ڪتاب جو نالو: ڪير ٿو مونکي سڏي
مصنف: بشير منگي
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 08 جون 2020 ع
پڙهيو ويو: 953 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 195 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
توڙي جو بشير منگي جي سڃاڻپ هڪ بهترين نثر نويس ۽ مترجم طور ٿئي ٿي، پر سندس هڪ اهم حوالو بطور شاعر پڻ نهايت پختو ۽ قابل تحسين آهي، سندس حساس طبيعت جيان بشير منگيءَ جي شاعري ۾ معصوميت ۽ حساسيت جا پهلو نمايان نظر اچن ٿا، زندگيءَ جي تلخ تجربن ۽ ذهني پيڙا جا اولڙا سندس لکڻين ۾ ايتري ته سادگيءَ سان بيان ڪيا ويا آهن، ڄڻ ڪي پاڻ شڪوه شڪايت جي روايتي زاوين کان بي خبر هجي، بشير منگيءَ جهڙي طرح پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌار داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي پنن تي پٿاري پنهنجي اندر جي اپٽار ڪئي آهي. بشير منگي پنهنجي الڳ رنگ ۽ ڍنگ سان پنهنجي احساسن کي شاعريءَ جي مختلف صنفن آڌار پاڻ کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، سندس سليس ٻولي ۽ فڪري اڏام جون جهلڪيون پڙهندڙن کي پاڻ طرف ضرور متوجه ڪنديون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • پنهنجي پاران
  • بشير منگي ڪاريگر شاعر
  • پيار ۽ اڪير جو شاعر
  • بشير منگيءَ جا بيت ۽ وايون
  • جيڪي دل ۾ آيو، پَني تي آيو
  • غزل

  • مون ڪيا ڪيئي ڪشالا سمجهه ڪر
  • مچ اڳيان ٻري ڪيڏو تڙپائي پئي
  • ساهه ۾ ساهه ڪونهي ڪو،
  • ڪيڏو سنگدل بڻيو آهي نهاري ڪونه ٿو جاني
  • ايڏو نه تڪبر ڪر هي جان اجائي آ
  • ڪير ٿو مون کي سڏي اڌ رات جو
  • هڪ اجنبي آيو منهنجي شهر ۾
  • رات گذري وئي بيقراري هئي
  • سنڌوءَ ۾ تک تار ٿو ڏسان
  • سونهن تنهنجيءَ تي سکي
  • هٿڙو ڪنهن سان ڪيئن ملايان
  • آزادي جو سورج ائين کڙندو نه آ
  • ڌمڪين تي ڌمڪيون ڏيندو ٿو رهي
  • ٻي ڪناري تان سڏيو ته به هلي اينداسون
  • نگاهن کي مِلائي ويٺا آهيون
  • پهريون پيار پهرين نظر ياد رکجانءِ
  • پيار وارا پيار ڏئي اڳتي وڌو
  • ڪسا ۽ ڦڪا هون ڦڪا ئي رهياسون
  • نگاهن جا ڌوڪا سنڌؤَ جي ڪناري
  • مان هميشه کان رهيس انتظار ۾
  • نه ڪو قرب رهيو نه ياري رهي
  • دل دل کان ڌار ڪندو رهه ڀلي
  • اسان جا يار ڌار ٿيندا ٿا وڃن
  • دل روئي سهڪار اچي ڪر
  • اسان جي حياتي بهارون پرين
  • ويران اجڙيل شهر وانگي ٿو لڳان
  • اڄوڪيون بهارون اسان لئه خزائون
  • سوچڻ سمجهڻ جي ڪيائين نه ڪوشش
  • داستان دل جا گھڻا ڪيئن ٻڌايان دوستو
  • ڪئي مون آهه زاري هئي قبولي تو نه آخر ڇو
  • هوءَ ڳليءَ مان اچي جان منهنجي جلي
  • جي اچين هان درد جو درمان ٿي
  • سڀ رُسي ويا پرچائڻ وارا
  • مرڻ ويل جاني ملڻ ڪونه آيو
  • اسان نينهن پنهنجو نپايو نڀايو
  • زلفن رخسارن جي شاعر هاڻي ڳالھ نه ڪر
  • دشمن جي نظر ۾ ٿو رهان
  • سر جي نه پرواهه ڪيون ٿا اسان
  • بي پرواهه هڪڙو يار، ڪيئي وار ڪري ويو هليو
  • اُڀ ۾ ٽمڪن چنڊ ۽ تارا
  • هو ڏس دل جا ڪارا ماڻهو
  • رهين پري ٿو هر هر دلبر
  • ظالم ادائن اسان کي تپايو
  • نسريا هن سنگ جواني ۾
  • هي ڪنهنجو گيت آ ڳاتو مون
  • پيار وارا پرين شال ترسي پون
  • سانوڻي برسات وسري ئي نٿي
  • حياءَ حجاب آ جيون منهنجو
  • جهومي نچي ڳاءِ جواني
  • ڪڻڪن ۾ ير سنگ پچي پيا
  • اُتر کان هي آنڌي مان اڳتي اڃان ڀي
  • رات رنگين سهاني آ
  • وايون

  • توسان جاري جنگ رهندي
  • اجڙيل پنهنجي ڳوٺ ۾
  • گهاگهر ڀري وٺ گوري
  • اوندهه ۾ مڪلي مگر
  • ويل ۾ ڌرتي اڃان
  • شام جو پهر
  • پنهنجي اندر ۾ ويٺو
  • نينهن نڀايان ٿو
  • ماڻهو جهومي ٿا لهن
  • مٽي سان وڃين ملي
  • لڙڪ لڙي آيا
  • شادي ناهي ڪئي اڃان
  • چؤڏس مداري
  • مٺڙا ٿي وئين ڏور
  • روئندي ۽ کلندين
  • هرهڪ ماڻهؤَ کان
  • تون جا ناهين پوءِ
  • تون جو هلي وئينءَ
  • تون جو هلي وئينءَ
  • ڳليون ڳوٺَ ڳهي ويو
  • ٻوڏ سموريءَ سنڌ ۾
  • جُهوپا جيءَ جهري ويا
  • مون پيار ڪيو هن سان
  • ڌرتيءَ جي گولي تي
  • امن به اڏري ويو
  • سنڌڙي کي جاڳاءِ
  • روشني وئي روح مان
  • ٽڙيل گُل گلاب جيان
  • مڌ کڻي اچ اوري
  • تن ۾ آهي تاس
  • کول ميخانو
  • ڪيڏا هن ستايا
  • گهنگهور گهٽا ۾ ٻول
  • هي اجنبي شهر
  • سانوري سپني ۾
  • آ انڌيري رات
  • ڪارن ڪڪرن رات جو
  • من ۾ مچ مچي
  • نراسائي ماڳ تي
  • ڀڳل آئيني جون سکي
  • منهنجو هوت هليو ويو
  • تنهنجو پيار ته پايان
  • ڏسين ڏونگر ڏام کي
  • پشم جهڙي پوپري اڄ
  • ڪر نه ڪنارا
  • جيءُ جلائڻ ۾
  • گيت/نظم

  • بهارن جي هوائن ۾
  • هوءَ جا منهنجي پوپري
  • سادي سندر سکي
  • ياد پرينءَ جي مونکي آئي
  • تير نظرن جا هڻي ماري ڇڏيئي
  • او مٺي اومٺي
  • دنيا ۾ سهڻي اسان جي ثقافت
  • سنڌ سموري سڙي ٿي سچل
  • درازن ۾ ديدار نه ٿيندو سچل
  • اوچري، اوچري
  • او...ناري
  • هي ڇوري هاڻ انگوري آ
  • پرين پيارو ماڻهو سچارو
  • ٻيون نه ٻوليون هجن
  • سادي سندر سکي
  • سنڌ جي ناري ڪيڏي پياري
  • وڙهندي مرد مهان ڏسو
  • جاڳو سنڌ جا هاري ناري، سنڌڙي پئي نيلام ٿئي
  • چوطرف سانت هئي
  • ڦوهه جواني ڦٽي
  • توتي به هنن جو حق آهي
  • ٻاراڻونظم
  • مونکي توسان وڙهڻو آهي
  • سنڌوءَ تي ڪو ڊيم نه ٺاهيو
  • حاڪمن جون ڏينهن راتيون هر گھڙي رنگين آ
  • اسان سچ جي سولي تي لٽڪا رهياسين
  • زندگي هڪ تماشو
  • مون سان عشق نه ڪر
  • اچ جانان
  • زندگي جو باب
  • ساهه رڳ...!
  • ڳولهين ٿو...
  • بيت / چوسٽا / ترائيل

  • بيت
  • چوسٽا
  • ترائيل
  • شيخ اياز جي نانءُ
  • سائين جي ايم سيد جي نانءُ
  • اچ پرين

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر 64

    ڪتاب جو نالو: ڪير ٿو مونکي سڏي
    موضوع: شاعري
    شاعر: بشير منگي
    ڇاپو پهريون: سيپٽمبر 2017ع
    ڪمپوزنگ: امراياز مهر 2920262-0332
    لي آئوٽ: آفتاب احمد هنگورو
    ٽائيٽل: رضوان گل
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي، گاڏي کاتو حيدرآباد 03003512966
    مُلهه: /300 روپيا
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر
    books.sindhsalamat.com

    Ker tho monkhe saddy
    (POETRY)
    Poet: Bashir Mangi
    Edition: septembar 2017
    Composed by: Amar ayaz mahar
    Published by: Sambara Publication Hyderabad


    ارپنا

    خوبصورت شاعر مرحوم جميل شهزاد
    ۽
    درگاهه جهوڪ شريف جي فقير
    مرحوم فقير منظور احمد اڄڻ
    جي نالي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪير ٿو مونکي سڏي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ شاعر بشير منگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي. ساجد سنڌي لکي ٿو:
    ”توڙي جو بشير منگي جي سڃاڻپ هڪ بهترين نثر نويس ۽ مترجم طور ٿئي ٿي، پر سندس هڪ اهم حوالو بطور شاعر پڻ نهايت پختو ۽ قابل تحسين آهي، سندس حساس طبيعت جيان بشير منگيءَ جي شاعري ۾ معصوميت ۽ حساسيت جا پهلو نمايان نظر اچن ٿا، زندگيءَ جي تلخ تجربن ۽ ذهني پيڙا جا اولڙا سندس لکڻين ۾ ايتري ته سادگيءَ سان بيان ڪيا ويا آهن، ڄڻ ڪي پاڻ شڪوه شڪايت جي روايتي زاوين کان بي خبر هجي، بشير منگيءَ جهڙي طرح پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌار داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي پنن تي پٿاري پنهنجي اندر جي اپٽار ڪئي آهي. بشير منگي پنهنجي الڳ رنگ ۽ ڍنگ سان پنهنجي احساسن کي شاعريءَ جي مختلف صنفن آڌار پاڻ کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، سندس سليس ٻولي ۽ فڪري اڏام جون جهلڪيون پڙهندڙن کي پاڻ طرف ضرور متوجه ڪنديون.“
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون سائين بشير منگيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    توڙي جو بشير منگي جي سڃاڻپ هڪ بهترين نثر نويس ۽ مترجم طور ٿئي ٿي، پر سندس هڪ اهم حوالو بطور شاعر پڻ نهايت پختو ۽ قابل تحسين آهي، سندس حساس طبيعت جيان بشير منگيءَ جي شاعري ۾ معصوميت ۽ حساسيت جا پهلو نمايان نظر اچن ٿا، زندگيءَ جي تلخ تجربن ۽ ذهني پيڙا جا اولڙا سندس لکڻين ۾ ايتري ته سادگيءَ سان بيان ڪيا ويا آهن، ڄڻ ڪي پاڻ شڪوه شڪايت جي روايتي زاوين کان بي خبر هجي، بشير منگيءَ جهڙي طرح پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌار داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي پنن تي پٿاري پنهنجي اندر جي اپٽار ڪئي آهي، ان سان ڄڻ ته سندس بي معنيٰ زندگيءَ کي ڪا معنويت بخشي هجي ۽ هن پنهنجي جيون کي سڦلتا جي اهڙي رڻ جو راهي بڻائي ڇڏيو آهي، جتي وک وک تي پرخار رستا پير پتون ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن، پر هي شخص پوءِ به همت نه ٿو هاري، پنهنجي منزل طرف روان دوان آهي، توڙي جو پري پري تائين ڪنهن منزل جو ڪو نانءُ نشان ناهي.
    بشير منگيءَ جنهن منٽو جي ڪردارن ۾ پاڻ کي ڳوليندي سندس انيڪ افسانن کي سنڌي ٻوليءَ جو ويس اوڍيو، اتي پنهنجي ڪالمن ۽ مضمونن ۾ پڻ بي خوف ٿي دنيا کي سچ جي آرسيءَ جا تجلا به پسايا پر هينئر سندس هڪ ٻيو روپ ڪوتاڪاريءَ جي تکن ڪاون تي هلندڙ ڪويءَ طور سامهون آيو آهي، اهو پڻ حيرت جو بت بڻجڻ تي ضرور مجبور ڪندو، بشير منگي پنهنجي الڳ رنگ ۽ ڍنگ سان پنهنجي احساسن کي شاعريءَ جي مختلف صنفن آڌار پاڻ کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، سندس سليس ٻولي ۽ فڪري اڏام جون جهلڪيون پڙهندڙن کي پاڻ طرف ضرور متوجه ڪنديون. سمبارا پبليڪيشن پاران بشير منگيءَ جي پهرين شعري مجموعي ”ڪير ٿو مونکي سڏي“ جي اشاعت تي پڻ نهايت سرهائي محسوس ڪندي ڀرپور موٽ جي اميد رکجي ٿي.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد


    پنهنجي پاران

    اها حقيقت آهي ته شاعري سماجي ڀڃ ڊاهه ۽ حالتن جي پيداوار هوندي آهي خوبصورت شاعري جو بنياد وطن جي خوشحالي ۽ آزادي هوندي آهي، شاعر انسان جي اجتماعي شعور جي اڳواڻي ڪري ٿو سنڌ جي شاعري حب الوطني سان گڏ پوري انسان ذات جي ڀلائي ۽ خوشحالي جو اهڃاڻ رهي آهي. محبت، ڀائيچارو، انسانيت پسندي ۽ حب الوطني جهڙا موضوع عالمي موضوع آهن جنهن کي شاعرن پنهنجي شاعري جو مرڪز بڻايو آهي.
    منهنجي شاعري جو ڪارڻ سونهن ۽ ڌرتيءَ جو عشق رهيو آهي. شاعري پنهنجن ننڍڙي ننڍڙي خواهشن، پيڙائن ۽ پڇتائن سان گڏ محڪوم ، محروم ۽ پيڙهيل سماج جي دکن، دردن ، احساسن کي جيءَ سان جيءُ ملايو اٿم. جڏهن به ڌرتي تي ڏکيا ڏينهن آيا آهن ان وقت منهنجو قلم بي وسي جو رت ڳاڙيندي ڪجهه لکڻ تي مجبور ڪندو آهي، شاعري هجي يا ڪهاڻي يا ڪالم منهنجي اندر ۾ مانڌاڻ تڏهن مچندي آهي جڏهن هن ڌرتي جا وارث هوندي به مالڪي جي حق کان محروم ٿيندا ٿا وڃن، جڏهن ڪنهن هاريءَ کي وڏيري جي ظلم کان سڄي سال جي پورهئي مان حاصل ڪيل محنت جي ڪمائي کان محروم ڪيو ويندو آهي، جڏهن ڪنهن قومپرست ساٿيءَ کي بي گناهه ماريو ۽ پوءِ ساڙي ڪنهن روڊ جي پاسي تي اڇلايو ويندو آهي يا وري ڪا وينگس پريم جو ٻليدان ٿي سماجي روايتن جي چکيا تي بندوق جي گوليءَ جو نشانو بڻجي ويندي آهي اهڙيون نفرت انگيز وارتائون منهنجي ضمير ۽ ذهن کي جهنجهوڙي ڇڏينديون آهن مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي انهن حادثن ۽ واقعن جي پيداوار آهي نااميد ناهيون نيٺ آسمان تي محرومين ۽ مونجهارن جا ڇانيل ڪارا ڪڪر هٽي ويندا ۽ هن ڌرتيءَ تي اهڙو سماج اڏبو جنهن سان اسان سڀ ڌرتي واسي آزاديءَ سان ساهه کڻنداسين.
    منهنجي ڪچي ڦڪي شاعري منهنجي اندر جو احساس آهي جنهن کي پنن تي آندو اٿم، فني لحاظ کان کوڙ سارا جهول موجود هوندا جنهن جي اصلاح ڪرڻ پڙهندڙ دوستن جو مون مٿان احسان هوندو.

    بشير منگي
    03332927374


    بشير منگي ڪاريگر شاعر

    وليم ورڊسورٿ چيو هو، ”انساني قلب ئي منهنجي تخليقيت جو موضوع آهي.“ پر ڪجهه نقادن ٻيو خيال ڏيکاريو ۽ چيو، “ادب لاءِ ضروري آهي ته اهو سياسي ۽ سماجي جاڳرتا پئدا ڪندڙ هجي ۽ پنهنجي وقت جي سمورين سياسي نظرين جي عڪاسي ڪندڙ هجي.” جيئن دور ڦري ٿو، ائين ادب به پنهنجا رستا ۽ لاڙا تبديل ڪري ٿو. منهنجي خيال ۾ جاندار ۽ شاندار ادب اهو آهي، جيڪو پنهنجي ڪلچر، ٻولي ۽ معاشي اقتصاديات توڙي سياسي اقتصاديات جي منظرنامي ۾ پنهنجي حسي تجربن کي جاءِ ڏئي ٿو.
    بشير منگي اسان جو نظرياتي دوست آهي، هو سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل آهي. هن هميشه هيڻن طبقن جي ڀرجهلائي ڪئي آهي ۽ ڪمزور ماڻهن ۾ مزاحمت جو جذبو اُڀارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. رسول حمزاتوف چيو هو؛ ‘Sit on your horse until you fumble or from mortal wound you tumble “گولاٽين کان سواءِ گهوڙي سواري مشڪل آهي، تيستائين جيستائين موتمار زخم کائي هيٺ نٿا ڪرو.”
    بشير منگي هميشه گهوڙي جي اگهاڙي پٺيءَ تي سفر ڪيو آهي، جيڪو ڏاڍو ڏکيو آهي. سندس هائڪن جو ڪتاب “وڏڦڙو” جي نالي سان اڳ ئي ڇپجي چڪو آهي. هائڪو فني اعتبار کان تصوير گرافڪ شاعريءَ جي زمري ۾ اچي ٿو ۽ بشير وٽ اهڙو ڏانءُ آهي جو هو ڪنهن به منظر جي لفظي تصوير گرافي ڪري سگهي ٿو. هو ڊگهي عرصي کان شاعري ڪندو پيو اچي، “ڪيرٿو مون کي سڏي” سندس شاعريءَ جو نئون مجموعو آهي. جنهن ۾ غزل، نظم، گيت ۽ بيت وغيره شامل آهن.
    فڪري طور بشير جي شاعري لنوائڻ جوڳي ناهي، باقي فني اعتبار کان ڪٿي کانئس ڪي شيون ڊسٽرب ٿيون آهن، جنهن طرف کيس ڌياڻ ڏيڻ گهرجي.
    زندگي ڏاڍي ڪشادي، لامحدود ۽ پل اپل تبديل ٿيندڙ يونٽ آهي. جنهن جي ٽڪر ٽڪر کي ليکڪ ميڙي هڪ هنڌ گڏ ڪري هڪ نئين شئي ٺاهيندو آهي. جيڪا اصل کان مختلف حيرت انگيز، حرارت بخش ۽ معنوي لحاظ کان جامع هوندي آهي.
    جديديت جا نقاد زندگيءَ جي سمورن سماجي مامرن بابت ادبي پيشڪش کي ”ميڪبيٿ“ جي جادوگرياڻين سان ڀيٽ ڏيندا آهن. جيڪي “جادوئي چورڻ” ٺاهينديون آهن. هنن جو خيال آهي ته ادب براءِ زندگيءَ جو ترجمان، زندگيءَ جي شديد انتشار ۽ بي ربطگي کي سمجهڻ کان وانجهو آهي، جنهن کي بشير غلط ثابت ڪري ڏيکاريو.

