شاعري

ڪير ٿو مونکي سڏي

توڙي جو بشير منگي جي سڃاڻپ هڪ بهترين نثر نويس ۽ مترجم طور ٿئي ٿي، پر سندس هڪ اهم حوالو بطور شاعر پڻ نهايت پختو ۽ قابل تحسين آهي، سندس حساس طبيعت جيان بشير منگيءَ جي شاعري ۾ معصوميت ۽ حساسيت جا پهلو نمايان نظر اچن ٿا، زندگيءَ جي تلخ تجربن ۽ ذهني پيڙا جا اولڙا سندس لکڻين ۾ ايتري ته سادگيءَ سان بيان ڪيا ويا آهن، ڄڻ ڪي پاڻ شڪوه شڪايت جي روايتي زاوين کان بي خبر هجي، بشير منگيءَ جهڙي طرح پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌار داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن کي پنن تي پٿاري پنهنجي اندر جي اپٽار ڪئي آهي. بشير منگي پنهنجي الڳ رنگ ۽ ڍنگ سان پنهنجي احساسن کي شاعريءَ جي مختلف صنفن آڌار پاڻ کي پڙهندڙن آڏو پيش ڪيو آهي، سندس سليس ٻولي ۽ فڪري اڏام جون جهلڪيون پڙهندڙن کي پاڻ طرف ضرور متوجه ڪنديون.
  • 4.5/5.0
  • 1297
  • 298
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪير ٿو مونکي سڏي

مون سان عشق نه ڪر

مون سان عشق نه ڪر
تون چري نه ٿي
مون سان عشق نه ڪر
عشق جادوگري اٿئي
هت سڀ جادو گر رهن ٿا
هڪٻئي جو تماشو ڏسڻ وارا
ڀلا تون ٻڌاءِ!
هت سچ رهيو آهي؟
سچ ته وڏڙن کان ٻڌندا ٿا اچون
جنهن کي به ڪجهه عرصو اڳ
ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو آهي
هاڻي سچ رهيو ئي ناهي
غلامن جي وستي ۾
ڪوبه رشتو احترام جوڳو ناهي رهندو
سڀ مطلب پرست
وحشي درندا ٿي پيا آهيون
تنهنجون گرم گرم خواهشون به
ٽين دنيا جي ٽين درجي جي
عورت جهڙيون آهن
جيڪي مان نٿو پوريون ڪري
سگهان
ڇاڪاڻ جو منهنجو رت به
چوسجي چڪو آهي
پيٽ ڀريل هوندو ته
عشق به ڪندا سين
پر منهنجو پيٽ خالي آهي
جنهن پيٽ کي ڀرڻ لاءِ
آئون زندگيءَ جي جنگ
وڙهي رهيو آهيان
اسين ڇتا ٿي
ماڻهن جو ماس پٽي کائون ٿا
بلڪ ماڻهوءَ کي به
ڳهي وڃون ٿا
اسين هت صرف هڪٻئي کي
اکين ۾مرچ وجهي رهيا آهيون
هتي جيڪي تون پيار
۽ روحاني رشتن جون
ڳالهيون ڪرين ٿي
جائز ناهن
اهڙيون ڳالهيون نه ڪر
نه ڪي اهڙين خوابن کي
اکين ۾ جاءِ ڏيندي ڪر
متان ڪو شيطان
ڏسي نه وٺئي
۽ تنهنجي خوابن کي
هٿن جي تريءَ تي رکي
مروڙي ڇڏي
تنهنڪري تون
چري نه ٿي
مونسان عشق نه ڪر!!!