چاهي روسين يا ڪنهن ٻي جي مدد ڇو نه وٺڻي پئي. جنهن جو مثال آمريڪا جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. اڄ جي آمريڪا کي جيڪي اندورني ۽ بيروني مشڪلاتون ( Challenges) آهن، تن جو مختصرن ذڪر هيٺ ڏيان ٿو:
    1. صدر ڊونالڊ ٽرمپ ان ڳالھ کان مسلسل انڪار ڪندو رهيو آهي ته صدارتي چونڊن ۾ ڪا روسي مداخلت ٿي آهي. ان انڪار کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ هو پنهنجن سترنهن جاسوسي ادارن جي ڏنل رپورٽ کي به رد ڪري چڪو آهي، جنهن سان آمريڪي ادارا نه فقط ملڪ اندر بلڪِ ٻاهرين دنيا ۾ به ڪمزور ٿيندي نظر اچن ٿا.
    2. صدر ڊونالڊ ٽرمپ پنهنجي صدارتي چونڊن کي غير متنازع بنائڻ لاءِ ڪنهن به لحاظ کان هلندڙ روسي مداخلت بابت جاچ ۾ تعاون نه ٿو ڪري ۽ هن جي حتي الامڪان ڪوشش اها آهي ته اسپيشل ڪائونسل رابرٽ ملر جي ذات ۽ هن طرفان هلندڙ جاچ کي متنازع ڪجي. جڏهن ته صدر جا ويجھا ساٿي روسين سان لھ وچڙ ۾ رهيا آهن، جن جا ثبوت موجود آهن. صدر جي اهڙي منفي رويي سبب نه فقط جاچ تي اثر ٿو پئي، پر ملڪي ۽ بين الاقوامى سطح تي آمريڪا ۽ سندس ادارن جي بدنامي ٿئي ٿي.
    3. وفاقي انصاف واري اداري طرفان مقرر اسپيشل ڪائونسل رابرٽ ملر، ڪانگريس ۽ سينيٽ جي انتيليجنس ڪميٽيءَ طرفان صدارتي چونڊن ۾ روسي مداخلت بابت هلندڙ جاچ هتان جي ادارن جو تاريخي رُخ متعين ڪندي، جن ادارن تي آمريڪي قوم سدائين ڀروسو ۽ فخر ڪندي آئي آهي.
    4. چونڊ مهم دوران ۽ صدر چونڊڻ کانپوءِ، ڊونالڊ ٽرمپ جي اهڙن نعرن ته ”سڀ کان پهرين آمريڪا“ ۽ ”آمريڪا دنيا جو پوليس مين (چوڪيدار) ناهي“..... اهڙن نعرن يا نڪتن (Agenda) ملڪي توڙي بين الاقوامى سطح تي آمريڪا کي ڪمزور ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته ٻين عالمي جنگ کانپوءِ پهريون ڀيرو صدر ٽرمپ جي آمريڪا پوئتي هٽندي نيٽو ( NATO) جي افاديت کان انڪار ڪندي ميمبر ملڪن کي گھٽ وڌ ڳالهايو آهي. صدر جي اهڙي غير ذميواراڻي رويي سبب آمريڪا جو صفِ اول جو اڳواڻيءَ وارو ڪردار پوئتي هٽندي محسوس ٿئي ٿو.
    5. چونڊ مهم دوران ۽ صدر چونڊڻ کانپوءِ، ڊونالڊ ٽرمپ جو نعرو، ”آمريڪا کي ٻيهر عظيم بنايو (Make America Great Again)“ بنياد پرست ۽ نسل پرستيءَ تي ٻڌل نُڪتو نظر اچي ٿو، جنهن اڇن آمريڪين کي گڏ ڪري ڊونالڊ ٽرمپ کي کٽڻ ۾ ته مدد ڪئي پرهڪ گھڻ نسلي ملڪ جا بنياد ضرور ڪمزور ڪيا آهن ۽ انهيءَ عمل سبب هتي موجود مختلف اقليتن ۽ اڇن آمريڪين ۾ ويڇا وڌيا آهن.
    6. سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ دنيا اندر روس جو قائدانا ڪردار نه هئڻ برابر هو. گذريل چند سالن ۾ روس ٻيهر ڪر کڻي، هڪ معاشي ۽ فوجي قوت بڻجي آمريڪا کي مختلف محاذن تي چئلنج ڪندو آيو آهي ۽ کوڙ محاذن تي آمريڪا جي هڪ به هلڻ نه ڏني اٿائين.
    7. معاشي طور تي آمريڪا دنيا جو تمام مظبوط ۽ سگھارو ملڪ آهي جنهن کي ويجھي ماضيءَ ۾ ڪڏهن ڪو مسئلو درپيش ناهي رهيو. جيئن مٿي ڏنل ملڪن جي موجوده ۽ اڳڪٿي ڪيل معاشيات بابت ڏنل چارٽن مان صاف ظاهر آهي ته هينئر آمريڪا معاشي طور تي تمام طاقتور ۽ سگھارو ملڪ آهي، پر اڳتي ڇا...!؟ هينئر کان ئي چين هِن کي بي چَين ڪري ٿو ۽ سندس جاءِ والاريندو نظر اچي ٿو.

    (26 نومبر 2017)

    •••


    ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 823
    ڪتابن جو مشاهدو: 1890689
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 511395
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