    تاج بلوچ


    پيار ۽ اڪير جو شاعر

    سکر شهر ۾ الشفاءَ اکين جي اسپتال جي روڊ کان ٿيندو، هاءِ ڪورٽ جي بلڊنگ جي مهڙ وٽ جڏهن بئراج ڪالونيءَ ۾ مڙي وڃبو ته ڪنهن به ساهه کڻندڙ ۽ نبض هلندڙ جيءَ کان پڇندو ته بشير منگي ڪٿي رهي ٿو ته اهو اوهان کي هڪ وچولي قسم جي سرڪاري ڪواٽر جي آڏو اچي بيهاريندو.
    ٻين سڀني لاءِ بشير منگي ۽ منهنجي لاءِ بشيرڻ سائين سدائين هٿ ادب جا ٻڌي اهو چوندي ٻڌبو ته فقير سائين ! تسي لنگهه جو ساڊي خير هي.
    بي انتها سادڙو، سلڇڻو ۽ اڀا اڀا ٽهڪ ڏيندڙ ٻارڙي جهڙو مزاج رکندڙ بشير ڻ سائين جي دل به دريا وانگر آهي ڇاڪاڻ جو هو دريا بادشاهه جي ڀڪ تي قائم ڪيل آفيس ۾ نوڪري ڪري پنهنجو گذر سفر ڪري ٿو.
    مان هن جي Controversies کي هميشه جائز سمجهندو آهيان، بشيرڻ سائين ڪڏهن به روايتي، جڙتو ۽ ٺهيل ٺڪيل راهن تي رُلڻ کان انڪاري رهيو آهي. هن هميشه پنهنجا رستا ۽ پنهنجون ڳليون ٺاهيون آهن ۽ انهن تي ئي سدائين هليو ۽ رُليو آهي. ادب جي بي انتها بگ نيمس آڏو بيهي انهن سان اکيون اکين سان ملائي بيهڻ اسان جهڙن ڇسن ۽ سَر سَر چوندڙ پر متڙين لاءِ ڏاڍو مشڪل رهيو آهي پر هن لاءِ .... ڪڏهن به...
    مان ڀانيان سنڌي ادبي سنگت سکر جا سڀ کان اهم ۽ يادگار ادبي پروگرام به اسان بشيرڻ سائين جي سيڪريٽري شپ ۾ ئي ڏٺا، تنهن بعد ترن ۾ تيل ئي نه رهيو...
    بشيرڻ سائين سچ ته اسان رولاڪ ۽ جپسي ماڻهن لاءِ هڪ وڏي وٿ آهي. بشيرڻ سائين ڏيک ويک ۾ شاعر گھٽ پر اندر ۾ هڪ چريو عاشق ۽ موکيءَ جي پياڪ متارن مان آهي. ان ڪري هن جڏهن پنهنجو اندر اظهارڻ جو ارادو ڪيو ته شاعريءَ ڏانهن ائين لڙي آيو جئين شاهه لطيف جون اڃايل ٻڪريون پاڻيءَ جي گھاٽ ڏانهن ڊوڙنديون آيون هجن.
    مون بشير سائين جي شاعريءَ جوڪتاب هٿن ۾کنيو ته ان جو وزن ٽن پاون کان مٿي لڳو ۽ جڏهن پڙهي پورو ڪيم ته لڳو ته اروڙ جي نينهن جبل تي چڙهي ۽ وري لٿو هجان. بشيرڻ سائين وٽ ڀلي فن جون جام ڪچايون آهن پر هن جو فڪري ۽ هن جي ويچار- ڌارا compact ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي.
    چوڙيون پائي اوچتو، آئي هوءَ اڳيان
    ڪيئن نه آئون ڪيان، سجدا اڳيان سونهن جي
    يا
    تنهنجي سونهن سکي مند بهار جيان
    سڄي عمر پيان، مڌ جوڀن جو مٺي
    يا
    جيون ٻٽي ڏينهڙا، رب کي تون ٻاڏاءِ
    ڪر عبادت عشق مان، عاشق ٿيءُ سڏائي
    ننڊ مان پاڻ جڳاءِ، اسر جو آذان سان
    هنن بيتن مان لڳي ٿو ته بشيرڻ سائين کي گيڙو رتو رنگ لڳو آهي ڇو ته پاڻ جهوڪ شريف جا پانڌيئڙا آهن ۽ هر سال جهوڪ سائين جي راڳي فقير سکر ۾ گهرائي انهن جي رنگ ۽ سنگ سان پاڻ ۽ پنهنجن دوستن کي رنگ رتو ڪري ڇڏيندو آهي.
    هي هي رنگ ڏسو...
    ڀورا ڀورا ٿي نه وڃين، شيشي وانگر تون
    هي ڀلاري ڀونءِ، بار نه کڻندي ايترو

    هن وائيءَ ۾ بشيرڻ سائين هڪ بنهه نئون Image اسان اڳيان رکيو آهي.
    اوندهه ۾ مڪي مگر
    ڏيئو هڪ ٻريل
    عاشق جي قبر تي
    يا هي اڪيراڻو رنگ...
    اجڙيل پنهنجي ڳوٺ ۾
    واپس آياسين
    ڀاڪر پاتاسين

    ايريگيشن کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ دوران بشيرڻ سائين اپيپ، اٻوجهه غريبن جي ڪمال تصوير ڇڪي آهي.
    جهوپا جيءَ جهري ويا
    ٻوڏ جو راڪاس آ
    مان سوچيندو آهيان بشيرڻ سائين آبپاشي کاتي جي مَنَ (circle) ۾ ويٺو نوڪري ڪري هن هر شيءِ ڏٺي هوندي، هر شيءِ هن اڳيان ٿي رهي آهي . سنڌ جا بند ڪيئن ڪاغذن ۾ اڏيا وڃن ٿا سرزمين تي ڪاريءَ وارا ڪک هوندا آهن ڇا هن موضوع تي لکڻ لاءِ اسان کي بشيرڻ سائين جي ريٽائرمينٽ جو انتظار ڪرڻو پوندو. بشيرڻ سائين جا ڪالم پوريءَ سنڌ ۾ پڙهيا ويا ۽ پوءِ انهن جو مجموعو “سنسار سنڌ ۽ منهنجي سوچ ” جي نالي سان ڇپيو به... پر الاءِ ڇو بشيرڻ پنهنجي کاتي تي ان aspect کان ڪونه لکيو آهي ته مارو ماڻهن جي ڀينگ ڪرڻ ۾ هن جي کاتي جو ڪيترو ڪردار رهيو آهي.
    بشيرڻ سائين جي شاعريءَ جي هن ڪتاب ۾ تقريبن هر صنف تي طبع آزمائي ٿيل آهي . غزل جا ٻه ٽي هي بند سچ ته دل کي ٽچ ڪري ويا آهن.
    ڪير ٿو مون کي سڏي اڌ رات جو
    ڪير ٿو پنهنجا گڏي اڌ رات جو

    مئڪدي ۾ جام ٺاهي ٿو پيو
    بانسري پئي ٿي وڄي اڌ رات جو

    ننڊ کي ڀونڊو ڏئي جاڳي پيو
    جنگجو ڌرتي چمي اڌ رات جو

    يا هي ڏسو...
    رات گذري وئي بيقراري هئي
    باک آهي ڦٽي انتظاري هئي

    درد منهنجي کان هر ڪوئي اڻڄاڻ هو
    ڪو به رشتو نه هو دنيا داري هئي

    هاءِ ڪيڏا نه سندر اهي پل هيا
    ساڻ مونسان پرين هو، بهاري هئي

    يا خيال جي شدت ۽ اڇل ڏسو:
    ٻي ڪناري تان سڏيو، ته به هليا ايندا سون
    تارون ناهيون، پوءِ به تري اينداسون

    اهڙا ۽ ان جهڙا انيڪ رنگ رتول اوهان کي شاعري جي هن باغيچي ۾ ملندا، بشيرڻ سائين جا گيت، نظم، نثري نظم ۽ ٻيون سڀ لکيل صنفون پڙهڻ کان پوءِ رڳو ايترو چوندم ته بشيرڻ سائين پنهنجي سڄي توجه ۽ طاقت فڪر-ڌارا کي سرجڻ تي ئي لڳائي ڇڏي هن فن جي لاڙن کي جوڳو ٽائيم نه ڏنو آهي هاڻي خبر ناهي اها روايت کان بغاوت آهي، بيزاري آهي يا جديد لاڙن کي سمجهڻ جي هڪ نماڻي ڪوشش.
    هن ڪتاب جي مهڙ ۾ به پيار لکيل آهي ته انتم صفحي تي به پيار لکيل آهي ان ڪري اسان سچي دل سان بشيرڻ سائين کي پيار ۽ اڪير جو شاعر چئي سگهون ٿا رب سائين کيس وڏي حياتي ڏي. آمين...

    حبيب ساجد


    بشير منگيءَ جا بيت ۽ وايون

    بشير منگي طبيعت توڻي سوچ ۽ خيالن ۾ سراپا محبت آهي. عشق حقيقيءَ جي ڏسا ڏانهن ويو آهي الائي نه، پر عشق مزاجي سندس نسن ۾ رت سان گڏ ڊوڙي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو هو پيار جي اظهار ۾ بيباڪ به آهي ته پرههَ جو پياڪ پڻ. هو آڳاٽي عربستان ۾ هجي ها ته شايد “سبع معلقات” ۾ شامل قصيده جي رنگ ڍنگ ۾ شاعري ڪري ها.
    ڇو ستائين ٿي مٺي، حال اچي تون اور
    ڳالهيون ڪجهه ته چور، حال اچي پُور جون

    ٽڙيل گل گلاب جيان
    مرڪي ٿي مومل،
    منهنجو من ٻهڪي پيو.
    چنڊ به مرڪي پيو،
    ڏسي نينهن اڇل،
    منهنجو من ٻهڪي پيو.
    صاحبِ ڪتاب شاعر ديش ڀڳت ۽ وطن دوست آهي. سندس بيتن ۽ وايُن ۾ پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ لاءِ پيار جو جذبو خوب جهلڪي پيو. سندس شاعري ان ڳالهه جي گواهي ڏئي ٿي ته وٽس رڳو کوکلا نعرا ناهن، بلڪ هو آزدي ۽ آجپي لاءِ سوچي به پيو ۽ لوچڻ جو حوصلو پڻ رکي ٿو. هو وطن جي حب رکندڙ سُڄاڻ شاعر آهي ۽ مٽيءَ سان آڳاٽن دراوڙن وانگي لاڳاپيل آهي.
    هيمونءَ هلان ڪئي فرنگين ۾ ڀاڄ
    ڀري پئي آڳ، سموريءَ سنڌ ۾
    توسان جنگ جاري رهندي
    رهندس آخر آءٌ
    منهنجو هوڪو حق جو
    لال لهوءَ جي ليٿڙجي
    ڪوٽ ڪيرائيندو سانءِ،
    منهنجو هو ڪو حق جو
    بشير شاعر هئڻ سان گڏ صوفي لا ڪوفي به آهي ۽ ويدانتي فڪر کان متاثر پڻ، هو نه رڳو جهوڪ شريف، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ فقير قادر بخش بيدل جي درگاهن جو پانڌيئڙو آهي، بلڪ سندن شاعري پڙهي پرجهي گيڙو رنگ ۾ رڱجي پڻ ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو تصوف ۽ فقيريءَ واري فڪر جون جهلڪيون سندس بيتن ۽ وايُن ۾ به ملن ٿيون.
    ڪوڙي هن جڳ ۾ ڪيڏو يار جيئندين،
    مٽي ٿي ويندين، مٽيءَ سان ملي ڪري.
    مٽيءَ سان ملي،
    مٽي ٿيندس مان،
    هيءَ حياتي ٿورڙي.
    بهرحال بشير منگيءَ جا بيت ۽ وايون ماترڪ ڇند جي ڪچايُن هوندي به ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ روح کي راحت ڏيندڙ آهن ۽ اهي سادگي سان گڏ پرڪاري، برجستگي، غفائيت، بي باڪي، مٽيءَ جي هڳاءُ ۽ فڪري لاڳاپي جا انيڪ رنگ رکندڙ آهن. بشير منگيءَ جي ٻولي ٺيٺ ۽ تز سنڌي ٻولي آهي ۽ هن عربي، فارسي ۽ سنسڪرت توڻي هندي ٻوليءَ جي نه هضم ٿيندڙ لفظن کان پاسو ڪيو آهي. سندس پورهيو ضرور ساڀ پوندو.

    ضياءُ شاهه


    جيڪي دل ۾ آيو، پَني تي آيو

    سکر واري پل تان نچبو، ڳائبو اچبو ۽ اچي بئراج ڪالونيءَ تي پهچبو ته پاڻيءَ واري کاتي جي چيف انجنيئر جو دفتر ايندو. اُنَ جي پي. اي (P.A) جي ڪمري ۾ ليئو پائبو ته سانورو سَلوڻو، ڪلين شيوڊ، پُرڪشش، سُٺي پوشاڪ پَهريل، بُتَ ۾ سَٻرُ هڪ دلبر همراهه، فون تي آڱرين کي رقص ڪرائيندو نظر ايندو.
    اوهان جو اچڻ، هن لاءِ خوشي کنيو ايندو. مرڪي، ٻانهُن جو هارُ پائي، آڌرڀاءُ ڪندو. وسَ آهر خدمت چاڪري ڪندو ۽ پوءِ ڳالهين جا ڳوٺ ٻڌندو. شاعرن، اديبن جي واکاڻ به ڪندو ته جيڪي وري دل گهُريا نه هوندس ته انهن جي ڳالهه به دل کولي ڪندو. اهو بشير منگي هوندو. هند_ سنڌ ۾ پنهنجن خاص حوالن سان مشهور بشير منگي هڪ وَرسٽائيل ليکڪ (Verstyle Writer) آهي.
    هِنَ مضمون ۽ ڪالم لکيا آهن سي به سادا، جيئن دل ۾ آيُس، لکيائين. سَنوان سِڌا اهڙا جيئن ڪا سٺي شاهراهه هجي ۽ سِڌو هليو وڃجي. بِنا اُلڪي جي منزل تي پڄي وڃجي. بِنا ڪنهن ڀَوَ ڀولي جي مسافر پنهنجي ماڳَ تي پڄي وڃي. عالمي ادب جي ڄاڻ هوندي هروڀرو رعب ويهارڻ لاءِ پرڏيهي ليکڪن جا نالا ڪونه ٽنبيدو، نه ئي حوالا ڏيندو. سنئون سڌو مان جوئي آهيان، سوئي آهيان.
    ملڪ جي سفر ۾ مان ساڻ هيومانس. ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي جو پاڇو بڻيل، هر هنڌ گڏ. هر هنڌ حاضر ناظر، ٻئي ڄڻا جهڙا فوٽوءَ ۾، تهڙا ٻاهر، وڏي اديبَ جي ڪنڌ ۾ ڪِلي هڻي، ڀڳت ڪو نهَ بڻجون. کِلَ به سچي ساڻ ڪجهه “وڏا اديب” سِيٽيا هَلن. مُرڪن به ته لڳي، اسٽيڪر چنبڙايون اٿائون. ان سفر جي وارتا لکيائين به سنئين سِنڌي، ڪو هيرو بڻجڻ جو ڪوشش نه ڪيائين، سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان هڪ منفرد سفرنامو “پکي پيار امن جا” لکيائين.
    شاعريءَ ۾ هائيڪا لکيائين ته “وڏڦڙو” بڻجي ويا، جنهن ۾ جيئن هن جي اک ڏٺو، منظر جهَپي وَرتو ۽ پني تي پنهنجي سُهڻي قلمَ سان ٽاڪي ورتو.
    هي شاعري جو ڪتابُ “ڪير ٿو مون کي سڏي” هن جي اندر جو آئينو آهي. صاف ٿيلُ ۽ اگهيل آئينو، جنهن ۾ هن جي پنهنجي اندر جي وارتا، پنهنجي سادگيءَ سان ڇٽيل آهي. ڪنهن جي ڇاپَ ڪونه آهن.
    هي شاعريءَ جو ڪتاب هڪ صافُ آئينو آهي. ڪنهن کي ڪا ميراڻ يا ڪا رَئي نظر اچي ٿي ته ان ۾ ڏوهه آئيني جو نه، اک جي ديدَ جو آهي.

    آدرش
    شڪارپور


    غزل

    مون ڪيا ڪيئي ڪشالا سمجهه ڪر

    مون ڪيا ڪيئي ڪشالا سمجهه ڪر،
    رنگ تنهنجا ها نرالا سمجهه ڪر.

    ياد ڪاٿي ٿي سمهڻ ڏئي،
    ها رڳو تنهنجا حوالا سمجهه ڪر.

    پيار ۾ پڇتاءُ ٿيندو ها ضرور،
    ڇو ڪرين ٿي نيڻ آلا سمجهه ڪر.

    چُپ رهين ڇو ٿي، هميشه مون اڳيان،
    ڇو بڻي آهين سواليا سمجهه ڪر.

    مان به هان انسان غلطي ٿي وئي،
    آڇ نئين سر نيڻ پيالا سمجهه ڪر.


    مچ اڳيان ٻري ڪيڏو تڙپائي پئي

    مچ اڳيان ٻري ڪيڏو تڙپائي پئي
    هؤَ ڀاڪر ڀري ڪيڏو تڙپائي پئي

    گيت ڳائي پئي دل کي گرمائي پئي
    هٿ هٿ ۾ جھلي ڪيڏو تڙپائي پئي

    هؤَ اچي هوريان چنڊ آڳر مٿان
    دل ڌڪ ڌڪ ڪري ڪيڏو تڙپائي پئي

    پاڪ هن کي سمجھي ڪيئي سجدا ڪيم
    ساهه هُن ريءَ سري ڪيڏو تڙپائي پئي

    هن نگاهون کنيون جسم جنبش ڪئي
    پوءِ به پڳلي پري ڪيڏو تڙپائي پئي


    ساهه ۾ ساهه ڪونهي ڪو،

    ساهه ۾ ساهه ڪونهي ڪو،
    زندگي ۾ چاهه ڪونهي ڪو.

    جڏهن کان تو ڏُکايو هو،
    تڏهن کان ٺاهه ڪونهي ڪو.

    رُسي ٻيهر جي پرچي پئون،
    انهيءَ ۾ گناهه ڪونهي ڪو.

    نه مرڪون هن محبت جون،
    تو ۾ نڀاهه ڪونهي ڪو

    جڏهن مون هو ڀريو ڀاڪر،
    اهڙو اڄ ڇُهاءُ ڪونهي ڪو.


    ڪيڏو سنگدل بڻيو آهي نهاري ڪونه ٿو جاني

    ڪيڏو سنگدل بڻيو آهي نهاري ڪونه ٿو جاني
    جگر ۽ هانءُ ساڙي ٿو ٺاري ڪونه ٿو جاني

    نظر جا تير ٿو ماري گهڙيءَ هر پل ٿو ماري
    الائي ڇو جياري ٿو ماري ڪونه ٿو جاني

    ٽمي پيا نير نيڻن مان نگاهه ڪرم لاءِ آتو
    ٻيڙو مسڪين جو ڪُن مان تاري ڪونه ٿو جاني

    پرينءَ جي پيار جا پياسا نگاهون نيڻ ها آڇيا
    حياتيءَ جون ٻه ٽي گھڙيون گهاري ڪونه ٿو جاني

    زهر جو هو ڀريل پيالو رکيائين مون اڳيان آڏو
    هٿن سان مون چيو هُن کي پياري ڪونه ٿو جاني

    سري ۾ ساهه آ جيسين ملڻ جي آس آ تيسين
    ڇڏي ويو ساٿ سالن جو ساري ڪونه ٿو جاني

    چيم دل کي چري آن تون سانڍي ڪيئن رکان توکي
    جلائي جيءُ ڏٺو آ مون سنڀاري ڪونه ٿو جاني


