شاعري

ڪير ٿو مونکي سڏي

توڙي جو بشير منگي جي سڃاڻپ هڪ بهترين نثر نويس ۽ مترجم طور ٿئي ٿي، پر سندس هڪ اهم حوالو بطور شاعر پڻ نهايت پختو ۽ قابل تحسين آهي، سندس حساس طبيعت جيان بشير منگيءَ جي شاعري ۾ معصوميت ۽ حساسيت جا پهلو نمايان نظر اچن ٿا، زندگيءَ جي تلخ تجربن ۽ ذهني پيڙا جا اولڙا سندس لکڻين ۾ ايتري ته سادگيءَ سان بيان ڪيا ويا آهن، ڄڻ ڪي پاڻ شڪوه شڪايت جي روايتي زاوين کان بي خبر هجي، بشير منگيءَ جهڙي طرح پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌار داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي پنن تي پٿاري پنهنجي اندر جي اپٽار ڪئي آهي. بشير منگي پنهنجي الڳ رنگ ۽ ڍنگ سان پنهنجي احساسن کي شاعريءَ جي مختلف صنفن آڌار پاڻ کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، سندس سليس ٻولي ۽ فڪري اڏام جون جهلڪيون پڙهندڙن کي پاڻ طرف ضرور متوجه ڪنديون.
  • 4.5/5.0
  • 1297
  • 298
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪير ٿو مونکي سڏي

توتي به هنن جو حق آهي

توتي به هنن جو حق آهي
پنهنجو حق ادا ڪري ڇڏ

سنڌ جي سندر ناريءَ کي
ڪالهه ڪٺو هو ڪاريءَ کي
ماڻهو ڀڳا چئي ڪارو ڪارو
ڳوٺ وڏيري جو هو اشارو
ڪتن روڙي ماس پٽيو هو
قبر کوٽي دفن ڪيو هو
مڇ وٽيندي پڇيو پڳدار
خوشيءَ مان ٿي چيو ڪمدار
ڳڀا ڳڀا ٿي ويو ڇورو
لال گلابي ڄڻ ڪي گورو
ماءُ جي گهر جو ڏيئو اجهاڻو
پيءُ به ٿي پيو بيوس ساڻو
روز ڪسن ٿا ڪاري ڪارا
روز لڳن ٿا ڦرون ڌاڙا
ڳوٺ سڄي ۾ ماتم پو به
چپن تي آهن تالا پو به
ڪونه اڃان ڪو ساماڻو آ
من ۾ ڪوئي مانڌاڻو آ
ڪوئي نه قتل عام ٿو روڪي
ڪوئي نه قاتل کي ٿو ٽوڪي
جنهن کي جيئن وڻي ٿو سائين
سو ئي تيئن ڪري ٿو سائين
بيڏوهي جيل وڃن ٿا ٿاڻا
ڏوهي ڪن ٿا موجون ماڻا
ڳوٺ جي ماڻهن جو ڇا ٿيندو
سر پنهنجن جا ڇا هر هر ڏيندو
هر ڳالهه جي آخر ٿيندي آ
هر رات انڌيري ويندي آ
هن ڳوٺ جا ماڻهو آهن ستل
ڄڻ ڪي آهن يار ڪٺل
اي خدا! تون ڪا مت ۽ ست ڏيئي
هن ڳوٺن وارن جي دلين ۾ پيهي
پنهنجي ڪرامت ڪائي ڏيکار
هن مسڪينن تي ناهي ميار
هي جو اڄ جو آهن هيڻا
تنهنجي دعا سان ٿيندا ٻيڻا
پوءِ ڪو پنهنجو ٻوٽو ٻارن
عزت سان ڪو جيون گهارن
هن گونگن کي تون ئي خلقيو آهي
توتي به هنن جو حق آهي
اڄ پنهنجو حق ادا ڪري ڇڏ