    ايڏو نه تڪبر ڪر هي جان اجائي آ

    ايڏو نه تڪبر ڪر هي جان اجائي آ
    سي لنگهه لنگهي ويندا جن ساڻ سچائي آ

    هي سفر نه سولو آ هي عشق اڻانگو آ
    هي راهه به مشڪل آ ٻي راهه نه ڪائي آ

    سڀ راز سليم جن سان هم راز رهيو ناهي
    هر موڙ تي هُن منهنجي دل ڏاڍي ڏکائي آ

    هن شهر جي ماڻهن جي ساراهه ڪيان ڪهڙي
    پٿر ها وسايا جن ڪيڏي جان جلائي آ

    هيءَ دنيا ڏاڍي سهڻي پر يار نه جهڙي آ
    سڀ ڪوڙ وڏايون هِن، هُن جي ئي وڏائي آ


    ڪير ٿو مون کي سڏي اڌ رات جو

    ڪير ٿو مون کي سڏي اڌ رات جو
    ڪير ٿو پنهنجا گڏي اڌ رات جو

    مئڪدي ۾ جام ٺاهي ٿو پيو
    بانسري پئي ٿي وڄي اڌ رات جو

    خون هولي ڳوٺ ساري ۾ ڪُڏي
    موت ٿو ناچو نچي اڌ رات جو

    ڪو ڪري ويو نار ڪپڙا تار تار
    درد ويٺي ٿي جُهڳي اڌ رات جو

    ننڊ کي ڀونڊو ڏئي جاڳي پيو
    جنگجو ڌرتي چمي اڌ رات جو

    پير اڳتي ڪر اچي محفل مچائي
    ٿو وڃين ڪاڏي ڇڏي اڌ رات جو


    هڪ اجنبي آيو منهنجي شهر ۾

    هڪ اجنبي آيو منهنجي شهر ۾
    وسوسو پيدا ٿيو دل اندر ۾

    مان ترڻ ڄاڻا نٿو هن کي خبر آ
    پوءِ به چئي ٿي گِهرُ انهيءَ بحر ۾

    نيڻ پيالي ۾ پياري مڌ مٺي
    ڪيڏو مزو آهي ڪڙي قاتل زهر ۾

    سپنا سڀئي چور ٿي وکري ويا
    دردَ آهي ديد اٽڪائي در ۾

    هر بار ڏئي راهه ويندي اذيتون
    پوءِ به ڦاٿل هان هن جي سحر ۾


    رات گذري وئي بيقراري هئي

    رات گذري وئي بيقراري هئي
    باک آهي ڦُٽي انتظاري هئي

    درد منهنجي کان هرڪوئي اڻ ڄاڻ آ
    ڪو به رشتو نه آ دنيا داري هئي

    نانءُ تنهنجو لبن تي رهيو هر گهڙي
    ننڊ ۽ جاڳ بي اختياري هئي

    هاءِ ڪيڏا نه سندر اُهي پل ها
    ساڻ مونسان پرين هو بهاري هئي

    ٻانهن لوڏي وئي موڪلائي مٺي!
    دل کڻي وئي اها ڇا ته ناري هئي


    سنڌوءَ ۾ تک تار ٿو ڏسان

    سنڌوءَ ۾ تک تار ٿو ڏسان
    پير اوري ڪر ترڪين متان

    هوءَ مرڪي ٿي مان جهومان
    رات ڪنارو ۽ گيت نوان

    پاڻيءَ منجھه ليڪا پائي
    ڇولين سان سرگوشون ڪيان

    هن جي وئي کان پوءِ ڄڻ مان
    سمنڊ ۾ ڦاٿل ٻيڙو هان

    ڪير ته مون ڏي هٿ وڌائي
    جڳ ۾ ٿو جيئڻ چاهيان


    سونهن تنهنجيءَ تي سکي

    سونهن تنهنجيءَ تي سکي
    مون رات ڀر شاعري لکي

    چنڊ کان تنهنجو پڇيم
    واٽ مونکي جنهن ڏسي

    ايندس انڌيريءَ رات جو
    موڪلي تو آ چِٺي

    تو نه سمجھو پيار کي
    ۽ وئينءَ هلي آخر رُسي

    رات خوابن ۾ چُميا
    چپ تنهنجا ها مٺي


    هٿڙو ڪنهن سان ڪيئن ملايان

    هٿڙو ڪنهن سان ڪيئن ملايان
    ڌوڪي تي ٿو ڌوڪو کاوان

    هو مرهم ڪو نه رکي ٿو
    مان ڪنهن کي ٿو ٻاڏايان

    راز رکڻ جي عادت ڪونهي
    گهڙيءَ گهڙيءَ ويٺو پڇتايان

    پير سنڀالي کڻندو ڪر تون
    پنهنجو پاڻ کي پيو سمجھايان

    اوندهه دنيا ڪن ڪي ماڻهو
    آءٌ پيو جڳ کي جرڪايان


    آزادي جو سورج ائين کڙندو نه آ

    آزادي جو سورج ائين کڙندو نه آ
    قرباني بنا آئيندو ائين جڙندو نه آ

    پلصراطن مٿان آءُ ته گڏجي هلون
    ظلم جو زنجير ائين ٽٽندو نه آ

    جنگ کٽندي ضرور پرهه ڦٽندي ضرور
    ڪوٽ قهري اڳيان ائين ڊهندو نه آ

    جي ڌاريا وسيلن تي قابض اڃان
    سوبنا ويڙهه جي ائين ڀڄندو نه آ

    هي جو ويري وڏيرو وڙهي قوم سان
    بنا للڪار جي ائين مِٽبو نه آ


    ڌمڪين تي ڌمڪيون ڏيندو ٿو رهي

    ڌمڪين تي ڌمڪيون ڏيندو ٿو رهي
    يار مونکان دور ٿيندو ٿو رهي

    هٿ ۾ تلوار جنهن جي هر لمحي
    هو عاشقن جا سِرَ ڪپيندو ٿو رهي

    ڪو سهارو آ نه هيڏيءَ ڀيڙ ۾
    بي خبر پيرن ۾ ڪرندو ٿو رهي

    ڳالهه منهنجي ڪو نه ٿو ڪوئي مڃي
    جيءُ تنها شام جو جھرندو ٿو رهي

    ساڀيائون کيس خوابن جون مليون
    پو به ڪجھه ناهي مليو چوندو ٿو رهي


    ٻي ڪناري تان سڏيو ته به هلي اينداسون

    ٻي ڪناري تان سڏيو ته به هلي اينداسون
    تارون ناهيون پو ڀي تري اينداسون

    اونداهين ڪمري ۾ ڪير ٿو روڪي
    ملڻ رات جو جگنو جيان ٻَري اينداسون

    عشق تنهنجي راهه ۾ منصور ۽ مخدوم ٿي
    نينهن جو نعرو هڻي سوري ڏي سُري اينداسون

    دردن کي پالي ڪيو آهي مون وڏو
    آهُن جي آڙاهه ۾ سڙي اينداسون

    سنگ باري ٿي جڏهن آيم تنهنجي ڳليءَ ۾
    چٿجي، چيڀاٽجي توڏي اڳتي وڌي اينداسون


    نگاهن کي مِلائي ويٺا آهيون

    نگاهن کي مِلائي ويٺا آهيون
    پيارن کي پرچائي ويٺا آهيون

    بسنت ۾ پيچ لڙائي پيارن سان
    پتنگ پنهنجو ڪٽائي ويٺا آهيون

    جن جھول جھليا ۽ جيءَ ڪئي هئي
    تن کي ڀي رُسائي ويٺا آهيون

    اڄ ڪڪرن قيد ڪيو سورج کي
    اُڀ ۾ ديد اڙائي ويٺا آهيون

    جڳ سان گڏجي هُن ڀي ڏاڍا سور ڏنا
    سي سور سمورا سمائي ويٺا آهيون


    پهريون پيار پهرين نظر ياد رکجانءِ

    پهريون پيار پهرين نظر ياد رکجانءِ
    اڙي بي خبر، بي صبر ياد رکجانءِ

    مون کي وسارڻ ڏکيو توکي لڳندو
    يادون ۽ واعدا ذڪر ياد رکجانءِ

    جتي هئي مِلي توکي راحت ۽ چاهت
    وفائن ڀريل دل جگر ياد رکجانءِ

    بسنتي گلن آجيان ڪئي اوهان جي
    گلابن ڀريل هي شهر ياد رکجانءِ

    گڏجي سفر ۾ گهاريون چند گهڙيون
    منهنجا هم سفر تون سفر ياد رکجانءِ


    پيار وارا پيار ڏئي اڳتي وڌو

    پيار وارا پيار ڏئي اڳتي وڌو
    دل گهرن ٿا دل ڏئي اڳتي وڌو

    جي سڏن سهڻا گهڻي اتساهه مان
    لوڪ سارو ئي ڇڏي اڳتي وڌو

    يار هن مغرور مٺڙا ڇا ڪجي
    سور سختيون سڀ سهي اڳتي وڌو

    ڀاڳ پنهنجا کوکلا ئي کوکلا
    همت ناهي هارڻي اڳتي وڌو

    منزل تي پهچبو هڪ ڏينهن ضرور
    نينهن جو نعرو هڻي اڳتي وڌو


    ڪسا ۽ ڦڪا هون ڦڪا ئي رهياسون

    ڪسا ۽ ڦڪا هون ڦڪا ئي رهياسون
    اسان زندگيءَ ۾ ڏکيا ئي رهياسون

    جفائون اڳيان پر شڪايت نه ڪئي سين
    مگر بي وفا تي فدا ئي رهياسون

    مون محبت ڪئي ڄڻ عبادت ڪئي هئي
    اسان اڄ جا قصا، قصا ئي رهياسون

    ساري حياتي پرينءَ کي مون بخشي
    آ ڪيڏو ستم جو جدائي رهياسون

    نه ڪو پيار مليو نه اڳيان ڪا منزل
    اسان دربدر ۽ ڏٺائي رهياسون


    نگاهن جا ڌوڪا سنڌؤَ جي ڪناري

    نگاهن جا ڌوڪا سنڌؤَ جي ڪناري
    ۽ منظر اڄوڪا سنڌؤَ جي ڪناري

    هڪ سهڻو بدن ڇا ته چنچل ادائون
    ڪيئي هن جا پاڇا سنڌؤَ جي ڪناري

    سوين خواب لُڙهندي ڏسان ٿو هتان
    اَڃان پوئتي ڇاڇا سنڌؤَ جي ڪناري

    سکر ۽ بکر لئه وڙهيا سُورما ها
    لڳا ها ڪي لاشا سنڌؤَ جي ڪناري

    ڪنهن کان گُهرن پيا اٻوجھا هي ماڻهو
    جھلي جھول تاسا سنڌؤَ جي ڪناري


    مان هميشه کان رهيس انتظار ۾

    مان هميشه کان رهيس انتظار ۾
    هو سدا مشغول ڪاروبار ۾

    ڪيترا عاشق هئا عذاب هيٺ
    مان نه هڪڙو هوس هن سنسار ۾

    جيت جي خواهش ڪڏهن ناهي رهي
    زندگي گذري وئي بس هار ۾

    مون ڪڏهن سوچيو نه هو
    دوست گڏبا دشمنن جي قطار ۾

    جو نيڻ راهن ۾ وڇائيندو رهيو
    سو به اڄ آهي پرين ديار ۾


    نه ڪو قرب رهيو نه ياري رهي

    نه ڪو قرب رهيو نه ياري رهي
    نه هن جي ادا ڪا به پياري لڳي

    نه ذائقو مٺو نه جيون خوشي
    هر شيءِ ڪساري ڪساري لڳي

    نه منزل اڳيان ڪا سڻائي هئي
    الائي ڇو حياتي اُڌاري لڳي

    زهر به پيتو خوشي سان مٺا
    دنيا چؤطرف آ شڪاري لڳي

    ويو پئي جڏهن لاش گهٽين منجھان
    تڏهن دل گهڻن جي ڏکاري لڳي


    دل دل کان ڌار ڪندو رهه ڀلي

    دل دل کان ڌار ڪندو رهه ڀلي
    تيز خنجر جا وار ڪندو رهه ڀلي

    راهه ۾ پٿر شيشا وڇائيندو رهه
    ها پيو سهندس آزارڪندو رهه ڀلي

    مان دوستن ۾ شامل نه هوس
    رقيبن سان اقرار ڪندو رهه ڀلي

    هر ڳالهه ۾ مون ها ها ڪئي
    تون هر بار انڪار ڪندو رهه ڀلي

    زندگي ٻن ڏينهن جو کيل ٿئي
    پيار ڪر ۽ پيار ڪندو رهه ڀلي


    اسان جا يار ڌار ٿيندا ٿا وڃن

    اسان جا يار ڌار ٿيندا ٿا وڃن
    وڻ ۾ جيئن ڏار ٿيندا ٿا وڃن

    روز ڪن ٿا بحث هن جي حُسن تي
    مون لئه سي بيڪار ٿيندا ٿا وڃن

    ٿا سڏائين پاڻ کي ڪجھه مٿڀرا
    سي سڀئي ڀوتار ٿيندا ٿا وڃن

    مان خوشين جا گل کڻي گهمندو وتان
    هو سدائين خُوار ٿيندا ٿا وڃن

    نه ٻُولي نه لهجو نه تخيل سٺو
    سي به سرجڻهار ٿيندا ٿا وڃن


    دل روئي سهڪار اچي ڪر

    دل روئي سهڪار اچي ڪر
    برکا رُت ۾ پيار اچي ڪر

    ڇو ٿي آڇين خوابن ۾ تون
    ساڀيان ۾ اظهار اچي ڪر

    پر پٺ ڇو ڳالهائين ويٺي
    چائنٺ ٽپي تڪرار اچي ڪر

    آئيني کي صاف ڪيو اڄ
    ڀل سکي سينگار اچي ڪر

    ڪمري ۾ تون ڇاٿي سوچين
    سامهون ٿي ويچار اچي ڪر


    اسان جي حياتي بهارون پرين

    اسان جي حياتي بهارون پرين
    وڌيون جھول ۾ تو خزائون پرين

    رهياسين نڌڻڪا سدائين اسان
    سيني ۾ دفن هِن صدائون پرين

    ويساهه ڪنهن تي ڪريون اڄ اسان
    ڪري ويو آ هرڪو دغائون پرين

    ڪٿي آ اسان وٽ وفا ۽ سچائي
    رڳو ڪوڙ هردم گلائون پرين

    رهيا گڏ اسان سان سفر ۾ جي ساٿي
    ڇڪي تير تَنَ ۾ هَيائون پرين


    ويران اجڙيل شهر وانگي ٿو لڳان

    ويران اجڙيل شهر وانگي ٿو لڳان
    موئن دڙي جي کنڊر وانگي ٿو لڳان

    ڪڏهن تنهنجي ذات جو حصو هئس
    هاڻ پراڻي منظروانگي ٿو لڳان

    تو بنا زندگي برپٽ سمورو رڻ هئي
    مان ڪنهن سڪل ٻٻر وانگي ٿو لڳان

    رستي تان هر ماڻهو حيرت سان ڏسي
    ديوار تي ڦاٽل چتر وانگي ٿو لڳان

    تون ٿڌو آن چشمو منهنجي مٺي
    مان ڦليلي نهر وانگي ٿو لڳان


    اڄوڪيون بهارون اسان لئه خزائون

    اڄوڪيون بهارون اسان لئه خزائون
    نه مستي رهي آ نه ٿڌڙيون هوائون

    سنجھا شام جو هو ملڻ ڪو نه آيو
    بيچين تن من ۽ چوڏس گهٽائون

    لڳائي ڇڏيو هن تي پهرو زماني
    ترسن ۽ تڙپن ٿيون نيڻن نهارون

    نه ڪوئي گل ڦٽو نه گوئنچن جي آمد
    اسان جي چمن ۾ اُجاڙون اُجاڙون

    ويران ٿي ويو شهر پنهنجي دل جو
    مقدر ۾ ناهن ڪي موجون ملهارون


    سوچڻ سمجهڻ جي ڪيائين نه ڪوشش

    سوچڻ سمجهڻ جي ڪيائين نه ڪوشش
    وقت تي پرکڻ جي ڪيائين نه ڪوشش

    اسان جا سدائين پئي عيب ڳوليائين
    اندر ۾ ڳولڻ جي ڪيائين نه ڪوشش

    قصورن جون بس ڏنائين سزائون
    ماري جيارڻ جي ڪيائين نه ڪوشش

    تجربن گھڻن مان گهڻو ڪجهه سکيائين
    قصن ۾ لکڻ جي ڪيائين نه ڪوشش

    منهنجي هستي کان هر دم انڪار هوس
    سچ کي سچ چوڻ جي ڪيائين نه ڪوشش


    داستان دل جا گھڻا ڪيئن ٻڌايان دوستو

    داستان دل جا گھڻا ڪيئن ٻڌايان دوستو
    سور سيني ۾ سوين ڪيئن سنڀاليان دوستو

    راز پوشيده رکڻ جو حوصلو ناهي رهيو
    لوڪ مونکان ٿو پڇي ڪيئن لڪايان دوستو

    يار جو پرچاءُ ٿيندو يا نه ٿيندو ناهه خبر
    جنهن به رستي تان اچي سو پڇايان دوستو

    قربان ڪيا مون سڀ واسطا هن جي ڪري
    بي خبر کي ڇا خبر ٿو ساهه واريان دوستو

    هن اڳيان هر ڳالهه جي مون هار پنهنجي آ مڃي
    رسم وفا ٿو عاشقن جي مان نڀايان دوستو


    ڪئي مون آهه زاري هئي قبولي تو نه آخر ڇو

    ڪئي مون آهه زاري هئي قبولي تو نه آخر ڇو
    سڄي هستي مون ماري هئي قبولي تو نه آخر ڇو

    ڪئي مون نياز نوڙت هئي مڃڻ لاءِ تيار نه هئين تون
    عمر ساري عبادت ۾ گذاري هئي قبولي تون نه آخر ڇو

    نه بڻجي تون سگهين هم دم نڪي غم خوار هئين منهنجو
    پرين پوءِ ڀي نڀائي هئي قبولي تو نه آخر ڇو

    اسان جي دل پشوريءَ جو اوهان کي ڪو فڪر ڪونهي
    اسان ڀي دل جلائي هئي قبولي تو نه آخر ڇو

    رقيبن سان ملو ڇو ٿا اسان کي ڇو جلايو ٿا
    اسان جو جان واري هئي قبولي تو نه آخر ڇو


    هوءَ ڳليءَ مان اچي جان منهنجي جلي

    هوءَ ڳليءَ مان اچي جان منهنجي جلي
    سور سارا سکي ڇو ٿي ٻئي سان سلي

    منهنجي سامهون اچي غير سان ڳل لڳي
    ڪير هن کي روڪي ڪير هن کي جهلي

    هوءَ ماري وجهي نيڻ نظرون کڻي
    مان مران ٿو اڳي مونکي ماري ڀلي

    ڪير تجلا تپش هن جي هر هر سهي
    هن کي چئو دوستو هڪڙو ڀيرو ملي

    منهنجو دم ٿو وڃي مونکي دل سان چمي
    مونکي راحت ملي چال اهڙي چلي


    جي اچين هان درد جو درمان ٿي

    جي اچين هان درد جو درمان ٿي
    ڪير مون ڏي ڇو اچي سرطان ٿي

    نيڻ تولئه مون وڇايا ها جڏهن
    ڪونه آئين تون پرين مهمان ٿي

    ڇو نشي ۾ چور ٿي سپنا لتاڙين
    پوئتي ڪجهه ديد ڪر انسان ٿي

    ڇو اڏين ساحل ڪناري جنتون
    ڏس اڳيان سمنڊ جو طوفان ٿي

    ڪنهن ساهه جو دامن لُٽيو اوچتو
    بي رحم سڀڪجھ ڪيو حيوان ٿي


    سڀ رُسي ويا پرچائڻ وارا

    سڀ رُسي ويا پرچائڻ وارا
    باقي رهيا روئارڻ وارا

    دليون اسان جون ٽوڙي ويا
    پيار ۾ اسان تي گهورڻ وارا

    حالت منهنجي وس ۾ ناهي
    خوش ٿيا هِنَ تڙپائڻ وارا

    ڏس جيت جي بازي هاري مون
    ڦِري ويا سڀ کٽرائڻ وارا

    اڪيلو رڻ ۾ رولي ويا هن
    هُو ساٿي توڙ نڀائڻ وارا


    مرڻ ويل جاني ملڻ ڪونه آيو

    مرڻ ويل جاني ملڻ ڪونه آيو
    سڀئي سور صدما سلڻ ڪونه آيو

    اڃان در ۾ ديدون اڃان انتظاريون
    نه پيغام نپايو ڏيڻ ڪونه آيو

    جڏهن سنگ ماڻهن وسايا مٿان پئي
    گهٽيءَ ۾ تماشو تڪڻ ڪونه آيو

    سموري حياتي ناسور ٿي وئي
    زخم گهاءَ گهرا ڀرڻ ڪونه آيو

    منهنجي لاش تي رنو ڳوٺ سارو
    مگر هڪ پيارو ڏسڻ ڪونه آيو


    اسان نينهن پنهنجو نپايو نڀايو

    اسان نينهن پنهنجو نپايو نڀايو
    اسان مرڻ وارا سجايو سجايو

    متارن جي محفل مچايو پرين
    ڪيو ناچ گانا وڃايو وڃايو

    هُن کي گُهرايو گُلابي وڳي ۾
    اسان کي ڪفن ۾ ڍڪايو ڍڪايو

    هُئي جا حياتي عذابن ۾ گُذري
    لحد ۾ لٽي مون سُکيو ٿي سمهاريو

    اسان جا فسانا محبت جا يارو
    متل محفلن ۾ سدائين پيا ڳايو

    جڏهن لاش گذري هن جي درڙي وٽان
    تڏهن هڪڙو درشن اسان کي ڪرايو


    زلفن رخسارن جي شاعر هاڻي ڳالھ نه ڪر

    زلفن رخسارن جي شاعر هاڻي ڳالھ نه ڪر
    سو سو سينگارن جي شاعر هاڻي ڳالھ نه ڪر

    ڌرتي پيرن هيٺيان نڪري ڪر جان فدا جلدي
    اُڀ ۾ چنڊ ستارن جي شاعر هاڻي ڳالھ نه ڪر

    جنگ جياپي واري سائين جاري رکندو آءُ
    ٺلهن الفاظن جي شاعر هاڻي ڳالھ نه ڪر

    شعر نه تنهنجا بڻجي سگهيا بم گولا بارود
    فڪرن ۽ ويچارن جي شاعر هاڻي ڳالھ نه ڪر

    ڏيئا بڻجي لاٽ اڄ نڪتو سارو ڏيھ
    تيز تکن طوفانن جي شاعر هاڻي ڳالھ نه ڪر


    دشمن جي نظر ۾ ٿو رهان

    دشمن جي نظر ۾ ٿو رهان
    پيار جي اڻٿڪ سفر ۾ ٿو رهان

    مان چريو ٿي شهر جون گهٽيون گُهمان
    عشق وارن جي شهر ۾ ٿو رهان

    گردشن ۾ ستارو ٿو رهي
    هر گهڙي هر وقت صبر ۾ ٿو رهان

    ڪنهن سُندري جو خيال سيني ۾ اڃان
    ها اڃان هن جي سحر ۾ ٿو رهان

    هوءَ ڇڏي مون کي الاءِ ڪيڏانهن وئي
    مان اڃان هن جي فڪر ۾ ٿو رهان


    سر جي نه پرواهه ڪيون ٿا اسان

    سر جي نه پرواهه ڪيون ٿا اسان
    سوريءَ کي لبيڪ چئون ٿا اسان

    نچي نينهن ٿو ۽ پچي پور ٿو
    پچو ٿا لڇون ٿا، لڇون ٿا اسان

    سهڻي سنڌ جي آهڪ قهري ڪٿا
    دهرائجي پئي ڏسون ٿا اسان

    اجهورڻ مان ٿي آواز آيو
    اچو ٿا اچون ٿا اچون ٿا اسان

    ويندي وات واڳونءَ جي پنهنجا ڏسان
    صدين کان تماشو ڏسون ٿا اسان

    اچو ساٿ ۾ سڀ سورهيه سڀوئي
    ڏسو پاتد سارا وٺون ٿا اسان

    جڏهن جنگ جا برسان وڙهندي مران
    تڏهن پڪ سمجهو کٽون ٿا اسان


    بي پرواهه هڪڙو يار، ڪيئي وار ڪري ويو هليو

    بي پرواهه هڪڙو يار، ڪيئي وار ڪري ويو هليو
    سوچ هر احساس کي بيدار ڪري ويو هليو

    شام ويلي ساڌ ٻيلي ۾ هو مليو مندر اڳيان
    واعدا وچن پيار جا سڀ اقرار ڪري ويو هليو

    دل جي آڳر مان جڏهن نڪري ويو اڄ اوچتو
    محبتن جو محل ڄڻ مسمار ڪري ويو هليو

    بي وفا ڪنهن اجنبي سان پيار جو رشتو ڳنڍي
    چاهتن جي چمن کي اجاڙ ڪري ويو هليو

    تيز نظرون شهر جون سنگباري ڪن پيون
    شخص رستا شهر جا دشوار ڪري ويو هليو


    اُڀ ۾ ٽمڪن چنڊ ۽ تارا

    اُڀ ۾ ٽمڪن چنڊ ۽ تارا
    ڀاڳ اسان جا پٿر سارا

    راتين ننڊ اگهور اچي ٿي
    سامهون تنهنجا پتر سارا

    تنهنجي درشن لاءِ او سائنڻ
    ڪيڏا ڪاٽيا چڪر سارا

    نيڻن مان اڄ برسيا تو لاءِ
    مجبوري جا اڄ ڪڪر سارا

    تون جو ڏک ڏئي وئين سارا
    جنهن جا هن ير ڍڪر پيارا


    هو ڏس دل جا ڪارا ماڻهو

    هو ڏس دل جا ڪارا ماڻهو
    دوکو ڏيندڙ سارا ماڻهو

    ڇو ڪين آهن ڌرتي تي اڄ
    هوشوءَ هيموءَ پارا ماڻهو

    يارن جي يار ياري ڪهڙي
    خواريءَ جا وسڪارا ماڻهو

    ڇا لاءِ روز مٽائن پيا ٿيا
    چاهت جا ڪي چارا ماڻهو

    گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ گهاوَ ڏين ٿا
    پيار ڀريا دل وارا ماڻهو


    رهين پري ٿو هر هر دلبر

    رهين پري ٿو هر هر دلبر
    هانءُ ڏري ٿو هر هر دلبر

    تنهنجا نيڻ هن مڌ جا پيالا
    خمار چڙهي ٿو هر هر دلبر

    دم دم دلبر تنهنجي در تي
    درد دکي ٿو هر هر دلبر

    هڪڙي جهاتي پائڻ سان من
    ڪين ٺري ٿو هرهر دلبر

    عشق جي آتش ۾ او سائنڻ
    هي جيءُ ڳري ٿو هر هر دلبر


    ظالم ادائن اسان کي تپايو

    ظالم ادائن اسان کي تپايو
    دريءَ کان اشارن اسان کي تپايو

    هوءَ آئي هلي دل ڳڀا ٿي پئي
    سرد راتين ڏهاڙن اسانکي تپايو

    محفل مان هلي هوءَ وئي اوچتو
    ماڻهن ميارن اسان کي تپايو

    اسان اڳڻ ۾ چمي ڀاڪرين
    اڀ ۾ ستارن اسان کي ستايو

    نفرتون کڻي ڪو اڄ شيطان آيو
    سدائين مڪارن اسان کي تپايو


    نسريا هن سنگ جواني ۾

    نسريا هن سنگ جواني ۾
    وڌا تو هن ونگ جواني ۾

    چاهه اسان جي ساهه ۾ سائنڻ
    هنيا تو هن ڏنگ جواني ۾

    وينگس تنهنجي جوڀن جا ڏس
    نکريا هن رنگ جواني ۾

    تنها رات جو توبن مٺڙي
    وڄي پيا هن چنگ جواني ۾

    عشق جي اهڙي چوٽ لڳي جو
    وسايا هن جهنگ جواني ۾


    هي ڪنهنجو گيت آ ڳاتو مون

    هي ڪنهنجو گيت آ ڳاتو مون
    ڪنهن سان پيار سڃاتو مون

    پن پن ۾ پڙلاءُ اچي ٿو
    ساز آواز هي ڄاتو مون

    روز اچي ٿي خوابن ۾ هوءَ
    جڏهن کان جوڙيو ناتو مون

    ڪالهه ڏنائين درد جو دل ۾
    سيني سان اڄ لاتو مون

    عشق ۾ آهن آهون پوءِ به
    پير انهيءَ ۾ پاتو مون


    پيار وارا پرين شال ترسي پون

    پيار وارا پرين شال ترسي پون
    نيڻ منهنجا ٺرن يار پرچي پون

    هي ڏکن جا ئي پاڇا لڙي سڀ ويا
    هاڻي مرڪي پوين پوندون برسي پون

    انهيءَ عشق ۾ باهه ڀسم ٿي ويس
    جيڪر ڀاڪر ملين ڏيل ڏرجي پون

    ٿي جدائي اسان جي زماني ڪري
    جي زمانو ڇڏين ڏيل ڏرجي پون

    مان وڇوڙي ۾ تولئه نهاريان پيو
    جي تون هيڪر اچين گيت سرجي پون


    سانوڻي برسات وسري ئي نٿي

    سانوڻي برسات وسري ئي نٿي
    ۽ سکي ڏينهن رات وسري ئي نٿي

    جل پري آئي ته ڳاڙهي ويس ۾
    سا سموري رات وسري ئي نٿي

    شاعريءَ ڇهيو آ گوري بدن کي
    ۽ خدائي ڏات وسري ئي نٿي

    ذلف ڪارن ۾ لڪي ڀاڪر ڀري
    ۽ چمين سوغات وسري ئي نٿي

    اپسرا جا ساز اڀري ٿا پون
    ۽ پکين جي لات وسري ئي نٿي


    حياءَ حجاب آ جيون منهنجو

    حياءَ حجاب آ جيون منهنجو
    تو لئه بيتاب آ جيون منهنجو

    توسان پيار ڪو پاپ ته ڪونهي
    توبن عذاب آ جيون منهنجو

    نيڻن ۾ ڪجهه عڪس سانڍيا آهن
    ڄڻ ڪو خواب آ جيون منهنجو

    گهرا گهاوَ سهي سڀ هاڻي
    اکين آب آ جيون منهنجو

    تون به پڙهي وٺ مون کي پيارا
    کليل ڪتاب آ جيون منهنجو


    جهومي نچي ڳاءِ جواني

    جهومي نچي ڳاءِ جواني
    آڳ ۾ پچي ڳائي جواني

    چوڏس دنيا رنگ برنگي
    رنگ ۾ رچي ڳاءِ جواني

    جوڀن واءُ جو جهوٽو آهي
    موج ۾ مچي ڳاءِ جواني

    منهنجي من جي آڳر تي
    اوچتو اچي ڳاءِ جواني

    ڦول کليا هن کيتن ۾
    راڳ بسنتي ڳاءِ جواني


    ڪڻڪن ۾ ير سنگ پچي پيا

    ڪڻڪن ۾ ير سنگ پچي پيا
    ناري جي ڪي انگ پچي پيا

    جبلن ۾ ٿيون ڪونجون ڪڻڪن
    مستيءَ ۾جهر جهنگ نچي پيا

    سرنهن جا پيلا گل نچن ٿا
    هوا جا پنهنجا رنگ رچي پيا

    رات جي چانڊوڪيءَ ۾ تنهنجي
    حسن جا مون تي ونگ رچي پيا

    باهه برهه جي ڀڙڪا کائي
    اندر ۾ ڪي چنگ وڄي پيا


    اُتر کان هي آنڌي مان اڳتي اڃان ڀي

    اُتر کان هي آنڌي مان اڳتي اڃان ڀي
    ڪيان دل نه ماندي مان اڳتي اڃان ڀي

    ڏيئا ڏات جا يار ٻرن پيا اڃان
    اجالن جو پانڌي مان اڳتي اڃان ڀي

    کڻي ڪات ڪوئي پٺيان آ پيو ڪو
    آهيان مرد مانجهي مان اڳتي اڃان ڀي

    اڏي ڪوڙڪي پيو مٽيءَ منجهه لڪائي
    صبح توڙي سانجهي مان اڳتي اڃان ڀي

    ڏئي لوڀ لالچ جهڪائي نه سگهندين
    ڇڏي سون چاندي مان اڳتي اڃان ڀي

    چيو جن به مون کي سچا دوست آهيون
    ٿيا سي نه ڪانڌي مان اڳتي اڃان ڀي


    رات رنگين سهاني آ

    رات رنگين سهاني آ
    منهنجي ڦوهه جواني آ

    پرڙا کولي آءُ مٺي
    اکڙين ۾ مهماني آ

    ڪشتي ڪنڌيءَ ڪاهي هل
    واءُ گهلي طوفاني آ

    پيار عبادت هر ڪو ڄاڻي
    بيوس هر شيطاني آ

    شعلن کي هوائون ڏئي
    دور وئي ديواني آ


    وايون

    توسان جاري جنگ رهندي

    توسان جاري جنگ رهندي
    جيئندس آخر آءٌ
    منهنجو هوڪو حق جو

    لال لهوءَ ۾ ليٿڙجي
    ڪوٽ ڪيرائيندوسانءِ
    منهنجو هوڪو حق جو

    مري جيئڻ آ ريت اسان جي
    سانت نه ويهندو سانءِ
    منهنجو هوڪو حق جو

    تون ڇا ڀائين آڻ مڃيندس
    وڙهندو رهندو سانءِ
    منهنجو هوڪو حق جو


    اجڙيل پنهنجي ڳوٺ ۾

    اجڙيل پنهنجي ڳوٺ ۾
    واپس آياسين
    ڀاڪر پاتاسين

    وڻن جي ڇانۡوَ ۾
    گڏجي ويٺاسين
    ڀاڪر پاتاسين

    ڀٽڪيل نيڻن جا اسين
    ٿڪ لاٿاسين
    ڀاڪر پاتاسين

    هؤَ جا آئي اڳڻ تي
    درد ونڊياسين
    ڀاڪر پاتاسين


    گهاگهر ڀري وٺ گوري

    گهاگهر ڀري وٺ گوري
    تو کي مانگر گهلي ويندو

    تڙ تي ڪوئي روز تڪي
    هيڪل وڃ نه ڇوري
    تو کي مانگر گهلي ويندو

    طوفانن ۾ ساحل ڪهڙو
    ڏيندو ساٿ سدوري
    تو کي مانگر گهلي ويندو

    سر تان سانگو لاهي ويٺو
    کڻندو توکي زوري
    تو کي مانگر گهلي ويندو

    ريشم جهڙي پياري پياري
    ڳالهين ۾ هوءَ کهُري
    تو کي مانگر گهلي ويندو


    اوندهه ۾ مڪلي مگر

    اوندهه ۾ مڪلي مگر
    هڪ ڏيئو ٻريل
    عاشق جي قبر تي

    رکيا ڪنهن ناريءَ اچي
    سيرانديءَ کان گل
    عاشق جي قبر تي

    ياد اچي ويا کوڙ سارا
    خوشين جا ڪي پل
    عاشق جي قبر تي

    ڪنهن جي ڳل تان
    ڳوڙها ها ڪريل
    عاشق جي قبر تي


    ويل ۾ ڌرتي اڃان

    ويل ۾ ڌرتي اڃان
    ڇا ڪيون ٿا تون ۽ مان

    عزتون ۽ عصمتون
    نيلام ٿيندي ٿو ڏسان
    ڇا ڪيون ٿا تون ۽ مان

    هر دؤر ۾ وحشي درندا
    قابض رهيا ڌرتي مٿان
    ڇا ڪيون ٿا تون ۽ مان

    ديس جا ٽڪرا ٿيا
    دشمنن ڌارين هٿان
    ڇا ڪيون ٿا تون ۽ مان

    قاتلن جا قافلا
    روز گذرن ٿا اڳيان
    ڇا ڪيون ٿا تون ۽ مان

    اڄ به مانگر مورڙي جو
    سر وڍي ٿو ڌڙ وٽان
    ڇا ڪيون ٿا تون ۽ مان


    شام جو پهر

    شام جو پهر
    مونکان ئي وسري نٿو

    هن جي نيڻن ۾
    ڪيڏو هو سحر
    مونکان ئي وسري نٿو

    جتي جيون گذريو
    اڄ اجنبي شهرُ
    مونکان ئي وسري نٿو

    هن سان ملڻ جو حوصلو
    ۽ نه ڪنهن جو ڏرُ
    مونکان ئي وسري نٿو

    بيقراري انتظاري
    ۽ هن جو درُ
    مونکان ئي وسري نٿو


    پنهنجي اندر ۾ ويٺو

    پنهنجي اندر ۾ ويٺو
    پاڻ کي ڳولي
    جيءُ پيو جهوري

    پنڌ نه کٽي پيار جو
    راهه پيو رولي
    جيءُ پيو جهوري

    مست جي سرمستي ۾
    ڪير پيو ٻولي
    جيءُ پيو جهوري

    هر ڪنهن اڳيان راز کي
    هرگز نه کولي
    جيءُ پيو جهوري


    نينهن نڀايان ٿو

    نينهن نڀايان ٿو
    ڪيڏو ڀوڳيان ٿو

    سوچون ٽنگيل ٽياس تي
    پوءِ ڀي جيان ٿو
    ڪيڏو ڀوڳيان ٿو

    گھڙي گھڙي زهر جو
    پيالو پيان ٿو
    ڪيڏو ڀوڳيان ٿو

    يار به اڄ رقيب سان
    گهمندي ڏسان ٿو
    ڪيڏو ڀوڳيان ٿو


    ماڻهو جهومي ٿا لهن

    ماڻهو جهومي ٿا لهن
    جيون هڪ چوڏيل
    ڪيڏو آهي ويل

    ڪاريهر جا ڏنگ يا
    نيڻن جو ميل
    ڪيڏو آهي ويل

    گهنگهرو وينگس پير ۾
    ڪارونجهر تي ڊيل
    ڪيڏو آهي ويل

    بجلي وئي اوچتو
    سڙيو سارو تيل
    ڪيڏو آهي ويل

    جيون ۾ جٽاءُ نه جاني
    کن پل جو کيل
    ڪيڏو آهي ويل


    مٽي سان وڃين ملي

    مٽي سان وڃين ملي
    مٽي ٿيندس مان
    هي حياتي ٿورڙي

    نيٺ ته ٿيندو خاتمو
    ڪيڏو ڀڄندس آءٌ
    هي حياتي ٿورڙي

    سچ نه ٻولي آدمي
    اندر ڪوڙو ڪانءُ
    هي حياتي ٿورڙي

    دوکو ساري دنيا
    سچو تنهنجو نانءُ
    هي حياتي ٿورڙي


    لڙڪ لڙي آيا

    لڙڪ لڙي آيا
    آيو اڄ دلدار
    شڪر الحمد الله

    تن کي تسلا ڏئي ٿو
    ڏي ٿو مونکي پيار
    شڪر الحمد الله

    ساري پٿر دنيا ۾
    هڪڙوئي غمخوار
    شڪر الحمد الله

    ڏکن ۾ جو ساٿ ڏي
    سچو سوئي يار
    شڪر الحمد الله


    شادي ناهي ڪئي اڃان

    شادي ناهي ڪئي اڃان
    وقت کان اڳ ۾
    ماڻهو پوڙهو ٿا چون

    اَڇا اچي ويا اوچتو
    ڪاريءَ چڳ ۾
    ماڻهو پوڙهو ٿا چون

    ڪيئي پهتا ماڳ تي
    مان اڃان دڳ ۾
    ماڻهو پوڙهو ٿا چون

    سئي هڻي روز ٿو
    ساڳي رڳ ۾
    ماڻهو پوڙهو ٿا چون

    ڪوئي مون ڏي ڪو نه تڪي
    هرڪو ئي مڳ ۾
    ماڻهو پوڙهو ٿا چون

    جيئڻ ڏکيو ٿي پيو
    منهنجي لئه جڳ ۾
    ماڻهو پوڙهو ٿا چون


    چؤڏس مداري

    چؤڏس مداري
    مان تماشو ٿي ويس

    رستي ۾ ڪو ويو ٿُڏي
    سمجھي ڀڪاري
    مان تماشو ٿي ويس

    ورتي ڄڻ هئي ڪا
    حياتي اُڌاري
    مان تماشو ٿي ويس

    رڙهان رڻ ۾ هيڪلو
    پپر نه ٽاري
    مان تماشو ٿي ويس

    بازي پنهنجي پيار جي
    هر هر مون هاري
    مان تماشو ٿي ويس


    مٺڙا ٿي وئين ڏور

    مٺڙا ٿي وئين ڏور
    منهنجي توبهه زاري
    تو ڪو نه نڀائي ياري

    راهه اڻانگي لُٽجي ڦٽجي
    پو به جدوجھد جاري
    تو ڪو نه نڀائي ياري

    اميد تي دنيا قائم ساري
    دلڙي ڪو نه هاري
    تو ڪو نه نڀائي ياري

    ماڻهو طعنا ڏين پيا
    ڪيڏي آ دشواري
    تو ڪو نه نڀائي ياري

    مون ۾ ناهي کوٽ پرين
    ناهيان ڪو مياري
    تو ڪو نه نڀائي ياري

    خطائون معاف ڪري ڇڏ
    سهڻا تون هڪ واري
    تو ڪو نه نڀائي ياري


    روئندي ۽ کلندين

    روئندي ۽ کلندين
    حياتي گذري وئي

    ياد ڪندي هُن کي
    لڇندي ئي لڇندي
    حياتي گذري وئي

    سدائين تتل اُس ۾
    رجندي ۽ سڙندي
    حياتي گذري وئي

    جياپي جي جنگ ۾
    ڪرندي ۽ وڙهندي
    حياتي گذري وئي

    سُور سليان ڪنهن سان
    سوچن ۾ رهندي
    حياتي گذري وئي

    پنڌ سدائين پٻ جا
    چڙهندي ۽ رڙهندي
    حياتي گذري وئي


    هرهڪ ماڻهؤَ کان

    هرهڪ ماڻهؤَ کان
    ڌرتي دانُ گهري ٿي

    هن دور جي يزيد جي
    بيعت ڪيئن ڪيان
    ڌرتي دانُ گهري ٿي

    ظالم جي زنجير کي
    ٽوڙي پوءِ مران
    ڌرتي دانُ گهري ٿي

    اڳيان اونداهه آ فقط
    روشن راهه رکان
    ڌرتي دانُ گهري ٿي

    خواب اسان جا اڄ ڀي
    تعبيرن پويان
    ڌرتي دانُ گهري ٿي


    تون جا ناهين پوءِ

    تون جا ناهين پوءِ
    باقي زندگي
    زهر ٿي مونکي لڳي

    توبن ڪهڙا سجدا ؟
    ساري بندگي
    زهر ٿي مونکي لڳي

    ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڇڏ
    ايڏي دردنگي
    زهر ٿي مونکي لڳي

    سمنڊ ڪناري گڏ
    خاموشي سنجيدگي
    زهر ٿي مونکي لڳي


    تون جو هلي وئينءَ

    تون جو هلي وئينءَ
    مونکي ائين لڳو
    ڄڻ وقت هٿن مان نڪري ويو

    تون جو ساڻ سجني
    تنهنجو قدر نه ڪيو
    ڄڻ وقت هٿن مان نڪري ويو

    ڪيڏو اڄ پڇتاءُ آ،
    جيون ڪيئن گذريو
    ڄڻ وقت هٿن مان نڪري ويو

    هاڻي تنهنجون ساروڻيون
    ٻيو ڪجهه ناهي رهيو
    ڄڻ وقت هٿن مان نڪري ويو


    تون جو هلي وئينءَ

    تون جو هلي وئينءَ
    منهنجون نهارون
    رستي ۾ اٽڪي پيون

    تنهنجي يادن جون
    تن اندر تارون
    رستي ۾ اٽڪي پيون

    وکريل هن وجود جون
    سڀئي مهڪارون
    رستي ۾ اٽڪي پيون

    سڏڪا ئي سڏڪا هئا
    نيڻن لارون
    رستي ۾ اٽڪي پيون


    ڳليون ڳوٺَ ڳهي ويو

    ڳليون ڳوٺَ ڳهي ويو
    سنڌؤَ جو پاڻي
    ٻوڏا اچي وئي اوچتو

    ڪيمپ ۾ سڏڪي پئي
    ڪنهن جي نياڻي؟
    ٻوڏاچي وئي اوچتو

    ڪيڏي اذيتناڪ آ
    هيءَ درد ڪهاڻي
    ٻوڏ اچي وئي اوچتو

    مانيءَ جي قطار ۽
    ڌِڪن ۾ ساڻي
    ٻوڏ اچي وئي اوچتو

    سور ٻڌائي ڪنهن کي
    هيءَ سورن هاڻي
    ٻوڏ اچي وئي اوچتو

    بک ۽ بيماري
    گدلو هي پاڻي
    ٻوڏ اچي وئي اوچتو


    ٻوڏ سموريءَ سنڌ ۾

    ٻوڏ سموريءَ سنڌ ۾
    مچايو مانڌاڻ
    ٽوڙي بند ٽٽي پيو

    ماڻهو سڀ نڪري پيا
    ٻچڙا ڪري ساڻ
    ٽوڙي بند ٽٽي پيو

    نارنه مٿي پوتڙي
    اکين ۾ آلاڻ
    ٽوڙي بند ٽٽي پيو

    لهرن منجهه لڙهي ويا
    کيت سارا کلياڻ
    ٽوڙي بند ٽٽي پيو

    لوڪ سمورو سوڳوار
    حاڪم سڀ اڻڄاڻ
    ٽوڙي بند ٽٽي پيو


    جُهوپا جيءَ جهري ويا

    جُهوپا جيءَ جهري ويا
    ٻوڏ جو راڪاس آ

    گهر ڀاتي هڪ هڪ ٿي
    سڀئي وڇڙي ويا
    ٻوڏ جو راڪاس آ

    فاتح جي يلغار جيان
    ڳوٺ مٽجي ويا
    ٻوڏ جو راڪاس آ

    ٻالڪ جت کيڏيا هئا
    سي آڳُرَ اجڙي ويا
    ٻوڏ جو راڪاس آ

    ڪيمپ ۾ سُڏڪا هئا
    ۽ خواب وکري ويا
    ٻوڏ جو راڪاس آ


    مون پيار ڪيو هن سان

    مون پيار ڪيو هن سان
    هن جي ڌوڪن ۾
    زندگي گذري وئي

    بنگلا محل نه ماڙيون
    جيون جهوپن ۾
    زندگي گذري وئي

    هوءَ هميشه خوش رهي
    منهنجي سڏڪن ۾
    زندگي گذري وئي

    هرهر ڦاسي پيوهيس
    ماڻهن کوٽن ۾
    زندگي گذري وئي

    پير به ڦٽجي پيا هئا
    ڪنڊن ڪوڪن۾
    زندگي گذري وئي


    ڌرتيءَ جي گولي تي

    ڌرتيءَ جي گولي تي
    ڇو ايڏي آ ڇڪتاڻ
    ڪيڏو ظلم ٿا ڪيون
    پنهنجي مٿان پاڻ

    گند اڇلائي گهر اڳيان
    ڦهلائي گدلاڻ
    ڪيڏو ظلم ٿا ڪيون
    پنهنجي مٿان پاڻ

    وڍي وڻ وڻڪار جا
    سِڪون ٿا سرهاڻ
    ڪيڏو ظلم ٿا ڪيون
    پنهنجي مٿان پاڻ

    ڪاري دونهين ۾ سج جي
    لڪي وئي لالاڻ
    ڪيڏو ظلم ٿا ڪيون
    پنهنجي مٿان پاڻ

    اچو! حياتي کي بچايون
    گڏجي سڏجي هاڻ
    ڪيڏو ظلم ٿا ڪيون
    پنهنجي مٿان پاڻ


    امن به اڏري ويو

    امن به اڏري ويو
    هر هنڌ باهه ٻري
    شل ڏکيو وقت ٽري

    هڪل ويري ٿو ڪري
    هانءُ پنهنجو ڏري
    شل ڏکيو وقت ٽري

    ماتم هاڻيون ڳليون
    وک وک ساهه سڙي
    شل ڏکيو وقت ٽري

    روڪي ڪير مڪار کي
    ٿو حصو هاڻ گهري
    شل ڏکيو وقت ٽري

    لوڌ سموري سنڌ کي
    پئي لُٽي ۽ ڦري
    شل ڏکيو وقت ٽري


    سنڌڙي کي جاڳاءِ

    سنڌڙي کي جاڳاءِ
    او جاني سنڌڙي کي جاڳاءِ

    ميڙي وٺ ويڙهه لئه
    بهادر گڏي ڀاءُ
    او جاني سنڌڙي کي جاڳاءِ

    ڇتي جنگ ڇڙي پئي
    اچي آڳ اُجهاءِ
    او جاني سنڌڙي کي جاڳاءِ

    لُچو ويٺو لڄ لُٽي
    ڪا گولي گن هلاءِ
    او جاني سنڌڙي کي جاڳاءِ

    ڌرتي امڙ سان وچن جو
    ناتو نينهن نڀاءِ
    او جاني سنڌڙي کي جاڳاءِ

    سِر ڏئي سنڌ تان
    پنهنجو پاڻ ملهاءِ
    او جاني سنڌڙي کي جاڳاءِ

    جياپو جيءَ جو تون
    وٺي جان ڇڏاءِ
    او جاني سنڌڙي کي جاڳاءِ


    روشني وئي روح مان

    روشني وئي روح مان
    چوڏس انڌيرا
    هاءِ ڙي گھوڙا

    ننگ لٽيا تو دنگ تي
    لوفر لٽيرا
    هاءِ ڙي گھوڙا

    ڪُٺا ڪونڌر ڪاڪ جا
    تونگر تڏيرا
    هاءِ ڙي گھوڙا

    ڇپر ساڙي تو ڇڏيا
    مارن جا ميڙا
    هاءِ ڙي گھوڙا

    ڪيئي ڪاريون تو ڪيون
    وحشي وڏيرا
    هاءِ ڙي گھوڙا

    کُٽا تنهنجي کوٽ جا
    پرهه جا پيرا
    هاءِ ڙي گھوڙا


    ٽڙيل گُل گلاب جيان

    ٽڙيل گُل گلاب جيان
    مرڪي ٿي مومل
    منهنجو من مهڪي پيو

    چنڊ به ڄڻ مرڪي پيو
    ڏسي نينهن اُڇل
    منهنجو من مهڪي پيو

    بارش ۾ آڇي پئي
    ڀاڪر چميون ، ڳلَ
    منهنجو من مهڪي پيو

    پيار ۾ ٿيندو ناهي
    استعمال عقل
    منهنجو من مهڪي پيو


    مڌ کڻي اچ اوري

    مڌ کڻي اچ اوري
    چنڊ جي چوڏهين رات آ

    ڪوئي پريم گهاٽ تي
    چنگ پيو چوري
    چنڊ جي چوڏهين رات آ

    هوءَ جا کڙڪيءَ کان
    ڪيڏو ٿي جهوري
    چنڊ جي چوڏهين رات آ

    اچ ته پرين جان ڪيون
    هڪ ٻئي تان گهوري
    چنڊ جي چوڏهين رات آ


    تن ۾ آهي تاس

    تن ۾ آهي تاس
    چارڻ چنگ نه چور تون

    هئه هئه ٿي واجهائي ويٺي
    ڪيڏي آهي آس
    چارڻ چنگ نه چور تون

    ڪٿي ٿو پلجي پور پرين
    ڪيڏي آهي نراس
    چارڻ چنگ نه چور تون

    ڪيئن رهان هن شهر ۾
    پرين به ناهي پاس
    چارڻ چنگ نه چور تون


    کول ميخانو

    کول ميخانو
    پرين پيگ پيار

    سکي پنهنجي پيار جو
    لبريز پيمانو
    پرين پيگ پيار

    جوڀن سهڻيءَ جو پسي
    ٿيس ديوانو
    پرين پيگ پيار

    پاڻ جلائي پيار ۾
    عاشق پروانو
    پرين پيگ پيار


    ڪيڏا هن ستايا

    ڪيڏا هن ستايا
    پاڙي واري ڇوڪريءَ

    پوياڙي جو پينگهه تي
    ڪيڏا من گهايا
    پاڙي واري ڇوڪريءَ

    ڪنواري ڪچي خواب جا
    ويهي گهرڙا ٺاهيا
    پاڙي واري ڇوڪريءَ

    پيار جي رستن تي
    مرڪي نيڻ وڇايا
    پاڙي واري ڇوڪريءَ


    گهنگهور گهٽا ۾ ٻول

    گهنگهور گهٽا ۾ ٻول
    گوري گهونگهٽ کول

    بن بن ۾ ٿي برکا برسي
    تون به کڙڪي کول
    گوري گهونگهٽ کول

    چنڊ رات جو بند گليءَ ۾
    ايڏو نه مونکي رول
    گوري گهونگهٽ کول

    منهنجي من جا خواب سمورا
    ڪريا تنهنجي جهول
    گوري گهونگهٽ کول


    هي اجنبي شهر

    هي اجنبي شهر
    منهنجو من اٻاڻڪو

    هوءَ جا هتان وئي هلي
    تالو لڳل در
    منهنجو من اٻاڻڪو

    ڪچهريون سڀ محفلون
    ڪونه وڻي ٿو گهر
    منهنجو من اٻاڻڪو

    اڄ به اڳيان ٿو اچي
    ڪو پراڻو منظر
    منهنجو من اٻاڻڪو

    ڪهڙي ڪم جي شاعري
    ڪهڙو وزن بحر
    منهنجو من اٻاڻڪو


    سانوري سپني ۾

    سانوري سپني ۾
    رات ڏٺو توکي
    سندر ڪيڏي پئي لڳين

    پنهنجي گهر جي مون پرين
    ڀڳل آئيني ۾
    رات ڏٺو توکي
    سندر ڪيڏي پئي لڳين

    رمجهم برسي ۽
    گوري گجري ۾
    رات ڏٺو توکي
    سندر ڪيڏي پئي لڳين

    گهائي وئينءَ ڪيڏو
    هڪڙي ڀيري ۾
    رات ڏٺو توکي
    سندر ڪيڏي پئي لڳين


    آ انڌيري رات

    آ انڌيري رات
    وائي وائي ويڙهه جي
    متان رهين تون پوئتي

    واڳونءَ آهي وات پٽيو
    چوڏس چپ چپات
    وائي وائي ويڙهه جي
    متان رهين تون پوئتي

    ڪيئن پرين مان گيت لکان؟
    بن بادل برسات
    وائي وائي ويڙهه جي
    متان رهين تون پوئتي

    پکي ڀي پرپات جو
    لنون پيا ٿا لات
    وائي وائي ويڙهه جي
    متان رهين تون پوئتي


    ڪارن ڪڪرن رات جو

    ڪارن ڪڪرن رات جو
    گهائي وڌو چنڊُ
    جيون جو منڊ
    ڪيڏو ڌنڌلو ٿي ويو

    پرين پنهنجي پيار ۾
    ڪيئن لڳو کنڊُ
    جيون جو منڊ
    ڪيڏو ڌنڌلو ٿي ويو

    نيڻَ منهنجن جو سکي
    اٿلي پيو سمنڊ
    جيون جو منڊ
    ڪيڏو ڌنڌلو ٿي ويو


    من ۾ مچ مچي

    من ۾ مچ مچي
    ساريان ٿو توکي

    نازڪ نيڻن ۾ تنهنجو
    هر هر عڪس اچي
    ساريان ٿو توکي

    دل جي ڪينواس تي
    گهرا رنگ رچي
    ساريان ٿو توکي

    تنها ڪمري ۾ گم سم
    تنهنجو پور پچي
    ساريان ٿو توکي

    مور منهنجي من تي
    ٿو روئي ۽ نچي
    ساريان ٿو توکي


    نراسائي ماڳ تي

    نراسائي ماڳ تي
    ويران رستن ۾
    آءٌ اڪيلو آهيان

    پرينءَ جدائي پوءِ
    سنسار ساري ۾
    آءٌ اڪيلو آهيان

    پنهنجي هر خيال ۽
    دل جي ڌڙڪن ۾
    آءٌ اڪيلو آهيان

    تنهنجي محبت جي
    گمنام رستن ۾
    آءٌ اڪيلو آهيان

    توکي ڳوليندي مٺي
    چنڊ ستارن ۾
    آءٌ اڪيلو آهيان


    ڀڳل آئيني جون سکي

    ڀڳل آئيني جون سکي
    ٽڪريون ميڙي ٿي
    سپنا جوڙي ٿي

    پنهنجي ئي جوانيءَ جو
    سرگرم ڇيڙي ٿي
    سپنا جوڙي ٿي

    پيار جي ڌرتيءَ کي
    هوءَ ڏس کيڙي ٿي
    سپنا جوڙي ٿي

    اوچتو مون ڏانهن اچي
    مون سان جهيڙي ٿي
    سپنا جوڙي ٿي


    منهنجو هوت هليو ويو

    منهنجو هوت هليو ويو
    شهر ڪئين ڇڏيان
    ويهي نهاريان واٽ تي

    من جو مندر تو سوا
    ڪٿي ڪونه اڏيان
    ويهي نهاريان واٽ تي

    رستا تنهنجي گهر جا
    ڇا لاءِ مان مٽيان
    ويهي نهاريان واٽ تي

    روئان ۽ روليان پيو
    ڏس توکي ٿو ساريان
    ويهي نهاريان واٽ تي


    تنهنجو پيار ته پايان

    تنهنجو پيار ته پايان
    مان جوڳي تنهنجي در جو

    گيت حسن جا گليءَ گليءَ ۾
    هر هر پيو ٿو ڳايان
    مان جوڳي تنهنجي در جو

    جڳ ڇڏي ۽ پلٿي ماري
    ويٺو واٽ نهاريان
    مان جوڳي تنهنجي در جو

    جيون ڏاڍو ڀوڳيو مون آ
    ايڏو سنگدل ناهيان
    مان جوڳي تنهنجي در جو

    تنهنجي قدمن ۾ او ساجن
    پنهنجو سيس نمايان
    مان جوڳي تنهنجي در جو


    ڏسين ڏونگر ڏام کي

    ڏسين ڏونگر ڏام کي
    موٽين ڇو ميهار
    اچ ته آزادي وٺون

    روشن سج جي هيٺان هوندي
    نڪري ٿيون نروار
    اچ ته آزادي وٺون

    وڙهندو اڳتي وڌندو رهه
    قبولين ڇو ٿو هار
    اچ ته آزادي وٺون

    پل پل پنهنجن درد ڏنا
    ڌارين ناهي ميار
    اچ ته آزادي وٺون

    ڏس آزادي راهه تڪي
    پير نه تون پسار
    اچ ته آزادي وٺون


    پشم جهڙي پوپري اڄ

    پشم جهڙي پوپري اڄ
    مونکي ٿي آ ڇڪ
    وڌائي وک
    اچ تون مون ڏي اوچتو

    سنڌوءَ لب مهراڻ تي
    خالي آهي ڀڪ
    وڌائي وک
    اچ تون مون ڏي اوچتو

    مٺڙي! توسان ملڻ جي
    ڪيڏي آهي سڪ
    وڌائي وک
    اچ تون مون ڏي اوچتو

    کڙڪي کولي مون طرف
    نهاري ٿي ٽڪَ
    وڌائي وک
    اچ تون مون ڏي اوچتو


    ڪر نه ڪنارا

    ڪر نه ڪنارا
    هلي آ پيارا

    اکڙين اوسيئڙا ڪيا
    تو لئه جيئارا
    هلي آ پيارا

    نيڻن ننڊ اڏي وئي
    خواب وکريل سارا
    هلي آ پيارا

    توبن سڀ سنسان ها
    چاهت جا چارا
    هلي آ پيارا

    ائين تون آڪاش ۾
    چنڊ ڪَتيون تارا
    هلي آ پيارا


    جيءُ جلائڻ ۾

    جيءُ جلائڻ ۾
    توکي ڇا مليو

    زندگي زهر ڪري
    هر هر روئارڻ ۾
    توکي ڇا مليو

    مان ته تنهنجو هوس
    پو مونکي مارڻ ۾
    توکي ڇا مليو

    غير سان سامهون گهمي
    مون کي ساڙڻ ۾
    توکي ڇا مليو


    گيت/نظم

    بهارن جي هوائن ۾

    بهارن جي هوائن ۾
    ڌرتي جي نظارن ۾
    چنڊ ڪتيون ۽ تارن ۾
    توسان مٺي مان گڏ هوندس

    ڀت ٽنگيل تصويرن ۾
    تنهنجن نيڻ نشيلن ۾
    سندر گيت سريلن ۾
    مان تنهنجو هردم سڏ هوندس

    سيءَ ۾ گڏجي ٿڙڪڻ ۾
    پينگھ تي شام جو لڙڪڻ ۾
    مينهن جي پاڻي ڪڻ ڪڻ ۾
    مان تنهنجي اوٽ ۽ اڏ هوندس

    آس نگرجي جهوپن ۾
    ڳليءَ ڪنڊن ۽ رستن ۾
    دنيا جي رنگ روپن ۾
    جسم جان ۽ هڏ هوندس


    رات جي سرد هوائن ۾
    گرم گرم ساهن ۾
    چمي ڀاڪر ٻانهن ۾
    تنهنجو پيار ۽ پڏ هوندس
    توسان هر جنم هوندس


    هوءَ جا منهنجي پوپري

    هوءَ جا منهنجي پوپري
    ڇاتيءَ وڏي موڪري
    گهرگهلي هوءَ ڇوڪري
    ٽاڪ منجهند جو نيڻ ملائي
    هر هر جياري هر هر ماري
    چيچ ۾ سهڻو چانديءَ ڇلو
    تَن تي پهريل وڳو ڀلو
    سکين ساڻ آهي ڊلو
    روز روز ٿي مونکي ستائي
    هر هر جياري هر هر ماري
    ٽڪ ٻڌي مون ڏي نهاري
    هر گز مونکي ڪونه ٿي ٽاري
    گرمي جهولو مون به نه ماري
    ڀل جا مونکي خوب رُلائي
    هر هر جياري هر هر ماري
    ڇاتيءَ ۾ هن ڪنڌ نوايو
    چمي ڏئي مون ڀاڪر پاتو
    نينهن جو هن سان مون آ لاتو
    پريم نگر ۾ مونکي گهائي
    هر هر جياري هر هر ماري
    مزو پيار ۾ ڏچن ڏنو آ
    چسڪو هن جي چپن ڏنو آ
    هن به مونکي وچن ڏنو آ
    توسان ويندس يار نڀائي
    هر هر جياري هر هر ماري


    سادي سندر سکي

    سادي سندر سکي
    توکي هر ڪو ڏسي
    پيو هر هنڌ ٺري
    ماڻهو واهه واهه ڪن
    چنڊ کان تون سٺي
    چمي کان ڀي به مٺي
    جادوگر جل پري
    ماڻهو واهه واهه ڪن
    مينهن ڪڻ ڪڻ پوي
    ڪوئل ڪيڏو ڌنوي
    کول سائنڻ دري
    ماڻهو واهه واهه ڪن
    ٿي نه مونکان جدا
    توتي هر دم فدا
    موٽ مون ڏي وري
    ماڻهو واهه واهه ڪن
    درد پنهنجا سڀئي
    ٿين هلڪا هڙئي
    ڀل وڃان پو مري
    ماڻهو واهه واهه ڪن


    ياد پرينءَ جي مونکي آئي

    ياد پرينءَ جي مونکي آئي
    مونکي هاڻي ڪل نه ڪائي
    نرمل ناري جا ماڻا
    جذبا ناهن ڪوماڻا
    توبن چوڏس اوندهه ڇائي
    مونکي هاڻي ڪل نه ڪائي
    توسان پريت پنهنجي پيارا
    ڏک ڏئي وٺ سک ئي سارا
    راند نه مونکي راس آئي
    مونکي هاڻي ڪل نه ڪائي
    تون جا واپس اچڻي آ
    ۽ باهه برهه ۾ پچڻي آ
    پنهنجي ٿيڻي ناهي جدائي
    مونکي هاڻي ڪل نه ڪائي
    ديپ جو مون ٻاريو آهي
    ان ۾ پاڻ جلايو آهي
    واٽ نه وٺندس ٻي مان ڪائي
    مونکي هاڻي ڪل نه ڪائي


    تير نظرن جا هڻي ماري ڇڏيئي

    تير نظرن جا هڻي ماري ڇڏيئي
    برهه جي باهه ۾ ساڙي ڇڏيئي
    هڪ زندگيءَ کي قيد ۾ واڙي ڇڏيئي
    عشق اندر ۾ ڪيا ڌڌڪا ڌماڪا
    هڪ هانءُ هو سو به اڄ ڏاري ڇڏيئي
    پوءِ به تون پڇين پئي
    ڪهڙو تنهنجو حال آ..؟

    اسان ناهي تنهنجي چاهت پَسي
    اڃان چپ چسڪي آ ناهي وَتي
    اڃان ٿر تي ناهي ڪڪري وسي
    تو بن هي جيون رُڳو رِڻُ آ
    هي جھرمٽ هي ميلا حياتي ڇسي
    پوءِ به تون پڇين پئي
    ڪهڙو تنهنجو حال آ..؟

    زندگيءَ ۾ وڏو هڪ خال آ
    سڀ تنهنجو هي ڪمال آ
    ها هڪڙو توکان سوال آ
    ڇو ائين مونسان پئي ڪرين
    جيئڻ منهنجو جنجال آ
    پوءِ به تون پڇين پئي
    ڪهڙو تنهنجو حال آ..؟

    تون به هڪڙو خواب آن
    مان به هڪ سراب آن
    تون جو منهنجي ناههِ پو
    نه منزلن جو ڏس پتو
    بس زندگي عذاب آ
    پوءِ به تون پڇين پئي
    ڪهڙو تنهنجو حال آ..؟

    نه زندگيءَ ۾ ڪو چاهه آ
    نه جان ۾ ڪو ساهه آ
    اڳيان سنڌو درياهه آ
    پڇين ٿي ڇا ڪرين پيو؟
    مون لئه اهائي راهه آ
    پوءِ به تون پڇين پئي
    ڪهڙو تنهنجو حال آ..؟


    او مٺي اومٺي

    او مٺي اومٺي
    ڪيڏي آهين سٺي
    ڳالهه منهنجي کري
    تون ٻڌين ڇو نه پئي
    تون اچين ڇو نه پئي
    آءٌ ٻه ٽي گهڙيون
    ڳالهيون دل جون ڪريون
    هي حياتي ٻه ٽي ڏينهن آ
    ڪڏهن گرمي ڪڏهن سيءُ آ
    اندر ۾ اسان جي وڏي پيهه آ
    جواني اسان جي واءُ مينهن آ
    اسان جي هي هستي
    جوانيءَ جي ڪشتي
    دريا منجھه آ هلي
    موج مستي هوا چلولي
    ڪو ڪنارو نه آ
    ڪو سهارو نه آ
    بس هلي پئي هلي
    ساڻ ڪو ته رَلي
    تون ئي ڌڙڪن مٺي
    تون جي رڪجي وئين
    جان ويندي هلي
    او مٺي او مٺي
    ڪيڏي آهين سٺي


    دنيا ۾ سهڻي اسان جي ثقافت

    دنيا ۾ سهڻي اسان جي ثقافت
    اجرڪ ۽ ٽوپي اسان جي شناخت

    اسان ڀائرن جيان رهون ٿا هتي
    اسان ۾ رهي ٿي محبت ۽ چاهت

    اسان ننگ خاطر اسان دنگ خاطر
    وڙهڻ ۽ مرڻ آ اسان جي شجاعت

    اسان جو نه ڪلچر رهيو جنگجو آ
    امن پيار سک آ اسان جي روايت

    اسان جيءَ جايون ڏنيون هن سڀن کي
    سدائين رهي آ اسان جي سخاوت

    ڪهاڙي ۽ ڏاٽو سهڻي بيل گاڏي
    صدين کان بڻي آ اسان جي طاقت

    تهذيب ڪلچر سنڌي مٺڙي ٻولي
    جئيون ٿا صدين کان انهيءَ جي بدولت


    سنڌ سموري سڙي ٿي سچل

    سنڌ سموري سڙي ٿي سچل
    اڃان ڏاگهه ڏاهي چڙهي ٿي سچل
    اڃان ماءُ جيجل رڙي ٿي سچل
    صوفين جي ڌرتي ٻري ٿي سچل
    ڪٿي آن ڪٿي آن ڪٿي آن ٿي سچل

    نه ڌرمن بچايو اسان کي سچل
    اسان کي ڏکايو آهر ڪنهن سچل
    اسان هر وقت چاهيو امن آ سچل
    اسان پوءِ به ڌڪِبا ۽ ڪسبا رهون ٿا
    ڪٿي آن ڪٿي آن ڪٿي آن سچل

    اسان جي تون ڪرڪا اچي رهنمائي
    اسان سان تون ڪرڪا سولي سڻائي
    اسان جي نه منزل نه ڪا راهه ڪائي
    اسان سان اچي ڪر ڀلارا ڀلائي
    ڪٿي آن ڪٿي آن ڪٿي آن سچل


    درازن ۾ ديدار نه ٿيندو سچل

    درازن ۾ ديدار نه ٿيندو سچل
    مون کي روح راحت نه ايندو سچل

    اسان جو آ مالڪ مٺو مهربان
    ڪشتي ڪناري لڳائيندو سچل

    گنهگار غافل رهيم زندگي ڀر
    سڌي راهه مون کي رسائيندو سچل

    بختن ڀري تنهنجي هستي وڏي آ
    جدا ساهه توکان نه ٿيندو سچل

    وسي نُور پيو تنهنجي نگري مٿان
    سدا راڳ راڳي آ ڳائيندو سچل

    پائي پاند روئيندو رڙان ٿو هتي
    منهنجون درد دانهون اگهائيندو سچل

    ٻيائي کي ٻن ڏئي جو ايندو هتي
    سوئي سبز سائو سو رهندو سچل


    اوچري، اوچري

    اوچري، اوچري
    آءُ مون ڏي وري

    هلي مون سان کهي
    پڪ آ مون سان ٺهي
    ڏور وئي آ چري
    اوچري،اوچري
    آءُ مون ڏي وري

    ننڊ منهنجي ڦُٽي
    پرهه آهي ڦٽي
    رات وئي آ ٺري
    اوچري،اوچري
    آءُ مون ڏي وري

    رات اوندهه ٿئي
    واٽ سنسان ٿئي
    دير ڇو دلبري
    اوچري،اوچري
    آءُ مون ڏي وري

    نيڻ ٿڪجي پيا
    ڏينهن ڪٽجي ويا
    هاڻي ويندس مري
    اوچري،اوچري
    آءُ مون ڏي وري

    آءُ ڊوڙي اچي
    ٿيءُ مونسان سچي
    ڀر تون ڀاڪُر ڀَري
    اوچري، اوچري
    آءُ مون ڏي وري

    ڏي نه مون کي چڪر
    ضد ايڏو نه ڪر
    ڇڏ تون بازيگري
    اوچري، اوچري
    آءُ مون ڏي وري


    او...ناري

    او...ناري


    چپ سبيل تون پنهنجا کول
    لفظ ٻه ٽي تون پنهنجا ٻول
    ظلم سهين تون ڇو؟ اوناري

    تون پيڙهين جو ڄم ڏنو
    پوءِ به مارڻ لئه تون چَم ڏنو
    ۽ سڏڪي سڏڪي دم ڏنو
    ڪجهه پنهنجو پاڻ کي ڳول
    ظلم سهين تون ڇو؟ اوناري

    اونچا قلعا ڪوٽ ڏنائون
    توکي ور اڌڙوٽ ڏنائون
    وک وک توکي چوٽ ڏنائون
    طعنا، تنڪا تنهنجي جهول
    ظلم سهين تون ڇو؟ اوناري

    هر ظلم سهي چُپ رهين ٿي
    مري جي ۽ جي مرين ٿي
    ڪائي نه تون ڳالهه ڪرين ٿي
    روئي روئي موتي نه رول
    ظلم سهين تون ڇو؟ اوناري

    ظالم کان ٿي لونءِ لڪائين
    ويٺي گهر ۾ ساهه سڪائين
    ڇو ٿي پنهنجو پاڻ جهڪائين
    درد سمورا تنهنجي ڪول
    ظلم سهين تون ڇو؟ اوناري

    تون ناري سنڌي ٻاگهي ٿي
    تون جرئت ۾ ڀي ساڳي ٿي
    ڪنهن نه اڳيان تون داڳي ٿي
    اڄ ڀي تون آن اتم انمول
    ظلم سهين تون ڇو؟ اوناري


    هي ڇوري هاڻ انگوري آ

    هي ڇوري هاڻ انگوري آ
    هن ڇوري جي ڇا ڳالهه ڪجي

    هي ڇوري ڪيڏي سدوري آ
    ڄڻ ڪينجهر جي ڪا نوري آ
    ٿي موهه ۾ ماري موچاري
    هي سونهن سراپا سموري آ
    هي ڇوري هاڻ انگوري آ

    سرير سمورو چاندي آ
    اچي ته ڄڻ ڪا آنڌي آ
    ٿي سڀ کي ڇوهه ۾ ڪيرائي
    ٿيو هر ڪو هن جو باندي آ
    هي ڇوري هاڻ انگوري آ

    وکريل وار سنواري ٿي
    ۽ ڪنهن ڏي هوءَ نهاري ٿي
    مرڪي ٿي چنڊ چمڪي ٿو
    هوءَ رات سموري جاڳي ٿي
    هي ڇوري هاڻ انگوري آ

    هوءَ نت نوان ٿي رنگ ڪري
    ۽ روزاني پئي ڍنگ ڪري
    هوءَ ماري ٿي مهمير وجهي
    ۽ ڪنهن سان ٿي پئي دنگ ڪري
    هي ڇوري هاڻ انگوري آ

    سانجهيءَ جو ٿا چنگ وڄن
    روز گھٽيءَ اڙٻنگ بينهن
    هي ڇوري منهنجي پاڙي جي
    هن ڇوري جا ٿا انگ ڏنگن
    هي ڇوري هاڻ انگوري آ

    هوءَ سکين سان ٿي کيل ڪري
    ۽ ڏاڍا ڏکيا ويل ڪري
    ڏي سور پئي سمورن کي
    هوءَ موٽي گهر آ ميل ڪري
    هي ڇوري هاڻ انگوري آ
    هن ڇوري جا ڇا ڳالهه ڪجي.


    پرين پيارو ماڻهو سچارو

    پرين پيارو ماڻهو سچارو
    غيرت وارو سورهيه سگهارو

    سر قوم خاطر ڏئي پيو ٿو
    جلاد سوريءَ ٽنگي پيو ٿو
    چمي رسي کي هڻي ٿو نعرو
    غيرت وارو سورهيه سگهارو

    ڪٿي مُڙي ٿو هي پروانو
    سنڌ جو عاشق ۽ ديوانو
    چوڏس ٿين رڙيون ۽ راڙو
    غيرت وارو سورهيه سگهارو

    هي ٿو پنهنجي ننگ جي خاطر
    هي ٿو پنهنجي دنگ جي خاطر
    دشمن جو ٿو پٽي پيو پاڙو
    غيرت وارو سورهيه سگهارو

    چيهون نه چوليون ٿين پيارا
    وٺي ڇڏيون اڄ پلاند سارا
    وري نه ملندو يارو وارو
    غيرت وارو سورهيه سگهارو


    ٻيون نه ٻوليون هجن

    ٻيون نه ٻوليون هجن
    گيت گوليون هجن

    دنگ وڙهندي وٺون
    ساڻ ڀالا لٺيون
    ماءُ لوليون هُجن
    گيت گوليون هجن

    سنڌ سائي رهي
    هت نه ٻيائي رهي
    پيار جهوليون هجن
    گيت گوليون هجن

    ڪنڌ ڪرندا وتن
    پوءِ به اڳتي وڌن
    رت ڇوليون هجن
    گيت گوليون هجن

    نينهن نعرو لڳو
    سانگو سر جو لٿو
    جيل کوليون هجن
    گيت گوليون هجن

    لهندو دشمن غرور
    طوق ٽٽندو ضرور
    ساڻ ٽوليون هجن
    گيت گوليون هجن


    سادي سندر سکي

    سادي سندر سکي
    توکي هر ڪو ڏسي
    پيو هر هنڌ ٺري
    ماڻهو واه واه ڪن

    چنڊ کان تون سُٺي
    چمي کان ڀي مٺي
    جادوگر جل پري
    ماڻهو واه واه ڪن.

    مينهن ڪڻ ڪڻ پوي
    ڪوئل ڪيڏو ڌنوي
    کول سانئڻ دري
    ماڻهو واه واه ڪن

    ٿي نه مون کان جدا
    تو تي هر دم فدا
    موٽ مون ڏي وري
    ماڻهو واه واه ڪن

    درد پنهنجا سڀئي
    ٿين هلڪا هڙئي
    ڀل وڃان پوءِ مري
    ماڻهو واه واه ڪن


    سنڌ جي ناري ڪيڏي پياري

    سنڌ جي ناري ڪيڏي پياري
    سندر سادي غيرت واري

    نيڻ نماڻا نرمل ناري
    نينهن نڀاري محبت واري

    سادا ڪپڙا ۽ موچاري
    لڄ لڄاري عظمت واري

    اڻڀاوار پيٽ بکاري
    ڳوڙها ڳل تي ۽ دُکياري

    تتيءَ ٿڌيءَ ۾ ساڻ ڪوڏاري
    رونبو رائي ڪري ويچاري

    ٻئي جي چوڻ تي تو ڪئي ڪاري
    سهڻي سادي تو ڇو ماري؟


    وڙهندي مرد مهان ڏسو

    وڙهندي مرد مهان ڏسو
    سر ڏيندي سلطان ڏسو
    دودا دريا خان ڏسو
    گهر گهر مان اڄ نڪتا آهن
    سورهيه سڀ سرواڻ ڏسو

    هي ڳڀرو ڳاڙها گهوٽ ڏسو
    مڙس مانجهي اڻموٽ ڏسو
    ڌارين تي هڻندي چوٽ ڏسو
    پهاڙن کان وڌ پختا آهن
    هاڻي غيرن ۾ ڦڙڦوٽ ڏسو

    وائي وائي وات ڏسو
    تيز تکي برسات ڏسو
    چوڏس سارا گهات ڏسو
    رت ۾سارا رستا آهن
    آزاديءَ جي تات ڏسو

    نينگر سان گڏ نار ڏسو
    ڳليءَ ڳليءَ ۾ هار ڏسو
    هڪ نه پر هزار ڏسو
    ڌرتي سڏ تي پهتا آهن
    سي نرمل سڀ نروار ڏسو

    غيرن هتڙي ڌاڪ ڏسو
    سينا پنهنجا چاڪ ڏسو
    اجڙيل پنهنجي ڪاڪ ڏسو
    جي آزاديءَ جا مگتا آهن
    سي بانڪا ۽ بيباڪ ڏسو

    ويندين ڪاري رات ڏسو
    چوڏس ڪهاڙي ڪات ڏسو
    ڀرندي سڀ محلات ڏسو
    گڏجي سڏجي نڪتا آهن
    ڏاڍن کي ڏيندين مات ڏسو


    جاڳو سنڌ جا هاري ناري، سنڌڙي پئي نيلام ٿئي

    جاڳو سنڌ جا هاري ناري، سنڌڙي پئي نيلام ٿئي
    ظلم اڃان ڀي ساڳيا جاري سنڌڙي پئي نيلام ٿئي

    هيل به سياسي ساڳيا ماڻهو، ساڳيا فوجي جنرل ماڻهو
    ساڳيا وڏيرا ڪن ٿا غداري، سنڌڙي پئي نيلام ٿئي

    لويون پٽڪا هاڻ به لهندا، ڪرندا هاڻ به لاشا
    اڳيان وري به اوندهه ساڳي، سنڌڙي پئي نيلام ٿئي

    ساوا ساوا کيت به سڙندا، ڊهندا خواب هر ماڻهو جا
    ساڳيو دوکو ساڳي مڪاري، سنڌڙي پئي نيلام ٿئي

    جيءَ به جهرندا، ننگ به لٽبا، هاڻ به ڪونڌر ڪسبا
    ساڳيون ڪيهون ڪوڪون جاري، سنڌڙي پئي نيلام ٿئي

    هاڻ کان هيئنڙو پنهنجو، ڪيڏو يار ڏري ٿو
    شال بلا کي رب ڪو ٽاري، سنڌڙي پئي نيلام ٿئي


    چوطرف سانت هئي

    چوطرف سانت هئي
    سرد ساري رات هئي
    پير بي جان ها
    دل پريشان هئي
    هوءَ ڪنواري ڪلي
    آئي مون وٽ هلي
    جسم ٿڙڪي پيو
    ڪيڏو تڙپي پيو
    گهپ انڌيرو هئو
    هن جو پيرو هئو
    ساڻ وحشت هئي
    ڇا قيامت هئي
    خواب هو عڪس هو
    حسن جو رقص هو
    هن چيو پيار ڪر
    ايڏو نه بيقرار ڪر
    وقت جي ڀاڪرن ۾
    آءُ ڀيڪوڙجي وڃون
    پرهه ڦٽيءَ کان اڳي
    بدن ساري کي جهنجهوڙي
    جواني جي رس نپوڙي
    سيني سان لڳاءِ تون
    پياس کي اجهاءِ تون
    جواني جي ساز کي
    مستي ۾ وڄائي تون
    زندگيءَ جو نظم
    ساري رات ڳاءِ تون


    ڦوهه جواني ڦٽي

    ڦوهه جواني ڦٽي
    ڪنهن نه آهي چکي
    ڪنهن پکي جيان مٿي
    اُڀ اڏري پئي
    هي ڪنواري ڪلي
    چلولي چلولي
    چُم چاهه سان
    گرم ساهه سان
    زور ڀاڪر ڀري
    جسم ٽڪرا ڪري
    منهنجي جوڀن مٿان
    وحشي جذبي هٿان
    وار ڪيئي مٺا
    تون ڪري ڇڏ تکا
    رات سنسان آ
    بدن بي چين آ
    باهه ڀنڀٽ ٻري
    تن من ٿو سڙي
    آءُ اچي اوت تون
    پيار جي جوت تون
    دل کي راحت ملي
    ساڻ چاهت ملي
    ڳوٺ جي ڇوڪري
    فدا تو تي چري


    توتي به هنن جو حق آهي

    توتي به هنن جو حق آهي
    پنهنجو حق ادا ڪري ڇڏ

    سنڌ جي سندر ناريءَ کي
    ڪالهه ڪٺو هو ڪاريءَ کي
    ماڻهو ڀڳا چئي ڪارو ڪارو
    ڳوٺ وڏيري جو هو اشارو
    ڪتن روڙي ماس پٽيو هو
    قبر کوٽي دفن ڪيو هو
    مڇ وٽيندي پڇيو پڳدار
    خوشيءَ مان ٿي چيو ڪمدار
    ڳڀا ڳڀا ٿي ويو ڇورو
    لال گلابي ڄڻ ڪي گورو
    ماءُ جي گهر جو ڏيئو اجهاڻو
    پيءُ به ٿي پيو بيوس ساڻو
    روز ڪسن ٿا ڪاري ڪارا
    روز لڳن ٿا ڦرون ڌاڙا
    ڳوٺ سڄي ۾ ماتم پو به
    چپن تي آهن تالا پو به
    ڪونه اڃان ڪو ساماڻو آ
    من ۾ ڪوئي مانڌاڻو آ
    ڪوئي نه قتل عام ٿو روڪي
    ڪوئي نه قاتل کي ٿو ٽوڪي
    جنهن کي جيئن وڻي ٿو سائين
    سو ئي تيئن ڪري ٿو سائين
    بيڏوهي جيل وڃن ٿا ٿاڻا
    ڏوهي ڪن ٿا موجون ماڻا
    ڳوٺ جي ماڻهن جو ڇا ٿيندو
    سر پنهنجن جا ڇا هر هر ڏيندو
    هر ڳالهه جي آخر ٿيندي آ
    هر رات انڌيري ويندي آ
    هن ڳوٺ جا ماڻهو آهن ستل
    ڄڻ ڪي آهن يار ڪٺل
    اي خدا! تون ڪا مت ۽ ست ڏيئي
    هن ڳوٺن وارن جي دلين ۾ پيهي
    پنهنجي ڪرامت ڪائي ڏيکار
    هن مسڪينن تي ناهي ميار
    هي جو اڄ جو آهن هيڻا
    تنهنجي دعا سان ٿيندا ٻيڻا
    پوءِ ڪو پنهنجو ٻوٽو ٻارن
    عزت سان ڪو جيون گهارن
    هن گونگن کي تون ئي خلقيو آهي
    توتي به هنن جو حق آهي
    اڄ پنهنجو حق ادا ڪري ڇڏ


    ٻاراڻونظم

    ٻاراڻونظم

    نئون سال آ آيو ٻارو
    نئون گيت ڪو ڳايو ٻارو

    شفقت وارو سدائين رهندو
    استادن جو سايو ٻارو

    خيال اجايا دور ڪري سڀ
    علم سان عشق لڳايو ٻارو

    نئين سماج جو رکندڙ آهيو
    مستقبل جو پايو ٻارو

    پاڻ ۾ ويڇا سڀ وساري
    هٿ ۾ هٿ ملايو ٻارو

    ڌرتي ٻولي قوم جي خاطر
    ٻارڻ ڪوئي ٻاريو ٻارو


    مونکي توسان وڙهڻو آهي

    مونکي توسان وڙهڻو آهي
    ڌرتيءَ خاطر مرڻو آهي
    تون جو سياڻو دشمن آهين
    تون جو پاپي رهزن آهين
    صدين کان ٿو ڦرين اسان کي
    صدين کان ٿو لٽين اسانکي
    وک وک تي تون ويل ڪرين ٿو
    وک وک تي واسينگ ڇڏين ٿو
    ٿو هر هر مونکي ڏنگ هڻين
    هر هر پيو ٿو سنگ هڻين
    جنهن ۾ چڪنا چور ٿيو آن
    تون جو مونکان زور ٿيو آن
    تنهنجي اندر ظالم رهي ٿو
    مٿو نه تنهنجو سالم رهي ٿو
    اسان جي مڻيا ويٺين ڦٻائي
    مسڪينن کي هيٺان دٻائي
    نيٺ ته مونکي وارو ڏيندين
    چانور مان تون ڏارو ٿيندين
    توسان هرگز وڙهندو ايندس
    تنهنجي آڻ مور نه مڃيندس
    ڀل جا مونکي دشمن ڏاڙهين
    ڀل جا مونکي ڦاهيءَ چاڙهين
    موت کان پوءِ به ورڻو مونکي
    منهنجي ماءُ چيو آ مونکي
    پٽڙا توکي هٽڻو ناهي
    تنها قوم کي ڪرڻو ناهي
    منهنجي ٿڃ جو پيتي تو آ
    تنهن ۾ جذبو غيرت جو آ
    ماتا سامهون وچن ڪيو آ
    سر تي پنهنجي ڪفن ٻڌو آ
    هاري ناري گڏ ڪيان ٿو
    پنهنجن کي گڏ ساڻ کڻان ٿو
    هاڻي دشمن تون به ٻڌي ڇڏ
    ڀل جا بند سڀئي ٻڌي ڇڏ
    مون جو ڪر کنيو آ هاڻي
    ڪڏهن به ناهي جهڪڻو هاڻي
    مونکي توسان وڙهڻو آهي
    ۽ ڌرتيءَ خاطر وڙهڻو آهي


    سنڌوءَ تي ڪو ڊيم نه ٺاهيو

    سنڌوءَ تي ڪو ڊيم نه ٺاهيو
    اتهاس اسان جو سنڌو آ
    احساس اسان جو سنڌو آ
    ميراث اسان جو سنڌو آ
    اسان آ پنهنجو حق جتايو
    سنڌو تي ڪو ڊيم نه ٺاهيو
    ڊيم سمورا مرده باد
    سنڌ ۽ سنڌو زنده باد

    تون پاڻي پورو پورو ڏي
    نه کوهه اڳيان ڪو کُورو ڏي
    نه دوکو ۽ ڌاتورو ڏي
    نه ماس اسان جو روڙي کائو
    سنڌو تي ڪو ڊيم نه ٺاهيو
    ڊيم سمورا مرده باد
    سنڌ ۽ سنڌو زنده باد

    گاهه سمورا سڪي ويندا
    پکي پياسا مري ويندا
    هانوَ اسان جا ڏري ويندا
    سانجهيءَ جو ٿا ساهه سڪايو
    سنڌو تي ڪو ڊيم نه ٺاهيو
    ڊيم سمورا مرده باد
    سنڌ ۽ سنڌو زنده باد

    وستيون واهه ڦٻائڻ واروء
    ڦاسيون قيد سجائڻ واروء
    ڳليءَ ڳليءَ ۾ مارڻ واروء
    ڪيڏا فاشي رهزن آهيو
    سنڌو تي ڪو ڊيم نه ٺاهيو
    ڊيم سمورا مرده باد
    سنڌ ۽ سنڌو زنده باد

    تون ڇو ٿو منهن تي منڱ ڏرين
    ڇو ڪنهن کان ڪنهن جو حق ڇنين
    ڇو ماروئڙا محروم ڪرين
    ڪجهه دردوندن آ توتي دانهيو
    سنڌو تي ڪو ڊيم نه ٺاهيو
    ڊيم سمورا مرده باد
    سنڌ ۽ سنڌو زنده باد

    مونکي لالچ لوڀ نه کپي
    مونکي تنهنجو رعب نه کپي
    مونکي سستي سوڀ نه کپي
    ڊيم جا نقشا سڀئي ڊاهيو
    سنڌو تي ڪو ڊيم نه ٺاهيو
    ڊيم سمورا مرده باد
    سنڌ ۽ سنڌو زنده باد

    دڙڪا ۽ دهمان نه ڏي
    روز نوان اعلان نه ڏي
    اسان کي شهه شيطان نه ڏي
    سنڌو واسين سان ڪين رهايو
    سنڌو تي ڪو ڊيم نه ٺاهيو
    ڊيم سمورا مرده باد
    سنڌ ۽ سنڌو زنده باد


    حاڪمن جون ڏينهن راتيون هر گھڙي رنگين آ

    حاڪمن جون ڏينهن راتيون هر گھڙي رنگين آ
    سونهن واري سنڌڙي ساري سڄي غمگين آ

    بک بدحالي ڄار ۾ ڦٿڪي پيو ڏس آدمي
    ڪو دوا دارون نه ڪنهن دلدار جي تسڪين آ

    چور چٻرو ۽ لٽيرو ٿو لٽي هن ملڪ کي
    مسئلن جي قيد ۾ ڦاسي پيو مسڪين آ

    هِن کي ماريو گھر کي ساڙيو، ويو هيو اڄ اوچتو
    تنها ويچاري سندري ودواهه جي هڪڙي سين آ

    روز ڌاڙا ۽ ڦرون، اغوا ٿين ماڻهو هتي
    دنيا ڏسي ٿي ڪيس هتڙي، پر سرڪار هت نابين آ

    ٿو ڪري سياست رڳو پئسو اچي ڪرسي بچي
    نه خدائي خوف هن وٽ، بي نڪو بي دين آ


    اسان سچ جي سولي تي لٽڪا رهياسين

    اسان سچ جي سولي تي لٽڪا رهياسين
    اسان درد رستن تي ڦٿڪيا رهياسين

    اسان خالي بوتل جيان اڇليا وياسين
    ڪنهن وئشيا جواني جيان لٽبا رهياسين

    الائي جو اسان ڪونه ڪنهن کي وڻياسين
    اسان خشڪ پتا اڏامي ڪرياسين

    اسان ڪنهن بدن جو نه امرت آ پيتو
    اسان لال لبڙن تان نه بوسو آ ورتو

    اسان جي ڀليڪار بهارن نه ڪئي هئي
    خزائن اسان جي رڳو آجيان ڪئي هئي

    لڌيون سي اسان ڏکن سان ئي لانئون
    اسان کان کسي ويو ڪو مرڪون بهارون

    اسان ڪائي مستي نه بهاري ڏٺي سي
    اسان پنهنجي هستي مٽبي ڏٺي سي


    زندگي هڪ تماشو

    زندگي هڪ تماشو

    زندگي هڪ تماشو آ
    جنهن کي ڏسي ڪو روئي ٿو ته ڪو کلي ٿو
    زندگي جوا جو کيل آ
    هر ڪو ماڻهو زندگيءَ جي پتن سان
    ويٺوکيڏي
    ڪٿي هار جوڏک ته ڪٿي جيت جي خوشي
    زندگي هڪ پٿريلو سفر آ
    جتي ماڻهو هڪ ٻئي کي پٿر هڻي
    زخمي ڪندا مرڪندارهن ٿا
    زندگي هڪ سفر آ
    مال گاڏيءَ هجي يا تيزگام ،
    پر ٻنهي گاڏين جي منزل هڪ اسٽيشن آهي
    اسٽيشن تان لهي هڪ دربدر ٿئي ٿو
    ۽ ٻيو ڇانوري ۾ پهچي ٿو
    مان هڪ شاعر آهيان
    پنن تي زندگي جو فلسفو لکي
    گونگن ۽ ٻوڙن کي ٻڌائيندو آهيان
    دنيا جي ميلي ۾ مان به هڪ جواري آهيان
    ها پر مان زندگي کي
    جوا ۾ هارائي ويٺو آهيان.


    مون سان عشق نه ڪر

    مون سان عشق نه ڪر
    تون چري نه ٿي
    مون سان عشق نه ڪر
    عشق جادوگري اٿئي
    هت سڀ جادو گر رهن ٿا
    هڪٻئي جو تماشو ڏسڻ وارا
    ڀلا تون ٻڌاءِ!
    هت سچ رهيو آهي؟
    سچ ته وڏڙن کان ٻڌندا ٿا اچون
    جنهن کي به ڪجهه عرصو اڳ
    ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو آهي
    هاڻي سچ رهيو ئي ناهي
    غلامن جي وستي ۾
    ڪوبه رشتو احترام جوڳو ناهي رهندو
    سڀ مطلب پرست
    وحشي درندا ٿي پيا آهيون
    تنهنجون گرم گرم خواهشون به
    ٽين دنيا جي ٽين درجي جي
    عورت جهڙيون آهن
    جيڪي مان نٿو پوريون ڪري
    سگهان
    ڇاڪاڻ جو منهنجو رت به
    چوسجي چڪو آهي
    پيٽ ڀريل هوندو ته
    عشق به ڪندا سين
    پر منهنجو پيٽ خالي آهي
    جنهن پيٽ کي ڀرڻ لاءِ
    آئون زندگيءَ جي جنگ
    وڙهي رهيو آهيان
    اسين ڇتا ٿي
    ماڻهن جو ماس پٽي کائون ٿا
    بلڪ ماڻهوءَ کي به
    ڳهي وڃون ٿا
    اسين هت صرف هڪٻئي کي
    اکين ۾مرچ وجهي رهيا آهيون
    هتي جيڪي تون پيار
    ۽ روحاني رشتن جون
    ڳالهيون ڪرين ٿي
    جائز ناهن
    اهڙيون ڳالهيون نه ڪر
    نه ڪي اهڙين خوابن کي
    اکين ۾ جاءِ ڏيندي ڪر
    متان ڪو شيطان
    ڏسي نه وٺئي
    ۽ تنهنجي خوابن کي
    هٿن جي تريءَ تي رکي
    مروڙي ڇڏي
    تنهنڪري تون
    چري نه ٿي
    مونسان عشق نه ڪر!!!


    اچ جانان

    اچ جانان
    تو خط لکيو آهي
    مان ايندس
    ها ! تون ضرور اچ جانان
    مون پنهنجي گهر جا
    سڀئي چراغ
    روشن ڪري
    ڇڏيا آهن
    صحن پيار جي
    گلاب پتين سان
    ڀري ڇڏيو آهي
    ۽ اکيون
    اوسيئڙي ۾ بيهاري
    ڇڏيون آهن
    مون پنهنجي گهٽيءَ مان سڀ شيطان
    تڙي ڪڍي ڇڏيا آهن
    ته جيئن اسان جون
    پاڪ ۽ معصوم دليون
    بنا ڪنهن خوف
    جي ملي سگهن..

    زلفن جو اسير ناهيان
    مان تنهنجي زلفن جو
    اسير ناهيان
    نڪي مان بيوفائن جي
    اجڙيل شهر جي
    قبرستان جو پٿر آهيان
    مان ڪوهه ڪاف
    جي پرستان جو
    ٿرڊ ڪلاس شهري آهيان
    منهنجا خواب به
    اڌورا رهجي ويندا آهن
    جن جي وسيلي
    آئون جيئندو آهيان
    مان تو لاءِ ٺلهن لفظن جو
    گرم چنڊ به
    تريءَ تي نه آڻي سگهندس
    مان تو لاءِ اڀ مان ستارا به نه لاهي سگهندس
    اهو منهنجي
    وس ۾ ناهي پرين
    اهو ڪم صرف
    هڪ جادوگر ڪري سگهي ٿو
    جو مان ناهيان...


    زندگي جو باب

    زندگي جو باب

    تنهنجي زندگي جو باب
    هميشه جي لاءِ
    ختم ٿي ويو آهي
    پر منهنجي لاءِ تون
    ڏکن ۽ صدمن جو
    اهڙو باب کولي وئي آهين
    جنهن جي
    ڪا به پڄاڻي ڪونهي
    سواءِ منهنجي
    روح جي جسم کان ڌار
    ٿيڻ جي...!!


    ساهه رڳ...!

    ساهه رڳ...!
    انڌيري رات ۾
    سمنڊ ڪناري
    هوءَ ماضيءَ جي ماتم کي
    سانڍي
    درد جا نيروهائي رهي آهي
    وحشت سان ڀريل
    هيءَ رات رڳو اڄوڪي ناهي
    پر هي رات به گذري ويندي
    پر هجر ۽ فراق جالمحا
    اذيتن جا لمحا
    وڌيڪ طويل ٿيندا ويندا
    جيستائين
    ساهه جي رڳ
    ٽٽي نه وڃي...!


    ڳولهين ٿو...

    ڳولهين ٿو...
    ڳولهين ٿو،
    درگاهن ۾،
    مندرن ۾،
    مسجدن ۾،
    ڪليسائن ۾،
    ڪنهن کي ٿو ڳولهين؟
    پاڻ کي ڳولهين ٿو
    پر ڪنهن ۾؟
    ڇو ٿو ڳولهين؟
    ڇو ٿو رولين؟
    اندر ۾ جهاتي پاءِ
    ايندئي هڪ آواز
    تون ئي سڀ ڪجهه آن


    بيت / چوسٽا / ترائيل

    بيت

    چوڙيون پائي اوچتو، آئي هوءَ اڳيان
    ڇو نه آءٌ ڪيان، سجدا اڳيان سونهن جي

    ساڌٻيلي ۾ سندري ۽ مورتيون اڳيان
    ڪنهن جي ڪيان پوڄا، ڪنهن کي آءٌ چمان
    فرق ڪيئن ڪيان، ٻنهي پسان پاڻ ۾

    هٿڙا ڳاڙها پرينءَ جا، مينڌي ۾ رتڙا
    ڀاڪر ڀري چاهه مان، چميا ها چپڙا
    ڇاتي ۽ ڳلڙا، ارپي ويٺي آهه مون

    وينگس سنڌو ڪناري ويٺي پئي مرڪي
    ڪيڏو پئي ڇرڪي، پاڻيءَ ڦينگن کان مٺي

    مندر ۾ ڀڳوان اڳيان روئي پيو انسان
    ڪيڏو ٿو نقصان، اکين جو ويٺو ڪري

    خيالن جي دنيا ۾ ڀٽڪي ٿو انسان
    جيون جو سامان، پَلَ جي خبر ڪينڪي

    تنهنجي سونهن سکي مند بهار جيان
    ساري حياتي پيان، مڌ جوڀن جو مٺي

    تنهنجي اوسيئڙي ۾ پوڙهو ٿي ويو هان
    رستا راهون مان، تڪيان ٿو ويٺو اڃان

    تنهنجي اوسيئڙي ۾ اڇا ڪيم وار
    ڪو نه لڌي تو سارَ، جيون ائين گذري ويو

    آءُ ڏسڻ بيمار کي ڀيرو وڃ ڪري
    متان دم نڪري، تنهنجي اوسيئڙي ۾ مٺي

    سچ نه ٻولي آدمي، اندر ڪوڙو ڪانءٌ
    ڇا هي انسان، اڃان اشرف المخلوق آ

    اڃايل هان مان اڃان، ڪونه لٿي آ سڪ
    تو ۾ هڻي ٽِڪ، منهن نه ڦيريان ڪنهن ڏي

    منهنجي خوابن ۾ اچي، ٿو جاڳائي جاني
    تنهن مٿان ٿي پيس فدا ۽ فاني
    عشق جي ڪاني، لڳي آهي مون پرين

    ڪارا ڪپڙا قافلو، ڪاهي آيو هان
    معاف ڪر منهنجا پرين، مهر ڪر مٿان
    دم نڪري متان، حسرت رهي هانوَ ۾

    نازن واري ڇوڪري ڏٺم تنهنجو ڇُوهه
    ناهي تنهنجو ڏوهه، جوڀن نسري جو پيو

    جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا، جيون سارو کيل
    هي دنيا جو ميل ، رهي رهندو ڪيترو

    ڇو ٿي ڏور وڃين، موٽي مون ڏي آءَ
    اندرجو گهاءُ، توبن اڊڙي ٿو پوي

    سڀ رنگ سانول تنهنجا، ناهي منهنجو ڏوهه
    مهڻي تنهنجو موهه ، مونکي ٿو ماري وجهي

    سکي پنهنجي پيار ۾ ڪيڏا مليا ڏک
    نيٺ ته ملندا سک، سهي ڏنڀ ڏهاڳ جا

    ڪيڏا ڏينهن ٿي ويا ملڻ ٿوچاهيان
    چميون ڀاڪر ۽ پرين سيني سان لايان
    تنهنجو ئي آهيان، توئي منهنجي سانوري

    ڀاڳيا منهنجي ڀونءِ جا ڪيڏو ٿا ٻهڪن
    ڏونگر ڏسي ڏاڍ جا ڪڏهن ڪين ڪنبن
    ٻڌي سر ڪفن نڪتا هن نروار ٿي

    ڀاڳيا منهنجي ڀونءِ جا ٿا ڪيڏا سور سهن
    هو جي چڪنن چاڪ ته به آهه نه عام سلن
    هلندا ٿا هلن، رندن واري راهه تي

    ڀاڳيا منهنجي ڀونءِ جا ، جهوميو ٿا جهومن
    حب الوطني من الايمان جا نعرا خوب هڻن
    ٿا پنهنجو سر ڏين،ڌرتي خاطر دادلا

    ڀاڳيا منهنجي ڀونءِ جا هيڏي هيج هلن
    آزادي اعلان اسان جو ٻي نه ٻولي ڪن
    رستو ڪين ڀلن، توڙي رهن زندان ۾

    ڀاڳيا منهنجي ڀونءِ جا موران ڪونه مُنجهن
    سونهن ڀري سنسار ۾ پل پل پيار پسن
    ڌڻيءَ دعا گهرن، شل! سائي رهي سنڌڙي

    مون کي ويڻ نه ڏي، مان به هان مجبور
    توسوا مون پرين پل پل پوي پور
    راهه نه مٽجان مور، سدا رهين اڳڀري

    تنهنجي گهر مٿان چمڪي چوڏهينءَ چنڊ
    هي جيون جو منڊ، اڇو اُجرو ٿي پيو

    هوءَ جا هتان وئي هلي روئي پيس مان
    ڪيئن ڪريان آنءُ، هن کي جدا پاڻ کان

    توبن جيون ۾ سکي رکيو آهي ڇا
    چوڏس ڪوسو واءُ،لڳي ٿو مون کي پرين

    سکي توکي دل تان ڪيئن وساريان آءُ
    دل تي تنهنجو ناءُ، اُڪري آهي جو پيو

    سکي منهنجي شاعري جو محور آهين تون
    تو بن ڪوتائون، سرجي سگهن ڪينڪي

    پرين سپني ۾، رات ڏٺو آ مون
    جي هيڪر اچين تون، ته سپنا ساڀيان ٿي پون

    ڌرتي دُک درد آ، کلي ڀاڪر مل
    اڳيان ٿي اجل، منٽ نه ملنديءِ مهلت

    اچي تون الله گهر توبهه تائب ٿي
    مومن سان گڏ بيهه، منافق پري ڪري

    اچي تون الله گهر، ڪر وچن سندوپاڻ
    گناهه گندو هاڻ، هرگز ڪبو ڪينڪي

    جيڏو رب نالو، تيڏو گھاٽو وڻ
    ڀٽڪين ٿو اڃان ويٺو سارو رڃ ۽ رڻ
    رب جو نالو کڻ، ملندو توکي ڇانورو

    جيون ٻه ٽي ڏينهڙا رب کي تون ٻاڏاءِ
    ڪر عبادت عشق مان، عاشق ٿي سڏاءِ
    ننڊ مان پاڻ جاڳاءِ اَسر جو آذان سان

    اَسر جو آذان سان اُٿي ٿيءُ کڙو
    حرص جي باهه ۾، ڇو ٿا يار سڙو
    جيون جو گھڙو، ٽٽي پوندو اوچتو

    پرين توسان پريت جو، پلئه من پاتو
    سارولوڪ ڇڏي ڪري ڳنڍيو مون ناتو
    نينهن آ لاتو، ڪامڻي توسان قلب سين

    پرين مون پرڀات جو ورتو تنهنجو نانءُ
    ڪڍي پنهنجو هانءُ، توڏي آهي مون مڪو

    تنهنجون نگاهون مون لئه ڇپر ڇانوَ
    پيارجي پناهه ڏجاءِ مون کي او مٺي

    ڪوڙي هن جڳ ۾ ڪيڏو يار جيئندين
    مٽي ٿي ويندين، مٽي سان ملي ڪري

    ڀورا ڀورا ٿي ويندين ، ڳهيلا انسان
    ڪڍي ڇڏ قلوب مان، مير سندو مروان
    سچ جو سامان ميڙي هل مولا اڳيان

    ڀورا ڀورا ٿي نه وڃي، شِيشي وانگر تون
    هيءَ ڀلاري ڀونءِ، بارُ نه کڻندي ايترو

    وچن واعدا پيار جا ڪري نڪتاسون
    ڳاڙها گُل گلاب جا، سنڌو ۾ تارياسون
    چڙهي ٻيڙيءَ سير مان واپس ورياسون
    وري ملڻ جو چئي ڀاڪر پاتاسون
    موڪلائي هلياسون آڻي آب اکين ۾

    ساڌ ٻيلي ۾ سندري منهن سارو مهتاب
    شرمائي پيو اُڀ ۾، سونهن ڏسي آفتاب
    حسن لاجواب کي چمندي ٿيو ثواب
    اهڙو ئي خواب، لڌو هو هڪ رات جو

    چپن تي مرڪ رکي، سنواري ٿي وار
    ڦينگن جي وسڪار، ڪري ويٺي ڪامڻي

    سنڌوءَ ڪناري سانئڻ جو ڪيم اوسيئڙو
    وسي پيو اُڀ مان تيز تکو مينهڙو
    سِڪي پيو هينئڙو توسان ملڻ لئه مٺي

    پرين تون مون کان ڇو ايڏو آن پري
    توبن ڪيئن سري، حياتيءَ جي هر گھڙي

    ڪيئن وساريان تو پرين، تو ۾ منهنجو ساهه
    تو بنا ٿي ويس ڳڻتين منجهه ڳاهه
    عشق جو آڙاهه ٻري ٿو منهنجي من ۾

    ڪونڌر کي ماري وڌو، ڪري وڏو ڪيس
    وڍجي ويس سيس، پوءِ به نعرا نينهن جا

    پاڻيءَ ٻوڙ نه پير، متان تون ترڪين
    سدائين مرڪين، مٺي گلابيءَ گل جيان

    سنڌوءَ ڪناري وڻ ٿا، خوشي مان جهومن
    پکي هڪڙي لام تي، ٻوليون پيا ٻولين
    ٿا جهڪي سجدو ڪن، سهڻي تنهنجي سونهن کي

    سنڌو ڪناري تي، شاعري پيو ڪيان
    ساڻ قلم ڪاغذ هن، بيت ٿولکان
    تو لئه ٿو جيان، جيسين دم جهان ۾

    لب مهراڻ تي مٺي ايڏو ڇو آن دور
    ايڏي بي نور، ڇو ٿي آهين سانوري

    لب مهراڻ تي شام جو سرد هوائون
    هر هر ياد اچن ٿيون، مون کي پيڙائون
    پوءِ به دعائون، دل سان توکي ٿو ڏيان

    لب مهراڻ تي اڄ، چوڏس آ چهڪار
    ويٺي لال ڪنوار،نانوَ ۾ پنهنجي ور سان

    ناز ۽ نخرا ڪري، مون کي ٿي مارين
    ڇو ٿي پئي ڳارين، ڳڻتين ۾ مونکي مٺي

    منهنجي هر هڪ شعر جو لفظ تون آهين
    جدا تون ناهين سدا رهين ساهه ۾

    کڙڪي منجهه پرين ۽ منهنجي نيڻ نهار
    آئي مند بهار، پرچي پئون پاڻ ۾

    جيسين تون اچين منهنجي در ۾ ديد
    ٿي وئي عيد، جڏهن تون آئينءَ هلي

    اکيون اکين سان ملائي سکي مون سان ويهه
    ڇڏي سارو ڏيهه، اچ ته پرين پيار ڪيون

    تنهنجو من ائين جئين گلابي گل
    چوڏس ميگهه ملهار ٽهڪ ڏئي تون کل
    آءُ سڄڻ مل، آئي مند بهار جي
     ...
    جڏهن جهوڪ جهريو، جهريو سارو لوڪ
    ڪو نه ٽُٽو طوق، غلامي جو اڄ ڀي

    جڏهن جهوڪ جهريو نعرو لڳو نينهن
    وسي پيو خون جو چوڏس سارو مينهن
    شاه عنايت شينهن، سرگهوري ٿو سنڌ تان

    سر ڏنائون سنڌ تان، هو ازل کان امرُ
    سِر سنڌو ثمر، قربان ڪيائين جهوڪ ۾

    پل پل تنهنجي ياد ، جيءَ کي ٿي جهوري
    ڇڏيندس گهوري، جان توتي مان پرين

    هليو وئين موڪلائي، چيئه مان ورندس
    هيل نه تون آئين ميارون ڪو نه ڏيندس
    تيسين ياد ڪندس، جيسين سريءَ ۾ ساهه آ

    آءُ پرين اوريون، هيڻا پنهنجا حال
    گذري ويا سال،سور نه سليا پاڻ ۾

    تنهنجي سڪ ۾ سپرين، سڪي ٿو ساهه
    ٿي ويس پاههُ، خبر نه لڌي ٿو خير جي

    ڪنهن کي سور سڻايان، هي سورن جو ديس
    مٽيان ڪهڙو ويس، توبن منهنجي سجني

    جي تو سور گھڻا، مون وٽ هلي آءُ
    پٽي وٺ ساهه، متان سور هلڪا ٿين

    مون کان رهي ڏور جيون ڪئين گهارين؟
    متان وسارين، مون ۾ آهين تون پرين

    عاشق ڌرتي سنڌ جا،تون آڏو اڏيءَ آڻ
    نعرو هڻي نروار ٿي، ترس نه ڪنهن جي ڪاڻ
    جام شهادت ماڻ، ڌرتي تان قربان ٿي

    وري ميگهه ملهار وري نه آئين تون
    پسي پيار تنهنجو اڃان نه وسريو مون
    هيڪر اچين تون، ته اهنج سڀ لهي پون

    چڻنگ دکي چاهه جي چوري چوري آءٌ
    سڄڻ سُري آءُ، ته رهاڻيون ڪيون روح جون

    ٽوڙي ڦاٽڪ تي هئا گل ڪو ماڻا
    گولين جي برسات ۽ دشمن اياڻا
    ڪندا ڪڏهن ڪين هن، پلوءَ پراڻا
    هاڻي ٿيو سياڻا، ته وڙهون ويڙهه وجود جي

    مانجهي مڙس اهو جو دشمن کي دسي
    نعرو هڻي نينهن جو، آزادي رسي
    پنهنجو حق کسي، ڌارين کي لوڌي ڪڍي

    سنڌو ڪناري تي، ويٺي واجهايو
    درد ڀريو گيت ڪنهن راڳي آ ڳايو
    آزاديءَ ورنايو سهڻي ڌرتي سنڌ لئه

    ساري عمر گذري وئي ڪندي اطاعت
    ڪوڙي هن نظام ۾ ڪانهي صداقت
    اعلان بغاوت، باغين اڄ ڪري ڇڏيو

    منهنجي هن سرير ۾ ڪيڏو آهي اُساٽ
    ڏسان تنهنجي واٽ، آءُ ته اڃ لهي وڃي

    پيڙا هن پوتر جي ڪو نه ڄاڻي ڇو
    سڀئي ساٿ ڇڏي ويا مٽ نه مائٽ ڪو
    پنهنجو ڪندس اهو، جنهنجو جيءُ جهريل هجي

    ڀنڀرڪي جو ڀوري کي ڪٺو پيءُ ۽ ڀاءُ
    منهنجي ڌيءُ اڇي اڃان، راڙو ڪيو ماءُ
    ڪک پن ۾ پڙلاءُ، وئي ويچاري مارجي

    مون کي آهي آسرو ملڻ محب اچي
    هوءَ بلاشڪ هُت آ، هتِي پيار پچي
    مانڌاڻ من مچي، هُن ڇو ڪئي اڄ دير آ

    عشق منهنجي انگ ۾ آندو آ ايمان
    ٿبو نه بيمان، پرين تنهنجي پيار ۾

    رات جي سانت ۾ مون سين ڪير نه ٻيو
    تنهنجي ياد سدا رهي ٻي نه ساريان ڪو
    واڪا ڪندس وو ته پرين اڄ پري ٿيو

    روئان ويٺي راتڙي پرين تنهنجي ڪاڻ
    غم گوندر تنهنجا، آهن هردم ساڻ
    حيلا ڇڏ هاڻ، ته پرچي پئون پاڻ ۾

    پڇندو ماڻهن کان هان تنهنجو روز احوال
    گذري ويو سال توکي ساريندي سکي

    نگاهن کان نڪري ائين نه اوجهل ٿي
    منهنجي هرخوشي توسان واڳيل آهي مٺي

    آزادي سنڌ لئه اوچا ڪنڌ ڏنا
    جوڌا ڌرتي سنڌ جا، مائن کان ڇنا
    ڪالهه ڏٺا سپناسي ساڀيان ٿيندا سڀئي

    سر ڏيندس سنڌ تان منهنجو هي نارو
    در در ڳائيندس مٺا، درد جو ڪيڏارو
    لوڪ سڄو سارو، نڪري پوندو ناز مان

    جيسين دم جهان ۾ جيئندس تنهنجي ڪاڻ
    تون ئي هر دم ساڻ، ڪونهي ڪو محبوب ٻيو

    ڪونهي ڪو محبوب ٻيو تون واحد وسيلو
    تون ئي آن هيلو منهنجي آس نراس جو

    مور نه ڇنن پاڻ ۾ گل ۽ ڪنڊا جيئن
    پريت اسان جي ائين، رهي آهي پاڻ ۾

    دلا ڀري کوهه تان، موٽي سرتين ساڻ
    واٽ تي سڏي پاڻ، الي ئي اوچتو

    دلا ڀري نار تان، وينگس آ موٽي
    هوا ۾ چوٽي، چيلهه کي لوڏي هلي

    اڪهين صدي ۾ مٺا ڪريون پنهنجي تات
    نڪري پئون نروار ٿي اوندهه کان اڳواٽ
    ساٿ ۾ سڀ هجئون کڻي ڪهاڙيون ڪات
    ڪري حملا هات، لڄ بچايو لوءِ جي

    هيمونءَ هلان ڪئي فرنگين ۾ ڀاڄ
    ٻري پئي آڳ، سموريءَ سنڌ ۾

    آڻ مڃائين ڪينڪي ۽ ڪڏهن ڪين ڊڳو
    ڳاٽو اسر ويل جو ڦاسيءَ گهاٽ ڀڳو
    ڪونڌر ڌرتيءَ ماءُ کان ڪنهن ڌوڪو ڏئي ڇڳو
    امر ٿي ويو، سورهيه هيمون سنڌ جو

    سارو لوڪ ستو پر مان جاڳان ٿو
    تنهنجا ڳايان ٿو گيت ۽ غزل پرين

    منهنجي خيالن ۾ مٺي جي تون نه هجين هان
    پوءِ ڪيئن مان، ڪري سگهان ها شاعري

    تن ۾ تنهنجي تاس پرين تنهنجي آهي سار
    چوڏس ميگهه ملهار، اچ ته ڪي ڳالهيون ڪيون

    ڇو ستائين ٿي مٺي حال اچي تون اور
    ڳالهيون ڪجهه ته چور، پرين پنهنجي پُور جون

    پنهنجي درڙي تان مونکي نه موٽاءِ
    تون ئي منهنجي لاءِ، سڀ ڪجهه آهين سجني


    چوسٽا

    اس ڪاريءَ ۾ آخر رجي ڇو؟
    گيدي ڪانئر ڀلا ٿجي ڇو؟
    جيئڻ جو آ حق ڪنهن کي
    ماڻهو ماڻهو کان ڊڄي ڇو؟
    ***

    مان ڪونه ڊڄان آپيشاهيءَ کان
    مان ڪونه ڊڄان جيل کاهي کان
    ڀلي جا تون مون کي ماري ڇڏ
    مان ڪونه ڊڄان ڪنهن ڦاهيءَ کان
    ***

    اسر ويل آذان اچي ٿي
    سوري هيمون لاءِ سجي ٿي
    ڳاٽي جو ٽڙڪاٽ ٿئي ٿو
    سنڌو ڳوڙها رت ٽمي ٿو
    ***

    سکر جيل جي کوليءَ مان
    ڪا چيخ اٿي جهوليءَ مان
    ڪو آڌيءَ رات گل ڪريو
    ماءُ جي ڦاٽل چولي مان
    ***

    خواب اکين مان اڏري ويا
    گل پتين کان وکري ويا
    ڪيئن ڳايان گيت خوشي جا
    منهنجا پيارا ماڻهو وڇڙي ويا
    ***

    برهه باهه کان تون بچي ڪونه سگهندين
    جدائي پرينءَجي ڀوڳي ڪونه نه سگهندين
    ڪاريهر تي پير ڪيئن ٿو رکين ڳهيلا
    سٽون عشق جون تون سهي ڪونه سگھندين
    ***

    پرين راهه تنهنجي اڃان ٿو تڪيان
    زخم سور تنهنجا سهان ٿو اڃان
    سدائين اشارن تي نچايو اٿئي
    ۽ تماشو ٿي ويس دنيا اڳيان
    ***
    عشق جي آڙاهه ۾ پچندو ٿو رهان
    جنگ مقدر سان جهيڙيندو ٿو رهان
    ڪنهن ڌڪي مون کي ڇڏيو درياءَ ۾
    ۽ ڪنارو مان ڳوليندو ٿو رهان.
    ***

    هي جا منهنجي ماءُ مٺي
    ساري دنيا کان ئي سٺي
    رات جو مون کي جهولي ڏي ٿي
    مٺڙي مٺڙي لولي ڏي ٿي
    ***

    ڀلي داغ ڪيئي لڳايو اسان تي
    ڪيئي ذلتون ڪڍ لڳايو اسان تي
    اڇي کير جهڙو اسان جو آ دامن
    ڀلي تهمتون ڪجهه لڳايو اسان تي
    ***

    ڇا ته ڇوري تنهنجا رنگ
    ڄڻ ڪي آهن انڊلٺ رنگ
    رات به بجلي وانگر چمڪيا
    وينگس تنهنجا ڪي ڪي انگ
    ***

    ڪڻڪ جي ڪنهن سنگ جهڙي ڇوڪري
    ها بسنتي رنگ جهڙي ڇوڪري
    مام ۾ ماري وجهي مون کي پئي
    ڇا ته ڏوڪي ڏنگ جهڙي ڇوڪري
    ***
    جيت جون ۽ هار جون ڳالهيون ڪيون
    ڪنهن پويتر پيار جون ڳالهيون ڪيون
    آءُ تون مان ٽهڪڙا ڏئي پاڻ ۾
    ڇو نه اڄ هٻڪار جون ڳالهيون ڪيون
    ***

    هر ماڻهو ٿو سمجهي محترم پاڻ کي
    محفل ۾ هر ڪو سمجهي تُرم پاڻ کي
    آئيني ۾ شڪل ڏسي ڪونه ٿو ڪوئي
    نه ته هر ڪو سڏائي مجرم پاڻ کي
    ***

    ڇو در ۾ ديد لڳائين پيارا
    ڇو ڳڻتين منجهه ٿو ڳارين پيارا
    توکان وڇڙي ٻي جو ٿي ويو
    ڇو تنهن لئه نير وهائين پيارا
    ***

    شام ويلي ڇوڪري ايندي نه ڪر
    ڏک ڏوراپا پيار ۾ ڏيندي نه ڪر
    ڇا ڪريان ظالم زماني کان ڊڄان ٿو
    تون به خيال ڪر اُٻهري ٿيندي نه ڪر
    ***

    ايڏو پرين تاءُ نه ڪر
    ڳالهين ۾ اٽڪاءُ نه ڪر
    منهنجي دل جي ڳالهه به ٻڌ
    گھڙي گھڙي تون گهاءُ نه ڪر
    ***

    توبن ڪهڙو چاهه پرين
    ناهي رهيو ويساهه پرين
    توکي سمجهيم مسيحا جاني
    پر ڪو نه ڪيئي نڀاهه پرين
    ***

    ساجن ايڏي دوري ڇو آ
    اسان آڏو مجبوري ڇو آ
    ڏکن ۾ سارو جيون گذريو
    ڳالهه پوءِ ڀي ڳوري ڇو آ؟
    ***

    مون عمر آ ڳاري ڪوٽن ۾
    مان ڦاٿي آهيان کوٽن ۾
    هر ساماڻيءَ آ سيج تي ويٺي
    منهنجي نظر اڃان گھوٽن ۾
    ***

    حادثا هر موڙ تي ايندا رهن
    ۽ ڌماڪا پيار ۾ ٿيندا رهن
    پيار ۾ ٿيندو ازل کان ائين آ
    ميل پنهنجي پيار جا مچندا رهن
    ***

    گھڻائي ٿا سمجهن مان بيڪار آهيان
    پراڻو لڳل ڀت تي اشتهار آهيان
    مرهم رکي ڪو دلاسو نه ڏي ٿو
    زماني تي ڄڻ ڪو ڳرو بار آهيان
    ***

    ڪي نيڻ اشارا ڪن ٿا مون کي
    جيءَ جيارا سڏن ٿا مون کي
    ڀل جا منهن کي موڙي ڇڏ تون
    روز پيارا ملن ٿا مون کي
    ***

    پرين دل لڳائي پوءِ واپس نه کڻجو
    زبان تي آڻي ڳالهه دل ۾ نه رکجو
    اسان جي آ تقدير اوهان جي هٿن ۾
    اوهان جڏهن چاهيو ته بدلائي ڇڏجو
    ***

    هر روز اچي ٿي خوابن ۾
    هوءَ رهندي آ نگاهن ۾
    افسوس جو مون کي ان تي آ
    هوءَ ٻي جي رهي ٿي ٻانهن ۾
    ***

    اڇا وار آهن پوءِ به جوان آهيان
    دل وارن جي دردن جو درمان آهيان
    چمان رات ڏينهن ٿو رستا پرين جا
    آخر عاشقن جو مان اڳواڻ آهيان
    ***

    روزانو راهه تنهنجي هر دم تڪيندس
    تنهنجن خطن کي چمي ڏئي مان سمهندس
    تون رستن تي مون کي وڃائي نه ڇڏجانءِ
    مٺي! توکان ڪو پل جدا ڪين رهندس.
    ***

    ڪي ڪوهه سفر ۾ ٿڪجي پيا
    ۽ بي ڏوهي ڪي ٽنگجي پيا
    جن جنگ وڌي آ جوٽي جو ڌن
    سي ميدانن ۾ رنڱجي پيا
    ***

    ڪجهه حاصل ۽ ڪجهه وڃائي ٿو آدمي
    ڪوئي پنهنجو ڪوئي پرائو آدمي
    اشرف المخلوقات سڏائي پاڻ کي
    انسان مان ڦري ٿي پيو آ درندو آدمي


    ترائيل

    ننڊ ڦٽي ٿي رات کٽي ٿي
    خوابن ۾ هر رات اچي ٿي
    منهنجي دل تي نانءُ لکي ٿي
    ننڊ ڦٽي ٿي رات کٽي ٿي
    ڏينهن پڄاڻي رات ڦٽي ٿي
    من ۾ ڪا مانڌاڻ مچي ٿي
    ننڊ ڦٽي ٿي رات کٽي ٿي
    خوابن ۾ هر رات اچي ٿي

    *******

    مون سان گڏجي رهندي ڪر تون
    روز ڪندي ڪر مون سان کيچل
    رات سموري سهندي ڪر تون
    مون سان گڏجي رهندي ڪر تون
    مون ڏانهن هر هر ايندي ڪر تون
    مَنَ ۾ مچندي منهنجي هلچل
    مونسان گڏجي رهندي ڪر تون
    روز ڪندي ڪر مونسان کيچل


    شيخ اياز جي نانءُ

    تون جو هليو وئين ڪنهن سان سليان سور
    سنڌڙي جا پور، ڪير لکندو قلم سان

    سدا وسي سنڌ ۾ اياز تنهنجو نانءُ
    تو جهڙو ڏانءُ، ناهين ڪنهن ٻي ڪويءَ ۾

    تون جي هليو وئين اسين سڀ دلگير
    وري اچ وير ،سنڌڙي ٿي توکي سڏي

    ڪوتا ڪاڪ جا، او! البيلا راڻا
    اسين عيبن هاڻا، تون ئي سونهن سنڌ جي

    اياز تنهنجي ڏات جا ڦُٽل سهڻا گل
    تنهنجا گيت غزل، ٿا سونهن بخشن سنڌ کي

    هڪ ڪراڙ ڪنڌي تي ٻيو ڀٽ تي ڀٽائي
    مٿي بيت جو باني، هيٺ گيت غزل وائي
    هڪ ئي آوازي، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا

    اياز تنهنجي سونهن جي ڪانهي ڪائي حد
    شاعر بي عدد پر مٽ نه ڀائيان تنهنجو

    اياز توکي سنڌڙي ڪيڏي آپياري
    توئي جيئاري، ڏيئا ٻاري ڏات جا

    الا ائين مَ هوءِ جي آنءُ وساريان تو
    تنهنجي وئي کان پوءِ، جوت جلائيندس جُوءِ ۾

    سي سونهَن سنڌ ۾ ڪراڙ جنهنجو پنڌ
    هي انهن جو هنڌ، جن سينڌ سنواري سنڌ جي

    سنڌو ڪناري تي، ٿو ويهي گيت لکان
    اياز پوءِ توکان، ارپيان سهڻي سنڌ کي

    ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي ڦٽو هڪڙو گل
    چوڏس ڪيڏو هل، ڪيڏي خوشبوءِ آ هتي

    ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي گونجي ٿو ساز
    ايازي آواز، اڀري آيو اوچتو

    چارڻ اڄ ڪراڙ تي چوريوآهي چنگ
    ٻريو آهي رنگ، ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي

    هل ته هلون ڪراڙ تي جت پچي ٿو پور
    وسريو ناهي مور، سورهيه اياز سنڌ جو

    ڪراڙجي ڪنڌيءَ تي سکيو سمهي پئين
    ائين موڪلائي وئين جيئن وينگس ڪا رُسي وڃي

    سُکيو رهين تون سدا، ڀٽائيءَ سان گڏ
    سنڌوءَ جو سڏ، توبن اڻپورو آ هتي


    سائين جي ايم سيد جي نانءُ

    سيد تنهنجي سنڌ جا ماڻهو سچا سڄاڻ
    پيار ونڊن سڀ ساڻ، ڏک نه ڏين ڪنهن کي

    سيد تنهنجي سنڌ جا ماڻهو ماڻڪ مور
    بهادر ۽ بهزور سرڏين ٿا سنڌ تان

    گڏيا هن اڄ سن ۾ سڀئي البيلا
    ماڻهن جا ميلا، سيد تنهنجي سن ۾

    سنڌو ڪناري سيد ٿو تنهنجا گيت لکان
    ٻولي، ويڙهه، ويڙهاند جي، ٿو سن مان سکان
    اڳتي ڪندس وکان، پوئتي نه رکندس پاڻ کي

    هر گهڙي آهي سيد تنهنجي تات
    تون ئي رهبر قوم جو تنهنجي وڏي ذات
    واهه واهه تنهنجي ڏات، سوجهرو ڪيو سنڌ ۾

    سيد تنهنجي نانءُ سان، مٿي منهنجو ڪنڌ
    ڪپي ڪوري آءُ ڏيان، پنهنجو هر هڪ سنڌُ
    پيتو آهي منڌ، سيد تنهنجي سن جو

    سيد تنهنجي سن جون ياد اچن راتيون
    ڪو نه وساري ٿو سگهان تنهنجون ڪي باتيون
    پکين ڪيون لاتيون، سيد سوجهرو سنڌ جو

    سيد جي فڪرجي توکي ڪهڙي ڄاڻ
    نظرنه توکي ساڻ، تون آن انڌو ڌنڌ ۾

    سيد ڌرتي ماءُ جا چپ هياچميا
    مٿي اُڀ ۾چنڊ کان ڳوڙها ٿي ٽميا
    هاڻي گڏ سمهيا، سيد ڌرتي پاڻ ۾

    سنڌي قوم جي رهبر کي پنهنجن نه ڄاتو
    پوءِ به هُن لاتو، سيني سان هن قوم کي

    سنڌ جي سينڌ ۾ جرڪي تنهنجو نانءُ
    سدا رهندي ڇانوَ دلبر تنهنجي ديس تي

    سيد سامهون ڏاڍ جي سدائين آيو
    ناهي جهڪايو، ڪنهن آڏو هُن ڪنڌ کي

    جيئم جي فڪر جي پت رکبي پڪ
    پنهنجا سارا حق ويرين کان وٺبا وڙهي

    گهر گهر ڦهلايون، سيد جو پيغام
    آزادي جو جام آڇيون اڄ عوام کي


    اچ پرين

    اچ پرين عيد تي ڪيون ڪو سرچاءُ
    اهڙو ڪر ورتاءُ ته پرچي پئون پاڻ ۾

    اچ پرين عيد تي اکين اوسيئڙو
    هيڻو هينئڙو ،تو بن ڏري ٿو پوي

    اچ پرين عيد تي ، سڪي منهنجي ساهه
    هي ڀلارو ماهه، گذري ويندو گوندرين

    اچ پرين عيد تي پائي وڳا ويس
    منهجي مئل ميس ، اُڀري پوندي اوج تي

    اچ پرين عيد تي آ هڪڙي ڳالهه ڳٿي
    وجهه نه تون وٿيِ، پرين پنهنجي وچ ۾

    اچ پرين عيد تي توکي مبارڪ ڏيان
    تنهنجو خير گهران دل سان در الله جي

    اچ پرين عيد تي هلون لب مهراڻ
    سکي پنهنجي ڪاڻ، ڏڻ آندو ڏاتار آ

    اچ پرين عيد تي ٻيڙيءَ سير ڪيون
    ڳالهيون ڪي نيون، ڪيون پنهنجي پيار جون

    اچ پرين عيد تي سٽ ڏئي ٿي سڪ
    ڪيڏي آهي ڇڪ، تن ۾ تنهنجي لاءِ پرين

    اچ پرين عيد تي وچن ڪيون ويهي
    پاڻ ۾ پيهي، رهاڻيون ڪيون روح جون


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 982
    ڪتابن جو مشاهدو: 3272038
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 861529
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